مختلف موضوع

سنڌي ٻولي ۽ ثقافت

ھيءُ ڪتاب چئن حصن ۾ ورھايل آھي پھرئين حصي ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪن، سنڌي ٻوليءَ جي مونجھارن ۽ ان جي حل، ڪجھه ادارن مان سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ ۽ سنڌي شعبن جي نه کولڻ بابت مضمون شامل آھن. ٻئي حصي ۾ جاکوڙ جي نتيجي ۾ مليل ڪاميابين تي لکيل مضمون شامل آھن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌي ثقافت، ڪتبخانن، ريڊيي بابت دلچسپ مضمون، الطاف شيخ بابت ڪيل پي ايڇ_ ڊي تحقيق بابت، پي ٽي وي جي پروگرام ڪچھريءَ بابت مضمون، سنڌ مدرسي کي شاھ جي ڏينھن ملھائڻ بابت ۽ ڪجهه ٻيا مضمون شامل آھن. ڪتاب جو چوٿو حصو انگريزي لکڻين تي ٻڌل آھي.
Title Cover of book سنڌي ٻولي ۽ ثقافت

ٻوليءَ بچائڻ ۽ وڌائڻ جو وڏو هٿيار تعليم آهي.

ٻوليءَ بچائڻ ۽ وڌائڻ جو وڏو هٿيار تعليم آهي.

هونءَ ته هر ڏينهن پنهنجيءَ ٻوليءَ جو ڏينهن آهي پر فيبروريءَ جي مهيني ۾ خاص ڪري مادري ٻوليءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته 21هين فيبروريءَ کي مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن مقرر ڪيو ويو آهي. سڄيءَ دنيا جا ماڻهو ان ڏينهن تي پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڌرتيءَ جي ٻوليءَ بابت ميڙاڪا ڪندا آهن.
مادري ٻوليءَ جي معنيٰ امڙ جي ٻولي آهي پر ان لفظ ۾ ڪجهه وڌيڪ سگهه پيدا ٿي وئي آهي. ان جي مفهوم ۾ ڪجهه واڌارا ٿي ويا آهن. هاڻي ان جو مطلب ڌرتيءَ جي ٻولي، ڌرتيءَ جي اصل رهاڪن ۽ وارثن جي ٻولي ڪڍيو وڃي ٿو. ڌرتيءَ جي قديم ۽ اصل رهاڪن جي ٻوليءَ کي بعد ۾ ٻاهران ايندڙ نمڪ حلالي رهواسي به پنهنجي ٻولي/مادري ٻولي ڪري قبول ڪندا آهن.
ان حوالي سان سنڌ ۾ لکين ماڻهن جا مثال موجود آهن ، گهرن ۾ سرائڪي، بلوچي وغيره ڳالهائيندڙ هن ڌرتيءَ جي ٻوليءَ کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جو درجو ڏين ٿا. هو لکن پڙهن به سنڌيءَ ۾ ٿا ته نثر توڙي نظم۾ تخليقون به سنڌيءَ ۾ ڪن ٿا . اهڙن تخليقڪارن جا به سوين مثال موجود آهن. هِتي رڳو هڪ مثال سگهڙ محمد اسماعيل پهوڙ جو پيش ڪريان ٿو، جنهن جي مادري ٻولي ته سرائيڪي آهي پر سندس سموريون تخليقون سنڌيءَ ۾ آهن . اهڙيءَ ريت سرائڪيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ به اسان جي شاعرن شاعري ڪئي آهي. پر مرڪزي حيثيت سنڌي ٻوليءَ کي ڏني اٿن.
سنڌي ٻولي هزارين سال قديم آهي. ان ۾ تمام گهڻي سگهه آهي. اهو ئي سبب آهي ته تعليم جو ميڊيم به آهي. جيڪڏهن ان ۾ ايتري گهرائي نه هجي ها ته پرائمريءَ کان يوينورسٽيءَ تائين تعليمي ۽ تدريسي ذريعو نه بڻجي سگهي ها.
هن وقت سنڌي ميڊيا به وڏي پيماني تي آهي. تنهن هوندي به سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ ايندو پيو وڃي ۽ ان جي ترقيءَ جي رفتار تمام گهڻي سست آهي. آخر ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ اچو ته ان سلسلي ۾ ويچار ونڊيون .

1. منهنجي خيال ۾ وڏي ۾ وڏو سبب سنڌي ٻوليءَ جو غير موثر تعليمي نظام آهي.
2. ميڊيا ۽ ادب جو اوج انتهائي ضروري آهي پر ادب تڏهن لکي ۽ پڙهي سگهبو، جڏهن ان ٻوليءَ جي تعليم هوندي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم نه هوندي ته ڪابه اخبار ۽ سوشل ميڊيا تي تحرير نه پڙهي سگهبي ۽ نه لکي سگهبي . جڏهن پڙهڻ وارا نه هوندا ته سنڌي چينل ڏسڻ وارا به گهٽجي ويندا.
3. ڪراچيءَ ۾ گجراتي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. هوريان هوريان سنڌ مدرسي، اين جي ويءَ ۽ ٻين ادارن مان گجراتي ٻوليءَ جي تدريس ختم ٿي ته گهرن مان به گجراتي وئي. وڏڙن کي شايد گجراتي ايندي هجي پر گجراتين جي نئين نسل کي گهڻي ڀاڱي گجراتي نه ٿي اچي.
4. اهڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ سان به ڪراچيءَ ۾ ائين ٿيو آهي. هتي ان سلسلي ۾ ٻه مثال ڏيان ٿو. 1. شيخ عبدالحليم جوش سنڌي ٻوليءَ جو نالي وارو شاعر ۽ اديب آهي. هاڻي هن جا سمورا وارث سنڌي نه ٿا ڳالهائن، 2. عثمان علي انصاري شاهه ۽ سچل جو پارکو هو. هن شاهه ۽ سچل جا رسالا تربيت ڏنا آهن، سندس خاندان مان غزالا رفيق پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن جي هيروئن هئي پر هن وقت انهن جي پونيرن مان ڪوبه سنڌي نه ٿو ڳالهائي.
5. سنڌي ٻوليءَ جي تعليم سنڌ جي سمورن سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ قانوني طور لازمي آهي. سنڌي ٻولي ايڪٽ، ڪيترائي اسيمبلي ٺهراءَ ، پڌرناما ۽ سرڪاري حڪم به موجود آهن پر معيار ۽ عمل جو وڏو مسئلو آهي.
6. معيار ۽ عمل کان سواءِ خاص ڪري انٽرميڊئيٽ بورڊ ڪراچيءَ ۾ سنڌي مضمون پڙهڻ تي رڪاوٽون آهن.
7. ڪجهه سرڪاري يونيورسٽيون سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ئي نه ٿيون ڪن.
8. پرائيويٽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون حڪومت جو حڪم نه ٿيون مڃن. سرڪاري ادارن تي سنڌ حڪومت سختي نه ٿي ڪري.
9. فيس بڪ تي غلط سنڌي لکڻ ۽ ميڊيا تي صحيح سنڌي نه ڳالهائڻ جو وڏو سبب سنڌي ٻوليءَ جي مناسب تعليم نه هجڻ آهي.
10. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ئي وڏو هٿيار آهي. اوهان کي عرض آهي ته اوهان به هن سلسلي ۾ پنهنجا ويچار ونڊيو،آواز اٿاريو سرڪار کي صلاحون ڏيو ۽ ڪي عملي قدم به کڻو.

دنيا جي سمورين وڏين ۽ قديم ٻولين کي تعليم وسيلي ئي بچايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اسان وٽ عربي ٻوليءَ جو وڏو مثال موجود آهي. پندرهن سئو سال اڳ قرآن شريف ۾ آيل عربي ٻوليءَ کي جيئن جو تيئن تعليم ذريعي ئي اڳتي وڌايو پيو وڃي. مدرسن کان سواءِ جديد تعليمي ادارن ۾ عربيءَ جي تعليم ان جي ترقيءَ جو وڏو وسيلو آهي.
سنڌي شعبن قائم ڪرائڻ ۽ عملي اُپائن وٺڻ ۽ وٺرائڻ لاءِ زوردار تحريڪ جي ضرورت آهي. ٻيءَ صُورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تباهي وڌندي ويندي .
الا ائين مَ ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي
هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
(نارائڻ شِيام)
***
20 هين فيبروري 2019ع