سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

سن

سن جي سيد خاندان جو ڪوهستان سان تاريخي طور هڪ اڻ ٽُٽُ لاڳاپو رهيو آهي. انهن تاريخي لاڳاپن تي جيڪڏهن لکجي ته، ڪَئين ڪتاب لکي سگهجن ٿا. تاريخي طور سيد حيدر شاهه سنائيءَ کان هنن لاڳاپن جي شروعات ٿي، بعد ۾ به ڪوهستاني ماڻهن جو سن جي سيد خاندان سان روحَ جو رشتو رهيو آهي. جيڪو اڃان تائين اڻ ٽٽندڙ ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي . پوري ڪوهستان ۾ سن جي سيد خاندان سان ماڻهن جي عقيدت ۽ وڏو احترام موجود آهي . جنهن احترام ۽ وڏائي جون ڳالهيون ڪوهستان جي ڪچهرين ۾ ماڻهن جي گفتگوءَ جو موضوع آهن .

سائين جي ايم سيد
سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد جي زندگي ۽ سندس ڪيل جدوجهد جي ڪهاڻي ايڏي وڏي آهي ، جو انهي کي هن ڪتاب جي هن حصي ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي . انهي لاءِ هتي صرف سائين جي ايم سيد جي ۽ ڪوهستاني ماڻهن جي لاڳاپي تي ڪجهه لکڻ ضروري آهي . سن شهرجو تعلق به ڪوهستان سان لاڳاپيل آهي . انهي ڪري سائين جي ايم سيد جيئن ئي اک کولي ته هن کي ڪوهستاني ماڻهن جي عقيدت ۽ پيار مليو . اهوئي سبب هو جو سائين جي دل ۾ ننڍپڻ کان ئي ڪوهستان جي ماڻهن جي دردن جو احساس پيدا ٿيو. انهي ڪري سائين ڪوهستاني ماڻهن سان سندس خاندان جي تاريخي لاڳاپن جو مان رکندي، پنهنجي جدوجهد جو آغاز ئي ڪوهستان کان ڪيو. سائين محال ڪوهستان جي اَهنجن ۽ سماجي ايذائن کي پنهنجو سمجهندي، ڪوهستان جي ڀَلائيءَ لاءِ سڀ کان پهريائين جدوجهد جي شروعات ڪئي. پوري زندگي سائين جي ايم سيد ۽ ڪوهستان جي ماڻهن جو عشق جي حد تائين تعلق رهيو. ڪوهستان ۾ سائين جي ايم سيد سان والهانه محبت ڪندڙن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جنهن مُحبت جي لازوال داستان ۾ ڪيئي ڪوهستاني ڪردار آهن؛ جن جي تفصيلي ذڪر ڪرڻ سان ڪَئين ڪتاب لکجي ويندا.

سيد امير حيدر شاهه
سائين جي ايم سيد جي موڀي فرزند سيد امير حيدر شاهه به ڪوهستان سان پنهنجي خاندان جي تاريخي لاڳاپن کي قائم رکيو آهي. ڪوهستان جا ڪيترائي راڄوڻي فيصلا سائين اميرحيدر شاهه ڪندو آهي. ڪوهستان جا ماڻهو به سندس فيصلن کي وڏو مان ڏيندا آهن. سائين اميرحيدر شاهه جا ڪوهستان جي ڪيترن ئي راڄن ۽ اُنهن جي چڱن مُڙسن سان گَهرا واسطا رهيا آهن، انهيءَ ڪري هي ڪوهستان ۾ هڪ طاقت جي علامت سمجهيو ويندو آهي.

سائين امداد محمد شاهه
سائين جي ايم سيد جي سدوري پُٽ سائين امداد محمد شاهه به ڪوهستان جي ماڻهن سان پنهنجن لاڳاپن کي قائم رکيو. 30 ڊسمبر 1935ع تي جنم وٺندڙ سائين امداد محمد شاهه ، سائين جي ايم سيد جي نظربنديءَ دوران ڪوهستان جي اَهنجن ايذائن جي حل لاءِ مسلسل جاکوڙيندو رهيو. سائين امداد محمد شاهه ڪوهستان ۾ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ جو سڀ کان پهرين اعلان ڪيو. جنهن اعلان جي پاسداري ڪندي، هن مَلڪ خاندان جي پنهنجي ئي شهر ٿاڻي احمد خان ۾ ڪوهستان جو پهريون مڊل اسڪول قائم ڪرايو. جنهن کي ڏسي ٻين ۾ تعليمي اُتساهه پيدا ٿيو ۽ سماجي تنظيمون اڳتي آيون. ڪوهستان جا ماڻهو سائين جي ايم سيد کانپوءِ سائين امداد محمد شاهه کي نهايت مُحبت ۽ احترام سان ياد ڪندا آهن.

سيد جلال محمود شاهه
سيد جلال محمود شاهه به ڪوهستان جي ماڻهن سان پنهنجي خاندان جي تاريخي لاڳاپن کي قائم رکيو اچي. سائين جلال محمود شاهه جيڪڏهن ڪوهستان جي مضبوظ قبائلي نظام جي سماجي قدرن جي گهرائيءَ کي سمجهي وڃي، ۽ انهن قدرن جي پاسداري ڪري، ۽ ڪوهستان ۾ سائين امداد محمد شاهه جي اَڌَ ۾ رهيل تعليمي مشن کي اڳتي وڌائي، ڪوهستان جي راڄن سان وڌيڪ ويجهڙائي قائم ڪري ، سندن مسئلن جي حل لاءِ ٿورو وڌيڪ توجهه ڏي ، ڪوهستان جي مختلف شهرن ۾ ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجي رابطي جا مرڪز ٺاهي ، ته هو ڪوهستان جي ماڻهن جي دلين تي حُڪمراني ڪرڻ جيتري سَگهه رکي ٿو. جيڪا سگهه هن وقت ڪوهستاني قبائلي مضبوط سماجي قدرن جي پاسداري سبب مَلڪ خاندان وٽ آهي.

وڏيرو علڻ خان ٿيٻو
هي ڪوهستان جي ٻڍاپور علائقي جي منظور آباد جو هو ، هن جي پوري ڄمار سائين جي ايم سيد جو ساٿ ڏيندي گذري ، سندس وفاداري سبب سائين جي ايم سيد جو مٿس تمام گهڻو ڀروسو هو. سائين جي ايم سيد جي نظربندي دوران هن ڪوهستان سان سائين جي ايم سيد جي لاڳاپن کي بحال رکيو . ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪوهستان کي اوليت ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. هن کي ڪوهستان جي دردن جو مڪمل احساس هو . ڪوهستان جا راڄ به کيس وڏو مان ڏيندا هئا. اهوئي سبب هو جو لوڪل باڊيز جي اليڪشنن ۾ هو حصو وٺندو هو . موٽ ۾ اهو به هڪ رڪارڊ آهي ، ته هو جڏهن به اليڪشن ۾ بيٺو ، سندس تڪ ۾ کانئس ڪو به اميدوار اليڪشن کٽي نه سگهيو .هو ضلع ڪائونسل دادو جي ايوان ۾ ڪوهستان جي دردن جو ترجمان ٿي رهيو . هن جو شمار به تمام ٿورن اهڙن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو . جن ڪڏهن به اقتدار کي پنهنجي ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ ڪتب نه آندو . هن پوري ڄمار سادگي سان گذاري ، عوام جي ڏنل محبتن جو مان رکيو . اهو ئي سبب آهي ، جو اڄ جڏهن هو ناهي ، تڏهن به ڪوهستان جا ماڻهو کيس وڏي احترام سان ياد ڪندا آهن .