ڪتابن جي ڏينهن تي ڪتب خاني اڏيندڙ جاويد مهر کي جَسُ
23 هين اپريل ڪتابن جو عالمي ڏينهن آهي، اوهان کي ان ڏينهن جون واڌايون هجن. ڪتاب لکندڙ جو پنهنجو شانُ ۽ مانُ آهي، پڙهندڙ کي ڪتاب پڙهڻ سان جيڪو مرتبو ملي ٿو، ان جو ڪوبه مٽ ناهي، پڙهندڙ تائين مفت ۾ سولائيءَ سان ڪتاب پهچائيندڙ جو شان ئي نرالو آهي، اسان جو دوست جاويد مهر به اهڙن شاندار شخصن مان هڪ آهي.
جاويد مهر پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪراچيءَ جي وسنديءَ ڀٽائي آباد ۾ سنڌ پبلڪ لائبريري کولي سچ ته هڪ تاريخي ڪم ڪيو آهي. هڪ پاسي ڪتابن پڙهڻ جو لاڙو گهٽبو پيو وڃي، جنهن جو سبب سوشل ميڊيا سمجهيو پيو وڃي، ٻئي پاسي جاويد مهر ثابت ڪيو آهي ته دنيا ۾ ڪهڙي به تبديلي اچي پر ڪتاب جي اهميت برقرار رهڻي آهي، تنهن ڪري هن سنڌين کي هڪ ڪتب خاني جي سوکڙي ڏني آهي.
سنڌ پبلڪ لائبريري رڳو لائبريري ناهي پر علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو مرڪز به آهي. سنڌ پبلڪ لائبريريءَ وسيلي هنن ڀٽائي آباد جو نالو به روشن ڪيو آهي. جاويد مهر، انور مهراڻويءَ ۽ پروفيسر مشتاق مهر سان منهنجي واقفيت لڳ ڀڳ ويهه سال پراڻي آهي. جاويد هڪ سلجهيل، بااخلاق ۽ اصول پرست صحافي آهي. مشتاق مهر صاحب اسان سان گڏ سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي فار ڪاليجز ڪراچيءَ ۾ به ٻانهن ٻيلي رهيو آهي.
انور مهراڻوي هڪ سٺو استاد اڳواڻ آهي. هو مختلف فورمن تي استادن جي حقن ۽ تعليم جي ڀلي لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو. هن ايس ايم ايس وسيلي تعليمي سرگرمين جي اُن وقت شروعات ڪئي، جڏهن ايس ايم ايس تي خرچ به وڌيڪ ايندو هو.
سنڌ گريجوئيٽس ا ئسوسيئيشن جي ڀٽائي آباد ۾ شاخ جو بنياد به سنڌ پبلڪ لائبريري آهي. جاويد مهر چار سال پهريان هن لائبريريءَ جو بنياد وڌو. شروع کان ئي مون پنهنجي وِت ۽ وس آهر ڪتابن گڏ ڪرڻ ۾ ساڻس سهڪار جاري رکيو آهي.
هنن همراهن جي مستقل مزاجي ۽ مسلسل جاکوڙ سنڌ پبلڪ لائبريريءَ جي ترقيءَ جو سبب آهي. سندن جذبي کي سلام آهي. لائبريريءَ ۾ پڙهندڙن جو تعداد ۽ ڪتابن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي پر جڳهه سوڙهي هجڻ سبب گهڻن ماڻهن تائين فائدو پهچائڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.
بلڊنگ جي اڏاوت جي سلسلي ۾ اسان سڀني کي جاويد مهر جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي کانسواءِ يونين ڪائونسل، ٽائون ۽ ضلعي ڪائونسل کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ادارن وٽ لائبريرين جي اڏاوت ۽ ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ فنڊ رکيل هوندا آهن.
اسان جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون ته يونين ڪائونسل، ٽائون ۽ ضلعي ڪائونسل ۽ ثقافت کاتي کي اپيل ته ڪري سگهون ٿا.
***
23 هين اپريل 2019ع