استاد اين جي اوز ۾ ڪم ڪندا ته پڙهائيندو ڪير؟
هڪ محترمه ڪجهه استادن جهڙوڪ: منظور اڄڻ صاحب ۽ ٻين سان گڏ فيس بڪ تي رکيل منهنجيءَ هڪ تصوير بابت راءِ ڏني ته استاد جيڪڏهن اين جي اوز سنڀاليندا ته باقي پڙهائيندو ڪير؟
ان قسم جا ٻين دوستن به مون کان سوال پڇيا آهن، جن موجب سنڌي ادبي سنگت، سگا، ٻين ادبي، سماجي، سياسي تنظيمن ۽ صحافت ۾ گهڻي ڀاڱي استاد برادري ڪم ڪري ٿي، نتيجي ۾ استادن جو اصل ڪم (تحقيق ۽ تدريس) سخت متاثر ٿئي ٿو.
دوستن جي اِها راءِ ڏاڍي وزنائتي آهي، سندن سوال يا اسان کان پڇاڻو نه رڳو صحيح آهي پر ضروري به آهي. مان به مختلف علمي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل آهيان. ساڳي وقت سنڌي ٻوليءَ جو استاد به آهيان ۽ ميڊيا جي مختلف پروگرامن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهندو آهيان.
ان سلسلي ۾ عرض آهي ته استاد سماج جو هڪ باشعور طبقو آهي، اُن جي اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ کان سواءِ هر علمي ادبي ۽ سماجي تنظيم ۽ ميڊيا کي به ضرورت آهي. استاد وٽ ڊيوٽيءَ کان پوءِ وقت به جهجهو ٿئي ٿو، کيس موڪلون به گهڻيون آهن، جنهن ڪري هو ٻيا ڪم پڻ سولائيءَ سان ڪري سگهي ٿو. اسان وٽ لکن جي تعداد ۾ استاد برادري آهي پر سماجي، علمي، ادبي ۽ صحافتي ميدان ۾ پنج ست هزار استاد مشڪل سان سرگرم هوندا، باقي استاد سماج جي بهتريءَ وارن ٻين ڪمن کان پاسيرا ڏسڻ ۾ ايندا.
جيڪي استاد پنهنجي اصل ڪم پڙهائڻ کي بلڪل ڇڏي يا تمام گهٽ وقت ڏئي، رُڳو سماجي، ادبي، علمي ۽ صحافتي ڪمن سان چنبڙيا پيا آهن، اهڙن استادن جو احتساب لازمي ٿيڻ گهرجي.
ان سلسلي ۾ مان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪريان ٿو.
منهنجيءَ ملازمت وارين ذميوارين ۾ پڙهائڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ چيئرمين جي حيثيت سان سنڌي شعبي جا انتظام سنڀالڻ آهي. عرض آهي ته:
1. مان پنهنجيءَ يونيورسٽيءَ ۾ Most Regular ملازم آهيان (ڪو چاهي ته يونيورسٽيءَ جو رڪارڊ ڏسي سگهي ٿو).
2. منهنجون ادبي، سماجي ۽ ميڊيائي سرگرميون 99 سيڪڙو موڪل وارن ڏينهن ۽ آفيس جي وقت کان پوءِ هونديون آهن.
3. اين جي اوز ڪنهن به قسم جي پگهار يا معاوضو نه ڏينديون آهن. سمورو سماجي ڪم رضاڪار جي حيثيت ۾ ڪندو آهيان. اڪثر ڀاڙو ڪرايو به پنهنجو ڪندو آهيان، ميڊيا جا سمورا چينل، اخبارون ۽ رسالا پروگرام يا لکڻيءَ جو ڪوبه معاوضو نه ڏيندا آهن. رڳو پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان اعزازيو ڏيندا آهن.
4. علمي، ادبي ۽ ميڊيائي سرگرميون منهنجي شعبي (سنڌي ٻوليءَ جي مضمون) سان ئي لاڳاپيل هونديون آهن.
5. هڪ استاد کي رڳو ڪلاس تائين محدود نه هجڻ گهرجي، ٻوليون آرٽس ۽ سوشل سائنس جي دائري ۾ اچن ٿيون. ٻولين جي تعليم ته گهڻي ڀاڱي ڪلاس ۾ ڏني ويندي آهي سائنس جي تعليم جي تجربي لاءِ مخصوص ليبارٽريون لازمي هونديون آهن. جڏهن ته سوشل سائنس جي ليبارٽري سماج هوندو آهي. خاص ڪري علمي، ادبي ۽ سماجي ميڙاڪا، سيمينار ۽ ڪانفرنسون وغيره ليبارٽريءَ جو ڪم ڏين ٿا. اهڙن ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي ڊيوٽيءَ جو حصو آهي. جتي نه رڳو پنهنجيءَ تحقيق جي تجربي ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو پر تحقيق کي سگهاري ڪرڻ ۽ سُڌارڻ جو پڻ موقعو ملي ٿو.
6. منهنجيءَ تحقيق جو دائرو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت وغيره آهي. ان سلسلي ۾ مون پنهنجو پل پل سجايو ڪيو آهي، نه رڳو ميڊيا لاءِ لکيو ۽ پروگرام ڪيا اٿم پر هڪ محقق، ليکڪ ۽ مرتب جي حيثيت ۾ چاليهارو کن ڪتاب سنڌ کي ڏنا اٿم. ان سان گڏ پنجاهه کن تحقيقي مقالا ۽ سوين مضمون به لکيا اٿم. ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي هزارين پروگرام ڪيا اٿم.
7. مان سوين شاگردن کي پڙهائي چڪو آهيان، ڪلاس پابنديءَ سان وٺندو آهيان، ان سلسلي ۾ اوهان منهنجن شاگردن کان پڇي سگهو ٿا.
8. مون هيل تائين اٺن شاگردن کي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرائي آهي. ڏهاڪو کن ايم فل ۽ پي-ايڇ-ڊي شاگرد منهنجيءَ نگرانيءَ ۾ تحقيقي ڪم مڪمل ڪرڻ وارا آهن.
9. وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي پاران نڪرندڙ ڇهه ماهي تحقيقي جرنل ڪارونجهر جا 12 شمارا ايڊٽ ڪري چڪو آهيان. ان جرنل کي 2014ع ۾ مون هائير ايجوڪيشن ڪميشن مان مڃرايو/ رڪگنائيز ڪرايو. شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تحقيقي جرنل ڪلاچيءَ جي باني ٽيم ۾ شامل آهيان.
10. سنڌي شعبي پاران ڏهن کان وڌيڪ ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرائي چڪو آهيان.
11. الله جي مهربانيءَ سان مان روزانو پندرنهن سورنهن ڪلاڪ ڪم ڪندو آهيان. موڪل وارن ڏينهن ۾ به شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ حاضر هوندو آهيان. وقت جي پابندي ۽ سهڻي ورڇ مون لاءِ تمام گهڻيون آسانيون پيدا ڪندي آهي.
12. علمي، ادبي ۽ سماجي ڪمن سبب پنهنجيءَ گهرواريءَ، ٻارن، مائٽن ۽ دوستن کي وقت ڏئي نه سگهندو آهيان. شاديءَ غميءَ ۾ اڪثر شريڪ نه ٿي سگهندو آهيان، جنهن جو مون کي شديد احساس ۽ نقصان به آهي.
13. ڊاڙا ٺڪاءَ نه هڻڻ، شباب ڪباب کان پري رهڻ، وس وارن جي حاضري نه ڀرڻ ۽ رڳو پنهنجي فرض نڀائڻ سبب اڪثر ماڻهو مون تي ڏمريل به رهندا آهن. جنهن سبب ڪيترائي ڌڪ به لڳا اٿم. تنهن هوندي به منهنجو سفر جاري آهي، وري به فيصلو اوهان تي ڇڏجي ٿو.
28 هين ڊسمبر 2018ع