سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

سري شهر

هي ڪوهستان جو هڪ کُليل ۽ ننڍو شهر آهي، هتي پڻ ڪوهستاني ماڻهن کي ضرورت جون سڀ شيون ملي وڃن ٿيون. انهيءَڪري هي شهر پڻ واپار جو مرڪز آهي. هن شهر ۾ پَٿر تي اُڪَر ۽ چِٽساليءَ جو شاندار ڪم ٿيندو آهي. ڪوهستان ۾ اهو ڪم هاڻي ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ٿيندو آهي. ڪوهستان ۾ اڃان تائين پَٿر جون شاندار قبرون ٺهرائڻ جو رواج آهي. انهيءَ ڪري ڪوهستان جا ماڻهو پنهنجي پيارن جي قبرن جي لاءِ هتان اُڪَر ٿيل پَٿر جا بِلاڪ خريد ڪندا آهن. هي شهر پڻ محبتي ماڻهن جو شهر آهي. هتي جي مهمان نوازي پڻ مشهور آهي. هن شهر ۾ اُڪَر ٿيل پَٿر جون خوبصورت عمارتون پڻ ڏسڻ جهڙيون آهن. هن شهر جي مَڻيادار ماڻهن ۾ هيٺيون شخصيتون قابل ذڪر آهن.

وڏيرو مَلهه پالاري
ڪوهستان جي ثقافتي قدرن جي امين ماڻهن ۾ هن جوشُمار ٿيندو هو. هي انتهائي خوش پوشاڪ، مُحبتي ۽ مهمان نواز انسان هو. سندس خوبصورت اوطاق جي عاليشان اَڱڻ ۾ ڪوهستان جون يادگار ڪچهريون ٿيون، هن جي اوطاق تي هر وقت مهمان موجود هوندا هئا. جن جي هو پنهنجي هٿن سان دل کولي خدمت ڪندو هو.وڏيرو ملهه پالاري سائين جي ايم سيد جو عاشق هو، سندس مُحبت جي اها حد هئي، جو سائين جي ايم سيد جي هن تمام وڏي دعوت ڪئي. انهيءَ دعوت ۾ سائين جي استعمال ڪيل شين کي هن ساههَ وانگر مُحبت جي نشانيءَ طور سانڍي رکيو. هو ڪوهستاني ماڻهن سان بيحد پيار به ڪندو هو. هڪ ڀيري ايوب خان پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪوهستان ۾ ٻاڪرو مال ڌارڻ تي بندش وڌي، سندس چوڻ هو ته ٻاڪرو مال جابلو وڻن ۽ ٻوٽن کي نقصان ٿو رسائي. انهيءَ حڪم خلاف وڏيرو مَلهه پالاري، پيرغلام رسول شاهه جيلانيءَ کي ساڻ وٺي لاهور ويو، جتي هن ذوالفقارعلي ڀُٽي سان ملاقات ڪري، سندس مشوري سان عبدالستار پيرزادي کي وڪيل ڪري هاءِ ڪورٽ مان انهيءَ آمرانا حڪم خلاف اسٽي آرڊر ورتو. ائين ڪوهستان تان ايوب خان جي آمرانا حڪم جي بَلا ٽَري ويئي. اهڙيءَ ريت هن بهادر انسان جا ڪيترائي ڪارناما ڪوهستاني ڪچهرين جو موضوع آهن. هي تمام وڏو سَخي هو، هن جي در تان ڪڏهن به ڪو سوالي خالي نه موٽيو، آڌي رات جو سَڏ ۾ سَڏ ملائيندڙ هن شخص سان پوري ڪوهستان جي غريبن ۽ اڙيالن جون اميدون وابستا هيون. انهيءَ ڪري هن کي ڪوهستان ۾ هڪ سخي ڏاتار جي حيثيت حاصل هئي. غريبن جي دعائن جو اَثر هو، جو هن هڪ سئو سالن کان به وڏي ڄمار صحت ۽ چڱڀلائي سان گُذاري. هن مانجهي مرد 5 ڊسمبر 2011ع تي وفات ڪئي. هن وقت جڏهن هو موجود ناهي ته به ڪوهستان ۾ وڏيري ملهه پالاري جو نالو هر زبان تي موجود آهي.

وڏيرو دُرمحمد پالاري
هي پڻ حال حيات ۽ سِري شهر جي اهم ماڻهن ۾ شُمار ٿئي ٿو. هي به پنهنجي والد وڏيري مَلهه پالاريءَ جي روايتي مهمان نوازي قائم رکيو اچي. مڙس ماڻهو وقت تي اڙيالن جي مدد ڪندڙ هن ماڻهوءَ کي پڻ ڪوهستان جا ماڻهو عزت ۽ احترام سان ڏسن ٿا. انهيءَ کان سواءِ هي ڪوهستان جي تمام وڏين علمي هستين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.هن جي سائين جي ايم سيد سان والهانه عقيدت ۽ مُحبت هئي، جيڪا مُحبت کيس سندس پيءُ کان ورثي ۾ ملي. انهيءَ ڪري هن عمر جو ڪافي عرصو سائين جي ايم سيد جي صُحبت ۾ گذاريو. انهيءَ کان سواءِ سنڌ جي تمام وڏين علمي شخصيتن سان سندس صُحبت پڻ رهي، جنهن ڪري هي سنڌيءَ کان سواءِ سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين جي به سُٺي ڄاڻ رکي ٿو. هن کي ڪتابن پڙهڻ ۽ انهن کي سانڍي رکڻ جو پڻ شوق آهي. مارڪيٽ ۾ ايندڙ هر ڪتاب کيس پڙهڻ ۽ سانڍي رکڻ جو جنون آهي. اهوئي سبب آهي جو هن جي لائبريريءَ ۾ ڪتابن جو هڪ تمام وڏو ۽ ناياب ذخيرو موجود آهي. هن جي لائبريريءَ ۾ سمورا ويد، اُپنشد، مهاڀارت، رامائڻ، ۽ گيتا کان سواءِ بائيبل ۽ ٻين مذهبن جي ڪتابن جو وڏو اهم ذخيرو گڏ ٿيل آهي. انهيءَ کانسواءِ وٽس تاريخ، تحقيق، سائنس، فلسفي ۽ ٻين به انيڪ موضوعن تي ڪتاب موجود آهن. انهن هيڏن سارن ڪتابن جي مُطالعي سبب هي سنڌ جو هڪ تمام وڏو عالم آهي. سندس ڪچهريءَ ۾ علم جا درياهه وهندي نظر ايندا آهن. حد درجي جي هن مُحبتي، مهمان نواز ۽ عالم شخص وٽ هر وقت ڪيترن ئي علم جي اُڃارن جو ميڙاڪو موجود هوندو آهي. انهيءَ کانسواءِ هي ڪوهستان جي ڪيترن ئي اڙيالن جي اُميد پڻ آهي. عام طرح هي تمام گهڻو سادگي پسند ۽ فقير طبيعت ماڻهو آهي . منجهس وڏائي جو ذري برابر نه ڏيک موجود ناهي .

مُکي ڄيٺانند
روايتي سنڌي لباس ۽ بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻَڌي وڏي شان ۽ مان سان هلندڙ مُکي ڄيٺانند هڪ با اخلاق، بهادر، ۽ لڄادار شخصيت جو مالڪ هو. هي هندو پنچائت جو مُکي پڻ هو، پر هو عام مُکين جيان آڪڙ ۽ وڏائيءَ ۾ ڦونڊجڻ بجاءِ هميشه نِهٺو ۽ چَپن تي مُرڪون سَجائي ماڻهن جي هُجوم ۾ رهندو هو. هن جا فيصلا بي ريائيءَ تي ٻَڌل هوندا هئا. پنهنجي اوطاق تي آيلن جي پنهنجي هٿن سان خدمت ڪندو هو. ڪوهستان جي عوامي ميڙاڪن، ميلن، شادين۽ غمين ۾ هو پاڻ وڃي، انهن ميڙاڪن ۾ اڳڀرو ڪردار ادا ڪندو هو. کيس تمام وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، هي پڻ هندو مُسلم ايڪتا جو اُهڃاڻ هو. هن هندو پنچائت جي سربراهه جي حيثيت ۾ غلط رسمن ۽ رواجن خلاف ڪم ڪيو. هن هندو سيٺين کي عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن ڏانهن راغب ڪيو. سندس وفات بعد به ڪوهستان جا ماڻهو کيس وساري نه سگهيا آهن.

ڊاڪٽرعالم چند
هي ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو اَسير هو، قومي جذبي سان سرشار هن قومي ڪارڪن ڪوهستان ۾ قومي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ اسٽڊي سرڪل هلايا، نوجوانن ۾ پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪيو. هن اسٽيج ڊرامن ذريعي به عوامي جاڳرتا لاءِ پاڻ پتوڙيو. هي بهترين اداڪار، صداڪار ۽ هديتڪار به هو. هي انتهائي بهترين مُنتظم ۽ اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو. ڪنهن به پروگرام ڪرڻ لاءِ هو شهر ۾ ڪاهي پوندو هو ته، ڪجهه پئسا ڪڍو ته گڏجي چانهه پيون، ائين هو پئسا گڏ ڪري شام جو هڪ عاليشان قسم جو پروگرام ڪري ڇڏيندو هو؛ جنهن کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا. ائين هن ماڻهن ۾ وڏو اعتماد پيدا ڪيو، پر افسوس هڪ اوچتي حادثي ۾ هو ڪوهستان جي ماڻهن کان وڇڙي ويو. سندس آخري رسمن ۾ ڪوهستان جي هزارين ماڻهن شامل ٿي اها پڪ ڏياري ،ته ڪوهستان جا ماڻهو مُحبتن جا ڪڏهن به مياري نه آهن. کيس ڪوهستان جا ماڻهو اڄ به ساريندي ڳوڙها ڳاڙي وجهندا آهن.

طالب پالاري
هي حال حيات، روايتي سنڌي لباس سان خوش پوشاڪ ۽ هميشه پنهنجي چپن تي مُرڪون سَجائي دلين تي حڪومت ڪرڻ واري سڀاءُ جو مالڪ آهي. سِري جي ڀرسان ڳوٺ مهندا پالاريءَ ۾ هن مُحبتي انسان جي هڪ غريباڻي اوطاق به آهي. جتي هو تڏي تي آيل ماڻهن جي وڏي عزت ڪندو آهي. هي ڪوهستاني لوڪ گيت ‘مورو’ جو بهترين شاعر هئڻ سان گڏ بهترين ’مورا‘ ڳائيندڙ فنڪار به آهي. هن ڪوهستاني لوڪ گيت ’مورو‘ جي پکيڙڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ذريعي ’مورو‘ کي مُتعارف ڪرايو. هن وقت پيرسنيءَ جي حالت ۾ به جڏهن تَنبوري کڻي ’مورا‘ ڳائيندو آهي، ته محفل کي مُنڊي ڇڏيندو آهي. هن ڪوهستان جي ڪيترن ماڻهن کي ’مورو‘ ڳائڻ جي سِکيا پڻ ڏني آهي، انهيءَڪري هي پنهنجي پر ۾ هڪ ادارو آهي. شال اهڙا مُحبتي ۽ ڪَلا جا مالڪ ماڻهو ڪوهستان جي مُرڪن جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهن.