اداري پاران ٻه اکر : عشق جي پنڌ جي پڄاڻي ناهي
مشڪور ڦلڪاري جو علم، ادب ۽ تاريخ جي تحقيق سان جنون جي حد تائين لڳاءُ رهيوآهي. پر افسوس آهي جو 2011 جي برساتن سبب سندس گهر ٻڏي ويو . جنهن ڪري سندس 25 سالن جي ڪيل تحقيقي محنت جيڪا 1200 صفحن تي مشتمل هئي ، سا سندس لائبرري ۽ ٻئي اهم مواد سميت ضايع ٿي ويئي . اهو نقصان نه صرف مشڪور ڦلڪاري جو ٿيو، پر سنڌ ايتري وڏي تحقيقي ذخيري کان پڻ محروم ٿي وئي. ان جي باوجود به مشڪورڦلڪارو همٿ هاري نه ويٺو . هن وري سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جو ڪم جاري رکيو. 2014 ۾ سندس شاندار تاريخي تحقيق تي “سنڌ جي تاريخ جي ڳولا جو سفر “ جي سري هيٺ اهم مواد قسطوار ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان نشر ڪري چڪا آهيون، اسان جي ڪوشش آهي ته انهي اهم مواد کي به جلد ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائجي.
سنڌ ته سموري سون آهي، هن جو هر حصو تاريخي لحاظ کان وڏي اهميت وارو ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. مشڪور ڦلڪاري جي هن ڪتاب “ سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ” کي به قسطوار ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان “ ڳالهيون ڪوهستان جون ” جي نالي سان نشر ڪيو ويو آهي، ان ڪري مون سموريون قسطون ڌيان سان ٻڌيون آهن .جنهن ڪري مون کي مشڪور ڦلڪاري جي ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي وڃي تحقيق ڪرڻ جي تڪليفن جو اندازو آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه ، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
حقيقت اها آهي ، ته سنڌ جي تاريخ بابت تحقيق ڪرڻ اسان جي ادارن جو ڪم آهي ،جن کي هر سال ان ڪم لاءِ وڏي رقم ملندي آهي.پر اهي پنهنجي ذميواري پوري نه ٿا ڪن . ٻئي طرف مشڪور ڦلڪاري جي محنت آهي ، سنڌ سان عشق وارو جذبو آهي، جيڪو هن کي جهنگ جهر جهاڳڻ لاءِ اتساهي ٿو، هوپنهنجي هڙان وڙان هن ڪم ۾ جُنبيءَ وڃي ٿو. هن ڪم ۾ نه ڪنهن سرڪاري اداري جوکيس سهڪار حاصل رهيو ، نه وري هن جي مواد کي ڪتابي صورت ڏيڻ ۾ ڪنهن سرڪاري اداري ڪو هٿ به ونڊايو آهي. هي طبيعتن خوددار ۽ ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ وارو نه آهي. مون گذريل چئن سالن واري هن جي ڪم کي ڏٺو ۽ کانئس ڏاڍو متاثر هيس ۽ آهيان. هن وڏي محنت سان سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري تي شاعري جو مواد تيار ڪيو ۽ اهو مواد به سڀ کان پهريائين ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان قسطوار نشر ڪيو ويو. جنهن کي سموري دنيا ۾ سنڌ جي عاشقن پاران پسند ڪيو ويو .بعد ۾ انهي کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ مون ، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي دوستن جي سهڪار سان ڪتاب ( سنڌ ۽ سچ جي ساڃاه ) جي نالي سان شايع ڪرايو. وري جڏهن “ سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ” جو مواد ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ جي قابل ٿيو ، ته مون کيس چيو ته دلجاءِ ڪيو ، سنڌ جا عاشق کوڙ آهن ، جيڪي توهان جي هن علمي ذخيري کي هميشه لاءِ محفوظ ڪرڻ ۾ ضرور سهڪار ڪندا. مون سنڌي سنگت يوڪي ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي دوستن کي گذارش ڪئي. ڊاڪٽر هدايت ڀٽو ۽ گل سنائي جي ڪوششن ۽ سهڪار سان هي ڪتاب اڄ توهان جي هٿن ۾ آهي. هن موقعي تي مان وري به اهو چوندس ،ته هي ڪم سنڌ جي ادارن جو آهي ، جن کي پنهنجو فرض نڀاهڻ گھرجي. انهن کي مشڪور ڦلڪاري سميت تاريخ تي تحقيق تي ڪندڙ محققن سان هر طرح جو سهڪار ڪرڻ گھرجي. انهن کي تحقيق لاءِ گھربل ماحول ۽ فيلڊ ۾ وڃي تحقيق ڪرڻ لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ گھرجن.
مشڪور ڦلڪاري جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ شاندار اضافو ثابت ٿيندو ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ وڏي معلومات فراهم ڪندو. اسان جي اها ڪوشش آهي ،ته “سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ” جي آڊيو سي ڊي به جاري ڪيون. جيئن ته ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو، منهنجي اتم ڪٿا ” جل مشعل جل “ ۽ عبدالواحد آريسر جي ڪتابن کي نشر ڪيو ويو آهي . انهن جون به آڊيو سي ڊيز جاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون. انهي کانسواءِ اسان وٽ مختلف قومي دانشورن جا ليڪچر، اهم مسئلن تي پروگرام، ماڳن ۽ مڪانن تي مواد ۽ مختلف اڳواڻن جي جنم ڏينهن ۽ ورسين تي ٿيل پروگرامن جو ڪثير تعداد موجود آهي، گذريل پنجن سالن دوران ڏهه هزار کان وڌيڪ نشر ٿيل پروگرام ريڊيو جي لائبريري ۾ موجود آهن. ڪجهه مواد سنڌ حڪومت جي آرڪائيوز ڊپارٽمنٽ کي به ڏئي چڪا آهيون. اسان جي ڪوشش آهي ،ته ان علمي ذخيري کي ڪتابي صورت ڏياريون، ان لاءِ گھڻو وقت گھرجي، هڪ ٽيم سان گڏ ، مالي وسيلن جي به ضرورت پوندي .
ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن دنيا جو پهريون ويب ريڊيو آهي .جنهن پنهنجي سفر جي ابتدا 10 آگسٽ 2012ع ۾ ڪئي. ڇهون سال هلي پيو، هي نان ڪمرشل ادارو آهي . چند دوستن جي مالي سهڪار سان هلائي رهيا آهيون. هن جي خرچ جو وڏو حصو مان پنهنجي هڙان پورو ڪري رهيو آهيان. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڄاڻ ڌريون قومي آواز ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن کي قومي اداري طور سمجهي هن جي مالڪي ڪن ، جيئن ريڊيو جي آواز کي وڌيڪ سگھارو بنائي سگھجي ۽ سنڌي ماڻهن جي حقيقي نمائندگي ڪري سگھجي.
مشڪور ڦلڪاري جو ڪتاب “ سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ” ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن، طرفان ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي سنگت يوڪي جي سهڪار سان اوهان جي هٿن ۾ آهي . اسان سمجهون ٿا ته علم، ادب ۽ تحقيق جي کيتر ۾ اسان جي هي ننڍڙي ڪوشش مشڪور ڦلڪاري جي محنتن کي حقيقت جو رنگ ڏيڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندي . مان آخر ۾ مشڪور ڦلڪاري جي ڪيل محنتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪريان ٿو ۽ کيس سنڌ جي تاريخ بابت تحقيق واري کي ڪم جاري رکڻ جي گذارش پڻ ڪريان ٿو ۽ ان سلسلي ۾ مان کيس وري به مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريان ٿو ۽ هن جو جيڪي به مواد تيار ٿيندو ، ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي .
امداد علي اوڍو
چيف ايگزيڪيوٽو
ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن
لنڊن. 00447519149847