جھوني جوڳيءَ جي نئين جاکوڙ
مشڪور ڦلڪارو جي ٿر وڃي ٿو ، ته لوڪ ڏاهپ جا صديون پراڻا داستان کڻي ٿو اچي ۽ انهن کي سائنس جي جديد ڪسوٽيءَ تي ڀيٽي سنڌي لوڪ ڏاهپ کي نمودار ڪري، نمايان ڪري،سُرخرو ڪري ٿو بيهاري. لوڪ ڏاهپ جيڪا صدين جي سفر ۾ جُڙندي آهي. اها وقت جي ڪُک ۾ ڪنهن موتيءَ وانگر پَلجندي رهندي آهي ۽ مري مات نه ٿيندي آهي. جڏهن اها جُڙي راس ٿيندي آهي، تڏهن وقت جي وهڪرن کي اورانگھي سوين هزارين ورهين تائين ديس واسين کي پنهنجي چمڪ ڌمڪ، رنگ روپ ۽ واس ورن سان واسيندي رهندي آهي. سنڌ جي لوڪ ڏاهپ هونئن ته قومي ۽ مجموعي حيثيت رکي ٿي، پر ڪي علائقا ان سلسلي ۾ وڌيڪ زرخيز آهن ۽ پنهنجي سيني ۾ علائقائي لوڪ ڏاهپ جا ڀنڊار رکن ٿا. ٿر انهن مان هڪ آهي. ان ڪري جڏهن مشڪور ڦلڪارو ٿر ويو، ته اتان لوڪ ڏاهپ جا ڀنڊار ميڙي آيو. وري هن ٻيءَ ڳالهه هيءَ ڪئي ته ان ڀنڊار کي ويهي سائنس جي ڪسوٽيءَ ۽ معيارن تي پرکيائين. هن جي اک هيري ڪڻيءَ کي سُڃاڻي ٿي. هن جا ڪڍيل نتيجا لاجواب آهن ۽ انساني ڏاهپ ۾ ماڻهوءَ جو ايمان تازو ڪري ٿا وڃن.
’ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس‘ کانپوءِ سندس هڪ ٻيو ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه ـــ سنڌي ٻاونجاهه اکري (سنڌوءَ حرفِي)‘ جي نالي سان ڇپجي آيو. جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکرن تي شاعري ڪئي وئي آهي. سنڌيءَ ۾ ٽيهه اکريون ته اڳ ۾ جام لکيون ويون آهن، پر ٻاونجاهه اکري پهريون ڀيرو لکي ويئي آهي. جنهن ۾ اهي اکر به شامل آهن، جن جي باري ۾ عام تاثر هيءُ آهي، ته انهن اکرن سان ڪوبه لفظ شروع نه ٿو ٿئي. جهڙوڪ ڱ، ڻ، ء، ڃ ، ڙ ، جهڙا حرف. هو انهن سان شروع ٿيندڙ ڱڱا، ڻڻان، ئوئان ، ڃوڃڻ ۽ ڙاڪون جهڙا لفظ ڳولي ٻُڌائي ٿو، ته انهن اکرن سان اهي لفظ شروع ٿين ٿا. ظاهر آهي ته اکر هوندا ته انهن سان لفظن جي شروعاتي سِٽائي اُڻت پڻ هوندي. ايئن ٿي نه ٿو سگھي ته لفظي سٽاءَ ۾ هڪڙو اکر رڳو وچ يا آخر ۾ ايندو هجي ۽ ڪنهن لفظ جي شروع ۾ ان جو ڪو واهپو نه هجي. البت ڪڏهن ڪڏهن لفظ ويسر جي گدلي ڍنڍ ۾ وڃائجي ويندا آهن. مشڪور سنڌي سماج جي سينور هيٺ موجود اُهي لفظ ٻاهر ڪڍي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ آندا آهن. جيڪو به مشڪور جو هڪڙو تمام اهم ڪم آهي، جنهن تي مستقبل ۾ سنڌي لسانيات کي اڃا اڳتي وڌڻو آهي.
پوءِ هن جا سڳورا پير ڪوهستان جي سرزمين کي ڇُهن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن فاتح جا پير ڪنهن سرزمين تي پون ٿا، ته اها سرزمين شرم ٻوٽڙيءَ وانگر ڪومائجي ويندي آهي، ڪنهن عورت وانگر بيواهه ٿي ويندي آهي،۽ ڪنهن معصوم وانگر وحشي سُنبن هيٺان اچي ڇيڇاڙجي ۽ چيٿاڙجي ويندي آهي؛ پر جڏهن ڪنهن شاعر، اديب ۽ مُحقق جا پير ڪنهن سرزمين تي پوندا آهن،ته اها رابيل وانگر ٽِڙي پوندي آهي، ڪنوار وانگر ٻَهڪي پوندي آهي ۽ ان جي آجيان ۾ ٻانهون ڦهلائيندي آهي. مشڪور جيڏانهن به ويندو آهي، اُها مٽي ساڻس مُرڪي ۽ مَهڪي ڳالهائيندي آهي. نتيجي ۾ تاريخ جي درياهه جا خزانا مٿس پنهنجا در کوليندا آهن. اتهاس جو اسرار ۽ ڳُجھه ڪنهن چئيوان ۽ سُلڇڻي محبوب جيان سندس سامهون هٿ ٻڌي بيهي رهندو آهي. پوءِ سندس اکيون اهو ڪجھه ڏسي وٺنديون آهن، جيڪو ٻين نگاهن لاءِ اڻ ڏٺو هوندو آهي، سندس ڪَنَ اهو ڪجھه ٻُڌي وٺندا آهن، جيڪو ڪجھه ٻين لاءِ اَڻٻُڌو هوندو آهي ۽ سندس ذهن اهو ڪجھه جَھٽي وٺندو آهي، جنهن جي ٻيا رڳو حسرت ڪندي ڪندي ئي مري ويندا آهن.
سندس انهيءَ ادراڪ ۽ سوجھيءَ جو سربستو احوال هڪڙو هيءُ ڪتاب “’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو‘ پڻ آهي.
مشڪور ڦلڪاري جو زير نظر ڪتاب ’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو‘ سندس تحقيقي ڪم جي بلند چوٽي آهي. هن ڪوهستان جي سير سفر دوران پٿرن جي بدن تي تاريخ جي هٿن سان تراشيل اُهي آيتون پڙهيون آهن، جن کي عالمياڻي اَک ڏسڻ کان هميشه قاصر رهندي آهي. هن جي اندربيِن نگاهن پٿرن جي دلين ۾ جھاتي پائي ساڻن روح رهاڻ ڪئي آهي ۽ پٿرن ساڻس پنهنجين اڻ ڇُهين ڪهاڻين جون ڳُجھڙيون ڳالهڙيون ڳرهيون آهن. پٿر به ساهه کڻندا آهن، لکين سال جيئرا رهندا آهن، ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ مشڪور جهڙي ڪنهن مَنش جو اوسيئڙو ڪندا رهندا آهن؛ ۽ هو آخرڪار سندن سَڏُ سُڻي اُتي پهتو آهي ۽ اُنهن حالتن ۾ پهتو آهي، جڏهن اِنهن پٿرن جو وجود منافعي خور ڌارين جي پيرن هيٺان لوئجي رهيو آهي. هنن پٿرن انيڪ فاتح ڏٺا ۽ سڀني فاتحن کي پنهنجي چوٽيءَ تان هيٺ اُڇلائي ڏاري ڇڏيو. اڄ سڪندر مقدونيءَجو وجود ناهي، پر کيرٿر اوچي ڳاٽ کڙو آهي. هر فاتح آيو ويو ٿي وڃڻو آهي، واءُ وکر ٿي وڃڻو آهي. ڪوهستان تي پيل اوٺا پير پڻ ڊهي وڃڻا آهن، ڀسم ٿي وڃڻا آهن، پر ڪوهستان رهجي وڃڻو آهي، پنهنجن مٿير مڙسن ۽ سانورين نارين جي سونهن، فطرت جي حسناڪين ۽ پنهنجي تاريخي قدامت سميت.
ڪوهستان جي تاريخي جائزي ۾ مشڪور هتي ندين نئَينَ جي وهڪرن، زندگي جي پيدائش، موسمياتي منڊلن جي جُڙڻ، وڻن ٽڻن جي اوسر، انساني ارتقا ۽ زميني ڦيرين گھيرين جي باري ۾ جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن، اهي پڙهي ماڻهو حيرت ۾ پئجيو وڃي. ماڻهو دنگ رهجيو وڃي ته مار! اسان کي خبر ئي ڪانهي ته ڪو اسان جي هيءَ سرزمين ايتري آڳاٽي، قديم ۽ ارتقا جي حسناڪ مرحلن سان سَٿيل ۽ اُٿلن پُٿلن سان ڀريل آهي. برساتن جو هزارين سال اڳ ڪو تمام ڊگھو سلسلو هليو ۽ جبل هزارين سالن تائين مٺي تانگھي پاڻي ۾ ٻُڏل رهيا. اهو پڙهي مون کي آمريڪي مائي اوميل ياد اچي ويئي، جيڪا پنهنجي ڪتاب ’يورپ ۾ سنڌوءَ ڌرم جا قديم آثار‘ ۾ نوح نبي جي وڏي ٻوڏ واري واقعي کي سنڌ سان منسوب ٿي ڪري.
مشڪور رڳو پٿرن، سپين ۽ ڪوڏن سان نه ٿو ڳالهائي، پر هو هن علائقي جي قدامت کي ثابت ڪرڻ لاءِ اُپنشدن، ويدن، پُراڻن ۽ ٻين قديم ڌرمي ڪتابن مان پڻ شاهديون ڳولي ٿو، جن ۾ هنن علائقن کي کير ساگر ۽ سورن ديپ سڏيو ويو آهي. ساڳئي نموني هو سنڌ جي زميني بيهڪ تي پڻ ويچاري ٿو ۽ ڪوهستان جو تعلق ٿر سان ملائي پنهنجن نتيجن کي پُختو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
سائنس سڄي ڌُڪا هُئي، مفروضا هُئي. تحقيق پڻ ايئن هُئي. ڌُڪا، مفروضا، حقيقتن ڪنان ڪوهين ڏور، پر انهن ڌُڪن نَوَن ڌُڪن کي جنم ڏنو، مَفروضن بعد نوان مَفروضا جُڙيا. هر نئون ڌُڪو، هر نئون مَفروضو حقيقت جي ويجھو ٿيندو ويو. تحقيق پڻ اهڙي نموني حقيقتن جي ڳولا ڪئي. مشڪور به ڪجھه مَفروضا جوڙيا آهن، ڪجھه پڪيون پُختيون نشانيون ڏنيون آهن ۽ ڪجھه حقيقتن کي پڌرو ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت هن تحقيق جو هڪڙو نئون سَنڌو قائم ڪيو آهي. جيڪو سنڌ جي زميني ارتقا جي هڪڙي نهايت اهم ڪَڙي آهي. جنهن جو ايرگھير سريلنڪا کان وٺي آفريقا جي پٽن تائين پکڙيل آهي. سندس هيءَ تحقيق هڪ اهڙو واڌارو آهي، جنهن سان هن خطي جي زميني علم ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيندو. هو تهه در تهه وقت کي اُٿلائيندو، ارتقا جا پُڙ ورائيندو، نتيجن جي نون موتين کي اکين اڳيان آڻي ٿو. سندس ڳالهه ڳر واري ۽ وزنائتي آهي. هو هزارين سالن جي حسين چهري تان بيخبري ۽ اڻڄاڻائيءَ جو نقاب لاهي ڦِٽو ٿو ڪري. اهڙيءَ ريت تاريخ جا ڪي نوان زاويا اسان جي سامهون نِروار ٿي پيا آهن.
آئون ڪتاب مان ڪي به حوالا ڏيڻ نه ٿو گھران. آئون هنن ٻن اکرن کي وڌيڪ طوالت ڏيڻ به نه ٿو چاهيان. آئون چاهيان ٿو ته توهان هن ڪتاب کي نهايت ئي ڌيان سان پڙهو. هيءُ ڪتاب توهان جي باري ۾ ئي آهي. هن ۾ توهان جي ابن ڏاڏن جي ڌرتيءَ جي قدامت، تاريخ ۽ حُسن پکڙيو پيو آهي. هيءَ مٺي ۽ سُهڻي ڌرتي ۽ ان جو اهو سڀ اسان جو پنهنجو آهي ۽ هيشه اسان سان رهڻو آهي.
مشڪور هيءُ جيڪو تاريخ ساز ڪم ڪيو آهي، ان تي کيرون لهڻي. منهنجي دل جا جذبا، محبت جا احساس ۽ منهنجي اندر جون پِرت ڀَريون ڀاونائون سندس هن ڪم تي ٻلهار ٻلهار آهن. شال هو ’سدا جوان‘ رهي، اڃا وڏي ڄمار ماڻي ۽ سنڌ جي ڳولا ۾ سرگردان رهندي تاريخ جي ساگر مان ڪي نوان موتي ميڙي آڻيندو رهي. ڀٽائي سائين سندس جهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي:
جت نه پکيءَ پير، تِت ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کَير رَي!!
نواز خان زئور
25 آگسٽ 2017ع
ڳوٺ احمد خان زئور، ميرپور بٺورو
03332538084