دل جي ديس مان جلاوطن يادون
روز روز ملبو هو
۽ ڳالهه ڇا به هجي
ٽهڪ ڏئي کلبو هو
چَپن تي پنهنجون، پرايون، هزار آکاڻيون
ادب تي، آرٽ تي، فلمن تي ۽ ڪتابن تي
طويل بحث، رُساما، عجب عجب ڳالهيون!
۽ وچَ وچَ ۾ اکڙين جون پنهنجون شيطانيون
عجب نشي ۾ ٿي گُذريا، هي ڏينهن ۽ راتيون
نه پنهنجو هوش، نه دُنيا جي ڪا خبر پرواھَ
۽ هي به ڏينهن ٿيا :
ٿا ڪڏهن ڪڏهن گڏجئون
ملون ته ايئن جو ست ڪوٽَ اوپرائپَ جا
ڪنهن جوڪ (Joke) تي به رُڳي مُرڪَ، سا به زوريءَ جي
نه مان ئي ساڳيو اُهو ۽ نه تون اُها ساڳي
اکيون اُهي ئي مگر، هاڻي تِن ۾ ويرانِيون!
پرائي ديس ۾ ڪنهن اَجنَبيءَ جون حيرانِيون!
ٻه چار جُملا، لڳن ٽيپ ٿيلَ زبانن تي :
”اوهان جي ڪيئن آ طبيعت،
ڪٿي ۽ ڪيئن آهيو؟
لکو ٿا؟
لکڻ به شايد ڇڏي ڏنَوَ هڻي!
گھڻن ڏينهن کان اَوهانجو نه ڪُجهه پڙهيو آهي.
ڏِسو ته ڪيڏي نه آهي خراب موسمَ اڄُ
هَوا ۾ ڪيڏي نه آهي مٽي!
بس زڪام، کنگھ، بُخار!!
۽ وچ ۾ وري خاموش چانهه جو وقفو :
جي ڪوپَ ڏيندي ٿئي آڱرين جو ٿورو ڇهاءُ
تڪڙ ۾ هَٿُ ڇڪڻ، سوري (Sorry) ٿورڙو پڇتاءُ
نگاهون هيٺ، رُڳو ماٺِ، ماٺِ ڀي هڪ گھاءُ!
عذابُ ماٺ جو جنهن پل وڌي وڃي حد کان
”چڱو، هلان ٿو!“ رُڪجڻ
اجائي آس، اِجھو موٽَ ۾ ڪوئي چوندو :
”اڃا ته ويهُه، اڃا وقت ئي ٿيو ڇاهي؟
جڏهن به ايندس، ائين تڪڙ ئي ڪيون ايندين!
مگر جواب ۾:
”پوءِ چکو ــ وري اَچجو!“
ٻُڌي، نڙيءَ ۾ ڪائي شيءِ اَٽڪندي ڀاسي
۽ تيز تيز قدم، ڌوڙ ڌوڙ راهُن تي.
اهي به ڏينهن ٿيا!
ها، اِهي به ڏينهن ٿيا!!