ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو پنجون دور
انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ انساني تهذيبي ترقي سبب سنڌ ۾ ڪيترائي شهر آباد ٿيا. هماليا تان لهندڙ دريائي وهڪرن سبب زرخيز سنڌو ڊيلٽا ٺهيو، جتي هڪ خوشحال سماج جُڙيو. ماڻهن ۾ سماجي قدرن جي بحالي سبب سنڌي قوم هڪ مُنظم قوم طور اُڀري نروار ٿي.ماڻهن سماجي ضرورتن موجب مختلف ڌنڌا ۽ ڪم ڪرڻ شروع ڪيا. سماجي زندگي هڪ ڀرپور سَگهَه سان سرگرم ٿي. ماڻهو اڳتي هلي پنهنجي ڌنڌن جي لحاظ کان، يا پنهنجي نسلي لحاظ کان ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهائجڻ شروع ٿيا؛ جيڪا انهن ماڻهن جي اڳتي هلي سُڃاڻپ بڻجي ويئي. ماڻهو انهيءَ سُڃاڻپ تي فخر به ڪرڻ لڳا، جنهن سبب سنڌ ۾ ذاتين جي بُنياد تي مثبت ڪم ڪرڻ جي چٽاڀيٽيءَ جو رُجحان پيدا ٿيو. انهيءَ چٽاڀيٽي سبب چڱاين ڪرڻ ۽ نامور ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو، جنهن رُجحان سبب سنڌي سماج انساني قدرن جي اعليٰ معيار طرف ارتقا ڪرڻ لڳو. سنڌي قوم ۾ خاص طور چار طبقا پنهنجي ڌنڌن جي لحاظ کان اُسريا ۽ مضبوط ٿيا،جن ۾ هڪڙو طبقو واپارين جو هو، جيڪي شهرن ۾ رهندا هئا. ٻيون طبقو هارين ۽ آبادگارن جو هو، جيڪي ڳوٺن ۾ هارپي۽ مال ڌارڻ جو ڪم ڪندا هئا. ٽيون طبقو اُٺن تي بار لَڏي ڳوٺن کان سامان شهرن تائين پُهچائيندو هو. هن طبقي ۾ واپاري ۽ اُنهن جا گُماشتا به شامل هئا. هن طبقي جا ماڻهو خشڪيءَ جي رستن تي روان دوان هوندا هئا. چوٿين طبقي جا ماڻهو وري ڍنڍن ۽ دريائي وهڪرن تي مڇيءَ جو شڪار ڪري اُها مڇي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڪڻي روزگار ڪَمائيندا هئا. انهن ماڻهن پوءِ اڳتي هلي ٻيڙيون ۽ وڏا غوراب به ٺاهيا ، جنهن ذريعي هو درياهي رستن ۽ سامونڊي سفرن تي به نڪرڻ شروع ٿيا ، ائين سنڌ جا واپاري لاڳاپا خشڪي رستن کانسواءِ آبي گذرگاهن ۽ سامونڊي رستن ذريعي ڏيساورن تائين پهتا . جنهن سان سنڌ جي ساحلي ڪنارن تي بندرگاهه جڙيا ۽ شهر به آباد ٿيڻ لڳا . شاهدي طور موهن جي دڙي مان ڪجهه وڏن پٿرن مان سوراخ نڪتل لنگر جا پٿر به کوٽائي دوران لڌا ويا هئا . جن جو ذڪر پڻ موهن جي دڙي جي کوٽائي وارين رپورٽن ۾ موجود آهي . اهڙي ريت مختلف ڌنڌن جي بُنياد تي ورهايل اهي طبقا وسيلن جي گهڻائيءَسبب نهايت خوشحال هئا. خوشحاليءَ سبب منجهن ڪي به سماجي ٽڪراءَ نه ٿيندا هئا. هو نهايت ميٺ مُحبت سان امن ڀريي ماحول ۾ رهندا هئا، جنهن سبب منجهن اخلاقي تعميري ماحول جُڙي پيو. انهيءَ امن واري ماحول ۾ تخليقي سرگرمين ۾ به اضافو ٿيو. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پئنچائتي نظام جڙيو، اوطاقون آباد ٿيون، ۽ سماجي اخلاقي ضابطا ۽ اصول به ٺهڻ لڳا. اهو ئي سبب هو جو هتي ڪي مضبوط مذهبي ضابطا نه جُڙيا ۽ نه ئي ڪنهن مذهبي انتهاپسنديءَجو رُجحان پيدا ٿيو.هتي صرف انسانيت جي بُنياد تي اخلاقي خودرو طور تي قدر جُڙيا هئا، جيڪي ماڻهن جي پنهنجي ميل ميلاپ ۽ محبتن مان ڦُٽي نڪتا هئا. عقلمنديءَ ۽ ڏاهپ جو قدر هوندو هو، ماڻهو اخلاق، محبت، علم، سخا، مهمان نوازي، انساني همدردي ، هُنرمنديءَ، وفاداريءَ، بهادريءَ۽ سهپ جي بُنياد تي هڪٻئي سان مُحبت ڪندا هئا. جنهن ماڻهو منجهه اهي سڀ خوبيون موجود هونديون هيون، سو سڀني لاءِ قابل احترام هوندو هو. اهڙي ماڻهوءَ جي سڀ عزت ڪندا هئا، انهيءَ جي ڳالهه مڃيندا هئا، ۽ انهيءَ جي چوڻ ۾ رهندا هئا. ائين هنن کي ڪنهن مذهبي اداري جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي. اهوئي سبب آهي، جو اسان کي آمري، موهن جي دڙي يا ٻين قديم شهرن جي دڙن ۾ ڪنهن به قديم مذهبي اداري جا آثار نه مليا آهن. موهن جي دڙي يا ٻين ڪجهه قديم دڙن ۾ پوئين دور جي مٿين آثارن ۾ ٻُڌ مذهب، يا ڪٿي هندو ڌرم جي مندر، جين ڌرم جي مندر يا مسلم دور جي مسجدن جا آثار مليا آهن، جيڪي بعد جا آهن. شروعاتي آثارن ۾ اهڙا نشان نه ٿا ملن. هتي گڏيل پئنچائتي ۽ سماجي جمهوري قدرن جي آبياري ٿي. اوطاق ڪلچر جي رُجحانن سنڌي سماج جي بُنيادن ۾ راءِ جو احترام ۽ گڏيل صلاح مصلحت، همدردي ۽ گڏجي ڪجهه ڪرڻ جا عنصر وڌيڪ سگهارا ڪيا. جنهن سبب سنڌي تهذيب وڌيڪ سگهاري ٿي. اهوئي سبب آهي، جو سنڌي تهذيب جا قديم آثار دنيا کي حيرت ۾ وجهڻ جي ڇِڪ رکن ٿا.
سنڌ جي ماڻهن ۾ فطرت دوستي، ۽ فطرت سان پيار ڪرڻ جو عنصر وڌيڪ موجود هو. هو زمين، پهاڙن جي اوچائي، سج، چنڊ، هوا، پاڻي، ڪڪرن، گلن، خوشبوءَ، ڇانَوَدار وڻن، ۽ ميويدار وڻن سان پيار ڪندا هئا، ساهوارن ۾ نانگ، مڇي، واڳون، مور، ڪانگ، ڪبوتر، ڪويل، ڍولير پکي، مالهاري پکي ، جيتن ۾ پوپٽ، ڀنڀوري، ۽ ماکي، جانورن ۾ ڀولڙن، ڳئون ۽ هر کيڙيندڙ ڍڳن کي مارڻ عيب سمجهندا هئا. اُن کانسواءِ هو انڊلٺ جي خوبصورت رنگن، سُڪار جي ديوتا يڪشرنگ يعني هڪ سِڱي ڍڳي کي خوشحاليءَ جو اُهڃاڻ سمجهندا هئا. ماڻهن ۾ وري وڏي عمر جي پيرمردن، عورتن، ماءُ، پيءُ، ۽ بُزرگ عزيزن جو بيحد احترام ڪرڻ سندن فرضن ۾ شامل هو. ننڍڙن ٻارن سان پيار ۽ راهه ويندڙ مسافرن، بيمارن، اڙيالن يا ڏکويل ماڻهن جي ڏُکن ۽ تڪليفن کي پنهنجو ڏُک ۽ تڪليف سمجهي ساڻن همدردي ڪندا هئا ۽ مرده لاشن ۽ قبرن جو احترام ڪندا هئا. انهن کي بگاڙڻ يا لتاڙڻ سندن آڏو وڏو ڏوهه هو. کاڌي پيتي جي شين ۾ کير، ڏونگهي ۽ ناريل يا پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيل ڀاڄين کي وڪڻڻ سندن رِواج جي خلاف هو. انهن مان ڪن شين جي محبت اڳتي هلي انتها جون حدون ٽپي پوڄا جو روپ به ورتو. اهڙين شين جون مورتيون ٺاهي، گهرن ۾ به رکيون ويون يا چِٽسالي ۽ ڀرت ۾ انهن کي ياد رکيو ويو، پر انهيءَ عقيدت ۾ انتهاپسنديءَ جو ڪو به عنصر موجود نه هو. سندن محبت، احترام ۽ عقيدت ۾ خوبصورتي، خوشحالي، همدردي، طاقت، ۽ فطرت جي حُسن جا عنصر وڌيڪ حاوي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ترقيءَ جو اهو سفر جاري هو، سنڌي تهذيب مضبوط سماجي رُجحانن سبب تيزيءَ سان ارتقا پذير هئي، ته اوچتو وري هماليا کان موسمي برساتن، ۽ هندي سمنڊ مان اُٿندڙ سامونڊي طوفانن جو سلسلو شروع ٿي ويو.اهي برساتون ايتريون تيز ۽ طوفاني هونديون هيون، جو برساتي موسم ۾ هماليا کان ايندڙ پاڻيءَ جا ۽ سامونڊي طوفانن جي پاڻيءَ جا وهڪرا ڳوٺ ۽ شهر نه صرف ٻوڙي ڇڏيندا هئا، پر اُهي ڳوٺ ۽ شهر مٽيءَ يعني ريٽ ۾ پورجي ويندا هئا. جنهن سبب سنڌ جي ڊيلٽائي علائقن جا ڳوٺ ۽ شهر مُسلسل ٻوڏن ۽ طوفانن جو شڪار ٿيا. موهن جي دڙي يا ٻين قديم شهرن جي بار بار تباهيءَ جو ڪارڻ به اُهي موسمي برساتون ۽ طوفان هئا، جنهن ڳالهه جي شاهدي موهن جي دڙي جي کوٽائيءَجي رپورٽن ۾ تفصيل سان موجود آهي. انهيءَ موسمي برساتن جي ٻئي دور ۾ ڪوهستان جي برساتن جو پاڻي اوڀر طرف ڊيلٽا جي ڀَرجي ٺهڻ سبب موجوده هندي سمنڊ کي ڀَريندو رهيو. ڪجهه پاڻي آسپاس جي هيٺاهين وارن علائقن کي خوبصورت ڍنڍن ۾ بدلائيندو رهيو، جنهن جي شاهدي ڪوهستان جي اُتر ۾ حمل ڍنڍ، ۽منڇر ڍنڍ ،۽ سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ ڪينجهر ڍنڍ، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي موجود خوبصورت ڍنڍون ڏيئي رهيون آهن.
برساتن جي بار بار تباهيءَ نيٺ ماڻهن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو. ڊيلٽائي علائقن مان ماڻهن جي لڏپلاڻ سندن ڌنڌن جي حساب سان ٿي. واپاري ۽ شهري طبقو مٿي اُترين علائقن ڏانهن روانو ٿيو، جن اُتي ٽيڪسيلا ۽ ٻيا شهر وڃي آباد ڪيا. ساڻن هُنرمند، فنڪار، پڙهيل لکيل ماڻهو، ڪجهه هاري ۽ پورهيت به گڏجي اوڏانهن روانا ٿي ويا. مڇي مارڻ وارن مُهاڻن، ملاحن، ماڇين ۽ ساٽين وغيره وڃي ڍنڍن، دريائي وهڪرن ۽ سامونڊي ڪنارن وارا علائقا آباد ڪيا. باقي اُٺن وارن جتن، چوپايو مال ڌاريندڙ ماڻهن ۽ ڪجهه اُنهن هارين، جيڪي مالوند ڀاڳيا به هئا؛ تن وڃي ڪوهستان جا جابلو سلسلا وسايا. ڪوهستان ۾ هن نئين ماڻهن جي اضافي سان انساني آباديءَ۾ واڌ ٿي، جنهن سبب ڪوهستان جا سمورا جابلو علائقا ماڻهن سان ڀرجي ويا. ائين بلوچستان ۾ لسٻيلي، مڪران،خضدار ۽ تُربت تائين ماڻهن جون آباديون وڌي ويون. اُتي انهن ماڻهن جون ڪارگذاريون ڪيئن رهيون، تن جي خبر ته بلوچستان ۾ موجود شاهدين کي ڏسڻ سان پوندي. جتي پڻ محققن کي وڃي مُشاهدا ڪري، نتيجا منظرعام تي آڻڻ گهرجن.اُتي جيڪڏهن ڪنهن اداري يا محقق کي مُشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو، ته اُتي ماڻهن جي ڪارگذارين جا نشان ڏسي، اڳتي هلي ڪي وڌيڪ اندازا به لڳائي سگهبا. باقي بنا ڏسڻ جي انهيءَ بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، انهيءَ ڪري وري سنڌ جي ڪوهستان جي ڳالهين کي اڳتي وڌائجي ٿو.
ڪوهستان۾برساتن سبب ڊيلٽا مان ٿيل نئين لڏپلاڻ سبب ڪوهستان جي آبادي وڌي ويئي، جنهن ڪري جبلن جي وچ واريون واديون مختلف نسلن ۽ ذاتين جي بُنياد تي ورهائجي ويون. هر هڪ وادي يا علائقي تي هڪ ذات يا نسل جو قبضو ٿي ويو، پر امن پسند ماڻهن جي وچ ۾ انهيءَ والار تان ڪن ٽَڪرائن جو ثبوت نه ٿو ملي. ڇو ته ماڻهو گهٽ ۽ ايراضي وڏي هئي، سڀڪو انهن وادين جي محدود پيداوار تي پنهنجي چوپائي مال جي آڌار تي گذران ڪرڻ لڳو؛پر انهيءَ لڏپلاڻ سان سماجي ارتقا جو تيزيءَ وارو سفر ماٺو ٿي ويو. ڪافي ترقي يافتا ۽ هُنرمندطبقو واپارين سان گڏ ٽيڪسيلا ۽ ٻين شهرن ڏانهن روانو ٿي ويو، انهيءَ ڪري ڪوهستان جا ماڻهو ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويا. ڪجهه عرصي بعد هماليا کان ايندڙ موسمي برساتون گهٽجي ويون،جنهن ڪري ٻيهر ڊيلٽائي علائقو نئين نموني سان ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي ويو.
ڊيلٽائي علائقي جي خوشحاليءَجا اَثر ڪوهستاني ماڻهن تي به پيا.اُٺن وارن جتن خشڪيءَ جي رستن تي سفر روان دوان رکيو. سنڌ جي ڊيلٽائي علائقي مان واپاري قافلا ايران کان ٿيندا اولهه وارن ملڪن ۽ اوڀر هندستان ڏانهن هلڻ لڳا. ڪوهستان مان هڪڙا قافلا سيوهڻ کان لس ٻيلي، مڪران کان ٿيندا، ايران ۽ عرب مُلڪن ڏانهن وڃڻ لڳا. ٻيا واپاري قافلا وري سيوهڻ کان ديبل بندر ڏانهن وڃڻ لڳا. ٽيان واپاري قافلا سيوهڻ کان نِڪري سنڌ جي ڪوهستان جي وچئين جابلو سلسلي مان ٿيندا، ڏاکڻين سنڌ جي ساحلي بندرگاهن واري اولهه ۽ ڏکڻ وارن ملڪن کي ملائيندڙ شاهي رستي ۾ داخل ٿيندا هئا.سنڌ جو هي ڏاکڻيون شاهي رستو هندستان کان رڻ ڪڇ جو پاسو وٺي بدين ۽ ٺٽي مان گُذري ٺٽي جي ڪوهستان مان ٿيندو، ڪراچي ڪوهستان کان مڪران ۽ پوءِ اولهه وارن ملڪن ڏانهن ويندو هو. هي سنڌ مان گذرندڙ وڏي واپاري شاهراهه هئي. هڪ طرف سامونڊي بندرگاهن سان لاڳاپا، ته ٻئي طرف خشڪيءَ جي رستن سان ڳانڍاپي هن رستي کي مسلسل واپاري قافلن جي مصروف گذرگاهه بڻائي ڇڏيو. جيئن ته هي رستو سنڌو نديءَ جي وهڪرن کان سواءِ ڪوهستاني ندين ۽ ڍورن جي ڇوڙ وارن علائقن مان گذرندو هو، انهيءَ ڪري هن رستي تي پاڻيءَ جي خوبصورت ڍنڍن، ندين ۽ ڍورن جي پاڻيءَ ۽ قدرتي جابلو چشمن جي پاڻيءَ، هن رستي تان گذرندڙ قافلن جي پاڻيءَ جون ضرورتون پوريون ڪيون ٿي. خشڪ ساليءَ جي وقتن ۾ به ڪوهستاني ندين ۽ ڍورن ۾ ٿورو کوٽائي ڪرڻ سان به پاڻي ملي ويندو هو. هن رستي جي جابلو سلسلن ۾ قدرتي پاڻيءَ جي نه کٽندڙ چشمن جو پاڻي به مسافرن لاءِ وڏي نعمت هوندو هو. انهيءَ ڪري هي رستو صدين تائين قائم رهيو، جنهن سان سنڌ جا واپاري لاڳاپا ڪافي پري وارن ملڪن تائين قائم ٿي ويا. انهن لاڳاپن هئڻ سبب سنڌ واپار ذريعي هتان جون شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ ٻاهران ضرورت جون شيون هتي آڻڻ سبب، شين جي کوٽ ۽ ڏڪارن کان آجي ۽ خوشحال رهي. سنڌ جي هُنري شين جي ٻاهر وڃڻ سبب هتي هُنرن ۽ ڪاريگريءَ کي به وڏي هَٿي ملي. واپاري قافلن جي اچ وڃ سان ڪوهستان جا شهر وري اوج وٺڻ لڳا. ڪوهستان مان گيهه، چمڙو، ۽ مال ڊيلٽائي علائقن ڏانهن وڃڻ لڳو. ٻيهرڊيلٽائي ماڻهن ۽ ڪوهستاني ماڻهن جي ميل جول سان لاڳاپا وڌيا. سنڌ جي خوشحاليءَ جون ڳالهيون ايران کان يونان تائين پهتيون، ته سڀ کان پهريائين يونانين سنڌ تي ڪاهون شروع ڪيون.
يونان جي قديم تاريخ نويسن ايرين، اسٽريبو، ڪرٽيس، ڊايو ڊورس، جسٽن، پلو ٽارڪ، فرنٽينس، پيريپلس، پانني، ٽالمي، مئگسٿينز، ۽ سڪندر جي سامونڊي فوج جي اڳواڻ نيئارڪس جا لکيل ڪتاب موجوده دور ۾ به وڏي اهميت رکن ٿا. مٿين ذڪر ڪيل سمورن تاريخ نويسن جي ڪتابن جي لکڻين موجب، يونان جا نهايت سگهارا حڪمران اوسيرس، هرڪيولس، ۽ ڊايو نيس پنهنجي پنهنجي دور حڪومت ۾ تمام وڏا لشڪر وٺي، پوري يوناني عسڪري سگهه سان سنڌ تي حمله آور ٿيا، پر بهادر سنڌي جوڌن جي سامهون سندن دال نه ڳري ۽ بد ترين شڪستون کائي واپس وريا. هڪ قديم يوناني مورخ ’اسٽريبو‘ جيڪو تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو ماهر هو. هي عيسوي سن کان به ٽيهٺ ورهيه اڳ يونان جي پانٽس صوبي جي اميسيا شهر۾ ڄائو، ۽ پنهنجو مشهورڪتاب ’گريڪ اينڊ ورلڊ هسٽري‘ لکيو. هن ڪتاب جا ٽوٽل سترهن جُلد آهن، جُلد نمبر پندرهين ۾ سنڌ ۽ هند بابت تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ جُلد ۾ هن يونان جي قديم حڪمرانن،اوسيرس، هرڪيولس، ۽ ڊايونيس جي سنڌ تي ڪاهه ۽ سندن بدترين شڪستون کائي واپس موٽڻ جو مختصر احوال لکيو آهي.اهي يوناني حملا سنڌ جي ڪوهستان واري الهندي سرحد کان ڪيا ويا هئا. ڪوهستان جي مضبوط قبائلي نظام ۾ رهندڙ ماڻهن، ڊيلٽائي ماڻهن جي مدد سان انهن کي عبرتناڪ شڪستون ڏنيون.ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي اهو لکيل آهي ته، ”يونانين جي طاقت جي علامت سمجهي ويندڙ راڻي سميرامس ٽن سالن جي جنگي تياريءَ سان سنڌ تي حملو ڪرڻ وقت به اڳوڻين شڪستن کي نظر ۾ رکندي، ڪوهستاني رستي بجاءِ سامونڊي ٻيڙن رستي ڀنڀور تي حملو ڪيو هو. جنهن جو سنڌ جي انهيءَ وقت جي حاڪم راجا اسٽاروبيٽس بهادريءَ سان مقابلو ڪيو.“ بُري طرح شڪست کاڌل يوناني راڻي سميرامس ڪوهستان مان واپس رواني ٿي. ساڻس گڏ هارايل يوناني فوج جو ڪجهه تعداد به هو. انهيءَ فوج کي ڪوهستاني ماڻهن ڪوهستان جي جبلن ۾ ئي ماري تباهه ڪري ڇڏيو. يوناني راڻي سميرامس کي عورت هئڻ جي ناتي صرف ڪجهه ماڻهن سان گڏ زندهه ڇڏيو ويو. انهيءَ کان پوءِ يونانين طرفان سنڌ کي حملي آورن لاءِ موت جي وادي قرار ڏنو ويو، جنهن بابت يوناني قديم شاعريءَ ۾ ڪافي ذڪر موجود آهي. ان بعد وري ڪنهن به يوناني فوج ڪوهستان مان گذرڻ جي همت نه ڪئي. يونانين طرفان سنڌ تي پنجون حملو ڪندڙ سڪندر اعظم به ڪوهستان مان گذرڻ بجاءِ، خيبرلڪ کان حمله آورٿيو، ڇاڪاڻ ته ڪوهستان مان گذري سنڌ تي حملا ڪرڻ ۽ عبرتناڪ شڪستون کائڻ جا اڳوڻا قصا هو ٻُڌي چڪو هو. هو جڏهن سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيو ته کيس سخت مزاحمت جو مقابلو ڪرڻو پيو . سنڌ جي حاڪمن ته ميدان جنگ ۾ هن اوچتي ۽ منظم فوج سان مقابلا ڪندي وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون . پر سنڌ جي عام ماڻهن يوناني فوج سان وک وک تي مزاحمت ڪئي . نتيجي ۾ گنجي ٽڪر لڳ پاتال جي شهر پهچڻ وقت وري هڪ سامونڊي تيز طوفان آيو . جنهن ۾ سندس لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو . پاتال کان سنڌودرياهه جون ڇاڙون سوڙهيون هئڻ سبب ، سڪندر جي فوج مختلف وهڪرن ۾ پنهنجا ٻيڙا لاهي هڪٻئي کان ٽٽي ويئي . سڪندر خود هڪ ننڍي فوجي دستي سان درياهه جي هڪ ڇاڙ ۾ ٻيڙين ذريعي وڏي مشڪل سان موجوده چوهڙ جمالي لڳ ابن شاهه جي ٽڪري تي پناهه ورتي .. ائين هن دربدري جي حالت ۾ سنڌ مان بُري طرح شڪست کائڻ کانپوءِ واپسي جو سانباهو ڪيو . رات جي اونداهي ۾ سنڌ جي خوشحال شهر ڀنڀور تي شب خون هڻي ڦُرلٽ ڪري، جڏهن هو لسٻيلي جي رستي تان واپس ايران ڏانهن ويو پئي، تڏهن ڪوهستان مان تيز رفتاريءَ سان ڀڄڻ جي باوجود به ڪوهستان مان گُذرندي سندس وڏي تباهي ٿي، جنهن جو ذڪر يوناني تاريخن۾ موجود آهي. انهن تاريخن ۾ اهو به لکيل آهي، ته سڪندر اعظم ايران پهچڻ تائين سنڌ مان بدترين شڪست سبب ذهني مريض ٿي ويو هو ۽ چوندو هو ته، “سنڌين سان جنگ ڪرڻ ڪنهن شينهن جي وات ۾ هٿ وجهڻ برابر آهي.” سڪندر جي تباهيءَ جو ڪجهه احوال هن کان اڳ گَنجي ٽَڪر جي احوال ۾ اچي چڪو آهي. ان کان پوءِ وري ڪنهن به يوناني حڪمران سنڌ تي حملو ڪرڻ جي همت نه ڪئي ۽ يونانين سنڌ تي حملا ڪرڻ کان هميشه لاءِ توبهه ڪئي.
يونانين بعد وري سنڌ جي خوشحالي ايران جي حڪمرانن کي سنڌ تي ڪاهون ڪرڻ لاءِ هِرکايو. ايراني حملي آور جڏهن سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪوهستان مان گذريا، ته هتان جي ماڻهن وطن جي حفاظت لاءِ سخت مزاحمتون ڪيون، جن سان تاريخون ڀريون پيون آهن. ايرانين جي لاڳيتن حملن جو سڌو دٻاءُ به ڪوهستان تي پيو هو، جنهن کي ڪوهستان جي ماڻهن ناڪام بنايو. شايد انهن ايراني حملن کي روڪڻ لاءِ ئي رنيڪوٽ جي تعمير ٿي. دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي قديم قلعي جي اڏاوت، سنڌين جي همت، محنت، وطن سان محبت ۽ تعميراتي مهارت جو چِٽو ثبوت آهي. افسوس اهو آهي، ته دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي قلعي بابت به ڪا سنجيدهه تحقيقات نه ڪئي ويئي آهي. صرف ڪجهه تفريحي ڪانفرنسون ڪري بار لاٿو ويو آهي.جيڪڏهن موقعو مليو، ته رني ڪوٽ جي لِڪل رازن کي به اڳتي هلي منظر عام تي آڻبو؛ جيڪو پڻ هڪ تمام وڏو ڪم آهي. جنهن کي دنيا اڳيان آڻڻ جي پڻ ضرورت آهي،ڇو ته رنيڪوٽ ۾ به ڪَئين قديم تهذيبي دور لِڪل آهن. هن علائقي ۾ انهيءَوڏي قلعي کانسواءِ به قديم غارون، ڪيتريون ئي پنڊپهڻ ٿيل شيون، جبلن جي ساخت، قديم دور کان اڄ تائين وهندڙ بهترين پاڻيءَ جي چشمي تي حياتيءَ جا ڪَئين رنگ مُحققن جي انتظار ۾ آهن.
بهرحال انهيءَ ڳالهه کي اتي ڇڏيندي، ڪوهستان جي ٻين ڳالهين کي اڳتي وڌايون ٿا. هماليا جي برساتي سلسلي جي ماٺار کانپوءِ وري سنڌو ڊيلٽا ۾ سنڌي تهذيب نهايت سگهاري انداز سان اڳتي هلي ارتقا پذير ٿي. سنڌ جا اوٺي ۽ جت قبيلا خشڪيءَ رستي واپاري قافلا سنڌ کان پرڏيهه موڪليندا رهيا، جڏهن ته ملاح وري ٻيڙيون ۽ غوراب ٺهرائي، ڏيساور ڏورڻ لڳا. اولهه وارن مُلڪن طرف سنڌي ماڻهن پنهنجون واپاري مَنڊيون قائم ڪيون، موصل ۽ بصري جهڙا شهر آباد ڪيا.عرب مورخن پنهنجن ڪتابن ۾ اهڙو ذڪر ڪيو آهي. جيئن بصره شهر جي تاريخ بيان ڪندي، محمد بن سعد پنهنجي تصنيف ڪتاب ’الصحابه‘، ۽ محمد بن الجرير پنهنجي ڪتاب ’تاريخ الرسل الملوڪ‘۾ لکيو آهي، ته؛ “ 635ع ڌاري بصره شهر جو بُنياد پيو، ان کان اڳي انهيءَ جاءِ تي ابله‘ نالي هڪ تمام وڏو ڳوٺ هو، جتي سنڌي واپاري رهندا هئا، انهن ئي اهو ڳوٺ ٻَڌو هو. ”
عرب تاريخدان جاحظ پنهنجي ڪتاب ’عجائب البلدان‘ ۾ لکي ٿو ته، ”صرف بصره شهر ۾ سنڌ مان جيڪي شيون اچن ٿيون، انهن جي ماليت هڪ ڪروڙ پندرهن لک درهم ساليانو آهي. سنڌ مان ايندڙ مال جو وچور هن ريت آهي: ڪڻڪ، هاٿي، ڪمربند پٽا، رومال، عود، اگر، گگر، هر قسم جا عطر ۽ خوشبوءِ دار تيل، جُتيون، مصالحا، داليون، گيهه، ۽ ڪپڙو وغيره.“ اهڙيءَ طرح سنڌ جي جَتن ۽ ملاحن قافلا ڪاهي ڪَئين ڏيساور ڏوريا. ڪوهستان مان ايران ۽ عرب دنيا ڏانهن ويندڙ سمورا رستا گذرندا هئا. ڪوهستان واري ڀاڱي مان به هڪ رستو سيوهڻ مان نڪري مڪران ويندو هو ۽ ٻيو رستو سيوهڻ کان ديبل بندر ڏانهن ويندو هو. ٽيون رستو سيوهڻ کان نڪري جبلن جي وچ مان گذري سنڌ جي بندرگاهن واري مڪران ۽ هندستان واري شاهي خشڪي رستي سان ملندو هو. انهن رستن تان ڪوهستاني جَت قافلا آڻيندا ۽ نيندا هئا. واپارين جا قافلا ڪوهستاني اڙانگن رستن سبب صبح کان شام تائين گهڻوسفر ڪري نه سگهندا هئا. صبح جو نڪتل قافلا منجهند تائين پنڌ ڪندا هئا، ۽ پوءِ مانجهاندي جي ساهي کڻندا هئا. رستن تي مقرر انهن مانجهاندي ڪرڻ وارين جاين کي پاڻون يا ٽاڻون سڏيندا هئا،جتي پڻ مسافرخانا ۽ ننڍا شهر موجود هوندا هئا. جتي قافلي وارن کي ضرورت جون شيون ملي وينديون هيون. وري ساهي کڻي سفر بعد ٻي مقرر جاءِ تي رات جو وڃي تَرسندا هئا. انهيءَ رات رهڻ واري جاءِ کي ٿاڻو سڏيندا هئا. اهڙيءَ ريت ٻن ٿاڻن جي وچ ۾ ڏينهن جو پنڌ هوندو هو. انهيءَ حساب سان سنڌي فرسخ 8 ميلن جو هو، هڪ ڏينهن جي مسافري ٻه سنڌي فرسخ هوندي هئي. جڏهن ته عربن جو فرسخ هڪ ميل جو هوندو هو. انهن ٿاڻن وارن ماڳن تي شهر هوندا هئا، جيڪي وڏا واپاري مرڪز پڻ هئا. انهن ٿاڻن جي باقيات جي نشاني طور پوءِ اڳتي هلي ملڪ خاندان جي وڏڙن به پنهنجي آباد ڪيل شهرن يا ڳوٺن کي ٿاڻو سڏيو. اهڙا ڪوهستان ۾ سندن وڏڙن جا آباد ڪيل ڪجهه ٿاڻا، ٿاڻو عارب خان، ٿاڻو احمد خان ۽ ٿاڻو بولاخان اڄ به موجود آهن.
ڪوهستان ۾ ڪي به مذهبي لاڙا نه هئا، جي هئا تڏهن به اهي ماڻهن جي ذاتي عقيدت يا عبادتن تائين محدود هئا.هتي تاريخ جي ڊگهي عرصي تائين مذهبي اثرنه رهيا، هندو ڌرم نه هئڻ جي برابر هو.البت ڪوهستان ۾ ٻُڌڌرم جي هجڻ جا نشان تاريخ جي ڪتابن ۾ ملن ٿا. سنڌ ۾ ٻُڌڌرم جو ڪنهن زماني ۾ وڏو اوج رهيو، جنهن جا اثر ڪوهستان تي به پيا. سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم جي اوج جي شاهدي انهيءَ ڳالهه مان ملي ٿي، ته ٻُڌڌرم بابت ڪتاب ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ چيني عالم ۽ ياتري ’هيون تسانگ‘ سنڌ ۾ آيو هو.هيون تسانگ 629ع ڌاري چين کان هتي پهتو. حالانڪ هيونت سانگ گَنجي ٽَڪر کانسواءِ باقي ڪوهستان ۾ نه آيو هو، پر گَنجي ٽَڪر تي هن ٻُڌ ڌرم جي ڪيترن ئي سنگهاسن، آشرمن ۽ اسٽوپائن جو ذڪر ڪيو آهي. ان کانسواءِ هن سنڌ جي ڊيلٽائي علائقن ۾ به موجود ٻُڌ ڌرم جي پوڄارين جي سرگرمين بابت لکيو آهي. هيونت سانگ جي ڳالهين جي شاهدي گنجي ٽڪر جي لڳ اوڀر طرف ٻڌڌرم جي مشهور اسٽوپا سُڌيرن جو ٺل ، حيدرآباد روڊ جي متاري هوٽل کان ڪڙيو گهنور ويندڙ روڊ جي اتر طرف ڪجهه فاصلي تي ڪاٺ ٻانڀڻ جي تاريخي آثار تي موجود اسٽوپا ، انهي ئي روڊ جي وري ڏکڻ طرف ڳوٺ موريو لغاري جي ڀرسان اسٽوپا ، جيڪو 2015ع تائين موجود هو ، پرهن وقت ڳوٺاڻن انهي اسٽوپا واري زمين کي والارڻ لاءِ انهي آثار جو وجود ئي ميساري ڇڏيو آهي . ۽ گنجي ٽڪر سلسلي جي هڪ جبل ٻُڌڪا ٽڪر جتي پڻ مهاتما گوتم ٻڌ جون ڪيتريو ئي مورتيون ۽ بت ملي چڪا آهن . مان ملي ٿي . بحرحال سندس لکيل ڪتاب مان سنڌ ۾ ٻُڌڌرم جي اوج جي شاهدي ملي ٿي.
عربن جا سڀ حملا به اولهه واري سنڌ جي سرحد تان ٿيا، جيڪي ڪوهستان جي وطن دوست ماڻهن سخت مزاحمت ڪندي ناڪام بنايا. آخرڪار سنڌ جي ڪوهستان ۾ ٻُڌڌرم جي اَثر هجڻ سبب عربن هندوڌرم ۽ ٻُڌڌرم جي تضادن جو فائدو وٺندي، سنڌ کي فتح ڪيو. جيئن ته راجا ڏاهر جو تعلق هندوڌرم سان هو، ۽ڪوهستان ۾ وري ٻُڌڌرم جو اَثر وڌيڪ هو. عربن جي سازشن سان سنڌ ۾ ٻُڌڌرم ۽ هندوڌرم ۾ وڏا تضاد پيدا ٿيا، جنهن نتيجي ۾ ڪوهستان جي ماڻهن عربن جي مدد ڪئي. جنهن ڪري عرب سنڌ تي قابض ٿيا، جنهن ڳالهه جي شاهدي عرب مورخ ڏين ٿا. مثال طور احمد بلاذري جي لکيل ڪتاب ’فتوح البلدان‘ جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته عرب مسلسل ڪيتري عرصي کان سنڌ تي قبضي ڪرڻ جا خواهشمند هئا. ڊگهي عرصي کان ڪيترين جنگين لڙڻ جي باوجود به هو سنڌ تي قبضو نه ڪري سگهيا هئا. پر سنڌ ۾ هندو ڌرم ۽ ٻُڌڌرم جي مڃيندڙ ماڻهن جي نَفاق سبب، ٻُڌ ڌرم وارن جي ساٿ سان عرب سنڌ کي فتح ڪري سگهيا. سنڌ ۾ جيڪڏهن مذهبي نَفاق نه ٿئي ها، ته عربن لاءِ سنڌ تي قبضو ڪرڻ ناممڪن هو. پرموٽ ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ عربن بيوفائي ڪري ٻُڌڌرم کي مڃيندڙ سمورن ماڻهن کي ڪوهستان ۾ ڌڪي ڇڏيو. انهيءَ ڪري ڪوهستان جي سنڌي ماڻهن جي مزاج ۾ ٻُڌڌرم جي مذهبي اَثرن جو عڪس نظر اچي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪوهستان ۾ ماڻهن جي مزاج کان سواءِ ڪجهه ٻُڌڌرم جا آثار به ڪوهستان ۾ نظر اچن ٿا. جن ۾ ڪوهستان جي ڪافي جاين تي پَٿر جا وڏا زمين ۾ کُتل ڊگها ٿَنڀا حيرت ۾ وجهندڙ آهن. جن تي ڪا لکيت به موجود هئي، جيڪا زماني جي گردش سبب ميسارجي ويئي آهي. اهي ٿَنڀا جيڪڏهن قديم رستن جي ٽاڻن يا ٿاڻن يا فرسخن جا نشان هجن ها ته، اُهي صرف قديم رستن تي کُتل نظر اچن ها، پر اهي ٿَنڀا ميداني ماٿرين کانسواءِ جابلو بُٺين ۽ سلسلن ۾ به موجود آهن. ڪن کُتل پَٿرن جي اڄ به مقدس حيثيت آهي، جن تي ڏهاڙا به ملهايا وڃن ٿا. انديشو آهي ته اهي به ٻُڌپرست هندستاني حاڪم راجا اشوڪ جا لڳرايل اُهي ٿَنڀا آهن، جيڪي هن هندستان کانسواءِ ڀَروارن ٻين به ملڪن ۾ گوتم ٻُڌ جي يادگارن طور لڳرايا هئا. جن ٿَنڀن لڳائڻ جي هن ٻين ڀَروارن ملڪن جي حاڪمن کان اجازت به ورتي هئي. هيون تسانگ به سنڌ جي حاڪمن طرفان راجا اشوڪ کي اهڙن ٿَنڀن هڻائڻ جي اجازت ڏيڻ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو ذڪر انهن ٿَنڀن بابت تاريخي ثبوت پڻ آهي، اهڙي قسم جا ٻَه پَٿر جا ٿنڀا، جن مان هڪ ٿَنڀو ريڪ لڳ ڳوٺ نبي بخش باريجي جي ڀَر ۾ روهي واري اسٽاپ تي کُتل آهي. انهيءَ ٿَنڀي جي هن وقت به زمين کان ٻاهر اوچائي يارنهن فوٽ ٽي اِنچ ۽ ويڪر ٻاويهن کان ويهه اِنچ آهي. اهڙو ئي هڪ ٿَنڀو سامهون اوڀر طرف ٽَڪري تي جئي لال جي آستان تي موجود آهي، جنهن تي ڏهاڙا به ملهايا وڃن ٿا. هرسال سوين عقيدت مند خاص ڪري هندو لوهاڻا اچن ٿا، جيڪا ڳالهه پڻ توجهه ڇڪائيندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخن ۾ اهو ثابت آهي ته، سنڌي لوهاڻا ٻُڌ ڌرم جا مڃيندڙ هئا. انهن ٿَنڀن جي مُشاهدي مان پڻ انهيءَ ڳالهه جي پڪي شاهدي ملي ٿي، ته ڪوهستان ۾ مختلف جاين تي زمين ۾ کُتل پَٿر جا ٿَنڀا اهي ئي ٿَنڀا آهن، جن جو ذڪر هيون تسانگ ڪيو آهي. جيڪي هندستان جي راجا اشوڪ مها تما گوتم ٻُڌ جي يادگار طور لڳرايا هئا.
انهيءَ ڳالهه جي نبيري لاءِ اهو ضروري آهي، ته زمين ۾ مختلف جاين تي کُتل پٿرن جو جائزو ورتو وڃي. جيئن انهن پَٿرن جي باري ۾ گُهربل ڄاڻ ملي سگهي، ۽ اهڙن کُتل پَٿرن بابت ڪو ابهام باقي نه رهي. سموري ڪوهستان ۾ بلوچستان تائين ۽ دنيا جي ٻين ڪوهستاني علائقن ۾ پَٿر جي کُتل ٿَنڀن جي باري ۾ ذڪر ملي ٿو. جڏهن انهن کُتل پَٿرن ۽ ٿَنڀن جي باري ۾ مُطالعو ڪجي ٿو، ته انهن جا مختلف قسم ۽ هڻڻ جا مقصد به الڳ الڳ آهن. جن مقصدن جي بُنياد تي اُنهن کُتل پَٿرن جي قد ۾ به فرق آهي. هڪڙا پَٿر ڪن تاريخي واقعن جي يادگار طور مختلف دورن ۾ لڳايا ويا، جن ٿَنڀن تي ڪجهه لکيتون به موجود آهن. اهڙن ٿَنڀن ۾ راجا اشوڪ جي ٻُڌڌرم جي ڦهلاءَ لاءِ لڳايل ٿَنڀن جو به شُمار ٿئي ٿو. اهڙي قسم جا ٿَنڀا ويڪرا ۽ گهٽ ۾ گهٽ به ڏهن فوٽن کان وڌيڪ اوچا آهن.انهيءَ رواج کي قائم رکڻ لاءِ ويجهڙائيءَ ۾ به واقعن جي يادگار طور ڪوهستان ۾ ڪجهه پَٿر لڳل آهن، جن کي ڪوهستان جا ماڻهو ماهِيُون سڏين ٿا. ٿَنڀن جو ٻيو قسم ٿَنڀن جي گول شڪل ۾ هنيل دائرن جو آهي، جن کي اسٽون هينج جو نالو ڏنو ويو آهي. جيڪي پڻ ڪوهستان جي ۽ دنيا جي ڪجهه ڀاڱن ۾ موجود آهن. اهڙن ٿَنڀن جو قد ڪو گهڻو ڊگهو ناهي. دنيا جي مختلف جاين تي اهڙن دائرن ۾ کُتل پَٿرن بابت به ڪا مُتفق راءِ جُڙي نه سگهي آهي، پر گهڻي ڀاڱي انهن کي مذهبي رسمن ادا ڪرڻ واريون جايون سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ اهڙا گول دائرا ميداني علائقن ۾ به موجود آهن،جيڪي سِرن سان ٺهيل وڏا گول دائرا ميداني علائقن ۾ سنڌ جي فوجي راند گوءِ جا ميدان سڏيا وڃن ٿا. اهڙو هڪ سِرن سان ٺهيل ويهه فوٽ ويڪرو گول دائرو حيدرآباد، بدين روڊ تي متارو هوٽل کان ڪڙيي گهنور ڏانهن ويندڙ روڊ جي ڏکڻ طرف، ڪجهه مفاصلي تي ڳوٺ موريو خان لغاريءَ جي ويجهو به ڏسڻ لاءِ موجود آهي. ممڪن آهي ته ڪوهستان ۾ سِرن جي رواج نه هئڻ ڪري پَٿر جا ٿَنڀا هڻي اهڙا گول دائرا ٺاهيا ويا هجن، جيڪي اصل ۾ گوءِ راند جا ميدان هجن . جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سبب اسٽون هينج جا دائرا سمجهيو ويو آهي. ٿَنڀن جو ٽيون قسم رستن تي انساني آبادين، پاڻيءَ جي ذخيرن جي ڏَسَ ڏيڻ لاءِ آهي. اهڙا ٿَنڀا قديم رستن جي ڪنارن تي رستن جي انهيءَ پاسي لڳايا ويا هئا، جنهن پاسي اُهي آباديون يا پاڻيءَ جا ذخيرا موجود هئا. اهي ٿَنڀا اڪيلا ۽ قد ۾ اندازي موجب وڌ ۾ وڌ ڏهن فوٽن تائين اوچا آهن. کُتل ٿَنڀن جو چوٿون قسم انهن لڳل پَٿرن جو آهي، جيڪي قديم رستن تي مفاصلي جي ماپ طور لڳايا ويا هئا. اهڙن پَٿرن جو قد پنجن فوٽن کان اوچو ۽ ڏهن فوٽن کان گهٽ آهي. کُتل پَٿرن جو پنجون قسم انهن پَٿرن جو آهي، جيڪي برٽش دور ۾ زمينن جي ڪيل سَروي وقت، جاگيرن، ديهن، ۽ تڪراري ايراضين جي نبيري لاءِ هنيا ويا هئا. اهڙن پَٿرن جو قد پنجن فوٽن تائين يا انهن کان گهٽ آهي، جن کي دَنگ جا پٿر يا ڪوهستان ۾ ڌڙي جا پَٿر سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ سموري جائزي جي روشنيءَ ۾ ڪوهستان ۾ کُتل پَٿرن بابت محققن کي ڪا راءِ قائم ڪرڻ گهرجي.
ڪوهستان ۾ سموري قديم تعميرات پَٿرن سان ٿيل آهي. ڪٿي به ڪنهن تعمير ۾ سِرن جو استعمال ٿيل ناهي، نه ئي ڪوهستان ۾ سِرن ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ٿي؛ ڇاڪاڻ ته جتي پٿرن جا مضبوط بلاڪ هجن، اُتي سِرون استعمال ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ انهيءَ هوندي به ڪوهستان جي ڪجهه جاين تي سِرن سان جوڙيل عجيب و غريب تعميرات موجود آهي. مثال طور تونگ کان 10ڪلوميٽر پري ٽڪي بارڻ واري علائقي ۾ هڪ سِرن سان تعمير ڪيل وڏو قُبو موجود آهي، جنهن کي هتان جا ماڻهو گمبي پير جو گنبذ سڏين ٿا. پر انهي ۾ ڪنهن به قبر جا نشان ناهن . اهو قُبو به حيرت ۾ وجهندڙ آهي، ايترو وڏو اهو گنبذ ڇو ٺاهيو ويو؟ انهيءَ قُبي کي سِرن بجاءِ پَٿرن سان ڇو تعمير نه ڪيو ويو آهي؟ اهي سِرون وڏي مشڪلات سان اُتي ڪيئن پُهتيون هونديون؟ اهڙي وڏي محنت جو ڪارڻ ڪهڙو هو؟ ڇا اهو به ڪو ٻُڌ ڌرم جو وهار آهي، يا ڪو ٻيو يادگار آهي؟ اهي سڀ اهم سوال آهن، جن جا جواب ڳولڻا پوندا. جن تي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙا ٻيا به ڪيترائي آثار ڪوهستان ۾ موجود هوندا، جتي اڃان تائين ڪو محقق نه پهتو آهي.
ڪوهستان ۾ انساني سماج جي ارتقا جي پنجين دور جي شروعات هزارين سال اڳ ۾ ٿي. سنڌو ڊيلٽا ۾ سنڌي تهذيب ترقيءَ جي بلند مينارن کي ڇُهيو. تاريخ جي انهيءَ ڊگهي سفر ۾ ڪوهستان به تمام وڏي موسمي ۽ سماجي ڦير گهير مان گذريو. ڪيترا سماجي لاڙها ۽ چاڙها آيا . جنهن ڦير گهير جو اثر ڪوهستان ۾ رهيو.
سنڌ جي تاريخ جي مٿئين مختصر منظرنامي ۾ ڏسبو ته سنڌ ۾ ڪنهن به مذهبي عقيدي جي انتهاپسندي نه هئڻ سبب سنڌ پوري تاريخ ۾ پنهنجو قومي وجود قائم ۽ دائم رکيو پئي آئي . سنڌي قوم جي اها ايڪتا جي طاقت ئي هئي ،جنهن سبب ڪو به ٻاهريون حمله آور ڪامياب نه ٿي سگهيو . سنڌي سماج ارتقائي ترقي جي ڊوڙ ۾ اسرندو ۽ نسرندو رهيو . پوري تاريخ ۾ صرف عرب ڪيترن حملن ڪرڻ جي باوجود لڳاتار شڪستون کائيندي ، نيٺ هندوڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جي تضادن سبب ، سنڌ جي قومي ايڪتا جي ٽٽڻ بعد ئي ڪامياب ٿي سگهيا . جن جو احوال هن ريت آهي ته ، راءِ گهراڻي جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻڌڌرم پنهنجي عروج کي پهتو . هندو برهمڻ خاندان جي راجا چچ جي حڪومت شروع ٿيڻ سان ئي ٻُڌ ڌرم ۽ هندو ڌرم وچ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ مذهبي تضاد اُڀريا، جن تضادن کي گهٽائڻ لاءِ راجا چچ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي . راجا چچ پنهنجي پوري دور ۾ انهن مذهبي تضادن جي گهٽائڻ لاءِ وڏا حيلا هلايا . وڏين مصلحتن کان ڪم ورتو . پر اهي تضاد اندروني طور جيئن جو تيئن رهيا . راجا چچ بعد راجا چندرسين به سنڌ ۾ ميٺ محبت جي ماحول کي پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي سنجيده ڪوششون ڪيون ، پر ڪو خاطر خواهه نتيجو نه نڪري سگهيو . ان بعد راجا ڏاهر ته ٻڌ ڌرم جي اڳواڻن کي پنهنجي اقتدار ۾ شامل به رکيو ، کين مراعاتون به ڏنيون . خاص عهدا به ڏنا . پر مذهبي تضادن جي اندروني ڇڪتاڻ نه گهٽجي سگهي . انهن اڀريل مذهبي تضادن جو فائدو وٺي عرب سنڌ تي قابض ٿيا. عربن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد سنڌي قوم ايڪتا ۽ قومي ٻڌيءَ جي طاقت وڃائي ويٺي. ان بعد ئي سنڌي سماج جي ارتقا پَستيءَ طرف وڌڻ لڳي. ڪوهستان ۾ انساني تهذيب جو ڇهون دور عربن جي قبضي ٿيڻ سان ئي شروع ٿيو. ڪوهستان جي انساني ارتقا جي هن تاريخ واري ڇهين دور جنهن جي شروعات عربن جي سنڌ تي قبضي بعد، ڪوهستان جي علائقن تي قبائلي راڄوڻي نظام سان ٿي، جنهن جو ذڪر اڳتي ٿيندو.