ڇا رياست ڪاري موري، سنڌ مدرسي ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا کولڻ نه ٿي ڏئي؟
12هين مارچ 2019ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي سرڪاري ڌر جي ميمبرن ۽ وزيرن سيد سردار علي شاهه، ڊاڪٽر عذار پيچوهو، هير سوهو ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي تعليم بابت جيڪو ڳالهايو، اهو تمام گهڻو ساراهڻ جوڳو آهي. ان سلسلي ۾ اسيمبليءَ ٺهراءُ به منظور ڪيو . جيڪي خانگي اسڪول سنڌي مضمون نه ٿا پڙهائن، انهن خلاف ڪاروائيءَ جون به ڳالهيون ٿيون. افسوس آهي ته ڪنهن به ميمبر کي سنڌ جون اهي سرڪاري يونيورسٽيون ياد نه آيون، جيڪي سنڌي شعبا نه ٿيون کولن.
سنڌ اسيمبليءَ اڳ به ٺهراءَ ۽ بل پاس ڪيا آهن، انهن بلن تي عمل ڪرائڻ حڪومت جو ڪم هوندو آهي. ڪيترن ئي سالن کان ساڳي حڪومت آهي، اُها پاڻ پنهنجن ٺاهيل قانونن ۽ ٺهرائن تي عمل نه پئي ڪري، ان مان ڇا سمجهجي؟
اسيمبليءَ ۾ اهي به پڙاڏا گونجيا ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ رياست سهنجايون نه پئي پيدا ڪري. ان جو جواب ته رياستي ادارا ئي ڏئي سگهن ٿا. مان هتي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن جي حوالي سان صورت حال اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪندس.
پاڪستان جي سرڪاري يونيورسٽين وفاقي اردو يونيورسٽيءَ، علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ۽ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سنڌي شعبا موجود آهن.
ڪراچيءَ ۾ قائم پرائيويٽ يونيورسٽي حبيب يونيورسٽيءَ به سنڌي شعبو قائم ڪيو آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ته بنگالي شعبو به آهي، جنهن ۾ ٻه يا ٽي شاگرد مس هوندا.
سنڌ حڪومت جي قديم يونيورسٽين سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبا ڪم ڪن پيا. اهي سڀ جنرل يونيورسٽيون آهن، جنرل يونيورسٽين ۾ ٻوليءَ جا شعبا لازمي رکيا ويندا آهن.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پنهنجن گذريل ٻن دورن ۾ سنڌ ۾ يونيورسٽين جو ڄار وڇايو، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي. اسيمبلي ايڪٽ هيٺ نين يونيورسٽين جي منظوري ڏني وئي. جنرل يونيورسٽين جي ايڪٽن ۾ سنڌي شعبي کي به شامل ڪيو ويو. نيون يونيورسٽيون خاص طور تي وڏي وزير جي ماتحت ڪيون ويون. ارڙهين ترميم کان پوءِ ته سنڌ حڪومت جون سموريون يونيورسٽيون وڏي وزير جي وڌيڪ ماتحت ٿي ويون آهن. انهن جا وائس چانسلر به سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪري ٿو. وفاق جي نمائندي گورنر جا اختيار لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪا آهن. جنرل يونيورسٽين جو پروچانسلر تعليم جو وزير سائين سردار شاهه آهي، جيڪو اسان جي قلم قبيلي جو ڀاتي آهي. هُن جون تقريرون ۽ شاعري من موهيندڙ آهي. انهن سڀني ڳالهين هوندي به سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ، بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ۽ نواب شاهه ، ڪاري موري ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۽ ٻيون يونيورسٽيون سنڌي شعبا نه کولن ته رياست تي ڏوهه ڏيون يا سنڌ حڪومت جي سچائيءَ تي شڪ ڪريون؟
سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي بڻائڻ کان اڳ سنڌي مضمون جي تعليم ڏني ويندي هئي، لياريءَ جي جنهن ڪاليجي بلڊنگ ۾ يونيورسٽي هلي پئي، اتي ان ڪاليج ۾ پهريان سنڌي شعبو موجود هو.
ڪاريءَ موريءَ ڪاليج ۾ سنڌي شعبو موجود هو. هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته يونيورسٽي ٺهڻ کان پوءِ سنڌي شعبو ختم ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن مٿين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولڻ لاءِ رياست جي ڪا رنڊڪ آهي ته سنڌ حڪومت واضح ڪري. نه ته حڪومت کي اپيل آهي ته ترت ئي سنڌي شعبا کولي سنڌي ماڻهن مان بيچيني ختم ڪري.
***
14هين مارچ 2019ع