تاريخ جي اهميت
تاريخ جي عدالت ۾ سُرخرو ٿيڻ جي ساهميءَ ۾ نه عمر توري ويندي آهي،۽ نه ئي دولت جا گڏ ڪيل قاروني انبار مهانتا جو سبب بڻبا آهن. پر عمر موجب ڪيل عملن جا قدم ڳڻيا ويندا آهن. پوءِ ليکو ڪرڻ بعد قدم ڳڻي، انهيءَ برابر قد ڪڇي، پوءِ امرتا جو تاج پارايو ويندو آهي. انهيءَ لاءِ زندگيءَ جي امرتا ڪنهن به رنگ، نسل، طبقي، اميري يا غريبي کي ڏسڻ بجاءِ عملي قدمن جا رَندَ ڏسي، پيرا ڳڻيا ويندا آهن. پوءِ وقت جي پيريءَ جي کنيل پيرن جي ڌُر ڪرڻ واري مَنزل تي، ليکو چوکو ڪري، پوري حساب موجب مَڃتا جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو آهي. تاريخ فردن کي مليل اهڙن مڃتا جي سرٽيفڪيٽن جوجنرل رجسٽر آهي.
قومون پنهنجي تاريخ تي فخر ڪنديون آهن، ڇو ته تاريخ قومن جي سموري ارتقا جي پنڌ جي نه صرف خبر ڏيندي آهي، پر قومون پنهنجي وڏڙن جي ڪيل ڪارنامن مان ڪئين سبق به سکي اڳتي وڌنديون آهن. انهيءَ ڪري زنده قومون پنهنجي تاريخ کي هر حالت ۾ نه صرف محفوظ ڪنديون رهنديون آهن، پر انهيءَ ۾ وقت گذرڻ سان گڏ، نون ارتقائي منزلن جي احوال جو اضافو به ڪنديون رهنديون آهن. قومن جي انهيءَتاريخ تي انهن جا پونئر فخر سان نه صرف جيءُ سگهندا آهن، پر اهي قومون تاريخ جي نتيجن مان اُتساهه وٺي اڳتي ارتقائي منزلن تي هلي؛ دنيا جي قومن سان ڪلهو ملائي هلي سگهڻ جهڙيون ٿي وينديون آهن. ڇو ته دنيا جي سائنسي ايجادن ارتقائي سفر کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڊوڙ ۾ صرف اُهي قومون زندهه رهي سگهنديون، جيڪي تيز رفتاريءَ سان هلڻ جو ڍنگ ڄاڻنديون هونديون.
تاريخ نه صرف فردن جي عملن جي داخلا جو جنرل رجسٽر آهي، پر ملڪن جي جاگرافيءَ ۾ آيل وقت به وقت تبديلين ۽ ڦيرڦار بابت پڻ ڄاڻ جو هڪ دستاويز هوندي آهي. ان سان گڏ تاريخ ڌرتيءَ تي آيل مختلف وقتن تي موسمي ۽ ماحولياتي تبديلين ۽ انهن جي سماج ۽ انساني ارتقا تي پيل اثرن جو پڻ رڪارڊ آهي. انساني ارتقا جو سفر ۽ ان جي رفتار جي رڪارڊ مان ئي قومون پنهنجي بيهڪ، فتحن ۽ شڪستن، محرومين، ۽ همتن، وطن دوست رَوَيَن ۽ غدارين بابت به ڄاڻ وٺي،آئنده جي سفر جي رستي جو تعين پڻ ڪنديون آهن. مطلب ته تاريخ قومن جي ۽ ملڪن جي سمورن هاڪاري ۽ ناڪاري رَوَيَن سان گڏ، قومن جي شڪست ۽ فتحن جي ڪارڻن مان سبق آموز نتيجا ڪڍي، قومن کي جيئڻ جو گس ڏسيندي آهي. جنهن تي هلي قومون ترقي جي بلندين کي ڇُهڻ جو اُتساهه حاصل ڪنديون آهن.
انهيءَ ڪري تاريخ قومن جي رهنمائي ڪندڙ سونهين سان گڏ، قومن بابت ۽ انساني ارتقا جي پنڌ جي سمورن لاهن ۽ چاڙهن جو تفصيلي آئينو هوندي آهي. جنهن ۾ قومون پنهنجو چهرو نه صرف سڃاڻي سگهنديون آهن، پر پنهنجي سموري سگهه ۽ نفسياتي جِبلتن کي سمجهي، ارتقا جي سفر ۾ اُتساهه سان اڳتي وڌنديون آهن. انهيءَ ڪري ئي تاريخ کي اُم اَلعُلومُ سڏيو ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو قومون پنهنجي تاريخ سان محبت ڪنديون آهن، ۽ تاريخ جي مُنجهائيندڙ سوالن جي حل لاءِ تحقيق جاري رکنديون آهن.