سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

  پهاڙن سان ڳالهائيندڙ جاکوڙي محقق

مشڪورڦلڪارو سنڌ جو هڪ سُڄاڻ محقق آهي. هن جڏهن پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ‘ تي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو ته، ڪيترائي ڪم هوندي به جواب نه ڏيئي سگهيس. هڪ ته مشڪور جهڙي پياري ماڻهوءَ پهريون ڀيرو اهڙي هُجت ڪئي، ٻيو ته ڪوهستان سان منهنجو عشق جنمن کان رهيو آهي. انهيءَ عشق به هن ڪتاب کي پڙهڻ بعد ڪجهه لکڻ تي مجبور ڪيو. ڇپر جي علائقي ۾ رهڻ ڪري مان به پاڻ کي ڇاپرُو سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهيان. سنڌ جو ڪوهستان، جيڪو، ڪراچي، ٺٽي ، ڄامشوري ، دادو ، ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن تي مشتمل آهي. قدرتي دولت سان مالامال آهي. هي پورو علائقو شاهوڪار تهذيب جو مالڪ آهي. هي اهو علائقو آهي، جتي انساني تهذيب جا آڳاٽا آثار موجود آهن. جتي هڪ منظم رياستي ڍانچو موجود هو. جنهنڪري چئي سگهون ٿا، ته سنڌ دنيا جو هڪ اهم ۽ قديم ترين خطو آهي. آڳاٽن اُهڃاڻن کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته، ڪوهستان واري علائقي ۾ تهذيبن جُڙڻ کان وٺي، اڄ تائين ڪا خاص تبديلي نه آئي آهي.
اسين جڏهن ارتقا جي نظريي جي روشنيءَ ۾ سنڌ يا بلوچستان جي ڪوهستان جي جبلن کيرٿر، هالار، بَڊو، ڀِت، ڪوهتَراش، مَهير، مول گُري،منگهو پير،سنبڪ، مال ماڙِي، (مال مُهاڙي ) پاڇراڻ، آنڌار، پَٻ، پٻُوڻي، هاڙهو، سارمنا، هِنگلاچ، جيڪي سوين ميلن تائين پکڙيل آهن.انهن علائقن ۾ هڪ پوري انساني تاريخ دفن ٿيل آهي. انهن علائقن جو ڳاڻيٽو تاريخ جي انهن خطن ۾ رهيو آهي، جيڪي مسلسل آباد رهيا آهن.
سنڌ جو ڪوهستان جتي جابلو سلسلا، دل کي وڻندڙ ماٿريون، ماڳ، ۽ خوبصورت منظر آهن. جتي هڪ طرف آڳاٽي تاريخ جون نشانيون آهن. ته ٻئي طرف هتي بُک بدحالي به آهي، جيڪو ماڻهن جو مقدر بڻجي ويو آهي. ڪوهستان جي جبلن، جن جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي،جتي جيڪا تاريخ دفن ٿيل آهي، انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. کوٽائي ۽ سائنسي بنيادن تي تحقيق جي ضرورت آهي. کوٽائيءَ جي بجاءِ اسان مورڳو، تيل ڪمپنين پاران تيل جي ڳولا وسيلي، ۽ ٻئي پاسي بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، پن چڪي پراجيڪٽن وسيلي آثارن، تاريخي ماڳن، قديم قبرستانن،۽ پُراڻين آبادين کي تباهه ڪري رهيا آهيون. ڪا رنڊڪ ناهي، بحريه ٽائون ڪراچي جي چئن ديهن ۾ ڀٽائي جي تَڪئي سميت ڪيترن پراڻن آثارن، گبر بندن، ڪوٽڙوئن،پٿرن تي قديم لکيت ۽ قديم ڳوٺن کي بلڊوزرن سان تباهه ڪري، هاڻي ڄامشوري جي چئن ديهن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جا منصوبا جوڙي رهيو آهي. جتي ڪيترائي ڳوٺ، اڻ ڳڻيا تاريخي آثار، چٽسالي واريون گهاڙي قبرون، ٻُڌ دور جون نشانيون، ۽ قديم ترين ماڳ آهن. گهڻا اهڙا جبل آهن، جن تي اڃان تائين ڪي محقق يا تاريخ سان دلچسپي رکندڙ پهچي نه سگهيا آهن. هتي اڃان اهڙن ماڳن جي سروي جي ضرورت آهي. جتي بحريه ٽائون جُڙي رهيو آهي. اها پوري وائلڊ لائيف ايريا آهي. هو سڀڪجهه بلڊوز ڪري اڳتي وڌي رهيا آهن. لکين ڌارين کي هتي آباد ڪرڻ جو منصوبو آهي، پر پوري سنڌ خاموش آهي. سنڌ حڪومت پوري سنڌ بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. بحريه ٽائون اسڪيم سنڌ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني ثابت ٿي آهي. انهيءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي نماڻي گذارش آهي، ته جيڪڏهن توهان تاريخ جي قديم آثارن جي کوٽائي نه ٿا ڪرائي سگهو، ته گهٽ ۾ گهٽ انهن قديم تاريخي نشانين کي مسمار ٿيڻ کان ته بچايو.
مشڪورڦلڪاري جو ڪتاب ’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ‘ انهن دانهن ڪوڪن جي ترجمان سان گڏ تاريخ جو پڙاڏو پڻ آهي. مشڪورڦلڪاري هڪ اهڙي حساس موضوع تي لکڻ جي شروعات ڪئي آهي، جنهن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. گهٽ مواد موجود آهي. ڪجهه ساٿين پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪوهستان تي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪجهه ڪري رهيا آهن. جن ۾ ايڇ ٽي سورلي، لئمبرڪ،رچرڊ برٽن، البيروني، مجمدار ۽ ٻين آڳاٽي دور ۾ ڪوهستان جي باري ۾ ڪجهه لکي، ايندڙ محققن لاءِ ڪجهه رستو ٺاهيو هو. هاڻوڪي دور ۾ بدر ابڙو، اشتياق انصاري،ڪليم لاشاري، انور پيرزادو، ذوالفقار ڪلهوڙو، ۽ حاڪم علي شاهه بُخاري پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل موضوعن تي لکي رهيا آهن. پر مشڪور ڦلڪاري جو ڪم انهن سڀني کان الڳ آهي. جنهن کي اسان ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڪم جو تسلسل چئون ته غلط نه ٿيندو. ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڪتاب سنڌ اي جنرل انٽروڊڪشن جا ٽي جُلد ڇپجي چڪا آهن. جيڪي سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪا آهن. لئمبرڪ پهرئين جلد جي مختلف بابن، سنڌ جو ٽاڪرو علائقو،سنڌ جون تاريخ کان اڳ جون اوائلي تهذيبون، سنڌ جي آڳاٽي تاريخ ۽ ٻين بابن ۾ ڪوهستان ۾ موجود آثارن، اتان جي جبلن، برساتي وهڪرن ۽ واٽن جو ذڪر ڪيو آهي.
مشڪور پنهنجي ڪتاب جي وسيلي لئمبرڪ جي ڇڏيل ڪم کي ڄڻ اڳتي وڌايو آهي. مشڪور پنهنجي ڪتاب جي پهرئين باب ’ تاريخ جي اهميت ‘ ۾ لکي ٿو ته؛”قومون پنهنجي تاريخ تي فخر ڪنديون آهن، ڇو ته تاريخ قومن جي سموري ارتقا جي پنڌ جي نه صرف خبر ڏيندي آهي. پر قومون پنهنجي وڏڙن جي ڪيل ڪارنامن مان ڪئين سبق سکي اڳتي وڌنديون آهن. انهيءَ ڪري زندهه قومون پنهنجي تاريخ کي هرحالت ۾ نه فقط محفوظ ڪنديون آهن، پر انهيءَ ۾ وقت گذرڻ سان گڏ نين ارتقائي منزلن جي احوال جو واڌارو به ڪنديون آهن.“
اها ڳالهه مشڪور جي ڪم ۽ ڪتاب جي ڪُنجي آهي ۽ ٿيل تحقيق دوران راز به پڌرا ٿي رهيا آهن. انهيءَ باب ۾ مشڪورڦلڪاري سنڌ جي تاريخ ۽ محققن جون ذميواريون، عنوان هيٺ نهايت اهم ۽ ڇرڪائيندڙ سوال اُٿاريا آهن. جن جي جوابن جي ڳولا لاءِ سڀني محققن کي ائين ڪم ڪرڻو پوندو. جيئن انگريز محققن ڪوهستان ۾ تحقيق جي شروعات ڪئي. جن ۾ مجمدار، هوزبلر، اسٽائين،هارگريوز، لئمبرڪ، رچرڊ برٽن جن تحقيق جو بنياد وڌو. جن تي هاڻي سائنسي بنيادن تي وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي. مٿين محققن اسان کي گَسُ ضرور ڏنو آهي،پر سندن ڪيل اها تحقيق حتمي ناهي. انهيءَ ڏس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ مشڪورڦلڪاري اهو صحيح لکيو آهي، ته سنڌ جا محقق به اکيون پوري بنا ڪنهن تحقيق ڪرڻ جي ٻين ڌارين محققن جا حوالا ڏيئي، ڳنڍ ٻڌي ويهيو رهن. وڏي فخر سان چوندا ته فلاڻا مشهورمحقق ته لکي ويا آهن، انهيءَ تي وڌيڪ تحقيق جي ڳالهه ڪرڻ فضول آهي. اهو رويو غلط آهي، تحقيق هڪ سائنس آهي. نون محققن لاءِ رستا روڪ ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. نوان محقق جڏهن ڪنهن وڏي محقق جي ڳالهه ۾ ڪا ڪس ڪڍن ٿا، ته انهن کي روڪڻ لاءِ غيرضروري حربا استعمال ڪري، انهن کي مايوس ڪيو ٿو وڃي، پر نون محققن کي مايوس ٿيڻ بجاءِ پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي. ڪوهستان ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيم ورڪ جي ضرورت آهي. هتي گڏجي ڪم ڪري ڪي نتيجا ڪڍڻ جي ضرورت آهي.
مشڪورڦلڪاري جيڪي سوال اُٿاريا آهن. انهيءَ جي جوابن تائين پهچڻ لاءِ سنڌ جي ڪوهستان ۾ سائنسي بنيادن تي کوجنا جي ضرورت آهي. سنڌ جي تاريخ تي جيڪا دز چڙهيل آهي، انهيءَکي هٽائي نروار ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مشڪورڦلڪاري جي اها گُهر نهايت اهم آهي، ته؛”اسان کي ٻڌايو پيو وڃي، ته سنڌ جي تهذيب پنج هزار سال پراڻي آهي، ۽ بس. انهن پنج هزار سالن ۾ ڇا وهيو واپريو، انهيءَ جي ڪا خبر ناهي. سنڌي تهذيب ڪٿان کان شروع ٿي؟ڪيئن شروع ٿي؟ انهن پنج هزار سالن ۾ سنڌي سماج جي ارتقا جو عمل ڪيئن رهيو؟ ڇا وهيو، ڇاواپريو يا ڇا ٿي گذريو؟ ڪوبه ادارو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، يعني ڪو تحقيقي ادارو پنهنجي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.“ سنڌجي ارتقا بابت اهي سوال وڏي اهميت رکن ٿا. اهي اهڙا سوال آهن، جن تي سائنسي بنيادن تي کوجنا جي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مشڪور ڦلڪاري ڪتاب ۾ ارتقا جي مختلف نظرين کي بحث هيٺ آندو آهي، پر سنڌ جي ارتقا بابت بقول مشڪور جي ته ڪابه سنجيده ڪوشش اڃان نه ورتي ويئي آهي.
سنڌ جي ارتقا بابت مختلف گروهه مختلف نظرياپيش ڪن ٿا. جن مان هڪ گروهه، جنهن جو چوڻ آهي، ته “سنڌ ڌرتي دنيا جي واحد ڌرتي آهي، جتي دنيا جي پهرئين انسان حضرت آدم عليه السلام جا قدم پيا، جتي سندس اولاد جو جنم ۽ موت ٿيو. سندس اولاد مان حضرت شيث کي سنڌ جي نالي سان پُڪاريندا آهن. انهن جو چوڻ آهي،ته سنڌ تي نالو حضرت شيث جي نسبت سان پيو. انهيءَ گروهه جو چوڻ آهي، ته حضرت هابيل بن آدم دادو ضلعي جي ڪاڇي جي ڪاسٻو ۾ دفن ٿيل آهي. حضرت شيث بن آدم، حضرت يوسف، حضرت هارون جو اولاد، حضرت نوح، سندس پٽ حام ۽ سام، سنڌ بن سام ۽ ٻيا پيغمبر سنڌ ۾ دفن آهن. ( ڏسو ڪتاب : سنڌ ارتقا جي جاءِ : شاهدعلي صوف ابڙو ) جڏهن ته پوري دنيا ۾ مشهور آهي، ته حضرت هابيل شام جي جابلو سلسلي تڪيا جي هڪ مٿانهين چوٽيءَ تي دفن ٿيل آهي. جون 2010ع ۾ جڏهن شام جون حالتون صحيح هيون ته ڪجهه دوستن سان مون شام جو سفر ڪيو هو. هابيل جي قبر دمشق کان ڇٽيهه ڪلوميٽر اولهه پاسي بوليدان، زبدان، ۽ بيروت ڏانهن ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي آهي. سامهون جولان جو جابلو سلسلو آهي. دمار وادي کان اڳ هڪ يوٽرن تان هڪ رستو ساڄي هٿ تي جبلن ڏانهن نڪري ٿو. جيڪو فوجي علائقو آهي. وَرَ وَڪڙ کائيندڙ رستي سان مٿي چوٽيءَ تي پُهچبو، تڪيا جو اهو جابلو سلسلو ۽ چوٽي تبرادا وادي ۾ اچن ٿا، چوٽيءَ تي اڇي گُنبذ سان خوبصورت ٽائلز سان هابيل جي آخري آرامگاهه آهي. هابيل جي قبر ڏهه کان ٻارهن فوٽ ڊگهي آهي. اها جاءِ صاف سُٿري ۽ دل کي وڻندڙ آهي. قرآن پاڪ ۾ هابيل ۽ قابيل جو ذڪر ۽ واقعو سوره مائده جي پنجين رُڪوع ۾ آيل آهي.
گهڻي عرصي کان مشهور شخصيتن کي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ظاهر ڪرڻ جو رواج آهي. عقيدتمند جڏهن ڏورانهن علائقن ۾ نه ٿا پهچن ته انهن جون قبرون بنا ڪنهن تحقيق جي هتي ظاهر ڪري ڇڏيندا آهن. حضرت ابراهيم بن ادهم جي قبر سلطنت عمان جي ساحلي شهر سور لڳ هڪ ٽڪريءَ تي آهي. جتي به مان دوستن سان گڏ 2004ع ۾ وڃي چڪو آهيان، جنهن جا فوٽو مون وٽ محفوظ آهن. سنڌ ۾ به سکر لڳ ابراهيم بن ادهم جي قبر آهي. اهڙي طرح حضرت اويس قرني يمن ۾ دفن آهي، پر سنڌ ۾ سن کان پهرين سيوهڻ ڏانهن ويندي کاٻي هٿ تي اويس قرني کي دفن ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حضرت آدم لاءِ چيو وڃي ٿو، ته هن سريلنڪا جي سرزمين تي پير پاتا هئا. سندس قبر به هتي هڪ جابلو چوٽيءَ تي آهي. اهو انهن دوستن جو نظريو آهي، جنهن تي بحث نه ٿا ڪريون. هي هڪ الڳ موضوع آهي. ٻي ڳالهه ته هن نظريي کي مڃڻ وارا دوست ٻين نظرين جي مڃڻ وارن کي مُلحد ۽ ماده پرست ڪوٺين ٿا. تنهنڪري اهڙن الزامن کان بچڻ ٿو چاهيان.تحقيق ۾ اهڙن روين جي گنجائش نه هئڻ گهرجي. بحث ۾ تحقيق ۽ سائنسي دليلن وسيلي هڪٻئي کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
علم انسان جي ماهرن لاءِ اهو مسئلو رهيو آهي، ته انسان هن ڌرتيءَ تي ڪڏهن کان موجود آهي. زمين جي انتهائي هيٺين سطحن کان جيڪي چقمقي پٿرن جا نوڪدار اوزار مليا آهن.طبقات الارض جي ماهرن جو اهو خيال آهي ته اهي اوزار لکين سال پراڻا آهن. هڪ مفروضو اهو به آهي ته دنيا 4004 ق م، ۾ پيدا ٿي. اهو خيال به ڊارون جي نظريي وانگر رد ٿي چڪو آهي. مشڪورڦلڪاري انهيءَ ڳالهه تي ڪتاب ۾ ارتقا جي سائنسي نظريي جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو آهي. جنهن کي اڳتي وڌائڻ ۽ سائنسي انداز ۾ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. مشڪور ۽ اسان جهڙا تاريخ جا شاگرد اهڙين جاين، ماڳن ۽ مڪانن جي نشاندهي ته ڪري سگهون ٿا، پر ان لاءِ ضروري آهي،ته اتان لڀندڙ شين جي صحيح جانچ پڙتال يا ڪا حتمي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ انهن ماڳن تي ڪاربان ٽيسٽ ۽ ٻين ليبارٽرين جي ضرورت آهي، جيڪا ڳالهه ادارن ۽ حڪومت جي وس ۾ آهي.
مشڪور پنهنجي ڪتاب جي باب’سنڌ جي ڪوهستان ۾ ارتقا جا اوائلي نشان‘، ۾ اهڙن اُهڃاڻن کي ظاهر ڪيو آهي، ۽ هن جيڪي مشاهدا ڪيا آهن، اهي هر محقق کي سوچڻ تي مجبور ڪندا. جنهن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي،ته سنڌ جي ڪوهستان وارو علائقو هزارين سال مٺي پاڻي جي لاهه ۽ چاڙهه جو حصو رهيو. لاڳيتين برساتن ۽ حضرت نوح جي زماني جي ٻوڏ ڪري هي علائقو پاڻي هيٺ رهيو. جن جا نشان اڃان تائين جبلن ۾ موجود آهن. انهن جبلن ۾ بقول مشڪور جي چوٽين کان وٺي هيٺ وادين تائين پنڊپهڻ ٿيل جيت، جانور، ڪوڏا، ۽ سِپيون ملن ٿيون. سي سڀ مٺي پاڻيءَ مان جنم وٺندڙ آهن.
ڪراچي ڪوهستان جو علائقو منهنجي مشاهدي ۾ رهيو آهي. مهير کان وٺي مول تائين ٻئي پاسي گڏاپ کان وٺي مول تائين اهڙاپنڊپهڻ ٿيل جيت موجود آهن.مول واري رستي تي هڪ طرف جبل جي چوڌاري اڻ ڳڻيا اهڙا پنڊپهڻ موجود آهن. مهيرجبل جيڪو 35 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ ٻارهن ڪلوميٽر موڪرو آهي، اُتي هيٺ کان وٺي مٿي تائين پنڊپهڻ ٿيل جيت ۽ جانور موجود آهن. منگهي پير ۾ ڪجهه اهڙا پنڊپهڻ مليا آهن، جيڪي سامونڊي حيات جا آهن. اهو علائقو سمنڊ جي ويجهو آهي، لڳي ٿو ته کيرٿر جا اهي هيٺيان علائقا ڊگهين وسندڙ برساتن کانپوءِ سمنڊ ۾ به ٻُڏل رهيا آهن. جنهن ڳالهه جي تصديق مشڪور صاحب به ٺٽي ضلعي جي ڪوهستان جي جائزي وٺڻ بعد ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي، ته برساتن جي ڊگهي عرصي بعد جڏهن ٿرپارڪر واري سمنڊ ۾ پاڻي ڀريو ته اهو سنڌ جي ڏاکڻئين ڪوهستان واري پاسي اٿلي وڌڻ لڳو هو. جتي سامونڊي ۽ ڪوهستان جي برساتي مٺي پاڻي جي سنگم ڪري تمر جا گهاٽا جهنگل پيدا ٿيا،جيڪي هن وقت ڪوهستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڪوئلي جي ذخيرن جي شڪل ۾ زمين جي اندر ٻه سئو کان ٽن سئو فوٽن جي اونهائيءَ تي موجود آهن.
مشڪور ڦلڪاري ڪوهستان ۾ برفاني دور جو به ذڪر ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه پڻ درست آهي. ڇو ته ڪراچي جي علائقن کديجي، ڪونڪر،واڳون ڏر ۽ ڄامشوري جي علائقي ۽ مول مان آخري برفاني دور سان تعلق رکندڙ اوزارمليا آهن. جن جو ذڪر مشهور آرڪيالاجسٽ عبدالرئوف خان ڪيو آهي. بدر ابڙي به پنهنجي ڪتاب سيرڪوهستان ۾ انهن جو ذڪر ڪيو آهي. ديهه اورانگهي ( اورنگي ) جتي هاڻي ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪچي آبادي ٺهيل آهي، بنگلاديش کان آيل بهارين کي هتي وَسايو ويو آهي. هتي به قديم آثار مليا آهن. تنهن کانسواءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ کان صفوران ڳوٺ تائين هڪ ڦٽل ڳوٺ جا آثار مليا آهن. جنهن لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته، اهي ٽين صدي عيسوي جي زماني جي هڪ وسندي جا آثار آهن. هتان جيڪي اوزار مليا آهن، ماهر انهن کي ٻن حصن ۾ ورهائين ٿا.پهرئين قسم جي آثارن ۾ قديم پٿر جي آخري دور جا اوزار مليا آهن ۽ ٻئي قسم جا اوزار انهن کان پوءِ جا آهن. مشهور محقق عبدالرئوف خان موجب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي علائقي ۾ صفوران تائين موهن جي دڙي جي زماني جي هڪ ڳوٺ جا آثار دريافت ٿيا آهن، يونيورسٽي روڊ وارو علائقو، اين اي ڊي يونيورسٽيءَ تائين انهي زماني جو صنعتي علائقو هو. جتي پٿر مان شيون ٺاهيون وينديون هيون. انهن شين ۾ ٿانوَ، رانديڪا، هٿيار ۽ گهرن اَڏڻ جو سامان شامل هو. ڪراچيءَ جو هي صنعتي علائقو نه صرف سنڌ جو پر بين الاقوامي تجارت جو مرڪز هو. انهيءَ سان گڏ گلستان جوهر واري علائقي ۾ اڏاوتي کوٽائي دوران پٿر جي دور جي انسانن جا ڍانچا مليا آهن. پر اهي سڀ ماڳ اڏاوتن ڪري ختم ٿي ويا آهن. جن تي هاڻي وڌيڪ تحقيق ممڪن ناهي.
ڪراچيءَ کان ٽيهه ڪلوميٽر اوڀر طرف ملير واري علائقي ڊملوٽي روڊ تي نئن بازار ۽ نئن ملير جي گڏجڻ واري هنڌ هڪ قديم وسنديءَ جا آثار موجود آهن. جيڪي الهه ڏني جوکئي جي ڳوٺ جي ويجهو هئڻ ڪري الهڏنو آثار يا نل بازار آثارجي نالي سان سڏيا وڃن ٿا. هتي 1974ع ۾ کوٽائي ڪئي ويئي هئي. هتان جيڪي شيون مليون آهن، انهن ۾ مُهرون، لکيت ۽ ٻين شين کي ڏسي آثارقديمه جي ماهرن جي راءِ آهي،ته هي آثار به هڙپا ۽ موهن جي دڙي تهذيب جا همعصر آهن. ان کانسواءِ ڊملوٽي جي آسپاس سنڌوتهذيب جا آثار مليا آهن. ملير ۾ نل بازار ،ڊملوٽي نٿالي جو ڪوٽ،اميلاڻو، گوهربان،ٻاڪراڻ، پپري، ۽ کديجيءَ ۾ اڻ ڳڻيا آثار مليا آهن. جيڪي ماهرن موجب هڙپا تهذيب جا هم اثرلڳن ٿا. کديجيءَ مان پٿري ڪوٽن کان سواءِ چقمقي پٿر جا اوزار به مليا آهن. هي ماڳ هاڻي پاڪ آرمي جي حوالي آهن. اوڏانهن وڃڻ تي پابندي آهي.
ٿڌي ندي لڳ کٽو گبول ڳوٺ ۽ آدم گبول ڳوٺ لڳ ۽ پوري ڪراچي ڪوهستان جي وڏي علائقي ۾ اهڙا آثار موجود آهن. انهن علائقن ۾ زرتشتي دور جا آثار، گبر بند، ۽ قبرون به موجود آهن. ڪراچي ڪوهستان ۾ اهي پراڻي ۽ نئين پٿر جي دور جي شروعاتي دور سان تعلق رکندڙ آثار آهن. هتي لوهه ۽ ٽامي جي دور جا آثار به موجود آهن. انهن جي قدامت جو اندازو ماهرن موجب اٺ کان نَوَ هزار سال آهي. هتان ڪجهه اهڙا به آثار مليا آهن. جن جو تعلق آخري برفاني دور سان آهي. سنڌ جي ڪوهستان ۾ هر دور جا آثار موجود آهن. جن تي تحقيق جي ضرورت آهي. تحقيق کان اڳ انهن کي رهائشي اسڪيمن جي اڏاوتن کان محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن علائقي کي اهو اعزاز حاصل آهي، ته قديم زماني کان وٺي اڄ تائين انسانن جي استعمال هيٺ رهيو آهي.
مشڪورڦلڪاري پنهنجي مشاهدن جيڪي هن ٿر ۽ ڪوهستان جي سفرن دوران ڪيا آهن، هن جو چوڻ آهي، ته؛”جيڪي وڻ ٻوٽا ڪوهستان ۾ موجود آهن،سي ساڳيا ٿر ۾ به موجود آهن. انهيءَ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي، ته قديم برساتي پاڻيءَ جا وهڪرا اوڀر پاسي وهندا هئا، ۽ اهي ٿر تائين ويندا هئا. پوءِ بعد ۾ رتنا ڪر جي ميدان جي سمنڊ ۾ تبديل ٿيڻ وقت ڪوهستان ۾ قديم برساتي وهڪرا اوڀر کان سواءِ اولهه پاسي وهي حب، مول، ۽ ملير نئن وسيلي سمنڊ تائين به وڃڻ لڳا. “ مشڪور ڪوهستان جي جن پنڊپهڻ ٿيل شين جو ذڪر ڪيو آهي، يا هن تفصيل سان جن ڪوهستاني علائقن جو مشاهدو ڪيو آهي، اُتي هن هڪ سڄاڻ محقق جو ثبوت ڏيندي، انهن مشاهدن مان وڏا نتيجا ڪڍيا آهن. جيڪي هن جي وسيع علمي ۽ تيز نظريءَ جو ثبوت ڏين ٿا.
مشڪور وڌيڪ لکي ٿوته؛ ”ڪجهه اهڙا آبي حيات آهن، جيڪي پاڻي ۽ خشڪي ٻنهي ماحولن ۾ جيئرا رهي سگهن ٿا. انهن ۾ ڪيڙا، جيت، ڏيڏر ۽ واڳون، جن جو نسل اڃان تائين موجود آهي.“ مشڪور ڪوهستان جي تلائن ۾ واڳوئن جو ذڪر ڪيو آهي. واڳون اهڙو جانور آهي، جيڪو هزارن سالن کان ڌرتيءَ تي موجود رهيو آهي. هي مقدس به رهيو آهي. واڳونءَ جي پوڄا جو سلسلو اڄ به دنيا جي ڪجهه علائقن ۾ موجود آهي. جن جو سنڌ ۾ مثال موهن جي دڙي مان ملندڙ مُهرون به آهن. جن تي واڳون به اڪريل آهي. جڏهن ماڻهن فطرت جي منظرن ۽ جانورن کي پوڄڻ شروع ڪيو ته انهن ۾ واڳون به شامل هو. اهو سنڌ جي هندن وٽ اڄ به مقدس آهي. پر اهو عقيدي جي تبديليءَ جي باوجود ڪوهستان ۾ مسلمانن وٽ به مقدس آهي.
مشڪور ڪوهستان جي جن علائقن ۾ ويو، اُتي هن تلائن ۾ واڳن جو ذڪر ڪيو آهي. آئون مشڪور جي هن مشاهدي کي ڪراچي ڪوهستان ۽ لسٻيلي سان جوڙيندس. جتي منهنجي مشاهدي ۾ شيون رهيون آهن، جيئن پڙهندڙن کي اها ڄاڻ ملي، ته پوري ڪوهستان ۾ اڄ به اهڙا ماڳ آهن، جتي واڳونءَ جو احترام ڪيو ويندو آهي. اهڙا ماڳ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود آهن. جن سان جل پوڄا، واڳون پوڄا، ۽ پپر جي وڻ جي تاريخي پوڄا جي تسلسل جي خبر پوي ٿي. ڪراچيءَ ۾ ٻه اهڙا ماڳ آهن، جيڪي واڳونءَ جي پوڄا طور مشهور هئا. جن مان هڪ ريڙهي ۽ ابراهيم حيدريءَ جي وچ ۾ سمنڊ ڪناري واڳون وارو علائقو آهي. جتي صدين کان وهندڙ هڪ چشمو آهي، جتي واڳون رهندا هئا. ويهه، پنجويهه سال اڳ تائين اهي موجود هئا، پر هاڻي اهي ناهن . مٿي ٽڪريءَ تي واڳوئن جون قبرون آهن، جيڪي واڳون مري ويندا هئا، انهن کي مٿي دفن ڪيو ويندو هو. سڪندر اعظم جي وقت ۾’ايرين ‘ جنهن ماڳ کي ڪرو ڪالا چيو آهي،اهو واڳون ڏر آهي. ڪروڪالا يوناني ٻوليءَ ۾ واڳون واري هنڌ کي چيو ويندو آهي. ٻيو اهم مقام منگهو پير درگاهه لڳ واڳون تلاءُ آهي، جتي اڄ به ڏيڍ سئو کان مٿي واڳون موجود آهن. جن ۾ هڪ مور واڳون آهي، جنهن کي حاجي به چوندا آهن. اهو تلاءَ جي غار ۾ موجود رهي ٿو. هتي هر سال بهار جي مُند ۾ شيدي ميلو لڳندو آهي. جنهن کي جاٽ ۽ واڳون ميلو به چيو ويندو آهي. لسٻيلي،حيدرآباد ۽ کارادر جا شيدي گڏ ٿيندا آهن، پورو هفتو مختلف رسمون ۽ مگرمان تي ناچ ڪيو ويندو آهي. هن ميلي جي اهم رسم ٽِڪو مور آهي، جنهن ۾ انهيءَ مور واڳونءَ کي گوشت کارائي، تِلڪ لڳايو ويندو آهي، جنهن رسم کي ٽِڪو مور چوندا آهن. اهي رسمون هوبهو آفريڪا جي واڳون پوڄا واريون آهن. سنڌ ۽ بلوچستان جا شيدي آفريڪا مان غلام ڪري هتي آندا ويا هئا. انهن جڏهن ڪراچيءَ۾ هندن سان گڏ اها جاءِ ڏٺي، ته عقيدي جي تبديليءَ جي باوجود انهن پنهنجن آفريڪي رسمن کي جاري رکيو. جيڪي اڄ به جاري آهن. واڳون پوڄا جا وڌيڪ تفصيل منهنجي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ موجود آهن. منگهي پير ۾ هڪ اهم ۽ تاريخ کان اڳ وارو ماڳ آهي، جيڪو اورانگهي ( اورنگي ) سان گڏ آهي. هتي فارس ۽ ڪيچ کان قافلا اچي ترسندا هئا، جتان پوءِ سنڌ جي مختلف بندرگاهن، ڪڇ ۽ ملتان تائين ويندا هئا. ڪيچ کان هڪ رستو وِندر، سونمِياڻي، ڀَواني، ۽ حب چوڪيءَ کان پوءِ مائي ڳاڙهِي وٽان حب ندي پار ڪري منگهي پير ايندو هو. ٻيو رستو سنگهر، پٻ، ۽ ڊاسول واري ڊهه کان حب پار ڪري منگهي پير ۽ هتان مهيو لڪ پار ڪري ملير کان ڀنڀور ويندو هو. پنهون جو قافلو انهيءَ رستي تان ڪيچ کان ڀنڀور آيو هو. حب ندي پار ڪرڻ جو هڪ اهم لنگهه ’لنگهه لوهار‘ به هو، جيڪو ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور ۾ به استعمال ٿيندو هو. منگهي پير کان هڪ اهم رستو گڏاپ، ٿڌو، ۽ ٽڪو بارڻ کان ٿيندو سيوهڻ ويندو هو. جيڪو سيوهاڻي واٽ طور مشهور آهي. واڳو تلاءَ جو هڪ ٽيون مرڪز مهير جبل ۾ ٻاٻرين جي ڪوٽ کان هيٺ مهير ڍوري ۾ آهي. جنهن کي لاهوت واري اتڙِي چيو ويندو آهي. جتي پاڻي سان ٽمٽار هڪ غار ۾ واڳون موجود آهن. هتي پپر جو وڻ به آهي، اڃان به هندو هتي اچي خيرات ڪندا آهن ۽ واڳونءَ کي گوشت کارائيندا آهن. بلوچستان دريجي ۽ لوڻي روڊ تي آري پير لڳ سارونا کان ايندڙ چشمي جي پاڻيءَ ۾ واڳون موجود آهن. زيارتي آري پير تي خيرات ڪرڻ کانپوءِ واڳوئن کي گوشت ضرور ڏيندا آهن. انهن کي به بزرگ واڳوئن جو درجو مليل آهي. اهي واڳون گهڻو ڪري آري پير جي اَتڙِي ۾ هوندا آهن. چورن ۽ ڏوهارين کي آري پير جي اَتڙِي ۾ لهي،تَر مان مِٽي کڻي اچڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جيڪو بچي تري مان مِٽي کڻي آيو، انهيءَ کي بيڏوهي سمجهيو ويندو آهي. بي ڏوهيءَ کي اُهي واڳون ڪجهه نه ڪندا آهن. اهو عقيدو زمانن کان هتي موجود آهي. اهي تفصيل منهنجي ڪتاب ’عشق جون ڳليون‘ ۾ آري پير واري مضمون ۾ ڏنل آهن. اسان به هتي پهچي واڳونءَ کي گوشت کارائڻ جي رسم ادا ڪئي هئي. اهڙو هڪ آستان هنگول درياءَ ۾ ناني مندرڏانهن ويندي، مُلا پٽ واري ڳوٺ کان اڳ ۾ موجود آهي. هنگلاچ ماتا جا ياتري هتي حاضري ضرور ڀريندا آهن. لاهوتين واري واٽ تي شيخن لڪي لڳ حب ندي جي پاڻيءَ جي هڪ تلاءَ ۾ واڳون موجود آهي. اهي اهڙا ماڳ آهن، جتي اسان پهچي سگهيا آهيون، ٻيا به اهڙا ماڳ ۽ مقدس آستان هوندا، جتي پهچڻ جي ضرورت آهي.
موهن جي دڙي، هڙپا ۽ ٻين ڪجهه تاريخي ماڳن جي کوٽائيءَ جي دوران وڏي انگ ۾ تعويذن جو ملڻ اُنهن ماڻهن جي مذهبي ڪيفيت کي ظاهر ڪري ٿو. مُهرن تي لکيت کانسواءِ واڳون، هرڻ، چيتي ۽ ڍڳي جون تصويرون اُڪريل آهن. جيڪي انهن ماڻهن وٽ مقدس جانور هوندا هئا. سنڌ کان سواءِ قديم مصري ۽ ٻين تهذيبن جي قديم مذهبن ۾ شجر پرستي ۽ حيوان پرستي عام رهي آهي. مصر وارن جو به عقيدو هو،ته انهن جا ديوتا ۽ ديويون مختلف روپ بدلائي ايندا آهن، هو مورتيون ماڻهوءَ جي جسم جهڙيون ٺاهي، صرف سِسِي جي جاءِ تي جانوريا پکيءَ جي سِسي لڳائي ڇڏيندا هئا. جنهن سان ڪو نه ڪو ديوتا منسوب ٿيل هوندو هو. هورس ديوتا کي باز جو مٿو لڳائيندا هئا.نويس ديوتا کي ڪتي يا گدڙ جو،هسيبڪ کي واڳونءَ جو،کنوم کي گهيٽي جو،باست کي ٻليءَ جو، ۽ سخت کي شينهن جو مٿو ڏنو ويو. ( مرڪر : قديم مصر جو مذهب )
اهڙي نموني قديم مذهبن جي مطالعي سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، جانورن سان گڏ مختلف وڻن جي به پوڄا ٿيندي هئي. خاص طور هندو مذهب يا ان کان اڳ وارن قديم مذهبن ۾ پپر، بڙ ۽ نم جا وڻ انتهائي مقدس هوندا هئا. پپر جو وڻ اڄ به هندو ڌرم وارن وٽ مقدس وڻ جو درجو رکي ٿو. قديم مذهبن ۾ وڻ پوڄا جي اهميت رهي آهي. انهن علائقن ۾ موهن جي دڙي ، هڙپا ، ۽ ڪلهي مهي بلوچستان ۾ اهڙيون مُهرون مليون آهن، جن تي وڻ اُڪريل آهن. ڪوهستان ۾ اڄ به وڻ کي وڏي اهميت حاصل آهي.مشڪور ڪوهستان جي هڪ ڳوٺ واحد ڏني باريجي ڀرسان ديهه ڪنڊو ترائي ۾ هڪ سوين سال پراڻي ڪنڊيءَ جي اڌ سڪل وڻ جو ذڪر ڪري ٿو. جنهن جي نالي سان اها ترائي موجود آهي. جنهن جي ٿُڙَ جي ماپ نَوَ فوٽ ٽي اِنچ آهي. جيڪو انهيءَ جاءِ تي موجود وڏن وڻن جي باقيات جي باقيات هوندي. مهير ڍوري ڪراچيءَ ۾ هڪ سُڪل وڻ جي پنڊ پهڻ ملڻ سان اها خبر پوي ٿي، ته ڪوهستان ۾ قديم زماني کان وڻن جي اهميت آهي. مشڪور انهي جاءِ تي وڏن پنڊپهڻن جو مشاهدو ڪيو، جنهن کي اُتان جا مقامي ماڻهو هاٿين يا اُٺن جا پنڊپهڻ چون ٿا. ڪراچي ڪوهستان جي علائقي ديهه موئدان ۾ فيض محمد بڪڪ کان ڪنڊ ڏانهن ويندي،کاٻي هٿ تي هڪ وڏي چوٽيءَ تي جيڪا پري پري نظر اچي ٿي اهو بلڪل ٻيڙيءَ جي شڪل جو پٿر آهي. جنهن کي مقامي ماڻهو گچڙي واري بُٺي چون. اهو ڪنهن ٻيڙيءَ جو پنڊ پهڻ لڳي ٿو. جنهن تي چڙهڻ تمام ڏکيو آهي. پوءِ به ڪجهه ڌنار مٿي چڙهي سِڪا رکي ايندا آهن، انهن لاءِ اها جاءِ مقدس آهي. ڪوهستان وارو علائقو هزارين سال پاڻيءَ ۾ هئڻ ڪري ممڪن آهي، پاڻي ڪجهه هيٺ لهڻ بعد ماڻهن ٻيڙيون ٺاهيون هجن، ائين هڪٻئي سان ملندا هجن.پاڻي لهڻ ڪري اها ٻيڙي اُتي ڦاسي پئي هجي، امڪان آهي ته لکين سال گذرڻ ڪري پٿر جي ٿي ويئي هجي. مون مذاق طور هن ٻيڙيءَ کي نوح جي ٻيڙيءَ جو نالو ڏنو آهي. اها نوح جي ٻيڙي نه پر ٻيڙيءَ جو پنڊ پهڻ ضرور آهي.
بلوچستان ۾ گوادر کان تُربت ويندي جتي گوادر جون حدون ختم ٿين ٿيون، ۽ ڪيچ ضلعي جون حدون شروع ٿين ٿيون،اهو پورو پٿريلو علائقو آهي. هتي هڪ پاڻيءَ جو چشمو ۽ هڪ بُزرگ جي قبر آهي. تُربت ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي پٿرن جون قطارون آهن. جن بابت هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي، ته اُهي اُٺن جون قطارون هيون، جيڪي ڪنهن حملي آور جي لشڪر جا هئا، بزرگ جي بددعا سان اهي اتي ئي پٿر جا ٿي ويا. جيڪي پنڊ پهڻ هاڻي موسمي حالتن ۽ وقت گذرڻ بعد ڀُري ختم ٿي رهيا آهن. غور سان ڏسڻ بعد اُهي اصلي اُٺن جا لڳن ٿا.
مشڪور اڳتي لکي ٿو، ته؛ ”برفاني دور جي پڄاڻي ۽ رتناڪر ڏانهن پاڻيءَ جي روانگي واري عرصي ۾ ڪوهستان ۾ شديد زلزلي اچڻ جون شاهديون ملن ٿيون.“ رتناڪر جي باري ۾ مشڪور لکي ٿو ته؛”ڊگهين برساتن ڪري جڏهن هي علائقو پاڻي هيٺ آيو، ته پوءِ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رتناڪر ڏانهن ويا. جن جو ذڪر قديم ڪتابن اُپنشدن ۽ پُراڻن ۾ آهي. جنهن بابت لکيل آهي، ته رتناڪر جو وسيع ميدان آفريڪا سان هن علائقي کي ڳنڍيندو هو. سريلنڪا کان ويندي آفريڪا تائين هندي سمنڊ جي ٻيٽن تي انساني تهذيب جا نشان ملن ٿا. جڏهن ڪوهستان مان پاڻي وهي ختم ٿيو، ته رتنا ڪرسمنڊ۾ تبديل ٿي ويو. ته ماڻهن واپس ڪوهستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي.“ انهيءَعرصي جي وچ دوران مشڪور هڪ وڏي زلزلي جي مشاهدي بابت لکي ٿو ته؛”ڪوهتراش ۽ کيرٿر جي دنگ تي چانڊام واري علائقي ۾ ٽِمڪڙِي جا بُٺا نالي وارين ٽڪرين ۾ زلزلي جا اُهڃاڻ ملن ٿا.“ مشڪور جي انهيءَ ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي، آئون چوندس ته ڪراچي ڪوهستان جي ديهه ڪنڊ جي دنگ کان نمن واري ڍوري تائين اهڙيون جابلو ٽڪريون آهن،جن جي ڏسڻ سان ائين محسوس ٿو ٿئي،ته اهي ڄڻ اونڌيون ٿيل هجن، يا زمين مان اچانڪ اُڀري آيون هجن. اهو سلسلو نمن واري ڍوري کان ڦنگ ٽڪري تائين آهي. عام لوڪن جو خيال آهي، ته هڪ بزرگ کي جڏهن ٽڪرين رستو نه ڏنو، ته انهي جي بددعا سان اهي اونڌيون ٿي ويون. اها هڪ ڏند ڪٿا آهي، پر زلزلي جا چٽا اُهڃاڻ هتي به موجود آهن. هن زلزلي سان هتي جاگرافيائي تبديليون آيون، جنهن سبب هتي ڪنڊ نئن مهير جبل کان اوڀر کان اولهه طرف وهڻ کانپوءِ اڳتي ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ لڳ وڏو چڪر کائي اوڀر طرف وهڻ کانپوءِ وري اوچتو چڪر کائي اُتر طرف وهي حب نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. مهير جبل مان وهڻ وقت هن جو نالو مهير ڍورو آهي، اونڌيون ٿيل ٽڪريون انهيءَ ڍوري جي لڳولڳ آهن. اها تبديلي انهيءَ وڏي زلزلي سبب آئي هوندي، جنهن جو ذڪر مشڪور به ڪيو آهي. وڌيڪ مشاهدي ڪرڻ سان انهيءَ زلزلي جي زد ۾ آيل ٻيا علائقا به ملي ويندا.
مشڪورصاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جي ڇهن دورن جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ هڪ جاءِ تي هو لکي ٿو ته؛”هيٺ وادين ۾ پاڻي هئڻ ڪري ماڻهو مٿي جبلن جي چوٽين تي رهندا هئا. جتي انهن جي پٿر جي ٺهيل گهرن جا آثار موجود آهن.“ مشڪور ڪوهتراش جبل جي چوٽيءَ تي انساني آبادي ۽ جن گهرن جو ذڪر ڪيو آهي، مجمدار هن جاءِ تي 1930ع ڌاري پهتو هو. هو هن ماڳ کي سنڌ جي تاريخ کان آڳاٽن ماڳن ۾ شمار ڪري ٿو. جيڪي قلعي بند هئا. اهڙو هڪ قلعي بند ماڳ مهير جبل جي اولهه واري چوٽيءَ تي ڏاٺ جي علائقي ۾ ٻاٻرين جي چوٽيءَ تي آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو ڪافرن جو ڪوٽ چون ٿا. مون 1985ع ۾ بدر ابڙي ۽ انور پيرزادي سان گڏ پهريون ڀيرو اهو ماڳ گهمي ڏٺو هو. بعد ۾ به ٻه ڀيرا انهيءَ ڏکئي ماڳ تي وڃي چڪو آهيان. اهو ٻاٻرين جي آثار طور مشهور آهي. چوٽيءَ تي چڙهڻ لاءِ ڪو گَسُ ناهي. پٿرن جي سهاري هٿ رکي مٿي چوٽيءَ تي چڙهبو. اهو قلعي بند شهر اٺن ڏهن ايڪڙن تي پکڙيل ۽ زمين کان ٻارهن سئو فوٽ مٿي آهي. پٿر جي ڪوٽ جا آثار موجود آهن. هن آثار مان ٿانَوَ، پٿر ۽ هڏن مان ٺاهيل تيز اوزار ملن ٿا. مقامي ماڻهو هن ماڳ کي ڪافرن جو ڪوٽ چون ٿا، سندن چوڻ موجب اهي وڏا ظالم هئا. جن کي پوءِ هن علائقي جي ماڻهن سندن ظلمن کان تنگ ٿي ڀڄايو هو. انهيءَ ماڳ کان هيٺ ٻه اتڙيون آهن، جن مان هڪ ميرڪي اتڙي ۽ ٻي لاهوت واري اتڙي آهي. جنهن جو ذڪر اڳ ۾ واڳوئن واري ذڪر ۾ ڪري آيو آهيان. هي به ڪوهتراش جي ماڳ جو همعصر ماڳ لڳي ٿو. مشڪور اهڙن ماڳن جي گهرن جي ڇتين بابت لکي ٿو ته؛“قديم ماڻهو پنهنجي گهرن جون ڇتيون ٻوٽن ۽ گاهه سان بند ڪندا هئا. ماهرن جو چوڻ آهي ته قديم ماڻهو پنهنجي گهرن جون ڇتيون پِيشَ جي ڦَرهين يا انهن مان ٺاهيل تَڏن سان بند ڪندا هئا، جنهن جي شاهدي موهن جي دڙي مان به ملي آهي. اڄ به سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن ۾ پِيش جي وڏي اهميت آهي. سنڌ کان وٺي ڪيچ مڪران تائين ماڻهو اڄ به گهرن جي ڇتين ۾ پِيش جا تَڏا ۽ نِکون استعمال ڪندا آهن. پِيش ڪوهستان جي ڍورن جي ڪناري تي عام ٿيندي آهي. پِيشَ مان تَڏا، نُکون، ٻُهارا وغيره ٺاهيا ويندا آهن. پِيش سنڌ جي شهرن جي مارڪيٽن تائين پهچندي آهي. ڪوهستان ۾ پِيشَ سان لَڏيل اُٺن جا قافلا اڄ به شهرن ڏانهن ايندي نظر ايندا آهن. هڪ رستو آري پير کان حب جي ڪناري، شاهه ديوانو، دُريجي جي سارونا جي گز واري ماٿري جتي گز جو وڻ گهڻو ٿيندو آهي، کان ٿيندو، تونگ نئن بارڻ کان هڪ پاسي منڇر جو پاسو وٺي سيوهڻ، ته ٻئي پاسي ٺٽي ڏانهن ويندو آهي. جيڪو قديم دور کان پِيشَ جي واٽ طور مشهور آهي، جنهن جو ذڪر لئمبرڪ به ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه اهو ثابت ڪري ٿي، ته ڪوهستان ۾ قديم دور کان گهرن ۾ پِيشَ جو استعمال ٿيندو هو.“
مشڪور پنهنجي ڪتاب جي باب ’ڪوهستان ۾ ارتقا جو ٻيون دور‘ ۾ ٿاڻي عارب خان واري علائقي ۾ هڪ بُٺي تي تهذيب جي ٻئي دور جي نشاندهي ڪئي آهي. جتي هن کي هوتوءَ جي مُر واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي انساني تهذيب جا آثار مليا، مُر ڪوهستان ۾ منهن کي سڏيو ويندو آهي. جتي هيٺ مشڪور پٿر جي ٺهيل اناج جي پيهڻ جي نِنگهن جو ذڪر ڪيو آهي، جن کي ڪوهستاني ٻوليءَ ۾ نيگون به سڏيو ويندو آهي. پوري ڪوهستان ۾ جتي به انساني آبادين جا نشان مليا آهن، اُتي اهڙيون نِنگهون ( نيگون ) مليون آهن. انهن نيگن ۾ قديم ماڻهو اناج يا ٻيون شيون پيهندا يا ڪُٽي صاف ڪندا هئا. قديم آثارن جي حساب سان جتي به اهڙيون نيگون ڏسڻ ۾ اچن، اُتي آسپاس انساني آبادين جا نشان ضرور موجود هوندا. ڪراچي ڪوهستان جي جبلن ۾ سڀ کان اونهيون نيگون ديهه ٻولهاڙيءَ ۾ عثمان بلوچ جي باغ لڳ موجود آهن. جيڪي قطار ۾ تعداد ۾ ٽي آهن. اُتي زرتشتي مذهب جا خاموش ٺُلَ به موجود آهن.اُتي ٿڌي نئن جي کاٻي پاسي پٿرن جون قطارون ۽ گبر بند به موجود آهن. ٿڌي نئن جي ساڄي پاسي به آئون ۽ ذوالفقار ڪلهوڙو جڏهن چٽسالي وارن پٿرن ۽ ٻُڌڪا جي نشانن جي ڳولا ۾ هئاسون،ته اسان کي گدڙ واري ڍوري لڳ بيشمار ٻُڌ ڌرم جي آثارن سان گڏ نَوَ نِنگهن ( نيگن ) جا نشان به ڏسڻ ۾ آيا. جن جا اسان فوٽو پڻ ڪڍيا هئا. انهيءَ ماڳ کي ٿورو ويجهو هڏين واري ڍوري جي ڪَپَ تي به اهڙيون نيگون موجود آهن. مهير جبل واري ٻاٻرين جي ڪوٽ اندر به اهڙيون ست نيگون موجود آهن. ڪراچي جي ڪوهستان جي جن علائقن ۾ آئون پهچي سگهيو آهيان، اُتي مون سٺ کن اهڙيون نيگون ڏٺيون آهن. اهڙيءَ طرح ڏٺو وڃي، ته مشڪور هوتوءَ جي مر لڳ جيڪي نيگون ڏٺيون آهن، اُنهن جي شاهدي پوري ڪوهستان ۾ ملي ٿي. لس کان وٺي منگهي پير ۽ منڇر تائين اهڙين نيگن جي شاهدي مان اهو ثابت ٿئي ٿو،ته قديم انساني تهذيب پوري ڪوهستان ۾ هڪجهڙائي رکندڙ هئي. ڇاڪاڻ ته پوري علائقي ۾ هڪجهڙيون شيون ملن ٿيون. مشڪور ڪتاب ۾ انهن ماڻهن بابت لکيو آهي ته؛”اهي برساتن ۽ سرديءَ کان بچاءَ لاءِ چوٽين کان هيٺ غارن ۾ رهندا هئا.“ جنهن ڳالهه جي تصديق ڪندي آئون پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي شاهدي ٿو ڏيان،ته پوري ڪوهستان ۾ ڪيچ مڪران تائين قدرتي غارن کان سواءِ هٿراڌو کوٽيل غارون پڻ موجود آهن. جتي قديم ماڻهن جي رهائش جا چٽا نشان موجود آهن. وڌيڪ شاهدي ڏيڻ لاءِ آئون ڪوهستان ۾ موجود پڻ اهڙن غار نما گهرن جو ذڪر ڪندس. جيڪي منهنجي مشاهدي ۾ رهيا. اهي قديم غارنُما گهر ماڻهن جا هٿرادو تيار ڪيل آهن. لاهوتين واري واٽ تي ڪائي جي ڀر سان هڪ چشمي لڳ بُٺي ۾ اهڙا ست غار موجود آهن. جيڪي جبل کي ڪٽي هٿرادو ٺاهيا ويا آهن. انهن ۾ ٿنڀ ۽ شين رکڻ لاءِ جايون پڻ موجود آهن. مقامي ماڻهو انهن کي ست گهر سڏيندا آهن. اهي گهر ڪُشادا آهن، ۽ هر گهر ۾ ڇهه ست ماڻهو آرام سان رهي سگهن ٿا. شاهه نورانيءَ وارو لاهوت وارو غار به هٿرادو ٺاهيل غار آهي. جنهن جي سوڙهي دروازي مان اندر داخل ٿبو، ته هڪ ڪشادي غار ۾ پهچبو، جتي ٿنڀ، ۽ پاڻيءَ جو چشمو به موجود آهي. گهر جو ماحول ۽ شين جا آثار موجود آهن. هن غار بابت چيو وڃي ٿو،ته اولياءَ شاهه نوراني هتي چلو ڪڍيو هو. مٿي غار تائين پهچڻ جو رستو اڙانگو آهي، جتي هاڻي پهچڻ لاءِ لوهي ڏاڪڻ لڳائي ويئي آهي.
لسٻيلي ۾ گوندراڻي غارن وارو علائقو مشهور آهي. جنهن کي شهر روغان به چيو وڃي ٿو. هتي جبل ۾ موجود مٿي کان هيٺ تائين سوين اهڙا غارنُما گهر آهن، اهو غارن وارن گهرن جو هڪ وڏو ڳوٺ هو، جتي قديم دور جا ماڻهو هٿرادو غارنُما گهر ٺاهي رهندا هئا. بلڪل اهڙي نموني جا غار مون 2010ع ۾ شام جي سفر دوران ٻن جاين تي ڏٺا، هڪ معلولا جيڪو عيسائي آباديءَ وارو علائقو دمشق کا سٺ ڪلو ميٽر پري آهي. هتي غارن وارو ڳوٺ موجود آهي. اُهي غارن وارا گهر مٿي هئڻ ڪري چون ٿا ٿڌا به آهن. انهن گهرن جا دروازا چوڪور نموني ڪَٽي ٺاهيا ويا آهن. اُنهن تي مذهبي نشان به چٽي ٺاهيل آهن. جيڪي قديم انساني هٿن جا شاهڪار آهن. هاڻي انهن غارن ۾ نانگ ۽ بلائون رهن ٿيون. هتي يبرود وارو مشهور ۽ وسيع غار به موجود آهي، جيڪو تمام گهڻو پراڻو آهي. اهڙي نموني وري دمشق کان چوويهه ڪلوميٽر اولهه پاسي عين الفجيح ۾ روڊ جي ٻنهي پاسي اهڙا غارن جا گهر موجود آهن، اهي غار هن وقت ويران پيل آهن،پر سردين ۾ اُتان جا ماڻهو پنهنجو مال واڙيندا آهن، جيئن سندن مال جو سيءَ کان بچاءُ ٿي سگهي. هي عين الفجيح قدرتي بهترين پاڻي واري جڳهه طور مشهور آهي. جتان لائين وسيلي صاف پاڻي دمشق تائين پهچايو ويندو آهي.
سلطنت عمان ۾ مسقط کان ٻه سئو ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه پاسي وادي بني خالد ۾ موڪل واري هنڌ تي به گوندراڻي غارن سان مشابهت رکندڙ قديم غار نُما گهر موجود آهن. وچ ۾ اونهي موڪل نئن سبب سَياح انهن جو پري کان مشاهدو ڪندا آهن، مون پڻ 2005ع ۾ دوستن سان گڏ انهن غارن جو پري کان مشاهدو ڪيو هو. سلطنت عمان ۾ ٽن قسمن جا غار موجود آهن، هڪڙا اُهي جيڪي هٿرادو جبل ڪَٽي ٺاهيا ويا آهن، ٻيا غار وري غُفائن وانگر ٺهيل آهن ۽ ٽيون وڏو غار هوتا ۾ مجلس الجن نالي سان مشهور آهي، جنهن لاءِ اُتي جا ماڻهو چون ٿا، ته اُنهي غار ۾ جن پنهنجي مجلس ڪندا هئا. اهو غار هڪ ڪلوميٽر اندر ڊگهو آهي، جنهن ۾ سياحن کي ريل رستي گهمايو ويندو آهي. مون اهو غار اندر وڃي نه ڏٺو، ڇو ته اُنهيءَ وقت مرمت سبب اهو غار سَياحن لاءِ بند هو. انهن غارن کي سوين سَياح ڏسڻ اچن ٿا، جنهن ذريعي سَياحت ذريعي ڪافي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو، انهن جي سار سنڀال لاءِ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، پر اسان وٽ انهيءَ ڳالهه تي سياحت کاتي جو ڪو توجهه ناهي. مٿي ذڪر ڪيل انهيءَ غار جهڙي هڪ وڏي غار مڪران ۾ گوادر لڳ سنگهار جبل جي هيٺ موجود آهي. جنهن جا مختلف تَهه ۽ انهن ۾ ڪمرا موجود آهن. سخت گرمي ۽ اوندهه سبب مون اها غار مڪمل طرح نه ڏٺي. هي غار پڻ تمام قديم آهي، انهيءَمان قديم انسانن جي رهڻ جي طور طريقن بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي. جي انهيءَ وڏي غار ۾ گهمڻ لاءِ ايندڙ سَياحن لاءِ سهوليتون پيدا ڪيون وڃن، ته سَياحت کاتو ڪافي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. منهنجي مشڪور جي، غارن ۾ شروعاتي انساني تهذيب جي ڳالهه بابت وڌيڪ شاهديون ڏيڻ مان مراد، ڪوهستان ۾ تحقيقي ڪم جي ضرورت جي نشاندهي ڪرڻ آهي. جيڪا ڳالهه مشڪور هڪ ذميوار محقق جو فرض ادا ڪندي، هن ڪتاب ۾ هر جڳهه تي زور ڀريندي ڪئي آهي. جيئن ڪوهستان ۾ موجود لاوارث قديم آثارن ۽ قديم انساني تهذيب بابت تحقيق ٿي سگهي.
مشڪورڦلڪاري پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ ۾ تهذيبي ارتقا جي ٻئي دور ۾ قديم زراعت ۽ آبپاشي لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ گبر بندن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه درست آهي. اهڙا گبربند سنڌ جي ڪوهستان کان سواءِ ڪيچ مڪران کان ويندي ايران تائين ۽ ان کان سواءِ دنيا جي ڪن جابلو سلسلن ۾ موجود آهن، جن تي تحقيق پڻ هلندڙ آهي. ڪيچ، مڪران، سارونا، حب، هنگول، ۽ سنڌ جو ڪوهستان قديم انساني آباديءَ جي رهائش جو هنڌ رهيو آهي. انهن ئي قديم ماڻهن آمري ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب جا بُنياد رکيا، جيڪا ڳالهه مشڪور پڻ ثبوتن سان پيش ڪئي آهي. قديم آبپاشيءَ جو نظام چشمن، ڪاريزن ۽ برساتي پاڻي جي گبربندن ذريعي ڪوهستان ۾ موجود هو. هيوزبلر به گبربندن تي ڪافي بحث ڪيو آهي. هن جو خيال آهي ته اهي گبر بند باهه جي پوڄارين ۽ زرتشتين جي تهذيب سان تعلق رکن ٿا. پر مشڪور پنهنجي تحقيقي شاهدين سان اهو ثابت ڪيو آهي، ته اهي گبر بند تمام گهڻو آڳاٽا قديم زماني جي ماڻهن پاڻيءَ کي ذخيرو ڪري استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيا هئا. جن جي پڪي شاهدي هن تونگ لڳ هڪ جابلو چشمي مان نڪتل هڪ مٿانهين پنڊپهڻ ٿيل ڪَسيءَ جو ذڪر ڪندي ڏني آهي. جيڪا قديم آبپاشي نظام جو هڪ سُڌريل قديم نشان آهي. اهڙي ريت ڪوهستان جي ڪيترين ئي جاين تي قديم ڪَسين ۽ زيرِ زمين ڪاريزن جا نشان موجود آهن. جيڪا ڳالهه قديم ماڻهن جي آبپاشي جي ڏاهپ جو وڏو ثبو ت آهي.اي ڊبليو هيوز جي 1878ع واري سنڌ گزيٽيئر ۾ به منگهي پير لڳ هڪ ڪاريز جي موجودگيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مڪران ۾ ڪاريزن جي صفائيءَ جو ڪم خاص غلامن جي حوالي هو. غلامن جي بندش بعد ڪاريزن جي صفائي جي مشڪل ڪم نه ٿيڻ سبب اهو طريقو ختم ٿيو. وري مشينن ۽ پمپن انهي سموري ڪاريزن واري آبپاشي جي نظام جو انت آڻي ڇڏيو. ڪوهستان ۾ کوهن جون به شاهديون ملن ٿيون. سڪندر اعظم جڏهن هتان گذريو هو،ته ايرين ڪراچي جي علائقي ۾ کوهن جي موجودگي ۽ فوج جي پاڻي پيئڻ لاءِ وڌيڪ کوهه کوٽڻ جو ذڪر ڪيو آهي. کوهن مان ڪوش ڀري به آبادي ڪئي ويندي هئي. منهنجي سانڀر ۾ ٿڌي نئن جي ڪپ تي آمون رند جو ڪوش مشهور هو. هو ٻن ڍڳن تي پاڻي جو هڪ تمام وڏو ساندارو ڀري ٻنيءَ کي پاڻي پياريندو هو. ڪوهستان ۾ جابلو ڪَسين جو آبپاشي نظام به موجود هو، جنهن جا نشان لاهوت واري رستي، گاجي شاهه جي چشمي، لاهوت واري اتڙي، ۽ميرڪي اتڙي وغيره تي به موجود آهن.اُهي ڪَسيون سخت جابلو پٿر کي کوٽي ٺاهيون ويون آهن. لاهوت واري اتڙي مٿان مهير ڍوري ۾ سخت لسن پٿريلن ۾ اٺن کان وڌيڪ پاڻي سان ٽمٽار کوهه آهن. جن کي انڙ جا لوهه چيو ويندو آهي، جيڪي سڀ قدرتي کوهه آهن. اهڙو هڪ حيرتناڪ منظر کار نئن جي ديهه ڀاڊ ۽ لسر جي دنگ تي آهي، جنهن کي کارلوڻي سڏيو ويندو آهي. جڏهن کارنئن برسات ۾ ڀرجي انهيءَ کوهه ۾ ڪِرندي آهي، ته اهو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. لسٻيلي جي آنڌار جبل ۾ هڪ پاڻي جي ڪَسي موجود آهي،جيڪا آبپاشيءَلاءِ قديم زماني ۾ کوٽي ويئي هئي. اهي سڀ ڳالهيون مشڪور جي ڪيل تحقيق جي تصديق ڪن ٿيون، ته ڪوهستان ۾ قديم زماني کان زراعت ۽ آبپاشيءَ جو نظام موجود هو.
مشڪور برفاني دور کان پوءِ ڪوهستان ۾ ماڻهن جي ٻيهر آباد ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي. اها ڳالهه به دُرست آهي، ڇوته ڪوهستان، سنڌوءَ جي قديم وهڪرن جي ڪنارن ۽ بلوچستان ۾ اهڙا ماڳ مليا آهن، جن جي کوٽائيءَ مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي، ته اُهي ماڳ هڪ دفعو ڦِٽي وري ٻيهر آباد ٿيا آهن. ڀنڀور،تُربت ۽ مڪران ۾ پنهونءَ جي ڪوٽ جي کوٽائيءَ مان اها ڳالهه پڌري ٿي آهي، ته اُهي شهر مختلف دورن ۾ ڦِٽا ۽ وري آباد ٿيا. ڀنڀور مان چئن دورن، ۽ پنهونءَ جي ڪوٽ جي کوٽائيءَ مان ڇهن دورن جا آثار مليا آهن. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڪوهستان جي مختلف ماڳن جي کوٽائي ٿئي ها، ته هتي مختلف دورن جا گهر ضرور ملن ها، جنهن سان هتان جي ماڻهن جي مختلف دورن ۾ طور طريقن ۽ رهائش جي خبر پوي ها. برفاني دور جي خاتمي بعد جڏهن ماڻهو هتي آيا هوندا، ته انهن ٻيهر پنهنجا قديم ماڳ وسايا هوندا. ڀنڀور ۽ موهن جو دڙو سنڌو نديءَ جي وهڪرن جي ڪنارن تي ۽ پنهونءَ جو ڪوٽ دشت نديءَ جي ڪناري آباد رهيو. مختلف دورن ۾ موسمي حالتن سبب اهي شهر ڦِٽا ۽ ٻيهر آباد ٿيا.
اڳتي هلي مشڪور لکي ٿو ته؛ ” ڌنار ۽ ٻياروزگار جي ڳولا ۾ پري پري تائين پنڌ ڪندڙ ماڻهو پاڻيءَ جون سانداريون استعمال ڪندا هئا، جيڪا ڏاهپ هنن برفاني دور ۾ رتناڪر جي ميدانن ۾ رهائش دوران سِکي هُئي. سانداري جنهن کي جابلو ماڻهو کليءَ به سڏين، سا سنڌ جي ڪوهستان ۽ بلوچستان ۾ صدين کان استعمال ۾ رهي آهي. هتي ڪوهستاني علائقن ۾ ساندارين جي استعمال جا نه صرف قديم ماڳن مان نشان ملن ٿا، پر اُهي موجوده دور ۾ به گهرن ۾ عام جام استعمال ٿين ٿيون. پاڻي رکڻ، کير ولوڙڻ، ۽ لسي رکڻ ۾ انهن جو استعمال عام آهي. کير ولوڙڻ يا لسي رکڻ واري سانداريءَ کي ايزڪ سڏيندا آهن. ٻه عورتون ايزڪ ۾ کير ڄمائڻ بعد انهن کي زور سان ڦيرائي ولوڙينديون آهن، ته لسي ۽ مکڻ ڌار ٿي پوندا آهن.
مشڪور ڪوهستان جي جمال شاهه جي قبرستان ۾ هڪ ڊگهي قبر ڏٺي. اهڙيون قبرون ڪوهستان جي مختلف علائقن ۾ اصحابين جون قبرون سڏبيون آهن. مشڪور جي انهيءَ راءِ سان آئون سهمت آهيان،ته اهي قبرون مختلف دورن جي جنگين يا وبائي بيمارين ۾ وڏي تعداد ۾ مُئل ماڻهن جون اجتماعي قبرون آهن، جيڪي ڊگهيون ۽ ويڪريون آهن. ڪراچي ڪوهستان جي منگهي پير ويجهو ديهه حب ۾ چاليهه گزن جي ڊگهي قبر آهي، جيڪا چهل گزي بابا جي نالي سان مشهور آهي. هاڪس بي جي سونهري مبارڪ ڳوٺ لڳ راس مهاڙي جبل ۾ هڪ چاليهه فوٽ ڊگهي قبر آهي. نارا ٿر بُٺي گڏاپ ۾ جبل جي مٿانهين چوٽيءَتي هڪ ڊگهي قبر آهي، جنهن جي ويجهو ئي متارن جون قبرون آهن. اهڙيون ڊگهيون قبرون، قديم رستن، ۽ پاڻي جي وهڪرن وغيره جي ڀر سان آهن. جيڪي مختلف حملن يا حادثن ۾ مئل ماڻهن جي اجتماعي قبرن جي شاهدي ٿيون ڏين.
ارتقا جي پنجين دور۾ مشڪور سنڌ ۾ انساني تهذيب جي ترقيءَ جو ذڪر ڪري ٿو. هي اُهو دور هو، جنهن ۾ انساني تهذيبون پنهنجي عروج تي هيون. هن دور ۾ هتان جي ماڻهن جا لاڳاپا ٻين ملڪن جي ماڻهن سان وڌيا. سنڌ مان ٻيڙين کانسواءِ اُٺن جا قافلا ڪيچ کان فارس ۽ عراق تائين ويندا هئا. ٻاهرين ملڪن کان قافلا سنڌ جي شهرن، کانسواءِ ڪڇ ۽ پنجاب تائين ويندا هئا. ڪيچ کان سنڌ ڏانهن ايندڙ مشهور رستا، جائولڪ، هنگول، سارونا، مسافري لڪ، پيش واٽ، لاهوتين واري واٽ، ۽ سنگهر پٻ گڏاپ واٽ وغيره هئا، جيڪي اڄ به ڪٿي ڪٿي استعمال هيٺ آهن. انهن واٽن تي پراڻا ماڳ، ڪوٽلا،پٿري دائرا ۽ دخما ملن ٿا. جن جو گهڻي ڀاڱي ذڪر منهنجي ۽ رخمان گل پالاريءَ جي ڪتاب سسئيءَ جي واٽ ۾ ڪيل آهي. واديءِ سنڌ، مڪران ۽ عراق جي واپاري لاڳاپن جي باري ۾ ڊاڪٽر حميد بلوچ پنهنجي ڪتاب ’مڪران‘۾لکي ٿوته؛ ”قديم زماني ۾ مڪران وارو رستو ٻن حصن ماگان ۽ ملوها ۾ ورهايل هو. مڪران قديم زماني ۾ هڪ واپاري پل طور ڪتب ايندو هو. هڪ ڀيرو ماگان ۽ ملوها جو ذڪر اڪادي حڪمران سارگان 2334 ق م کان 2779 ق م جي دور جي هڪ اشتهار ۾ ملي ٿو، جيڪو اشتهار هن ريت آهي :
ملوها کان آيل جهاز ، ماگان کان آيل جهاز
دلمان کان آيل جهاز، جيڪي لنگر انداز ٿيا،
اڪاد جي بندرگاهه تي.
اُنهيءَ مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته، سنڌ جا ( اڪاد ) عراق تائين واپاري تعلق هئا. اُنهي عرصي دوران مڪران جي علائقي کي انهن واپاري تعلقاتن جي و چ واري حيثيت هئڻ سبب ترقي جا ڪيترائي موقعا مليا، جنهن مان هن ترقي به ڪئي. انهن واپاري تعلقاتن جون شاهديون اسان کي ’ڪلي ڪلچر‘۾ چٽيون ملن ٿيون، جنهن ڪلچر جا نشان اسان کي مڪران ۽ جهالاوان جي علائقن ۾ مليا آهن. انهيءَ’ڪلي ڪلچر‘ ۽ سنڌ جو هڙپا ڪلچر هڪ ئي آهن. سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ شيون، اڪاد يعني عراق تائين وينديون هيون، جيڪي مڪران مان گذرنديون هيون. اُنهيءَ ڪري عراق جي قديم رڪارڊ ۾ مڪران جو نالو شامل ٿي ويو. ’ڪلي ڪلچر‘ جي ريڊيو ڪاربن رپورٽن مان پتو پيو آهي، ته اهو دور 2500 ق م کان 2000 ق م جو آهي. وڌيڪ ڪتاب مڪران : ڊاڪٽر حميد بلوچ، جو پڙهو. اهو دور ڪوهستان جي تاريخ جو اهم دور هو، جنهن بابت مشڪور پنهنجي ڪتاب ۾ باربار ذڪر ڪيو آهي. مٿين رابطن جي شاهديءَ جو هڪ مثال مشڪور پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ ڏنو آهي، جنهن ۾ هو محمد بن سعد جي ڪتاب الصحابه ۽ ابن جرير جي ڪتاب تاريخ رسل الملوڪ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته؛”635ع ڌاري بصره شهر جو بُنياد پيو، اُنهيءَ کان اڳ ۾ اهو ابله نالي هڪ ڳوٺ هو، جيڪو سنڌي واپارين ٻَڌو هو. ڊاڪٽر حميد جي ڪتاب جي اها هڪ وڏي شاهدي آهي، جنهن کي مشڪور پڻ منظر عام تي آندو آهي.
مشڪور ڪتاب ۾ ڪوهستان ۾ ٻُڌ ڌرم جي اثرجي ڳالهه ڪئي آهي.ڪوهستان خضدار تائين راجا ڏاهر جي دور حڪومت ۾ ٻُڌيه ضلعي ۾ شامل هو، جنهن جي شاهدي ڪوهستان جي جبلن ۾ ٻُڌ جي دور جي اهم نشانين، اُڪريل تصويرن، ۽ ٻين نشانين مان پڻ ملي ٿي. انهن ماڳن مان گهڻن جو ذڪر بدر ابڙي، پنهنجي ڪتاب ’ڪوهستان ۾ چٽسالي‘۾ تفصيل سان ڪيو آهي. بدر جي انهيءَ ڪتاب ۾ ڪراچي ڪوهستان شامل ناهي. ڪراچي ڪوهستان ۾ ٿڌي ڊيم لڳ ٿڌي ندي ڪناري ويهن کان مٿي وڏن پٿرن تي ٻه سئو کان مٿي ٻُڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ نشان اُڪريل آهن، جيڪي مون پنهنجي تحقيقي سفر دوران انهيءَ علائقي ۾ ڏٺا هئا. جن جو ذڪر مون پنهنجي مضمون’ڪراچي ڪوهستان ۾ چٽسالي‘ ۾ڪيو هو، جيڪو مضمون ڪاوش دنيا جي ٻن شمارن ۾ 2 فيبروري ۽ 9 فيبروري 2014 ع ۾ ڇپيو هو. ذوالفقار ڪلهوڙي به ديهه ٻائل ۾ چئن وڏن پٿرن تي اهڙا نشان ڳولي لڌا هئا، جن ۾ ٻن ٿوهن واري اُٺ جا نشان پڻ موجود هئا. جنهن کان پوءِ اسان ٻنهي کي ديهه ٻولهاڙيءَ جي هڏين واري قبرستان، ۽ ٿڌي نئن جي ڪپ تي اهڙا نشان مليا. مون کي لسٻيلي جي جبل، ۽ مڪران ڪوسٽل ايريا جي جزيري ستاديپ، ۽ هفت تلار، جيڪو پسني ۽ ڪلمت کي ويجهو آهي، اُتي به اهڙا ايڪڙ ٻيڪڙ نشان مليا. هن ٻيٽ لاءِ اهو به مشهور آهي ته، شهيد سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏيڻ بعد هتي دفن ڪيو ويو هو. هتي اسان کي مٿي ٻه ۽ هيٺ چار قبرون نظر آيون هيون. هن جزيري جي اوڀر پاسي هڪ محل نُما غار به هو، جيڪو زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو ۽ منجهس پاڻي ڀرجي ويوآهي. انهيءَ ٻيٽ جا تفصيل منهنجي مضمون ’مڪران جو سفر‘ ۾ آهن، جيڪو ڪاوش دنيا ۾ ڇپجي چڪو آهي.
مشڪور پنهنجي ڪتاب ۾ زمين ۾ کُتل ڊگهن پٿرن جو ذڪر ڪيو آهي. آئون مشڪور جي انهيءَ ڳالهه کي وڌائيندي ڪجهه ٻين به زمين ۾ کُتل ڊگهن پٿرن جو ذڪر ڪندس. جنهن سان اها پروڙ پوندي ته ڪوهستان ۾ ڪيچ مڪران تائين اهڙا پٿر موجود آهن. ڪراچي ڪوهستان ۾ ديهه تراڙي ۾ ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ لڳ هڪ اٺ فوٽ ڊگهو پٿر موجود آهي، جنهن تي اَڻ ڳڻيا نشان ۽ لکيت به موجود آهي. اُتي ڪِريل پَٿرن ۽ ڪجهه رهائشي جاين ۽ قبرن جا نشان به موجود آهن. اُنهيءَ پَٿر جي ڀر ۾ ڪجهه ڪِريل پَٿرن جو هڪ سرڪل هو، اي ايف ٽي وارن بدر ابڙي ۽ ذوالفقار ڪلهوڙي جي نگرانيءَ ۾ اهو سرڪل مڪمل ڪرايو آهي. اهڙن سرڪلن کي اسٽون هينج چيو ويندو آهي. اهڙا سرڪل پوري دنيا ۾ موجود آهن، جن تي تحقيق هلندڙ آهي. پر سنڌ ۾ انهن جي سروي به نه ڪئي ويئي آهي. انهي ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ جي رستي تي ويجهو ئي هڪ ننڍن پٿرن جي قطار آهي، جن مان وڏي سائيز واري پٿر تي ڪجهه اُڪَر به موجود آهي. موئيدان ۾ شيرمحمد بنديجي ڳوٺ لڳ پنجن کان ڇهن فوٽن جا ڪيترائي گول پٿر دائري ۾ موجود آهن، جن کي موسيٰ واري ماهي چيو وڃي ٿو. ڪوهستان ۾ ماهي يادگار کي چيو ويندو آهي. اهڙا يادگارجابلو چوٽين تي ٺاهيا ويندا آهن. انهيءَ علائقي ۾ ڌاڙيل ميراڻ جمالي جي ماهي به آهي. جتي هن جو پوليس سان مقابلو ٿيو هو. مون ڪوهستان ۾ اهڙيون پنجاهه کن ماهيون نوٽ ڪيون آهن، جن مان ڪي سرڪل يادگار آهن،ته ڪي رستن جي منزلن تي ۽ موڙن وٽ قافلن جي رهنمائيءَ لاءِ آهن. سسئيءَ جي واٽ تي به اهڙا پٿر موجود آهن. اهڙا پٿر ڪوهستان ۾ مختلف واقعن جي يادگارن، رستي جي ڀر ۾ وسندين ۽ پاڻي جي ڏس طور، قبيلن جي علائقن جي دنگن طور استعمال ٿيل آهن. انگريزن جي دور ۾ به مختلف ماڻهن جي علائقن تي دنگ طور نبيري بعد اهڙا پٿر لڳايا ويا هئا، جن کي ’ڌڙي‘ سڏيو وڃي ٿو.
ڪوهستان ۾ انسان ۽ جانورن جي پيرن جا نشان به ڪيترين ئي جاين تي موجود آهن. اهڙا پيرن جا نشان پوري دنيا ۾ موجود آهن، جن جي عمر بابت ماهرن جي راءِ آهي ته، اهي چاليهه لک سال پراڻا آهن. ڪوهستان ۾ موجود اهڙن پيرن جي نشانن جي باري ۾ عجيب وغريب ڏندڪٿائون ۽ ڪهاڻيون پڻ موجود آهن. انهن انساني پيرن کي گهڻي ڀاڱي حضرت علي عليه السلام جي پيرن سان منسوب ڪري، چندي جون پيتيون رکي آمدنيءَ جو ذريعو بنايو ويو آهي. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ راهيجن ( ڄامشوري ضلعي ) مان ٻن انساني پيرن جي نشانن کي ڪوري چڪيءَ وانگر ڪڍي، حيدرآباد ۾ موليٰ علي جي قدم گاهه طور مشهور ڪيو ويو، جيڪا هن وقت وڏي زيارتگاه آهي. نئنگ شريف ۾ به حضرت علي عليه السلام سان وابسطه ڪئين ڪهاڻيون اُتان جي فقيرن جي گذر جو ذريعو آهن. پٻوڻي کان سنگهر ويندي هڪ پٿر تي چار پنج جُتي پاتل هڪ فوٽ جا ڊگها پير ۽ ڪجهه اُٺن جا پير لڳل آهن. جن لاءِ مشهور آهي، ته اهي پنهون جي ڀائرن ۽ سسئيءَ جي ڏيرن جا پير آهن. اهڙيءَ ريت سسئي ۽ پنهونءَجي نالي سان منسوب پيرن جا نشان شهداد پور جو هڪ همراه منظور خاصخيلي ۽ سندس هڪ پٺاڻ دوست ڪڍي ڪوري کڻي ويا. مون ۽ رخمان گل پالاري ڪافي ڪوشش ڪئي، انهن همراهن کي روبرو وڃي منٿ ڪئي، سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن کي لکيو، پر ڪجهه ڪونه ٿيو. اهڙيءَ ريت شام جي حلب شهر لڳ ڪريما مسجد ۾ پيرن جا نشان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم سان منسوب ۽ عاليشان زيارت گاهه آهن.
مشڪور جو خيال آهي ته، سنڌ ۾ لڳل پيرن جي نشانن جو حضرت علي عليه السلام سان منسوب ٿيڻ جي پويان شايد هڪ عرب مورخ علي بن مسعودي سان سنڌين جي محبت جو نتيجو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو عرب مورخ عرب حڪمرانن جي خلاف هو. هن سنڌ ۾ شيعت پکيڙڻ لاءِ ڪافي ڪم به ڪيو هو. هو ڪافي عرصو سنڌ جي ڪوهستان ۾ رهيو هو. سنڌي هن سان بيحد عقيدت جي حد تائين محبت پڻ ڪندا هئا. شايد انهيءَ علي جي نالي پويان اهي پيرن جا نشان منسوب ڪيا هجن، جيڪي اڳتي هلي سڌو سنئون حضرت علي عليه السلام سان منسوب ڪيا ويا. مشڪور جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر اها هڪ حقيقت آهي، ته حضرت علي عليه السلام سنڌ ۾ نه آيو هو. انهيءَ ڪري سندس نالي سان منسوب ڪيل قدم گاهون صرف ماڻهن جي عقيدت ڪري قائم آهن.
مشڪور پنهنجي ڪتاب ۾ گهاڙي قبرن ۽ چِٽسالي وارين قبرن جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙيون گهاڙي قبرون پوري ڪوهستان ۾ موجود آهن. گهاڙي قبرن ۽ چٽساليءَ وارين قبرن تي ڪليم لاشاريءَ وڏو سائنسي تحقيقي انداز ۾ ڪم ڪيو آهي، جيڪو پڻ ساراهه جوڳو آهي. سندس ڪم اڃان جاري آهي. مون ڪراچي ڪوهستان ۾ اهڙا قبرن تي چٽساليءَ وارا 37 قبرستان ڏٺا آهن. انهن کان علاوه بلوچستان ۾ ڀواني، بالاڪوٽ، هنگول ڦور، پير ڀمڀل پٽ، ۽ لسٻيلي ۾ اهڙن قبرستانن جا تفصيلي مشاهدا ڪيا آهن. اهي چٽساليءَ واريون قبرون به هڪ تاريخ آهن. ڪوهستان جي قديم ماڻهن پنهنجي دور جي ريتن رسمن، طور طريقن کي چٽساليءَ ذريعي وڏي ڪاريگريءَ سان محفوظ ڪيو آهي.
مشڪور ڪتاب جي باب ’ڪوهستان مون ڪيئن ڏٺو‘ ۾ لکي ٿو ته؛”ڪوهستان سنڌ جي تاريخ جو هڪ وڃايل حصو آهي، هتي لوڪ ڪهاڻين وارو ديومالائي سنڌي سماج موجود آهي.“ اهو سچ آهي، انهن ديومالائي داستانن ۽ ڪهاڻين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي. ڪوهستان بابت ڪجهه حقيقتون مون پنهنجي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ ملير واري حصي ۾ ڏنيون آهن. آخر ۾ آئون ڪوهستان جي جاگرافيءَ جي انگن اکرن ۽ وچور تي پنهنجي مضمون جي پُڄاڻي ڪندس.
ڪراچي ڪوهستان جون 37 ديهون 1948ع ۾ نئين ٺهندڙ ٺٽي ضلعي ۾ شامل ڪيون ويون. 1962 ۾ وري ٻيهر ڪراچيءَ ۾ شامل ڪيون ويون.کيرٿر نيشنل پارڪ به ڪوهستان واري علائقي ۾ آهي. کيرٿر نيشنل پارڪ سنڌ جي ڏکڻ اولهه ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ 11992 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. پارڪ جي ٽوٽل ايراضي 308733 ايڪڙن تي ٻڌل آهي. پارڪ ۾ 432 رستا، ڪچا رستا ۽ پيچرا اچي وڃن ٿا. 1972ع ۾ سنڌ وائيلڊلائف پروٽيڪشن آرڊيننس 1972 تحت ان کي سينڪچوري قرار ڏنو ويو. بعد ۾ 1974ع ۾ ان سينڪچوريءَ کي سنڌ حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ تبديل ڪيو. هتي ڪيترائي ناياب نسلن جا جانور آهن، جن جو غير قانوني سياسي خوشامد طور شڪار ڪيو وڃي ٿو. ڪراچي ڊويزن جون 16 ديهون پڻ کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ شامل ڪيون ويون آهن. هتي اڏاوت لاءِ ڪم ايندڙ پٿرن، ريتي،بجري کڻڻ تي ۽ وڻ وڍڻ تي پڻ پابندي آهي. پارڪ جي نگرانيءَ لاءِ گيم واچر به مقرر ڪيل آهن، پر انهيءَ هوندي به هتي وڻ وڍڻ کانسواءِ، ريتي بجري ۽ اڏاوتي پٿر کنيا وڃن ٿا، جن سان پارڪ جي مقصدن کي نقصان پهچي رهيو آهي.
ڪتاب جي آخر ۾ مشڪورڦلڪاري جيڪي حڪومت کي تجويزون ڏنيون آهن، انهن تي حڪومت کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هي ڪتاب هر تاريخ جي شاگرد کي پڙهڻ گهرجي، جنهن ۾ مشڪورڦلڪاري سنڌ جي تاريخ جا نوان رُخ جيڪي ڌرتي ۾ پوريل آهن، تن کي ظاهر ڪيو آهي. وسيلن جي اَڻهوند جي باوجود جذبه عشق سان جيڪي چند محقق ڪم ڪن پيا، تن ۾ مشڪور ڦلڪارو به شامل آهي. اهي پنهنجي هڙان ۽ وڙان خرچ ڪري ڏونگر ڏوري اڙانگا رستا جهاڳي اُنهن تاريخي ماڳن تي پهچن ٿا. اهي ڪم ادارن جا آهن، جن وٽ وسيلا ۽ وڏيون بجيٽون آهن، پر انهن ادارن جا ڪم مشڪور جهڙا چند دوست ڪري رهيا آهن، انهن کي جس هجي. ڪوهستان مان تاريخ جا اهم راز ڳولڻ تي مشڪور ڦلڪارو داد جو مستحق آهي. کيس اهڙي مڃتا ملڻ گهرجي. اها مڃتا ئي سندس حوصلو وڌائيندي ۽ هو اڃان به وڌيڪ تاريخ جا ڳُجها راز هٿ ڪري، سنڌ جي تاريخ کي هر لحاظ کان مڪمل ڪندو. هي ڪتاب ڪوهستان تي هڪ اهم تاريخي دستاويز آهي. انساني تهذيبي ارتقا ۽ فطرت جي کوجنا ڪرڻ وارن محققن لاءِ هي ڪتاب ڪنهن سوکڙيءَ کان گهٽ ناهي. هن تحقيقي منفرد ڪتاب مان اُميد ته کوجنا جا نوان گَسَ ڦُٽي نڪرندا ، هي ڪتاب انهن نون گسن لاءِ بُنياد فراهم ڪندو. مشڪور جو عشق سان سرشار جذبو ئي ڪوهستان جي تاريخ کي ظاهر ڪري رهيو آهي. شال اهو عشق سلامت رهي.

گل حسن ڪلمتي
تاريخ جو شاگرد.
حاجي عرضي وليج گڏاپ ملير ، ڪراچي سنڌ.
03222445370 فون نمبر:
kalmatigh@gmail.com