منهنجا خواب : اياز گل
”حقيقت به گھوري، صداقت به گھوري
ٻنهي جي اگر کولڻي آهي ڏوري
فقط خواب کي ڏسُ!“
۽ مان خوابن کي ئي ڏسان ٿو، سال گذري ويا آهن، خواب ڏسڻ جو عمل جاري آهي. منهنجي شاعري، منهنجي خوابن جو ئي هڪ روپ آهي، اهي خواب جيڪي ڪڏهن چوريءَ اچي نيڻن ۾ رين بسيرو ڪندا آهن، ته ڪڏهن ڏينهن ڏٺي جو ڪنهن آنڌيءَ وانگر زوريءَ در کولي اکڙين ۾ گھڙي ايندا آهن. ڪوشش ڪئي اٿم ته خوابن جي انهن ٻنهي روپن جو لفظن ۽ احساسن جي خوبصورت گھر ۾ آڌر ڀاءُ ڪري سگھان، ۽ ها اهي خواب رڳو منهنجا نه آهن، جي انهن اوهان جي نيڻن جي چانئٺ چمي ۽ اوهان جي دل جو در کڙڪائي سگھيا ته اهي اوهان جا ٿي ويا ۽ مان ائين ئي لک لهي ورتا.
ڪا وڏائي، ڪا دعوى، ڪو مقابلو ڪونهي، مان رڳو هڪ شاعر آهيان، منهنجي سڄي ڪمائي اها ئي آهي، جيڪا هن ۽ هن کان اڳ ۾ آيل چئن ڪتابن ۾ آيل آهي. جيڪا به آهي ۽ جيئن به آهي، منهنجي پنهنجي پورهئي جي آهي. ڪنهن کان هٿ ٽنگي ورتل ڪانهي. سائين شيخ اياز هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي ۽ سائينءَ تنوير عباسيءَ پڇاڙڪا لفظ ــ انهيءَ کي منهنجي شاعريءَ بابت سرٽيفيڪيٽ نه سمجھڻ گھرجي، اهو لاٽ مان لاٽ ٻرڻ وارو عمل آهي، محبت آهي... جيڪا منهنجي شاعريءَ جي نرڙ تي ماءَ جي چميءَ وانگر جرڪي رهي آهي ۽ مان ان محبت آڏو هٿ ٻڌي بيٺل آهيان. شال پنهنجي اڳين کان مليل امانت، پوين تائين پهچائي سگھان!
”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ کان اڄ تائين جي تخليقي سفر ۾ رچيل سموري شاعري ته ”تو بن ڪهڙا ڇانورا“ ۾ موجود آهي پر اها شاعري به هن مجموعي ۾ موجود آهي، جيڪا منهنجي شروعاتي دؤر جي آهي ۽ ڪن سببن جي ڪري هن کان اڳ وارن مجموعن ۾ اچڻ کان رهجي وئي آهي. ضرور ان ۾ ڪي ڪچايون ڦڪايون هونديون پر کيس، ”پنهنجوڪندي“ خوشي محسوس ڪريان ٿو.
[b]اياز گل
[/b]18 مئي 1992ع
ڀٽا روڊ، سکر سنڌ