ڪوهستاني سماج ۾ تبديليءَ جا عنصر ۽ خدشا
ڪوهستان ۾ لڀجندڙ شين جي غير قانوني خريداري : پوري ڪوهستان ۾ مختلف مُلڪن جي نوادرات جي واپارين جا گُماشتا ڦِرندا رهندا آهن، جيڪي تمام سَستن اَگهن ۾ عام ماڻهن کان اُهي شيون خريد ڪري ويندا آهن. جن قيمتي شين جو پوءِ ڪٿي نالو نشان ئي نه ملندو آهي، جيڪا ڳالهه ڪوهستان مان ملندڙ تاريخي شاهدين جو وجود ميساري رهي آهي. ڪوهستاني ماڻهو جيڪي نهايت محب وطن آهن، پر لاعلميءَ ۽ غُربت سبب اُهي شيون اُنهن گماشتن وٽ شوق سان کڻي وڃي وڪرو ڪندا آهن.ٻئي طرف وري هتان جا بااثر ماڻهو اُهي لَڌل قيمتي شيون پرڏيهين کي سوکڙيءَ ۾ ڏيئي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪا ڳالهه به سخت هاڃيڪار آهي. جڏهن ته ڪوهستان ۾ آرڪيالاجي کاتي جو ڪو به مرڪز ناهي، نه ئي ڪو ميوزم ٺهيل آهي، انهيءَ ڪري اها قيمتي نوادرات ۽ قيمتي شيون تيزيءَ سان گُم ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن ڪوهستان جي سمورن شهرن ۾ ميوزم قائم ڪري، اُتي اُهي شيون ماڻهن کان وٺي گڏ ڪجن، ته ضايع ٿيندڙ تاريخي نوادرات ۽ سِڪا محفوظ ٿي سگهن ٿا. اُنهيءَ ڪم لاءِ حڪومت کي ۽ ڪوهستان جي سَرندي وارن ۽ عوامي نمائندن کي اڳيان اچڻ گهرجي، نه ته ٻي حالت ۾ اسانجو تمام قيمتي اَثاثو اسانجي اکين کان اوجهل ٿي ويندو، ۽ مستقبل جي محققن کي کوجنا لاءِ ڪجهه به ملي نه سگهندو.
ڪوهستان ۾ تاريخي شين جي حفاظت لاءِ عوامي رُجحان جي کوٽ : ڪوهستان ۾ تعليمي سهوليتون تمام گهٽ آهن، جنهن سبب تعليمي شعور جي اَڻاٺ آهي. اُنهيءَ ڪري ڪوهستان جا ماڻهو ڪوهستان ۾ موجود تاريخي ماڳن، ٽِڙيل پکڙيل پنڊپهڻن، يا مختلف دورن جي پَٿر جي شين جي تاريخي اهميت کان اَڻ واقف آهن. اُنهيءَ ڪري ٻنين پوکڻ يا مال چارڻ وقت سندن دست اندازيءَ سان ڪوهستان ۾ موجود اُهي تاريخي شاهديون برباد ٿي رهيون آهن. مثال طور ڪوهستان ۾ لڳل تاريخي پَٿر جا ٿَنڀا به عام ماڻهو انهن اصلي جاين تان کڻي پنهنجي ڳوٺن جي ڀَروارن بَس اسٽاپن تي لڳائي رهيا آهن، يا اُهي ٿَنڀا گَهرن جي اڏاوت ۾ استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪا ڳالهه به سخت نقصانڪار آهي. انهيءَ لاءِ ڪوهستان ۾ تاريخي اَثاثن جي اهميت تي جاڳرتا مهم هلائڻ جي سخت ضرورت آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪوهستان جي مختلف شهرن ۾ جلسا ۽ سيمينار به ڪرايا وڃن، ته جيئن ڪوهستان جي محب وطن ماڻهن کي پنهنجن اُنهن تاريخي اَثاثن جي اهميت بابت ڄاڻ حاصل ٿي پوي. پوءِ خود ڪوهستان جا ماڻهو ئي اُنهن شين جي حفاظت جو ذمو کڻي سگهن ٿا. هن وقت هو انهن شين کي لاعلمي سبب نقصان پهچائي رهيا آهن. ائين ڪرڻ سان تُرت ڪوهستان ۾ موجود قيمتي تاريخي اَثاثن کي تباهيءَ کان بچائي سگهجي ٿو، جنهن ڳالهه جي تُرت ۽ شديد ضرورت آهي.
ڪوهستان ۾ جديد زرعي رُجحان : ڪوهستان هاڻي باراني علائقو نه رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪوهستان جون واديون لکين سالن کان مٺي پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهيون، جنهن سبب ڪوهستان ۾ زير زمين مٺي پاڻيءَ جا اڻکُٽ ذخيرا موجود آهن. انهيءَ ڪري ڪوهستان جا آبادگار سولر سسٽم ذريعي تيزيءَ سان پنهنجي مدد پاڻ ڪريو، جي بُنياد تي ٽيوب ويل لڳائي، وڌيڪ زميني ايراضيون آباد ڪري رهيا آهن. ٽريڪٽر ۽ ٻين زرعي مشينن جي استعمال جو رُجحان به وڌي رهيو آهي، جنهن سان ڪوهستان ۾ وڌيڪ خوشحالي اچڻي آهي؛ پر انهيءَ رُجحان سان هتان جي قديم تاريخي ماڳن ۽ وادين ۾ موجود قيمتي تاريخي اَثاثن جي سلامتيءَ کي وڏو خطرو لاحق ٿي ويو آهي. انهيءَ لاءِ حڪومت جي آرڪيالاجي کاتي کي تيزيءَ سان سرگرم ٿي قديم تاريخي ماڳن جي نشاندهي ڪري انهن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ گهرجي، ته جيئن اهي ماڳ و مڪان هميشه لاءِ محفوظ ٿي سگهن. ٻي حالت ۾ ڪجهه سالن بعد انهن جو وجود ميسارجي ويندو، جيڪا ڳالهه هڪ اهڙو نقصان هوندو، جنهن جي تلافي ناممڪن ٿي ويندي.
انساني والار : سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪوهستاني علائقن ۾ انساني تاريخ جي ارتقا جا لاتعداد نشان، اُهڃاڻ ۽ تاريخي ماڳ موجود آهن، جن تي ڪنهن به قسم جو تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي. انهيءَ کان علاوه پوري ڪوهستان ۾ قديم غارون ۽ وادين ۾ ٽِڙيل پکڙيل ڪئين نادر ۽ قيمتي شيون پڻ موجود آهن. جيڪي هيسيتائين انساني دست اندازي ءَکان بچڻ سبب محفوظ رهيون آهن. هاڻي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ملڪ جي واپاري راهداري واري منصوبي، گوادر بندر جي تعمير، ۽ ڪراچي بندرگاهه جي توسيع سبب انهن علائقن ۾ انساني والار جو سوال سامهون آيو آهي. جنهن سبب نهايت بيدرديءَ سان انهن ڪوهستاني علائقن ۾ تيزيءَ سان رستن جو ڄار وڇائڻ سان گڏ ڪيترائي رهائشي منصوبا تيار ڪيا ويا آهن. جنهن سبب مستقبل قريب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪوهستان ۾ موجود سمورا تاريخي اَثاثا صفحه هستيءَ تان مِٽجڻ وارا آهن. جنهن سان مُستقبل ۾ انساني ارتقا جي تاريخ جون بنيادي شاهديون گم ٿي وينديون. جنهن سبب نه صرف هن ملڪ جي تاريخ جي تحقيق جو ڪم مُشڪل ٿي ويندو، پر بين الاقوامي طور انساني ارتقا بابت مُنجهائيندڙ سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ موجود شاهديون پڻ ختم ٿي وينديون. جيڪو هڪ اهڙو نقصان هوندو، جنهن جو ڪڏهن به ڪو ازالو ٿي نه سگهندو، ۽ انساني ارتقا بابت مُنجهائيندڙ سمورا سوال مُستقبل ۾ سوال ئي رهجي ويندا ۽ اهو هڪ اهم بين الاقوامي حيثيت رکندڙ قيمتي اَثاثن جو نقصان هوندو. انهيءَ لاءِ هن مسئلي تي تمام جلد سنجيدگيءَ سان سوچيو وڃي، ۽ بين الاقوامي تحقيقي ادارن کي هن ڏس ۾ سرگرم ٿي، انهن قيمتي اَثاثن جي بچاءَ لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻڻ گهرجن. حڪومت جي آرڪيالاجي کاتي کي تمام جلد بين الاقوامي تحقيقي ادارن سان لَهه وِچڙ ۾ اچي، ڪجهه ڪرڻ گهرجي. جيسيتائين ڪوهستان ۾موجود قيمتي اَثاثن جي تحفظ کي يقيني نه بڻايو وڃي، تيسيتائين ڪوهستان ۾ ٿيندڙ انساني والار جا سمورا منصوبا روڪيا وڃن؛ ٻي حالت ۾ اسين گهڻو ڪجهه وڃائي ويهنداسين.
معدني وسيلن جي ڳولا : ڪوهستاني علائقا جيئن ته قدرتي معدني وسيلن سان مالامال آهن. انهيءَ ڪري ويجهڙائيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪوهستان ۾ معدني ذخيرن جي ڳولا ۾ مصروف آهن. انهن ڪمپنين جي ڳري مشينري جي عمل دخل سان سموري ڪوهستان جي تاريخي اثاثن کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي، ته هن ملڪ جي آرڪيالاجي ۽ ثقافت کاتي وارا به پنهنجون اکيون ٻوٽيو بيخبر ٿيو ويٺا آهن. ٻئي طرف ڪوهستان ۾ موجود سمورا تاريخي اَثاثا تباهيءَ طرف وڃي رهيا آهن. انهيءَ لاءِ تمام جلد انهن ڪوهستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي قيمتي اَثاثن جي حفاظت لاءِ پابند بڻايو وڃي، ته جيئن ڪوهستان ۾ موجود سمورا قيمتي تاريخي اَثاثا محفو ظ ٿي و ڃن.