سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

  سنڌ جي ڪوهستان ۾ ارتقا جا اوائلي نشان

ڪوهستان جي مشاهداتي سفر دوران جڏهن ڪوهستان جي ڪجهه جبلن جو مشاهدو ڪبو، ته انهن جبلن تي مٿان کان هيٺ تائين پاڻيءَ جي وهڪرن جا نشان ڏسي اهو اندازو بَخوبي لڳائي سگهجي ٿو، ته هتي موجود سمورا جبل هزارين سال مٺي پاڻيءَ جي لاهه ۽ چاڙهه جي لِڪ لِڪوٽي راند جا شڪار رهيا آهن. اهو پاڻي لاڳيتين برساتن سبب انهن جبلن تي وَسندو رهيو ۽ سياري ۾ هيٺ لهندو ۽ سنڌو ڊيلٽا ٺاهيندو رهيو. اهي برساتون ايترو شديد ۽ ڊگهو عرصو وسنديون رهيون، جو هزارين سال گذرڻ جي باوجود به انهن جبلن تي پاڻيءَ جي کاڌ جا نشان اڃان تائين موجود آهن. انهيءَ پاڻيءَ کي برساتي پاڻي انهيءَ ڪري چئي، ۽ سمجهي سگهجي ٿو، جو جبلن جي چوٽين تي يا هيٺ وادين ۾ جيڪي پنڊ پهڻ ٿيل شيون، جيت، جانور، ڪوڏا ۽ سِپيون ملن ٿيون، سي سڀ مٺي پاڻيءَ مان جنم وٺندڙ آهن. انهيءَ ڪري اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته اتي اهو مٺو پاڻي شديد برساتن جو هو،جنهن ۾ اهي جبل هزارين سال ٻُڏل رهيا هئا. ڪوهستان ۾ وڃي مشاهدي سان اهو به معلوم ڪري سگهبو، ته جيڪو پاڻي ڪوهستان جي جابلو وادين ۾ موجود هو، سو وَهندو سنڌ جي اولهه ڏکڻ ۾ ٿَر طرف ويندو هو. ڇاڪاڻ ته جيڪا واري ڪوهستان جي وادين ۾ موجود آهي، سا ساڳي واري سنڌ جي ڏاکڻئين ٿَر ۾ به موجود آهي. جيڪي وَڻ ۽ ٻوٽا ڪوهستان ۾ موجود آهن، سي ساڳيا ٿَر ۾ به ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. انهيءَ مان اها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي، ته قديم برساتي پاڻيءَ جا وهڪرا ڪوهستان کان اوڀر ڏکڻ طرف وَهندا هئا. جيڪي ڏاکڻئين ٿَرَ تائين پهچندا هئا، ۽ نشانيءَ طور پويان ساڳئي قسم جي واري ۽ ٻج ڇڏي ويا آهن. ٻي اها ڳالهه به ثابت ٿيندي، ته قديم ڪتابن ۾ جنهن کير ساگر ۽ سورن ديپ جو ذڪر موجود آهي، سو به موجوده ڪوهستان جي علائقي کي لڳاتار وسندڙ برساتي پاڻيءَ هيٺ رکندڙ مٺو سمنڊ هو. جنهن ڳالهه کي به اڃان اڳتي چٽو ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندي، جيڪڏهن وڌيڪ غور ڪبو، ته برساتي پاڻيءَ جي انهيءَ قديم وهڪرن مان انهيءَ ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ڪوهستان کان اوڀر طرف زمين هيٺ هئي. جو اوڏانهن پاڻيءَ جا وهڪرا وهي هليا هئا. جيڪي موجوده ٿَر تائين واري کڻي ويا ٿي. اهو به معلوم ٿيندو ته موجوده هندستاني راجستان وارن علائقن ۾ شايد ڪنهن زماني ۾ سمنڊ موجود هو، جنهن سبب موجوده ٿَر وارو علائقو انهيءَ زماني جي سامونڊي ساحلي پٽي بڻجي ويو هو. جتي انهيءَ زماني ۾ گهاٽا جهنگ اُڀري آيا هئا، جيڪي دَٻجي وڃڻ سبب ڪوئلي جي شڪل ۾ هن وقت به ٿر ڪول ايريا ۾ 9100 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ 450 فوٽن جي گهرائيءَ۾ اڃان تائين سامونڊي کاري پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهن. جنهن جي مٿان هڪ تَهه کاري ۽ مٺي پاڻي جي گڏيل ذائقي ۾ ڪَسارو آهي ۽ هڪ زير زمين پاڻيءَ جو تَهه مٺي پاڻيءَ جي شڪل ۾ موجود آهي. ايتري گهرائيءَ تي ڪوئلي جي موجودگيءَ مان اها ڳالهه به چٽي نموني ظاهر ٿئي ٿي، ته ڪوهستان کان هيٺ واري علائقي جي گهرائي 450 فوٽن جي هئي. جتي موجود قديم ساحلي ٻيلا بعد ۾ دٻجي ڪوئلي ۾ تبديل ٿي ويا. عالمي اداري يونيسيف جي 1964ع جي سروي رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته، سنڌو ڊيلٽا درياهن جي پاڻي جي وهڪرن ذريعي هڪ هزار سالن ۾ هڪ ميٽرجي حساب سان ڀرجي مٿي چڙهيو آهي.انهيءَ حساب سان انهي گهرائيءَ جي ڀرائيءَ کي ڏسبو، ته ڪوهستاني برساتن جي کاتي ۾ 200 فوٽن جي ڀرائي اچي ٿي. جنهن بنياد تي ٿُلهي ليکي اهو بِنا هَٻڪ جي چئي سگهجي ٿو، ته ڪوهستان ۾ انهن لاڳيتين برساتن جو مُدو گهٽ ۾ گهٽ سٺ هزار سال رهيو. انهيءَ بعد ڪوهستان ۾ برساتن جو ڊگهو سلسلو بند ٿيو، ۽ باقي ڊيلٽا سنڌو نديءَ جي وهڪرن 90 هزار سالن ۾ ٺاهيو. جنهن جي شاهدي اڇڙي ٿَر جي درياهي واريءَ مان ملي ٿي. هن سڄي مشاهدي مان اها ڳالهه به سامهون اچي ٿي، ته هن ڪوهستان جي سلسلي سان لاڳاپيل علائقي ۾ جتي عربي سمنڊ موجود آهي، اُتي شايد زمين جو لاهه گهڻو اونهو نه هو. جي اونهو هجي ها، ته پاڻيءَ جا وهڪراٿَر طرف ڏکڻ اوڀر ڏانهن وڃڻ بدران سڌو ڏکڻ طرف ڏانهن وَهن ها. هاڻي جيڪڏهن موجوده عربي سمنڊ جي جاءِ تي ڏيڍ لک سال اڳي ايترو گَهرو زميني لاهه نه هو،ته پوءِ ڇا هو؟ اُنهيءَ مُنجهائيندڙ سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ جڏهن وري قديم ڪتابن جن ۾ اُپنشد ۽ پُراڻ شامل آهن. تن کي پڙهبو، ته انهن قديم ڪتابن ۾ هڪ ميداني علائقي رتناڪر جي ميدان جو ذڪر ملندو، جنهن بابت لکيل آهي، ته رتناڪر جو وڏو ميدان آفريڪا سان هن علائقي کي ڳنڍيندو هو. اڄ به هندي سمنڊ جي اندر جابلو ٽڪرين تي سريلنڪا کان ويندي آفريڪا تائين هندي سمنڊ جي ٻيٽن تي قديم انساني تهذيبن جا نشان ملن ٿا. سنڌ سان لاڳاپيل ويجها ساموندي ٻيٽ اڄ به آباد ۽ سرسبز آهن، جتي برساتن وسڻ سان ڪئين گاهه ڦُٽن ٿا، سنڌ سان لاڳاپيل اُنهن ٻيٽن ۾ اڄ به انساني آباديون موجود آهن. ٻئي طرف وري ڏکڻ طرف ڪراچيءَ ۽ ٺٽي ضلعي جي ڪوهستان جو مشاهدو ڪبو، ته اُتي جاگرافيءَ جي صورتحال گهڻو بدليل نظر ايندي. انهيءَ سموري ڏاکڻئين ڪوهستان ۾ وري جيڪي آبي جيوت جا پنڊ پهڻ ملن ٿا، سي گهڻي ڀاڱي سامونڊي جيوت جا آهن. وري ٻئي طرف، لاکڙا ، ميٽنگ ۽ جهمپير جي آسپاس ملندڙ ڪوئلي جا ننڍا ذخيرا ٻن سئو فوٽن کان ٽن سئو فوٽن جي گهرائيءَ تائين موجود آهن. جيڪي ٿَر جي ڪوئلي کان مٿي موجود آهن. نتيجي ۾ اها ڳالهه سامهون اچي ٿي، ته راجستان ۽ ٿَر واري سمنڊ جو پاڻي ٿر جي علائقي کي ڪوهستاني برساتي پاڻيءَ جي آندل ريتيلي واريءَ جي ڀَرجڻ کان کانپوءِ اهو سامونڊي پاڻي وري ڪوهستان جي ڏاکڻئين علائقي ڏانهن اُٿلي آيو، جتي هڪ ننڍو سمنڊ ٺهي پيو. جتي ڪوهستان جي برساتي دور جي آخر ۾ آيل باقي وَهڪرن سان سامونڊي ساحل ٺهي پيو، جتي مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جي ميلاپ سان تمر جا وڏا جهنگ پيدا ٿيا. جيڪي بعد ۾ دَٻجي ڪوئلي جي ننڍن ذخيرن ۾ تبديل ٿيا، جيڪي پڻ هن وقت ٿوري سامونڊي کاري پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهن. جنهن مان اها خبر پوي ٿي، ته ڪوهستان جي ڏکڻ ۾ بعد ۾ ٺهيل سمنڊ جي ايراضي ڪا ايتري وسيع نه هئي. جاگرافيءَ جي انهيءَ ڊگهي ڪهاڻيءَ کي اتي ڇڏيندي ، وري ڪوهستان طرف اچون ٿا.
ڪوهستان ۾ گُهمندي ۽ پنڊ پهڻن جو مشاهدو ڪندي مٿان کان هيٺ جابلو وادين تائين ڏسبو، ته خبر پوندي ته سنڌ جي ڪوهستان ۾ 90 هزار سال اڳ آخر ڪار برساتن جو اهو ڊگهو سلسلو گهٽجڻ شروع ٿيو، پاڻي هيٺ لٿو ۽ جابلو ماٿريون ظاهر ٿيون.
ڪوهستان ۾ زندگيءَ جي مختلف رنگن جا پنڊ پهڻ هيٺان کان مٿي جبلن جي چوٽين تائين ملن ٿا، جن پنڊ پهڻن کي جي غور سان جانچبو، ته زندگيءَ جي ارتقا جي ڪهاڻي، سائنس جي روشنيءَ موجب سمجهه ۾ ايندي. سائنسدانن جي موجوده وقت تائين ٿيل تحقيقات يا حياتيات جي ماهرن جي کوجنائن سبب جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن. انهن موجب ڌرتيءَ تي زندگي به مختلف مرحلن مان گذرندي مختلف شڪليون ورتيون آهن. ڪوهستان جي مشاهداتي سفر دوران جبلن جي چوٽين، پاڻي جي وهڪرن، ڍنڍن، ۽ ميداني پَٽن تي زندگيءَ جي ڪافي رنگن جا ٽِڙيل پکڙيل نشان پنڊپهڻن جي شڪلين ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
حياتيات جي ماهرن جي کوجنا ڪيل قسمن مان زندگيءَ جا ڪافي رنگ پنڊ پهڻن جي صورت ۾ مشاهدي لاءِ ملن ٿا. هيلتائين ارضياتي سائنسدانن جي چوڻ موجب، ڌرتيءَ تي زندگي پاڻيءَ مان ئي جنم ورتو. سائنسدانن جي چوڻ موجب پاڻي جي سينوَرَ مان اميبيا زندگيءَ جي پهرئين وجود طور ساهه کنيو، ۽ پوءِ زندگيءَ جو سفر اڳتي وڌندو رهيو. اُنهيءَ موجب زندگيءَجي ارتقا جا مرحلا شروع ٿيا. سائنسدانن جي چوڻ مطابق سڀ کان پهريائين پاڻيءَ جا ٻوٽا پيدا ٿيا، ان بعد خشڪيءَ تي به وڻ ۽ ٻوٽا پيدا ٿيا، جن ذريعي ڌرتيءَ جي مانڊاڻ ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي اُڀرڻ سبب هوا ۾ آڪسيجن جي مقدار ۾ واڌارو آيو، جنهن سبب ڌرتيءَ تي موسمن جو جنم ٿيو. پوءِ انهيءَ مانڊاڻ جي سِرڄڻ سان ڌرتيءَ تي جانور ۽ ساهوارا پيدا ٿيا.
سائنسدانن جي کوجنا جي حاصل ڪيل نتيجن موجب، زندگيءَ جي شروعات وڻن ۽ ٻوٽن جي واڌ سبب هوا ۾ آڪسيجن جي واڌ بعد پاڻيءَ جي سينوَرَ مان جنم وٺندڙ اميبيا مان ٿي، ۽ زندگي هن ڌرتيءَ تي پهريون ساهه کنيو. ائين ئي ڌرتيءَ تي جيوت جي شروعات ٿي.آبي ۽ زميني ٻوٽن ۽ وڻن بعدپاڻيءَ ۾ ننڍڙن پونئرن ، ننڍڙن جيتن، ننڍڙي آبي جيوت، جيلي فش، اسٽار فش، ننڍڙين مڇين کان وڏين مڇين تائين مرحليوار ترتيب سان حياتيات جي ارتقا جو عمل حرڪت ۾ آيو، ان بعد آبي جانورن جي پيدا ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو. انهن جي به مرحليوار واڌ ويجهه جو عمل جاري رهيو. انهن ساهوارن جي خوراڪ جو سلسلو به مٽي، گاهه کان اڳتي مرحلا طئه ڪندو، گوشت خوريءَ تائين پهتو. انهيءَ خوراڪي ارتقائي عمل ۾ پيدا ٿيل جيوت جي جسماني نِشونما ٿيندي رهي، انهيءَ جسماني واڌ جو سفر به ننڍائيءَ کان وڏائيءَ طرف جاري رهندو آيو. گوشت وارن ۽ سخت جسامت وارن ۽ کوپن وارن جانورن کان سواءِ ٻين ساهوارن جا نشان نه ٿا ملن. انهن جي ارتقائي عمل جي جانچ لاءِ، وري موجوده هلندڙ ارتقائي عمل جي مرحلن کي جانچي ۽ ڏسي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو ڪوهستان مان ملندڙ پنڊ پهڻن مان اهڙو ڪو به پنڊ پهڻ نه ٿو ملي، جنهن کي بغير گوشت واري ڪنهن آبي جسامت سان ڳنڍي سگهجي. باقي وارين جيوتن مان، کوپن واري آبي جيوت جا نشان ۽ پنڊ پهڻ ڪوهستان ۾ ملن ٿا، جن ۾ ڪوڏن ۽ سِپين جي مختلف قسمن جا پنڊ پهڻ وڌيڪ موجود آهن. جيڪي پنهنجي جسماني سخت کوپي سبب، مري وڃڻ بعد به ساڳي حالت ۾ رهيا، ۽ لکين سالن جي موسمي تبديلين جو مهميزون سهندي جابلو ماحول جو اَثر قبوليندي، پٿر جا پنڊپهڻ ٿي ويا. جيڪي ڪوهستان ۾ ملن ٿا. باقي ٻي آبي جيوت جا جسم نرميءَ سبب، يا موسمي تبديلين سبب مٽيءَ جو کاڄ ٿي، خود مٽيءَ جي ذرڙن ۾ شامل ٿي ويا، جن جو وجود مٽيءَ جي ذرڙن کي ڌار ڌار جانچڻ سان ٽُٽل حالت ۾ ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو. باقي ننڍي آبي جيوت ۽ ٺوس جسامت رکندڙ هر شئي پنڊ پهڻ ٿيڻ واري عمل مان گذري پٿر ٿي ويئي، جنهن جا نشان ڪوهستان جي پنڊ پهڻن مان عام جام ملن ٿا.
زندگيءَ جي ٻئي مرحلي ۾ پاڻيءَ جي ڪنارن تي ڇولين ذريعي ٻاهر ڪرندڙ آبي جيوت،يا پاڻي سُڪڻ بعد پاڻيءَ جي کوٽ سبب واپس پاڻيءَ ڏانهن ريڙهيون پائڻ واري زندگي، پنهنجي بقا واري ويڙهاند وڙهندي سُرندڙ جيوت جي شڪل ۾ جنم ورتو،هن سُرندڙ آبي جيوت زمين ۽ پاڻي ٻنهي ماحولن کي قبولڻ بعد حالتن موجب زندگيءَ جي بقا واري جدوجهد جي مرحلن مان گذري خشڪيءَ تي پهريان قدم رکيا. ائين زمين تي پهريائين سُرندڙ جيوت ۽ پوءِ زميني ماحول جي ضرورتن موجب ننڍين ٽَنگن کان وڏين ٽَنگن وارن جانورن طرف ارتقا جو سفر شروع ٿيو. انهيءَ ارتقائي سفر ۾ سُرندڙ ساهوارن ماحول، ۽ کاڌ خوراڪ جي حساب سان مختلف جسماني روپ ورتا، ۽ ڌرتيءَ تي جانورن جي ارتقا جو عمل شروع ٿيو. انهيءَ سُرندڙ آبي جيوت مان ڪيڙا، جيت، نانگ، بلائون، ڏيڏر ۽ واڳونءَ جا نسل اڄ تائين موجود آهن. جيڪي ٻنهي ماحولن ۾ رهڻ جي صلاحيت رکن ٿا، پر اهي سُرندڙ نسل ڌرتيءَ جي زميني سخت خشڪي ۽ تپش اڃان تائين برداشت نه ٿا ڪري سگهن، هن وقت به اهي پوسل وارين جاين تي يا پاڻيءَ جي تلائن ۾ خوش نظر ايندا آهن. ڪوهستان جي تلائن ۾ ماضي قريب ۾ به واڳونءَ جو نسل گهڻي تعداد ۾ موجود هو. ڪوهستان جا ڪجهه وڏي عمر جا ماڻهو اهو ٻڌائين ٿا، ته ڪوهستان جي ڪيترن تلائن ۽ جابلو چشمن ۾ واڳونءَ جي نسل جو وڏو تعداد ويجهڙائيءَ واري عرصي تائين موجود هو. جيڪو هاڻي گهٽجي فقط ڪجهه جاين تائين محدود ٿي ويو آهي. انهن واڳن جي ڪجهه رهجي ويل باقيات طور دُريجِيءَ کان 30ڪلوميٽر اُتر اولهه ۾ درگاهه پير آريءَ لڳ پيرآريءَ جي اتڙِي نالي چشمي ۽ ڪراچيءَ جي منگهي پير واري چشمي ۾ اڃان تائين واڳون موجود آهن. واڳون مٺي پاڻي جو جانور آهي، اهو سامونڊي جانور ناهي. ڪوهستان ۾ واڳن جو وجود به ڪوهستان ۾ مٺي پاڻي هئڻ جي شاهدي ٿو ڏي.
آبي جيوت جي ارتقا جي سفر جي ذڪر کي اُتي پورو ڪندي، هاڻي اچو ته ڪوهستان جي خشڪيءَ تي ڏسون،ته زندگيءَ جي ارتقا جو سفر ڪيئن رهيو. حياتيات جي ماهرن جي تحقيقات جي نتيجن جي روشنيءَ ۾، خشڪيءَ تي زندگيءَ جي ارتقا جو عمل گاهه، ننڍن ٻوٽن کان شروع ٿيو. ائين اهو ارتقائي عمل به ننڍائيءَ کان وڏائيءَ طرف سفر ڪندو رهيو. نباتات جي ارتقائي عمل جي ڪهاڻي به مرحليوار اُسرندي ۽ نِسرندي رهي. شروعاتي نباتات جي اُسرڻ ۽ نِسرڻ جو ارتقائي سفر به پاڻيءَ جي ڪنارن کان شروع ٿيو. ماحولياتي ۽ کاڌ خوراڪ جي ضرورتن موجب انهن جي جسماني نِشونُما جا ڪيئي رنگ ۽ نمونا پيدا ٿيا. انهيءَ ارتقائي عمل ۾ ضرورتن ۽ ماحول موجب تبديليون اينديون رهيون، جن جو سفر به بنا پنن جي ڏانڊي واري صورت کان شروع ٿيو، ۽ پوءِ ننڍڙا ۽ مختصر پن، ننڍا ۽ گهڻا پن، ٿورا وڏا ۽ مختصر پن، ٿورا وڏا ۽ گهاٽا پن، ۽ پوءِ اهو سفر وڏن پنن وارن يا گهاٽن پنن وارن قداور وڻن تائين پهتو. ساڳيءَ ريت ڪنڊن جي صورت به ارتقا پذير رهي، ننڍڙا سَنها ڪنڊا، ٿورا وڏا ڪنڊا، وڏا ڪنڊا، ۽ پوء بنان ڪنڊن جي وڏن پنن وارا يا بنان ڪنڊن جي ننڍن گهاٽن پنن وارا وڻ.نباتاتي جيوت جي انهيءَ ارتقائي عمل هلندي اُسرندا، وڌندا، نِسرندا ۽ ڦُٽندا رهيا،جيڪو عمل اڃان تائين ماحول موجب جاري آهي. جڏهن هن وقت به ڪوهستان جي وڻن ۽ سوين ننڍن ٻوٽن کي ڏسبو، ته انهي نباتاتي عمل مان گذريل ڪيترائي وڻ ۽ ٻوٽا ڏسڻ لاءِ ملندا. جيڪي هن وقت به ڪيترن قسمن، شڪلين ۽ نسلن جي حالت ۾ موجود آهن، جن ۾ ٿُوهر، کِپَ، ڪِرڙ، ڪنڊِي، ڄار، ڇاپرو ٻير، گُگرال، ڪهُوءَ، لئِي، گز ۽ ٻيا سوين قسم اڄ به ڪوهستان جي علائقي ۾ ساهه کڻندي ڏسڻ ۾ ايندا. جيڪي لکين سالن کان ڪوهستان ۾ موجود رهيا آهن. جن وڻن ۽ ڪاٺين جا پنڊ پهڻ پوري ڪوهستان ۾ مختلف جاين تي ڳولڻ سان ملي وڃن ٿا. جن مان اها ڳالهه ثابت ٿي، ته اهي وڻ لکين سالن کان هتي موجود رهيا آهن.
ڪوهستان جي هڪ هنڌ ڳوٺ واحد ڏني باريجي جي ڀرسان، ديهه ڪنڊو ترائي نالي جاءِ تي جابلو سلسلي کان گهڻو دور هڪ زميني ميدان تي پيل ڪجهه وڏا پٿر ڏسڻ لاءِ موجود آهن، جن کي مقامي ماڻهو اُٺن جا پنڊ پهڻ ۽ ڪي وري هاٿين جا پنڊ پهڻ سڏين ٿا. اهي پيل پٿر جن جي ظاهري جسامت ڪنهن جانور جهڙي نه ٿي لڳي، انهن جا ڪافي حصا زماني جي گردش سبب ڀَڄي ڀُري ختم به ٿي ويا آهن.موسمي حالتن جي سِتم ظريفي سبب سندن وجود جي آخري نشانيءَ طور بچيل پنڊ پهڻ به سڃاڻي نه ٿا سگهجن، ته اهي ڪهڙن جانورن جا آهن.پر جابلو علائقي کان پري اهي اڪيلا ۽ ڳرا پٿر،سڌي ميداني پٽ تي ڪيئن پهتا. جن مان ڳوٺاڻن جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، ته اهي ڪن وڏي جسامت وارن جانورن جا پنڊپهڻ ٿيل جسم آهن. ساڳئي نموني جهمپير کان ڪجهه مفاصلي تي آڃڙي واري ميداني علائقي ۾ ۽ جُنگشاهيءَ وارن جابلو ميدانن تي ۽ ننڍين بُٺين تي ڪي وڏا پٿر ٽِڙيل پکڙيل پيل نظر اچن ٿا، جن کي مقامي ماڻهو مينهن ۽ اُٺن جا پنڊ پهڻ سڏين ٿا. اهڙا وڏي جسامت وارا پنڊ پهڻ ڪوهستان جي ٻين علائقن ۾ ويندي بلوچستان تائين موجود آهن، جن جو ڏس پتو ڪوهستان جا ماڻهو ڏيندا آهن. ڪوهستاني ماڻهن انهن وڏي جِسامت وارن پنڊ پهڻن بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون به گَهڙي ورتيون آهن. ڪوهستان جي ڪجهه وڏي ڄمار جا ماڻهو اهو به ٻڌائين ٿا، ته انهن جي وڏڙن ڪوهستان ۾ وڏن جانورن ۽ اُٺن جا پنڊ پهڻ ٿيل سلامت جسم ڏٺا هئا. جيڪي ڳالهيون هوهُنن کي ٻُڌائيندا هئا. جيڪي ڳالهيون شاهديءَ طور اڃان به هلندڙ آهن. جن ڳالهين مان ۽ مشاهدي ۾ آيل انهن وڏن ڳري جسامت وارن پنڊ پهڻن مان، انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته ڪوهستان جي گهاٽن جهنگلن ۾ ديوَ هيڪل وڏي جسامت وارا جانور به موجود هئا. ديهه ڪنڊي ترائيءَ ۾ هڪ جاءِ تي هڪٻئي جي ويجهو اهڙن جانورن جا چار پنڊپهڻ ٿيل پٿر گڏ موجود آهن. ساڳئي نموني جهمپير لڳ آڃڙي واري ميداني علائقي ۾ اٺاسي اهڙا ننڍا ۽ وڏا پنڊ پهڻ هڪٻئي جي ويجهو موجود آهن، ۽ جُنگشاهيءَ جي علائقي ۾ پڻ اهڙا ٻه پٿر گڏ هڪٻئي کي ويجهو آهن. انهيءَ مان انهيءَ ڳالهه جي به شاهدي ملي ٿي،ته اهي وڏا ديوَهيڪل جانور ٽولن جي شڪل ۾ اتي موجود گهاٽي جهنگ ۾ رهندا هئا. اُتي ڪنڊي ترائيءَ ۾ هڪ سوين سال پُراڻو ڪنڊيءَ جو وڏو اڌ سُڪل وڻ به موجود آهي، جنهن جي نالي سان اها ترائي سڏبي آهي. جنهن جي ٿُڙَ جي گولائيءَ جي ماپ نَوَ فوٽ ٽي اِنچ آهي، جيڪو انهيءَ جاءِ تي موجود وڏن گهاٽن وڻن جي باقيات جي باقيات هوندي،شاهديءَ طور اڃان موجود آهي. اهڙي شاهدي هن علائقي ۾ وڻن جي پنڊپهڻ ٿيل ٽارين ۽ ڪاٺين جي پکڙيل ٽُڪرن مان پڻ ملي ٿي. ساڳئي نموني جهمپير ۽ ميٽنگ واري علائقي ۾ ٻن سئو کان ٽن سئو فوٽن جي گهرائيءَ تان ڪوئلي جا ذخيرا پڻ هنن علائقن ۾ گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگن جي شاهدي ڏين ٿا. جن مان اهو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو، ته لڳ ڀڳ هڪ لک سال اڳ هنن علائقن ۾ اُهي وڻن جا گهاٽا جهنگل موجود هئا. جيڪي پوءِ پاڻيءَ جي آندل ريٽ ۽ پاڻيءَ جي موجوده هندي سمنڊ ڏانهن ٿيل وَهڪري ۾ دَٻجي ڪوئلي جي شڪل ۾ ٿي ويا.
ڪوهستان ۾ هڪ ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته، جبلن جي چوٽين کان لهندي هيٺ وادين ۽ ميدانن ۾ جيڪي پنڊ پهڻ ملن ٿا، يا نظر اچن ٿا. اهي پنڊ پهڻ ٿيل شيون بلڪل اصلي حالت ۽ ساڳين رنگن سان موجود آهن. ظاهريءَ طرح اهي شيون اصلي حالت ۾ تازيون نظر اينديون آهن، تازيون هئڻ تي نظر دوکو کائي ويندي آهي. جڏهن انهن شين کي هٿ ۾ کڻبو ته پٿر لڳنديون. اهو شين جي پنڊ پهڻ ٿيڻ جو عمل جنهن ذريعي انهن شين کي پٿر ٿيڻ ۾ڪئين سال لڳا هوندا، ڏسڻ وارو اهو سمورو احساس وڃائي اهو سمجهندو، ته ڄڻ ڪنهن جادوئي عمل ذريعي هي سڀ ڪجهه اَک ڇِنڀ ۾ ٿيو آهي.
انهيءَ مشاهدي تي جڏهن سوچبو،ته هي خيال ذهن ۾ پيدا ٿيندو، ته ڪوهستان ۾ وسندڙ برساتن جي ڊگهي دور کان اڳي ۽ پوءِ هتي وري ڪجهه عرصو گهٽ برساتن وارو دور رهيو. جنهن دوران پاڻي گَهٽيو هيٺ ميدانن ۽ رهيل پاڻيءَ جي ڍنڍن ۾ زندگي پنهنجي ارتقا جا مختلف مرحلا طئه ڪيا. هتي هيٺ جابلو وادين ۾ گاهه ڦُٽا، وڻ ٻوٽا ٿيا ۽ گهاٽا جهنگ به ٿيا، جن ۾ زندگيءَ جا سمورا رنگ نِکري نِروار ٿيا. ڌرتيءَ تي زندگيءَ پنهنجا پير کڻڻ شروع ڪيا، ائين به ڪي سال گذري ويا. ڪوهستان جا ويران جبل زندگيءَ جي چُرپُر سان چهڪڻ ۽ ٻهڪڻ لڳا. جتي ڍنڍن ۾ پاڻيءَ جي جيوت وڌندي ۽ ويجهندي رهي، ته ٻئي طرف ماٿريون سرسبز گاهن ۽ وڻن ٻوٽن سان سَر سَبز ٿي زندگيءَ جا سمورا رنگ اوتڻ لڳيون. ان بعد وري ڪو ڪوهستان مٿان برفاني دور آيل ٿو ڏسجي. جنهن ۾ پورو ڪوهستاني علائقو برف ۾ تبديل ٿي ويو. اهو دور به ڊگهو عرصو رهيو،ڇاڪاڻ ته هتي ملندڙ پنڊپهڻ اصل شڪل ۽ صورت ۾ ملن ٿا. ڪوهستان جي سمورن علائقن ۾ ٻوٽن، وڻن، جيتن، سُرندڙ جانورن کانسواءِ وڏن ديو هيڪل جانورن جا پنڊ پهڻ به ڪجهه تعداد ۾ ڳولڻ سان ملن ٿا. جن جي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو، ته زندگيءَ جي ارتقا جا ڪافي شروعاتي نشان ڪوهستان ۾ اڃان تائين محققن ۽ سائنسدانن جي مشاهدي لاءِ موجود آهن. جن کي ڏسڻ سان دنيا ۾ موجود مُنجهائيندڙ ارتقا جي سوالن جا جواب وڏي آسانيءَ سان ملي سگهن ٿا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي،ته ڪو به اهڙو ماهر ڪوهستان جي ڏُکين جاين تي نه ٿو پهچي. ٿورا ماهر جن ڪوهستان تي ڪم ڪيو آهي، سي به صرف خاص رستن جي آسپاس موجود شين کي ڏسي واپس موٽي ويا آهن. ڪوهستان جي اندر جابلو سلسلن جي نهايت ڏُکين رستن تان گُذري ڪو به اندر وڃڻ جي همت نه ٿو ڪري. جنهن سبب ئي تاريخ جا لِڪل ڳُجها راز اڃان منظرعام تي نه اچي سگهيا آهن. اسان جا ملڪي ادارا انهيءَ بابت ڪا دلچسپي ئي نه ٿا وٺن، جيڪا ڳالهه هر لحاظ کان ڪا چڱي ناهي.