سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

  ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو ٻيون دور

ڪوهستان ۾ ٻئي دور جا آثار ۽ تهذيبي نشانيون وڏن جبلن جي چوٽين کان هيٺ ننڍين بُٺين يعني جابلو ٽَڪرين تي موجود آهن، جن مان هڪ آثار ٿاڻي عارب خان جي علائقي ۾ هڪ بُٺيءَ تي موجود آهي.جنهن کي ڪوهستان جا ماڻهو ’هوتوءَ جو مُر‘ سڏين ٿا. هيءَ بُٺي يعني جابلو ٽَڪري، ايري جبل ۽ رني جبل جي وچ ۾ آهي. هي ننڍي جابلو بُٺي، جيڪا ننڍي ايراضيءَ تي پکڙيل ۽ چڙهڻ ۾ مشڪل آهي. سندس اوچائي اندازي موجب ٽي سئو فوٽن کان ڪجهه مٿي ٿيندي. اها جابلو ٽَڪري جبلن جي وچ ۾ اڪيلي ۽ اُڀي چڙهائيءَ واري آهي. انهيءَ بُٺيءَ کي تقريبن چوطرف لهيلٽ نالي هڪ برساتي ڍورو گهيري ۾ آڻيو بيٺو آهي. انهيءَ بُٺيءَ ( ٽڪري ) تي چڙهڻ لاءِ صرف اولهه طرف کان پٿرن جي چاڙهي ٺهيل آهي، جيڪا بلڪل زبون ٿيل آهي. ان جا ڪجهه ٽُڪرا ڪٿي ڪٿي ننڍڙن پٿرن ۾ پوريل نظر اچن ٿا. انهيءَ طرف کان جڏهن مٿي چڙهبو، ته مٿين چوٽيءَ کان ويهارو کن فوٽ هيٺ گڏيل ٻه قدرتي غارون موجود ڏسڻ ۾ اينديون،جتي اها چاڙهي ختم ٿي وڃي ٿي. انهن زبون غارن مان هڪ جي ماپ ڊيگهه ۾ 13 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 7 فوٽ آهي، ٻي غار جي ماپ ڊيگهه ۾ 25 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 10 فوٽ آهي. انهن ٻنهي غارن جي وچ واري ڀت جي ويڪر 3 فوٽ آهي، پر اُها ڀت اڌ ڊٺل حالت ۾ آهي. غارن جي مٿان باقي انهيءَ ٽڪريءَ جو رهيل مٿانهون حصو هڪ سڌي ميدان جي صورت ۾ آهي. غارن جي ڇت مان جابلو چاپُڙَ ڪِرڻ ۽ صدين جي مٽي ڀَرجڻ سبب غار جي اُمق جي ماپ کوٽائي ڪرڻ کان سواءِ ناممڪن آهي. غارن جي اڌ ڊٺل وچين ڀت جي ٽُٽل ٽڪرن مٿان گذرندي، مشڪل سان مٿي ٽڪريءَ جي ڇت تي چڙهي سگهجي ٿو. ٽڪريءَ جي ڇت جيڪا اندازي موجب 45 فوٽ ويڪري ۽ 150 فوٽ ڊگهي ايراضيءَ تي سڌي ميدان جي صورت ۾ آهي. انهيءَ ميدان تي ڳُتيل انساني آباديءَ جي رهائش جا نشان پڻ موجود آهن. رهائشي گهر گَهڙيل پَٿر سَٿي ٺاهيا ويا هئا. ڪمرا ڪجهه وڏا ۽ اڳيان اڱڻ موجود هو، اُتي ٿُلهن ٿانَوَن جو تمام گهڻو ٺِڪراٺو موجود آهي؛ اهي ٿانَوَ هٿن سان ٺاهي پَچايا ويا هئا. چڪ تي ٺهيل ڪنهن ٿانَوَ جو ٺِڪر نه مليو. اتي ڪجهه ٿوري تعداد ۾ چقمق جي پٿر جا ٽُڪرا به ڳولڻ سان ملي ٿا وڃن. هن بُٺيءَ جي چوٽيءَ تي رهائشي جاين جي اڏاوتي پٿرن سان گڏ ڪجهه گَهڙيل اوزار به ڪجهه تعداد ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جن ۾ تيز ڌار واريون ڇِليل پَٿر جون ننڍيون ڪُهاڙيون ۽ وڏا ڳرا ڪُهاڙا جيڪي وڻن جي وڍڻ ۽ ڇِلڻ جي ڪم ٿي آيا. گَهڙيل ڪجهه ماپُن جا نوڪدار پٿر، جيڪي ڪاٺ يا چمڙي مان مختلف ماپن جا سوراخ ڪڍڻ لاءِ ڪارگر هئا. پَٿر جا گَسائيندڙ اوزار جن سان شين کي لسو ڪري ٿو سگهجي،۽ پيسائي ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا ڊگها ۽ گول هٿ سان گَهڙي کهرا ڪيل پٿر وغيره کوٽڻ سان يا وڌيڪ وقت ڏيڻ سان ممڪن آهي، ته ڪجهه وڌيڪ شيون به ملي وڃن. هيٺ چاڙهي وارين غارن ۾ به انساني رهائش جا نشان آهن، پر اُهي غارون زبون حالت ۾ آهن، سندن فرش جي مٿان غارن جي ڇت مان ڊهي ڪِريل چاپُڙ، پَٿر ۽ دز جا مڻ موجود آهن.کوٽائيءَ سان اُتان به قيمتي نشانيون ملي سگهن ٿيون. چاڙهيءَ کان هيٺ لهيلٽ ڍوري جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ پَٿرن سان گبربند ( ڊئم ) به ٻڌل هئا. هيٺ لهيلٽ ڍوري جي ڪشتين واري تراڙ تي ماڻهن جي پيرن جن ۾ وڏن ۽ ٻارڙن جا پير ۽ کُرن وارن جانورن، جي پيرن جي نشانن کان سواءِ اناج پيهڻ لاءِ مختلف ماپُن جون ڪجهه نِنگهون به موجود آهن. ان کان پوءِ هڪ ٿوري پٿريلي ميدان کانپوءِ اولهه طرف جابلو کُليل وادي، جو ميلن ۾ ميدان آهي، جيڪو اڄ تائين موجود آهي.
اهڙيءَ ريت انهيءَ دور جي هڪ ٻي قديم انساني آباديءَ جا نشان تونگ شهرجي ڀَر ۾ رتن ناٿ جي سَماڌيءَ جي اوڀر طرف هڪ جابلو ڇيڙي تي موجود آهن. جتي هڪ ڳُتيل انساني آباديءَ واري قديم ڳوٺ جا آثار وڌيڪ چِٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن ڳوٺ کي پاڻي پهچائڻ لاءِ رتن ناٿ جي ڀر واري قدرتي قديم چشمي مان هڪ اَڏ يا واهي ٺهيل هئي، جيڪا چشمي جو پاڻي انهيءَ ڳوٺ تائين پهچائيندي هئي. اها اَڏ سڄي جي سڄي پنڊپهڻ ٿيل آهي، انهيءَ ڪري هن ڳوٺ جي آثار کي به برفاني دور کان اڳ واري دور سان جوڙي سگهجي ٿو.ڇوته ڪافي عرصو اها مٽيءَ سان جوڙيل اَڏ موسمي مهميزون سَهي پَٿر جي ٿي ويئي آهي. اها پنڊ پهڻ ٿيل اَڏ يا واهي به برفاني دور کان اڳ جي ٿي لڳي، جيڪا وڏي محنت ۽ مهارت سان هيٺان ڳَرا پَٿر وڇائي، انهن جي مٿان مٽيءَ سان ٺاهي ويئي هئي. انهيءَ اَڏ جي اندروني ويڪر سراسري طور 18 انچ ۽ ٻاهرين ويڪر 2 فوٽ 3 انچ آهي، ۽ هن وقت به زمين کان 5 فوٽ مٿانهينءَ تي آهي. شايد استعمال ٿيڻ واري زماني ۾ اها اَڏ اڃان به وڌيڪ اوچائيءَ تي وهندي هوندي، جيڪا موجوده واٽر سپلاءِ جي جديد اصولن تحت ٺاهيل هئي. جنهن کي ڏسڻ بعد انهن قديم سنڌي ماڻهن جي ڪاريگري ۽ ڏاهپ کي داد ڏيڻ تي دل چوندي. اَڏ جي تعمير انهن قديم ماڻهن جي گڏيل محنت ۽ آبپاشي جي نظام جي مهارت جو تمام وڏو اُهڃاڻ آهي.
اهڙيءَ ريت انهيءَ دور جي هڪ ٽئين انساني آبادي گنجي ٽڪر تي به موجود آهي. ڪوهستان جي ڏکڻ اوڀر جي آخري ڇيڙي تي موجوده حيدرآباد شهر وارو گَنجو ٽَڪر به قديم زماني کان پنهنجي قائم هئڻ جي شاهدي ٿو ڏي. هي جابلو ٽَڪري تَهدار جبلن ۾ ڳڻي سگهجي ٿي. هي ٽڪري پنهنجي پيدائش واري وقت کان پوءِ وڌيڪ وڌندي رهي آهي ۽ تَهدار بڻجي ويئي آهي. گنجي ٽڪر جي تَهن جو گهرائيءَ سان جائزو وٺبو، ته هن جي هر تَهه ۾ تاريخ جو هڪ دور دفن ٿيل ملندو. هن ٽڪريءَ جي تَهدار بڻجڻ ۾ ڪوهستان جي سڀ کان وڏي نئن بارڻ جو وڏو هٿ آهي، جيڪا 1756ع تائين موجوده سنڌو درياءَ جي وهڪري کان اڳ ۾ هتي ڇوڙ ڪندي رهي هئي. هتان ئي ڪوهستان جي پاڻيءَ جا وهڪرا هزارين سال وهندا ٿَر تائين ويندا رهيا. انهن قديم وهڪرن سبب هن ٽَڪريءَ تي تَهن مٿان تَهه ٺهندا رهيا. پاڻيءَ جي وهڪرن سبب هي علائقو تاريخي طور سرسبز ۽ شاداب رهندو آيو. انهيءَ ڪري هن ٽَڪريءَ تي زندگيءَجو وجود به تمام گهڻو آڳاٽو آهي. هن ٽڪريءَ جي چوٽين تي پڻ قديم شروعاتي انسان جي رهائش جا آثار ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. هن ٽڪريءَ جي مختلف حصن تي پاڻيءَ جي ٽڪراءَ سبب ڪيتريون ئي قدرتي غارون آهن، جيڪي هن ٽاڪرو سلسلي جي چوٽين کان ٿورو هيٺ ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. انهن قديم قدرتي غارن جو وڌيڪ تعداد ديهه گوندر جي حدن ۾ کَٿڙ کان مقبره شريف ويندڙ لنڪ روڊ جي ڀَرَ ۾ ڏکڻ اوڀر طرف هڪ ٽَڪريءَ تي موجود آهي. هنن غارن ۾ شروعاتي ڪوهستان جي ٻئين دور جي ماڻهن جي رهائش جا آثار ملن ٿا. هي غارون هڪٻئي سان لڳولڳ آهن، جيڪي هن ٽَڪريءَ جي چئوطرف ڦري اچن ٿيون. هي غارون، جيڪي قدرتي پاڻيءَ جي کاڌ سبب ٺهيون هيون،بعد ۾ ماڻهن غارن جي اندر پنهنجي رهائش جي دوران شين رکڻ لاءِ جارا ۽ ٻن غارن کي ڳنڍڻ لاءِ وچان دروازا به ٺاهيا آهن. جن مان لڳي ٿوته هنن وٽ پٿرن کي گَهڙڻ لاءِ مضبوط اوزار به هئا. غارن جي اڳيان اَڱڻ به آهن ۽ هيٺ لهڻ لاءِ رستا به ٺهيل هئا، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي اصليت وڃائي ويٺا آهن. پر انهن قديم رستن جي جاءِ تان هن ٽڪريءَ تي مٿي غارن تائين پهچڻ وارا رستا گهڻو مشڪل ناهن. مٿي ٽڪريءَ جي ڇت تي پڻ انساني آباديءَ جا نشان آهن، جيڪي پَٿرن جا ننڍا گهر ٺاهي رهندا هئا. هتي چقمق جي پَٿرن جا ٽُڪرا ۽ پَٿر جا مختلف اوزار پڻ موجود آهن. اوزارن ۾ شڪار جا اوزار، ۽ کانڀاڻيءَ جا پڪل ڳوڙها وڌيڪ آهن. ڪجهه هڏا به پنڊپهڻ ٿيل ملن ٿا، لڳي ٿو ته هي ماڻهو گوشت خور به هئا، سندن رهائشي غارون زبون حالت ۾ آهن. جيڪي هن وقت ڇتين مان ڪِريل مَڻين مٽيءَ سان ڀَريل آهن، تنهن هوندي به جاڙيون غارون پنجويهه کان ستاويهه فوٽ ڊگهيون ۽ ست فوٽ ويڪريون آهن. اڪيليون غارون سراسري طور ڏهه فوٽ ڊگهيون ۽ پنج فوٽ ويڪريون آهن. زبون حالت سبب ڄڻ سندن اها ويڪر اڌ هوندي، ڇو ته دروازن وارا پاسا ڊٺل حالت ۾ آهن. ٽڪريءَ جي هيٺ سامهون اولهه طرف ٻي انساني آباديءَ جا نشان آهن، جيڪي پهرين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سُڌريل هئا. انهن ماڻهن جا گهر ڪجهه وڌيڪ ويڪري اَڱڻ سان ۽ قطار ۾ آهن. گهرن جي ايراضيءَ ۾ هٿ سان ٺهيل ٺِڪر جا ٿانَوَ، گَهڙيل پَٿر جا تيز اوزار، چقمق جا پَٿر، پنڊپهڻ ٿيل هڏا ، کانڀاڻيءَ جا پڪل ڳوڙها، ۽ ڪجهه وڏا گول گَهڙيل پَٿر ملن ٿا. گڏو گڏ هن ايراضيءَ ۾ لوهه جا ٺهيل اوزار، ڪُهاڙيون، تيرن، ۽ ڀالن جا ڦر، ڪات، ڇُريون وغيره کانسواءِ وڏي مقدار ۾ لوهه جا ٽُڪرا موجود آهن. جنهن مان لڳي ٿو ته، هتي لوهه جي زماني تائين انساني آباديون، قائم رهيون. لوهه جي وڏي تعداد مان ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هتي ڪا لوهارن جي بازار يا لوهه جي صنعت جو مرڪز هجي. هتي هڪ ڳالهه حيران ڪندڙ آهي، ته پوري ڪوهستان ۾ پنڊپهڻ ٿيل شيون پَٿر جون ٿي ويل آهن، پر هتي پنڊ پهڻ ٿيل شيون لوهه ۾ تبديل ٿي ويون آهن. ايتري قدر جو مٺي پاڻي جا ڪوڏا ۽ سپيون به لوهه جهڙا ٿي ويا آهن. هن ٽڪريءَ جي هيٺان واري انساني آباديءَ جي سامهون اولهه طرف ٽَڪرين جي وچ ۾ هڪ قدرتي تلاءُ آهي، جتي اڃان تائين پاڻي ذخيرو ٿئي ٿو. هن جابلو قدرتي تلاءَ جو تَرَ وارو فرش گَهڙيل پٿرن سان ٻَڌو ويو آهي. فرش جي هيٺان واري موجود آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته تلاءَ جي پاڻي کي واريءَ ۾ جذب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پٿرن جو مضبوط فرش ٻَڌو ويو هو. انهيءَ فرش وارن پٿرن کي مٽيءَ سان بند ڪيو ويو آهي، جيڪا قديم دور جي ماڻهن جي حيران ڪندڙ تعميري ڏاهپ آهي. هي ته صرف گنجي ٽڪر جي هڪ غارن واري ٽَڪري ۽ ان جي آسپاس جي ٿوري علائقي جي مشاهدي جو نتيجو آهي. بحرحال گنجي ٽڪر جي سيني ۾ ڪيترائي تاريخ جا اهم راز لِڪل آهن، جنهن طرف هر قسم جي محققن کي اڳيان اچي پنهنجي حصي جا راز ظاهر ڪرڻ گهرجن.
گنجو ٽَڪرُ قديم زماني کان انساني آبادين جو مرڪز رهيو آهي. شروعاتي پَٿر جي دور کان هيلتائين هي علائقو مسلسل انساني رهائش جو مرڪز رهندو پيو اچي. سڪندر اعظم جي حملي وقت به يوناني مورخن جي شاهدين موجب هتان جي ماڻهن سندن لشڪر تي راتاها هنيا. هتي ئي سڪندر جو لشڪر سامونڊي طوفان اچڻ سبب ڇِڙوڇڙ ٿي، تباهيءَ جي ڪناري تي پهتو. سڪندر کي انهيءَ طوفان سبب ڇڙوڇڙ ٿيل فوج کي گڏ ڪرڻ لاءِ ابن شاهه جي ٽَڪر تي، (جيڪو هن وقت به سُجاول ضلعي جي چوهڙ جماليءَکان ڏکڻ اولهه طرف موجود آهي) تي ڇهه مهينا ڏاڍي بدحال حالت ۾ انتظار ڪرڻو پيو. جتان هو لشڪر گڏ ٿيڻ بعد رات جو ڀنڀور تي راتاهو هڻي ڦُرلٽ ڪري، خاموشيءَ سان ڪوهستان مان گُذري ايران پهتو. چيني سَياح هيون سانگ به پنهنجي ڪتاب ۾ هتي ٻُڌڌرم جي ڪجهه اسٽوپائن ۽ سنگهاسن جو ذڪر ڪيو آهي. گنگارام سمراٽ پنهنجي ڪتاب ’سنڌو سئووير‘ ۾ هڪ روسي پادري اين نوٽو وچ جي لکڻي کي شاهد بڻائي لکيو آهي، ته؛”حضرت عيسيٰ عليه السلام به هتي آيو، ۽ ٻُڌڌرم جي ڀڪشوئن کان تربيت وٺي گيڙو لباس پائي واپس وريو. سندس بچپن هتي گذريو.“اهڙيءَ ريت هر دور ۾ گنجي ٽڪر کي نئن بارڻ جي پاڻيءَ آباد ۽ سرسبز رکيو، جيڪڏهن ڪا مُنظم تحقيق ٿئي، ته گنجي ٽَڪر تي سنڌ جي تاريخ جي سڀني دورن جا اهم ثبوت ملي سگهن ٿا.
انهيءَ حيرت ۾ وجهندڙ ۽ مختلف دورن ۾ آباد رهندڙ گنجي ٽَڪر وارين غارن جي ڳوٺ، عجيب ’هوتوءَ جي مُر‘ نالي واري ٽَڪري ۽ تونگ لڳ رتن ناٿ جي چشمي سان لاڳاپيل اَڏ واري قديم ڳوٺ جي آثارن ڏسڻ کانپوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ڪوهستان ۾ ڪجهه عرصو اڳوڻيون شديد برساتي موسمون معمول تي رهيون.پاڻي هيٺ لٿو، هيٺ واديون ظاهر ٿيون، ۽ انساني آباديون جبلن تان هيٺ لٿيون. هيٺ جابلو واديون سَرسَبز هيون، جتي ڪُٽنب کان انساني ارتقا جو سفر اڳتي هليو،ماڻهن زراعت جي شروعات ڪري آبپاشيءَ جي نظام ۽ زمين کان مٿي اَڏون ٺاهي پاڻي پهچائڻ ۽ وارياسين جابلو گهارن جي تَر ۾ فرشبندي ڪرڻ جي ڏاهپ سِکي چُڪا هئا. مختلف جبلن تان ماڻهن جي هيٺ وادين ۾ لَهڻ سان ماڻهن جي ميل جول سان وادين ۾ هڪ گڏيل سماج جُڙي ويو. اهي ماڻهو مختلف جبلن جي چوٽين تي رهندي، ماضيءَ جا الڳ الڳ تجربا کڻي هيٺ وادين ۾ آيا هئا. انهن جي حاصل ڪيل تجربن جي بُنياد تي گڏيل سماجي ڏاهپ جو جنم ٿيو. انهيءَ زماني جا ماڻهو انهيءَ گڏيل تجربن واري ڏاهپ سان گڏجي ترقي ڪرڻ لڳا. هنن شروعاتي زراعت جو به شعور حاصل ڪري ورتو، مختلف فصل به پوکڻ لڳا. انهن ماڻهن اَناج کي سَنگن کان ڌار ڪرڻ لاءِ تَراڙن ۾ موجود قدرتي ٺهيل نِنگهن کان به ڪم ورتو. باهه ٻارڻ به سکي ورتي. چوطرف ڍورا پاڻيءَ سان ڀَريل هئا، ٿوري برسات وسڻ سان ڪوهستان ۾ موجوده نئيون درياهن جو ڏيک ڏينديون هيون. انهن جا ڪنارا به آباد ٿيا، پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ هنن گبر بند به ٻڌا، جيئن پاڻي ضايع نه ٿئي يا سندن آباديون ۽ فصل پاڻي نه ٻوڙي. هنن باهه ٻارڻ جي هُنر سکڻ بعد پاڻي ۽ اناج ذخيرو ڪرڻ لاءِ هٿن سان ٿانَوَ جوڙڻ به شروع ڪيا، ڇو ته ٿانَوَ پچائڻ جو هُنر به وٽن موجود هو. آسپاس پاڻي هئڻ سبب ڍورا ۽ کڏون مڇيءَ سان ڀرجي ويون. اناج ۽ مڇيءَ جي گهڻائيءَ سبب سندن روزگار جي پريشاني لهڻ بعد هنن وڌيڪ آسائشن لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا هوندا. ڪوهستان ۾ چقمق جي پَٿر جي ملڻ سبب هنن اوزار به گهڙڻ شروع ڪيا، جن ۾ ڪُهاڙيون، ڪپ، ڇُريون، ۽ گسائڻ وارا اوزار ٺاهيا.سياري جي مُند ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ مچ به ٻاريا، ڪچهريون به شروع ڪيون. انهن ڪچهرين ۾ هڪٻئي کان حال احوال وٺندي، هڪٻئي جي تجربن مان سِکيو هوندو، گڏيل ڪمن جا منصوبا جوڙيا هوندا. ائين سندن گڏيل لوڪ ڏاهپ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو هوندو، جنهن سبب هتان جي ماڻهن جي سماجي ارتقا ۾ سندن گڏيل ڏاهپ وڌڻ سان تيزي آئي هوندي.هنن جي گڏيل سماجي شعور سان منجهن مُحبت به وڌي هوندي، انساني همدرديءَ جو عنصر به پيدا ٿيو هوندو. هڪ سُڌريل معاشري جو جنم ٿيو هوندو. ساڳئي نموني ڪوهستان جي وسيع ايراضيءَ جي حساب سان ماڻهن جو تعداد ٿورو، وسيلا بيشمار هئڻ سبب هڪ طرف هڪ باشعور سماج ٺهيو، ته ٻئي طرف ڪوهستان جي خالي وادين ۾ جهنگل ۽ ٻيلا وڌي ويا، جن ۾ جانورن جي افزائش ٿيندي رهي. ديو هيڪل جانور به انهن جهنگلن ۾ رهندا هئا، جن مان شاهدي طور چئن وڏن جانورن جا پنڊ پهڻ هتي هوتوءَ جي مَرُ واري ٽَڪريءَ کان ويجهو ئي ڪنڊي ترائيءَ ۾، يا اڳئين دور جي ذڪر ڪيل شاهدين موجب جهمپير کان ڪجهه مفاصلي تي آڃڙي ۾ ۽ جنگشاهيءَ جي ويجهو ڏسڻ لاءِ موجود آهن؛ جن کي مقامي ماڻهو اُٺن ، مينهن يا هاٿين جا پنڊپهڻ چون ٿا. جن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. جانورن جو تعداد وڌڻ سبب اُنهن ديو هيڪل جانورن انساني آبادين تي يلغارون به شروع ڪيون هونديون. انهن جانورن ۾ هاٿي، گينڊا، شينهن، چيتا، بگهڙ، چراخ، ڳورپٽون، مِرون، گورخر، لومڙ، گدڙ، سيڙهون، ٻِلا، واڳون، مختلف نانگ بلائون، گڏهه، اُٺ، ڍڳا، ڍڳيون، سرهه، گڍ، ڦاڙها، هرڻ، جهنگلي ٻڪر، ٻڪريون، ۽ رڍن وغيره، کانسواءِ ٻيا به ڪيترن ئي گم ٿيل جهنگلي جانورن جا نسل موجود هوندا. جن مان ڪافي جانورن جا نسل اڃان تائين ڪوهستان ۾ وڏي تعداد ۾ موجود آهن. ڪوهستان جا ماڻهو وسيلن جي گهڻائي ۽ باهمي مُحبت واري ماحول سبب جنگي ۽ شڪاري طريقن کان اڻ واقف هوندا. انڪري وٽن جنگي مقابلي وارا هٿيار به نه هئڻ جي برابر هوندا. هنن وٽ صرف جانورن کي ڊيڄارڻ وارو هڪ هٿيار باهه موجود هئي، جنهن ذريعي هو راتيون جاڳي پنهنجو دفاع ڪرڻ لڳا. پر آخرڪار مجبوريءَ جي حالت ۾ کين وري ننڍين ۽ اُڀين ٽَڪرين تي چڙهڻو پيو، جن کي انهن قديم ماڻهن قلعي طور استعمال ڪيو هو. انهن اُڀين ٽڪرين تي هو هٿرادو چاڙهيون ٺاهي پوءِ انهن چاڙهين جي مُنڍ تي حفاظتي مورچن طور غارون ٺاهي اُنهن ۾ نگراني لاءِ چوڪيداري نظام تحت هڪڙا ماڻهو رات جو جاڳي پهرا ڏيندا ۽ باهه ٻاري رکندا هئا؛ ته ٻيا ماڻهو مٿي گَهرن ۾ آرام ڪندا هئا. انهيءَ قسم جي هڪ آبادي 1هوتوءَ جي مُر‘ واري اُڀي ٽَڪريءَ تي مشاهدي لاءِ موجود آهي. ڏينهن جو وري اُهي ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ هيٺ جهنگلن ۽ ٻنين طرف اچي ڪار وَهنوار ڪندا هئا. هتي وڍيل ڪاٺ جا پنڊ پهڻ ٿيل ٽُڪرا به موجود آهن، جيڪي اُنهن قديم ماڻهن جي سيءَ کان بچڻ لاءِ ۽ جهنگلي جانورن کي ڊيڄارڻ جي شاهدي ڏين ٿا. سندن سُڌريل، باشعور ۽ هُنر مند هئڻ جون شاهديون سندن رهائشي نظام مان ملن ٿيون. جنهن مان اهو به چئي سگهجي ٿو، ته قديم ماڻهو پنهنجي اوگهڙ به ڍڪيندا هوندا. وڻن جي ڇوڏن جي تندن يا چمڙي جي لباس جون سموريون شاهديون هزارين سالن جي موسمي اثرن سبب موجود ته ناهن، پر کين انگ اگهاڙا به تسليم ڪرڻ غلط ٿيندو. هن زماني جا ماڻهو جانورن جو ٿورو شڪار به ڪندا هئا، شايد اهو پنهنجي لباس لاءِ چمڙي حاصل ڪرڻ جي مقصد سان ڪندا هئا. هوتوءَ جي مُر واري ٽڪريءَ تي هڪ وچولي جانور جي گوڏي جي هڏي جو ٽُڪرو ڏسڻ ۾ آيو هو، جيڪو سندن اهم ضرورت وقت شڪار ڪرڻ جي شاهدي ڏيئي رهيو هو. پر سَنهن پَٿرن مان گَسائي ٺاهيل مڇي ڦاسائڻ جي ڪُنڍين جا ٽُڪرا ڪوهستان ۾ قديم ماڳن تي ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا. هن دور جا ماڻهو محبتي، هُنرمند، ۽ گڏيل انساني سگهه تي ايمان رکندڙ ضرور هئا. انهي زماني ۾ گڏيل سماج طور رهڻ ۽ زرعي دور ۾ داخل ٿيڻ سبب ڪا ٻولي به ضرور ڳالهائيندا هوندا. سندن ڪچهريون، جيڪي هو رات جو مچن تي پهرا ڏيندي ڪندا هئا، تن مان ضرور ڪن ادبي شاهڪارن به جنم ورتو هوندو. پر غارن يا رهائشي جاين تان اهڙي ڪابه شاهدي ظاهري طور نظر نه ٿي اچي. شايد ماڳن جي کوٽائي يا تحقيق جي سلسلي ۾ ڪا مُنظم ۽ سنجيده ڪوشش اهڙين شاهدين ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿئي. جنهن بُنياد تي هن ٻئي دور جي ماڻهن کي مڪمل طور سُڌريل ۽ زرعي دور ۾ رهندڙ ماڻهو قرار ڏيئي سگهجي.
ڪوهستان ۾ انساني تهذيب جا بيان ڪيل ٻئي دور ڪوهستان ۾ آيل برفاني دور کان اڳ جا آهن، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک سالن کان به وڌيڪ آڳاٽا آهن.مٿئين ڳالهه بغير ڪنهن کوٽائيءَ ۽ شين جي سائنسي ڇنڊڇاڻ جي صرف چند جاين تي ظاهري ۽ مختصرشين جي مشاهدن جي بُنياد تي چئي سگهجي ٿي. انهيءَ مان اها به ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي، ته سنڌي تهذيب پنج هزار سال پراڻي نه پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک سالن کان به وڌيڪ قديم آهي. انهيءَ ڳالهه جي وڌيڪ پَڪ هڪ جامع سائنسي بنيادن تي ڪيل ڪنهن مضبوط اداري جي تحقيق بعد ئي ٿي سگهندي.