سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو ٽيون دور

ڪوهستان ۾ ٽيون تهذيبي دور، برفاني دور کان پوءِ ڪوهستان ۾ ٻيهر انساني آباديءَ سان شروع ٿيو. برفاني دور جي دوران جيڪي ماڻهو هتان کان رَتناڪر جي ميدان ڏانهن ويا هئا. تن آفريڪا کان سريلنڪا تائين پنهنجون آباديون وڃي قائم ڪيون هيون. اُتي ڳوٺ ٻَڌا، مختلف ڌنڌا ڪيا ۽ مختلف جاين تي پنهنجي ڪيل اڏاوتن جا نشان ڇڏيا. جن جي شاهدي هندي سمنڊ جي ٻيٽن ۾ موجود بنان ڪنهن مسالي جي جوڙيل قديم تعميرات مان ملي ٿي. اهڙين ڪجهه اڏاوتن بابت، سنڌ جي تاريخ تي شاهڪار ڪتاب لکندڙ، گنگارام سمراٽ به پنهنجي لکيل ڪتاب ’سنڌو سئووير‘ ۾ ذڪر ڪيو آهي. رتناڪر جي ميدان ۾ رهائش دوران هتان کان نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهو آفريڪا کان سريلنڪا تائين رتناڪر جي ميداني علائقن ۾ پکڙي ويا. اتي ڪجهه ڊگهو عرصو يعني سنڌ ۾ برفاني دور جي ختم ٿيڻ تائين رهيا. هنن امن پسند ماڻهن آفريڪا کان سريلنڪا تائين اُتان جي رهاڪن سان سُٺا تعلقات رکيا. اُتان جي ماڻهن کان ميداني علائقن ۾ زندگي گذارڻ جي ڏاهپ سکي، ۽ اُتان جي ماڻهن به ڪوهستاني ڏاهپ جون کانئن ڪافي ڳالهيون سکي ورتيون. انهيءَ ٻنهي طرفن جي ميل جول سان ڪوهستان مان لڏي ويل ماڻهو شعوري طور وڌيڪ سگهارا ٿيا. منجهن وڌيڪ عقل ۽ سمجهه پيدا ٿي، ۽ سندن سماجي ڏاهپ ۾ اضافو آيو، جنهن کي هو پنهنجي ڪوهستاني سماجي ڏاهپ سان جوڙي وڌيڪ عقلمند ٿيا.انهيءَ سبب هي هڪ مُهذب قوم جي شڪل ۾ ارتقاپذير ٿيا. برفاني دور جي خاتمي سان رتناڪر جون جاگرافيائي حالتون بدلجڻ شروع ٿيون. ٿيو ائين جو جڏهن برفاني دور ختم ٿيو، تڏهن هماليا کان برف ڳرڻ سبب هيٺ سنڌو ڊيلٽا طرف پاڻيءَ جا وهڪرا ڪروڙين ٽَن مٽي آڻيندا رهيا. ٻئي طرف سنڌ جي ڪوهستان جو پاڻي به انهيءَ طرف وهڻ شروع ٿيو. نتيجي ۾ ٿَر تائين ڊيلٽا جي ڀَرجڻ کانپوءِ پاڻيءَ جو رُخ رتناڪر ڏانهن ٿي ويو. ٻئي طرف ايران ۽ اولهه وارن ملڪن جي لاڳاپيل علائقن جا جابلو وَهڪرا به رتناڪر ڏانهن وهڻ لڳا. جنهن سبب رتناڪر جو ميدان پاڻيءَ سان ڀَرجڻ شروع ٿيو. رتناڪر جي ٻُڏڻ ۾ تيزي آئي.اُتان جا رهاڪو آفريڪا، سريلنڪا ڏانهن وڃڻ شروع ٿي ويا. اهڙي لڏپلاڻ جي صورت ۾ هتان کان لڏي ويل قديم ماڻهن جا پونئر واپس سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ڏانهن اچڻ شروع ٿيا، ڇو ته هي پنهنجي خوشحال ڌرتي سنڌ ڇڏي رتناڪر ڏانهن ويا هئا. اها ماضيءَ جي خوشحالي، جنهن بابت هنن پنهنجي وڏڙن کان ٻُڌو هو، سي ڳالهيون کين واپس ڇڪي آيون، ۽ هو اُتان کان واپس ٿيا. سندن سنڌ ڏانهن واپسيءَ جو سفر ڏاڍين مُشڪلاتن مان گذريو هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪوهستان مان وهندڙ رتناڪر جي پاڻيءَ جي وهڪرن سندن واپسيءَ ۾ مُشڪلاتون پيدا ڪيون هونديون. انهيءَ ڪري هنن جلدي سنڌ جي ڏاکڻين جابلو سلسلن تي چڙهڻ شروع ڪيو هوندو. پوءِ هو ڪوهستان جي اُتر کان ڏکڻ طرف پکڙيل جابلو سلسلن تان گذرندي اڳتي وڌيا هوندا. اهو به امڪان آهي ته، هو اُنهن جابلو سلسلن تي ڪجهه وقت رهائش پذير به ٿيا هجن، ڇاڪاڻ ته ڪوهستان جي وادين مان پاڻيءَ جا وهڪرا هلندڙ هوندا، ۽ هيٺ ميداني رستا پاڻيءَ سان ڀريل يا گپ چِڪ وارا هوندا. انهيءَ ڪري سندن اهڙي عارضي جبلن جي چوٽين تي رهائش جا نشان، ڏکڻ طرف سمنڊ کان ويجهو شروع ٿيندڙ جابلو سلسلن تي، ڪراچي ڪوهستان، ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني ٽَڪرين، ۽ حيدرآباد لڳ گنجي ٽڪر تي موجود آهن.
برفاني دور کانپوءِ ڪوهستاني علائقي جا قديم جهنگ ۽ ساوڪ تباهه ٿي چُڪي هئي. صرف برف پگهرڻ سان ڪوهستان جي تراين ۾ پاڻي موجود هو، جنهن ڪري انهن ماڻهن پنهنجي گُذر سفر جا وسيلا ڪجهه وقت جبلن جي مٿانهين تي رهندي، هيٺ ٻيهرتلاش ڪرڻ شروع ڪيا هوندا. انهيءَ زماني ۾ اُهي واپس آيل ماڻهو وادين مان پاڻي نڪرڻ کان پوءِ ڪوهستان جي مختلف جابلو وادين ۾ ورهائجي ويا هوندا. ڪوهستان ۾ برفاني دور دوران ڪوهستان جا اڳوڻا سمورا ٻيلا ۽ ساوڪون سُڪي تباهه ٿي چُڪيون هونديون، ۽ سندن پنڊپهڻ ٿيڻ وارو عمل جاري هوندو. انهيءَ سبب ڪوهستان ۾ روزگار جي وسيلن جي سخت کوٽ هوندي، صرف ڪجهه پکي، ٿورا برفاني جانور، ۽ ڍنڍون بڻجي ويل وادين ۾ ڪجهه آبي جيوت يا مڇيون موجود هونديون؛ جن تي انهن ماڻهن عارضي طور گُذران ڪيو هوندو. وادين ۾ وري ڪجهه ڦوٽهڙو به ٿيو هوندو، جلدي ساوڪ رهيل ٻجن مان ڦُٽي نڪتي هوندي، وڻ، ٻوٽا ۽ جهنگ به ٻيهر ساهه کڻڻ لڳا هوندا؛ زراعت لاءِ ماحول سازگار ٿيو هوندو. ماڻهن وادين ۾ بچيل پاڻي به گبربند يعني ڊيم ٻَڌي روڪيو هوندو. جبلن مان چشما به وهي نڪتا هوندا، جيئن ته هو زراعت جي هُنرن کان واقف هئا؛ ان ڪري هنن وري ٻنيون آباد ڪري پنهنجا ڳوٺ ٻَڌا هوندا. هُنر مند ماڻهن به سُڪل ڪاٺ ۽ ٻين شين مان انساني ضرورتن لاءِ ڪم ايندڙ شيون ٺاهڻ شروع ڪيون هونديون. اهو ٻيهر آبادڪاريءَوارو دور به ڪافي سال رهيو هوندو. رتناڪر مان آيل ماڻهن جي شروعاتي ٻيهر آبادڪاريءَ واري زندگي ڪافي مُشڪلاتن جو شڪار ٿي هوندي. غربت سبب لڳي ٿو، ته انهيءَ زماني ۾ اُنهن ماڻهن جي وچ ۾ ڪي ٽڪراءَ به ٿيا هئا، يا جهنگلن ۾ حيواني جيوت ۾ اضافو ٿيو هو، يا ڪي ٻيا سبب هئا، جو هو پاڻ کي کُليل وادين ۾ غير محفوظ سمجهڻ لڳا هئا. انهيءَ جو ثبوت اهو آهي ته، سندن وسايل ڳوٺن جا آثار جبلن جي وچ ۾ محفوظ جڳهين تي موجود آهن. اهي محفوظ جايون جبلن جي وچ ۾ ڄڻ ته قدرتي محفوظ قلعا هئا، جتي صرف هڪ طرف کان سندن اچ وڃ جا رستا کُليل هئا؛ جن قدرتي دروازن جي هو گڏجي حفاظت ڪندا هئا.
ڪوهستان ۾ اهڙي قسم جي قديم آبادين جي آثارن ۾ دارا وارو علائقو به آهي. هي علائقو به ڪوهستان جي تونگ واري علائقي ۾ آهي. هي هڪ جبلن جي وچ ۾ هڪ مٿانهينءَ تي برساتي ڍورن جي بلڪل ڀرسان اڃان تائين ڏسڻ ۽ قديم ماڻهن جي رهائشي طور طريقن جي جانچڻ لاءِ موجود آهي. هتي پڻ محققن جي مشاهدي لاءِ ڪافي ڪجهه موجود آهي. هن علائقي ۾ هن وقت هڪ بزرگ دارا شاهه جي مزار آهي، انهيءَ ڪري مقامي ماڻهو انهيءَ علائقي کي دارا وارو علائقو سڏين ٿا. دارا واري علائقي جي اولهه طرف واري جبل ۽ رهائشي علائقي جي وچ ۾ هڪ جابلو کاهي به آهي، جيڪا ٻن سببن ڪري اهميت رکندڙ لڳي ٿي. هڪ ته انهيءَ ۾ برساتي پاڻي ذخيرو ٿيندو هو، ۽ ٻئي طرف اُها هن انساني آباديءَ جي حفاظتي پناهگاهه به هئي. هن کاهيءَ جي ڪمزور جاين تي خاص ڪري اُتر طرف ڳرن پَٿرن سان هڪ گبر بند به ٺاهيو ويو هو. جيڪو حفاظت سان گڏ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ به ڪم ايندو هو. هن علائقي ۾ رهائشي جاين جي بُنيادن جا به آثار موجود آهن. دارا جي علائقي جي مکيه لنگهه تي به حفاظتي چوڪيدارن جي رهائش ۽ ويهڻ لاءِ ڪجهه ننڍيون جايون ٺهيل آهن. آسپاس نظرداري ڪرڻ لاءِ به مٿانهين جاين تي نظرداري ڪندڙ ماڻهن جي رهڻ ۽ ويهڻ لاءِ جوڳو بندوبست موجود هو. بهرحال دارا وارو رهائشي علائقو انهيءَ زماني جي لحاظ کان هڪ مڪمل قلعو هو، جيڪو قدرتي جبلن جي پناهه گاهه طور ڪجهه حفاظتي ضرورتن جي هٿرادو پورائي ڪرڻ کان پوءِ هر لحاظ کان محفوظ ترين هو. هن کي پڻ دنيا جي اوائلي قديم قدرتي قلعي طور هر لحاظ کان ڳڻي سگهجي ٿو،جنهن جو شُمار جنت مڪان بُٺيءَ جي هٿرادو تعميرڪيل قديم قلعي کان پوءِ ٻئي نمبر تي قدرتي قلعي طور ٿي سگهي ٿو. هتي سنجيدگيءَ سان کوٽائي ڪرڻ تي عظيم تهذيبي نشان ملي سگهن ٿا، جيڪي انهن قديم ماڻهن جي رهائشي طور طريقن بابت گهڻي ڄاڻ ڏيئي سگهن ٿا.
انهي ساڳئي دور جا ٻيا آثار تونگ لڳ اڳ ۾ بيان ڪيل پنڊ پهڻ ٿيل واهي واري ڳوٺ ۾ به نظر اچن ٿا، جيڪي برفاني دور جي خاتمي تي انهيءَ ڳوٺ وارن جي پونئرن جي واپسيءَ تي ٻيهرآباد ٿيڻ جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن. شايد اُتان لڏي ويل ماڻهن جي پونئرن سوين سال رتنا ڪر جي ميدان تي گُذارڻ بعد وري اچي اهو ڳوٺ وسايو هو. هي ڳوٺ پراڻي ڳوٺ جي آثارن سان لڳو لڳ اوڀر طرف ٻيهر آباد ڪيو ويو هو، پر ٻيهر آباد ٿيندڙ ماڻهو اڳي هن ڳوٺ ۾ رهندڙ سندن وڏڙن کان وڌيڪ سُڌريل هئا. شايد اُنهن ماڻهن ۾ اهو وڌيل سُڌارو رتناڪر جي ميداني علائقن ۾ سوين سالن جي مُشاهدن ۽ تجربن جو نتيجو هو. هن نئين آباد ڪيل ڳوٺ جي ڪجهه حصي ۾ دڪان به ٺهيل هئا، جن جا آثار چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڳوٺ باقاعده منصوبه بندي موجب ٺاهيل هو، سڌيون گهٽيون، وچ ۾ چوسول، وڏي کُليل ايراضي تي اَڏيل هي ڳوٺ هڪ خوبصورت کُليل شهر جهڙو ڏيک ڏيندڙ هو. اڳتي هلي آسپاس ڏانهن کُليل رستن جي ڪري مختلف واپارين جي آمد سبب هتي واپاري رُجحان پيدا ٿيا ۽ هي ڳوٺ هڪ شهر ۾ تبديل ٿي ويو. اڏاوت جي لحاظ کان هي شهر به پنهنجي وقت جو خوبصورت شهر هوندو. هن شهر جي ايراضي به جبلن جي وچ ۾ قدرتي طور تي قلعي نُما علائقي ۾ آهي. اوڀر ۾ کيرٿر جبل، ڏکڻ ۾ گز جبل ۽ ٻيلي ٺپ تي قديم چشمو، جيڪو هن وقت سُڪل آهي. انهيءَ پاسي جبلن جي وچ مان لسٻيلي ڏانهن خشڪيءَ جو قديم رستو به هو، ساڳئي پاسي گز جبل تي گبر بند جا پراڻا آثار به آهن. انهيءَ پاسي دمبار جبل تي انساني قدمن جا به نشان موجود آهن، جيڪي ڳوٺ قادربخش باريجي جي سامهون مُشاهدي لاءِ موجود آهن. ڏکڻ اوڀر ڪُنڊ تي حيدر آباد ۽ ٺٽي ڏانهن به جبلن جي واديءَ مان رستو آهي.اُتر کان ڏکڻ طرف هڪ جابلو ڦنگ، هن ڳوٺ جي حيرت ۾ وجهندڙ آثار مِيرِي جي بُٺيءَ سان لڳو بيٺو آهي. هن ڳوٺ جا ڪافي آثار جيڪي اولهه ۾ بَشِيءَ جي قبرستان تائين ميلن ۾ پکڙيل هئا. تن ۾ موجوده دور جي ماڻهن رتن ناٿ جي قديم چشمي جي پاڻي تي فصل به پوکيا آهن، جن سان هنن آثارن جي ڪافي حصي کي نقصان به پهتو آهي. هن قديم آثار سان بلڪل گڏ لڳولڳ مِيرِي جي بُٺيءَ نالي سان هڪ حيرت ۾ وجهندڙ آثار به آهي، جيڪو به اڳتي هلي انهيءَ ڳوٺ جي رهاڪن ڪنهن دور ۾ تعمير ڪيو هوندو.
مِيرِي جي بُٺيءَ جو آثار عجب ۾ وجهندڙ آهي. هي هڪ هٿرادو طور مٽيءَ ۽ پٿرن سان ڀرائي ڪري ٺاهيل ٽَڪري جيان اوچو آهي، حالانڪ هن قديم شهر جي آثارن جي چوڌاري يا ڀر ۾ جابلو سلسلا، ٽَڪريون ۽ ڦنگ موجود آهن. انهيءَ ڪري ايڏي محنت سان سالن جا سال مٽيءَ ۽ پٿرن جي ڀرائي ڪري هٿراڌو بُٺي ٺاهڻ جي آخر هنن قديم ماڻهن کي ڇو ضرورت پئي؟ جيڪا ڳالهه ئي حيرت ۾ وجهي ٿي. هن قديم شهر کان اتر اولهه ڪُنڊ تي اها هٿراڌو بُٺي ٺاهي ويئي، جيڪا هن شهر سان لڳولڳ ٺاهي ويئي هئي. هن بُٺيءَ جي ايراضي تقريبن هڪ ايڪڙ کان ڪجهه وڌيڪ آهي، جيڪا ڳرن پٿرن جا بُنياد ڀَري انهن بُنيادن مٿان ٿُلهن پَٿرن جي ديوار کڻي گول شڪل ۾ ڪجهه اوساري ڏني ويئي آهي. پوءِ ان جي ويجهو ئي اوڀر طرف هڪ ايراضيءَ ۾ هڪ کڏ، يا کاڻ کوٽي، انهيءَ مان مٽي کڻي، هن بُٺيءَ کي مٽيءَ ۽ پَٿرن سان ڀريو ويو آهي. گولائيءَ جي شڪل ۾ تقريبن 200 فوٽن کان ڪجهه گهٽ اوچائيءَ تي هڪ هٿرادو بُٺي يعني ٽَڪري ٺاهي ويئي هئي. غور سان جانچڻ بعد معلوم ٿيندو، ته انهيءَ هٿراڌو بُٺيءَ تي مٿي چڙهڻ لاءِ هڪ اوڀر طرف کاڻ واري طرف کان ۽ ٻي اُتر طرف هڪ جابلو ٽَڪري جي ڦنگ کان چاڙهيون به ٺاهيون ويون هيون. پر انهن چاڙهين جو رُخ مٿي چوٽيءَ جي بجاءِ بُٺيءَ جي سڌو اندر آهي. شايد انهيءَ بُٺيءَ جي اندر ڪا جڳهه به ٺاهيل آهي، اها ڪهڙي مقصد سان ٺاهي ويئي هئي. يا اُن ۾ اندر ڇا رکيو ويندو هو، اهو هڪ راز آهي، جنهن جي خبر هن بُٺيءَ جي کوٽائي ڪرڻ سان ئي پوندي. گُمان آهي، ته انهيءَ جاءِ ۾ جيڪا ايڏي وڏي محنت سان ٺاهي ويئي هئي، ان ۾ ڪي تمام قيمتي شيون رکندا هئا، يا اهو ڪو مصر جي اهرامن جي نموني ٺاهيل ڪو اهرام هو؛ جتي هو لاشن کي ممي بڻائي رکندا هئا. جي اُتي ڪي قيمتي شيون رکيل آهن، تڏهن به انهيءَ بُٺيءَ جي کوٽائيءَ سان تاريخ جا تمام وڏا اهم دفن ٿيل راز کُلندا، جيڪي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيندا. جيڪڏهن اها جاءِ ڪا مصر جي اهرامن جيان مميون رکڻ جي جاءِ آهي، تڏهن به هن بُٺيءَ جي قدامت مصر جي اهرامن کان گهڻو آڳاٽي آهي. انهيءَ مان اها ڳالهه ظاهر ٿيندي، ته مصري تهذيب جن اهرامن تي ناز ڪري ٿي، تن کان اڳ ۾ اها ڏاهپ سنڌ ۾ موجود هئي ۽ مصر وارن اها اهرام ٺاهڻ واري ڏاهپ سنڌ وارن کان سکي هئي؛ جيڪا ڳالهه به سنڌي تهذيب جي قدامت کي ظاهر ڪندي.
ڪجهه سال اڳ ۾ اها ڳالهه به منظر عام تي آئي هئي، ته بلوچستان مان ڪا قديم ممي هٿ آئي آهي، پر انهيءَ بابت وڌيڪ ڪا ڳالهه هن ملڪ جي آرڪيالاجي کاتي طرفان ظاهر نه ڪئي ويئي، نه ئي انهيءَ بابت ڪا تحقيق ٿي، ته اها ڪهڙي زماني جي آهي.
علامه سيد سُليمان ندوي پنهنجي مشهور ڪتاب عرب و هند ڪي تعلقات ۾ لکيو آهي، ته؛ ”مصر جي ٺاهيل ممين جي مسالي جون ڪافي شيون سنڌ مان گُهرايون وينديو هيون.“ ڪن ڪتابن ۾ اهو به لکيل آهي، ته مصر جي فرعون اخناتون پنهنجي محل ٺاهڻ لاءِ سنڌ کان معمار گهرايا هئا، جن جي فن تعمير مصر وارن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. بحر حال تونگ لڳ قديم ماڻهن جي ٺاهيل هي ميري جي بُٺي پنهنجي اندر تاريخ جا ڪئين اهم راز سانڍيو بيٺي آهي. انهيءَ لاءِ هن بُٺيءَ جي کوٽائي اوليت جي بُنياد تي ڪرائڻ گهرجي.
دارا جي علائقي واري قديم انساني رهائش واري ڳوٺ، تونگ لڳ ميري جي بُٺي، ۽ ان جي ڀر ۾ لاڳاپيل قديم واهيءَ واري ڳوٺ جي جاءِ تي ٻيهر شهر نماءُ ڳوٺ وارن سمورن آثارن ڏسڻ کانپوءِ اندازو آهي ته، برفاني دور گذرڻ کانپوءِ رتناڪر مان واپس آيل ماڻهن سان گڏ امڪان آهي، ته انهيءَ واپسيءَواري لڏ پلاڻ ۾ ڪي ٻيا ماڻهو به آيا هجن. جيڪي آفريڪا، سريلنڪا يا رتناڪر جي ميدان ۾ رهندڙ اُتان جا اصلي رهاڪو هجن. ۽ هتان جي اصل رهاڪن جي پونئرن جي واپسيءَ تي ساڻن گڏجي، هتي آيا هجن، پر انهن جو تعداد ڪو گهڻو نه هو. گهڻائي هتان جي قديم رهاڪن جي پونئرن جي هئي، ڇوته هتي واپس آيل ماڻهن جي سرگرمين مان جيڪي شاهديون مليون آهن، سي برفاني دور کان اڳ وارن هتان جي قديم ماڻهن سان ملن ٿيون. مثال طور جيئن پاڻيءَ روڪڻ لاءِ گبر بند ٻَڌڻ، حفاظتي حڪمت عملي طور جابلو پناهه گاهن جي وچ ۾ ڳوٺ ٻڌي رهڻ، رهائش جي ويجهو پاڻي ذخيرو ڪرڻ وغيره. مٿين ڏٺل قديم ماڳن جي آثارن ۾ ماڻهن جا رهائشي گهر به هڪٻئي کي ويجها آهن. انهيءَ مان ائين لڳي ٿو، ته اُنهن ماڻهن جي وچ ۾ ڪو گهرو لاڳاپو هو. هر رهائشي علائقي جي سامهون هڪ ميدان آهي، جتي شايد هو ڪي گڏيل سرگرميون به ڪندا هئا. جنهن مان انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته هنن وٽ هڪ گڏيل سماجي نظام موجود هو، جنهن تحت حالتن موجب هنن مختلف ڪم ورهائي کنيا هئا. ڪي رهائشي علائقي جي حفاظت ڪندا هئا، ڪي روزگار جي تلاش ۾ نڪري ويندا هئا، ۽ هُنر مند ماڻهو سماجي ضرورتن موجب اوزار يا ٻيو ضروري سامان ٺاهيندا هئا. رتناڪر جي علائقي ۾ صدين جي رهائش دوران، ٻين قومن جي ماڻهن سان ميل جول سبب هنن جي ڏاهپ ۾ اضافو ٿيو هو. هتي ظاهري طور گَهڙيل پَٿرن سان ٺاهيل بُنيادن جا پَٿر، اوساريءَ لاءِ گَهڙيل پَٿرن جا مختلف ماپن جا بلاڪ، ان کان سواءِ مختلف ڪتب ايندڙ پَٿر جا اوزار، چقمقي پَٿر مان ٺاهيل ننڍا تيز اوزار، سندن وڌيل ڏاهپ جي شاهدي ڏين ٿا. هو باهه ٻارڻ جي مهارت کي مچ ٻارڻ کان اڳتي بَٺيُون ٺاهي سرون پچائڻ تائين وڌائي چڪا هئا. ڇاڪاڻ ته دارا واري علائقي مان محدود تعداد ۾ بنا ڪارپ جي هٿن سان ٺهيل شروعاتي پڪل سِرون به ملن ٿيون، پر انهن آثارن جي اڏاوتن ۾ سِرن جو استعمال گهٽ ۽ انتهائي ضرورت مهل ڪيو ويندو هو. تونگ وارن آثارن مان پڪل ڪارپ تي ٺهيل سِرون به ڪجهه تعداد ۾ ملن ٿيون. شايد اڳتي هلي هٿن سان سِرون ٺاهڻ کانپوءِ هنن سِرن جا ڪارپ به جوڙي ورتا هئا. دارا واري علائقي ۾ شين کي رکڻ لاءِ هٿن سان ٺاهيل پڪن ٺِڪر جي ٿانَوَن جا ٽُڪرا به ملن ٿا. باقي پاڻيءَ جي ٿانَوَن جو ٺِڪراٺو نه ٿو ملي، انهيءَ مان شڪ ٿو پيدا ٿئي، ته هتان جا ماڻهو پاڻي رکڻ لاءِ شايد چمڙي جون سانداريون استعمال ڪندا هئا. جيڪي شايد هو رتناڪر جي علائقي ۾ رهائش دوران ميداني علائقي مان ضرورت جي بُنياد تي خودرو سکيل نئين ڏاهپ طور کڻي آيا هئا. انهيءَ مان اها به ثابتي ملي ٿي، ته هو ميداني رهڻي ڪهڻيءَ جي عادت طور گُذر معاش لاءِ ڳوٺن کان ٻاهر نڪرندا هئا. پنهنجي ڪڇ ۾ پاڻيءَ جون سانداريون هڻي، پري پري تائين پنهنجين ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ نڪري ويندا هئا.نوان وسيلا به تلاش ڪندا رهندا هئا. ڪوهستان ۾ اڄ به ساندارين جو استعمال عام آهي. پاڻي رکڻ کان لسي رکڻ ۽ کير ولوڙڻ تائين چمڙي جي ساندارين کي ڪتب آندو وڃي ٿو. جڏهن ته تونگ لڳ ميري واري بُٺيءَ جي آثارن ۾ هٿن جي گَهڙيل شروعاتي ٿانَوَن جي ٺِڪراٺي سان گڏ وڏي تعداد ۾ چڪ تي ٺاهيل ۽ ڪجهه ٿانَوَ ڪاري رنگ جي چِٽسالي ٿيل به ملن ٿا. جن ۾ پاڻي رکڻ لاءِ مٽ، دلا ۽ کير ڄمائڻ ۽ ولوڙڻ لاءِ ماٽيون وغيره به ٺِڪرين جي حالت ۾ ملن ٿيون. انهيءَ مان اها خبر پوي ٿي، ته دارا جي علائقي ۾ نج ٻهراڙيءَ وارو ماحول ۽ تونگ لڳ ميري جي بُٺيءَ واري آثارن ۾ رهندڙ ماڻهن جو شهري ۽ واپاري ماحول هو.
هن زماني جا ماڻهو پنهنجا لاش پوريندا هئا،پر ڪجهه حيرت ۾ وجهندڙ ڊگهيون ۽ ويڪريون قبرون به آهن. نموني طور اهڙي هڪ 29 فوٽ 9 اِنچ ڊگهي ۽ 9 فوٽ ويڪري قبر، هوتوءَ جي مُر واري ٽَڪريءَ کان ڪجهه پنڌ تي جمال شاهه جي قبرستان ۾ آهي؛جيڪا اڃان تائين مشاهدي لاءِ موجود آهي. اهڙيون قبرون يا انهيءَ کان به ڊگهيون قبرون ڪوهستان جي جابلو وادين ۾ ٻين جاين تي به موجود آهن. جيئن ٿاڻي بولا خان کان اٺاويهه ڪلوميٽر اولهه ۾ ڳوٺ فضل پالاريءَ لڳ ديهه ٽڪ مڪان ۾ هڪ اٺيتاليهه فوٽ ڊگهي ۽ ساڍا ٽي فوٽ ويڪري قبر موجود آهي، جنهن کي ڪوٽيرو پير اصحابي جي قبر جو نالو ڏنو ويو آهي. اهڙي هڪ ڊگهي قبر گنجي ٽَڪر تي حيدرآباد جي قلعي جي دروازي جي سامهون به موجود آهي. انساني ارتقا جي ڪهاڻيءَ جي مُطالعي ۾ ايڏي ڊگهي قد وارن ماڻهن جي ڪٿي به شاهدي نه ٿي ملي. انهيءَ لاءِ انهن ڊگهين قبرن جي اصل حقيقت جي پڻ سائنسي بُنيادن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪي اجتماعي قبرون هجي، جيڪي ڏُڪارن، وبائي بيمارين، جنگي حالتن، يا ڪن ٻين حادثن دوران ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ موت جو شڪار ٿيڻ بعد پويان زندهه رهجي ويل ماڻهن طرفان وقت ۽ وسيلن جي کوٽ سبب ٺاهيون ويون هجن. سنڌ ۾ زمين ۾ امانت طور به شين رکڻ جو رواج موجود هو. اهو به ٿي سگهي ٿو، ته ڪن ماڻهن امانت طور پنهنجون ڪجهه شيون زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيون هجن. جن شين کي واپس ڪڍڻ جو انهن کي موقعو نه ملي سگهيو هجي، ائين وقت گذرڻ سان اهي دفينه به قبرن سان گڏ شُمار ٿيڻ لڳا هجن. تاريخ ۾ اهڙي هڪ شاهدي پڻ موجود آهي، ته عرب فاتح محمد بن قاسم به پنهنجي حصي جو مليل مال غنيمت ڪوهستان ۾ ڪنهن جاءِ تي دفن ڪرايو هو. اوچتو حالتن جي تبديليءَ، سندس گرفتاريءَ ۽ موت بعد اهو دفن ٿيل سمورو مال غنيمت اُتي ئي دفن ٿيل رهجي ويو، جنهن کي اُتان ڪڍڻ جي ڪا به شاهدي تاريخ ۾ موجود ناهي. اهو سمورو مال به اڃان تائين ڪوهستان جي ڪنهن وڏي قبر ۾ دفن ٿيل آهي. انهن وڏين قبرن ۾ به تاريخ جا تمام وڏا قيمتي راز دفن ٿيل آهن، جن جي پڻ سائنسي انداز ۾ جانچ جونچ ڪرڻ ضروري آهي.
ڪوهستان جي ڄاڻايل تاريخي قديم آثارن جون رهائشي اڏاوتون به ميداني طرز جون هيون. بنا مسالي جي پٿر جوڙي ديوارون ٺاهيون ويون هيون، جاين جي بُنيادن مان به پتو پوي ٿو، ته اهي چورس يا مُستطيل هيون. جڳهيون ويڪريون هيون،انهن جون ڇتيون شايد ڪاٺ جي ڪامن، داسن، پٽين، پيش جي تڏن ۽ ڪکن سان بند ڪندا هوندا. ڇو ته ڪاٺ کي وڍڻ ۽ ڇلڻ لاءِ هنن وٽ پَٿر جا اوزار موجود هئا، واڍڪو فن به هو سکيل هئا. ويڪرن گهرن مان محسوس ٿئي ٿو، ته هڪ ئي خاندان جا ڀاتي گڏجي رهندا هئا. ساندارين واري شڪ مان محسوس ٿئي ٿو، ته هو چمڙي جي استعمال کان به چڱيءَ ريت واقف هئا. هتي پٿر جا گَهڙيل مختلف اوزار به ٽِڙيل پکڙيل حالت ۾ ملن ٿا. کوٽائي ڪرڻ سان وڌيڪ اهم لِڪل راز ظاهر ٿيڻ جو امڪان آهي.
ڪوهستان ۾ وسيلن جي ڳولا لاءِ نڪرندڙ ماڻهن، ڪوهستان سان لاڳاپيل ويجهن ڊيلٽائي ميدانن جون جڏهن ڪوهستان کان وڌيڪ زرخيز زمينون ڏٺيون، ته هو ٻاهر ڊيلٽائي ايراضين ڏانهن وڃڻ لڳا ۽ ائين ڪوهستان کان ٻاهر انساني تهذيب پنهنجا قدم رکيا. ڪوهستان کان ٻاهر به انساني آبادي پکڙڻ لڳي. شايد انهيءَ ئي انساني آبادين جي پکيڙ سبب ڪوهستان سان لڳو لڳ آمريءَ جو شهر ٻَڌو ويو. دادو ضلعي جي نيئنگ شريف لڳ به قديم انساني تهذيب سان ڀرپور ڪجهه آثار موجود آهن . ڪوهستان لڳ اهڙا ٻيا به ڳوٺ ۽ شهر تعمير ٿيا هوندا، جيڪي ڪوهستان جي آسپاس ملي سگهن ٿا. جيئن ته انهيءَ زماني جا ماڻهو گهڻو سُڌريل ۽ زراعت جا ڄاڻو هئا، هنن ڍڳا ۽ ڳئون به پالڻ شروع ڪيون هونديون، ۽ ٻڪريون ۽ رڍون به ڌارڻ شروع ڪيون هونديون. ضرورت جي شين جي وڪري لاءِ بازارون به تعمير ڪيون هونديون. واپاري رُجحان به پيدا ٿيا هوندا، ائين ڳوٺن ۽ شهرن ۾ واڌاري جو عمل به جاري رهيو هوندو. جيئن تونگ لڳ ميري واري بُٺيءَ وارو ڳوٺ آسپاس ويندڙ رستن جي مرڪز سبب اڳتي هلي، هڪ شهر ۾ تبديل ٿي ويو. انهيءَ انساني والار دوران حالتن، زميني وسيلن، جي فرق سبب انهن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ هُنري صلاحيتن ۾ به فرق آيو هوندو، اهو فرق اسان کي قديم اڏاوتن ۾ نظر اچي ٿو. ڪوهستان ۾ قديم سموريون اڏاوتون پَٿرن جي بلاڪن جون آهن، جڏهن ته آمري ۽ خاص ڪري موهن جي دڙي ۾ سِرن جو استعمال نظر اچي ٿو. انهيءَ واڌاري جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ڪافي عرصي بعد انهن ماڻهن ايتري ترقي ڪئي هوندي، جو هو موهن جو دڙو شهر اڏڻ جهڙا به ٿيا هوندا. برفاني دور جي خاتمي کان پوءِ ماڻهن جي ٻيهر واپسي واري وقت کان موهن جي دڙي جهڙي شهر تعمير ڪرڻ تائين وارو عرصو به تمام گهڻو ڊگهو هوندو. اها ترقي ايترو جلد ڪونه ٿي هوندي، پر انهيءَسماجي ارتقائي عمل ۾ هزارين سال لڳا هوندا، ڇو ته رتناڪر جي سمنڊ ٿيڻ ۽ ماڻهن جي ڪوهستان ۾ ٻيهر آمد وارو دور شروعاتي زرعي ۽ چراگاهي دور هو ۽ موهن جي دڙي جي اڏاوت واري وقت ۾ هو واپاري ۽ شروعاتي صنعتي دور ۾ وقت گذاريندا هئا. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي رپورٽن ۾ کوٽائيءَ جي 9 دورن بابت تهذيبي ارتقا جون رپورٽون مليون آهن. جڏهن ته آرڪيالاجي آف انڊيا جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل 1927ع واري آخري رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو هو ،ته، موهن جي دڙي جي 9 دورن جي کوٽائيءَ کانپوءِ جيئن ته هيٺان پاڻي نڪري پيو آهي. ان لاءِ وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ ممڪن ناهي. پر اڃان به هيٺ ڪجهه دور بغير کوٽائيءَ جي رهجي ويا آهن. پر تڏهن به خود موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي هر دور جي رپورٽن مان اها ڳالهه چٽي نظر ٿي اچي، ته خود موهن جي دڙي جي اڏيندڙ ماڻهن جي پونئرن به هزارين سال انهيءَ هڪڙي شهر ۾ رهندي، ارتقائي منزلون طئي ڪيون هيون. ڪوهستان جي ارتقائي مشاهدي، سماجي ۽ زميني حالتن موجب انساني ترقي جي رفتار کي ڏسندي، اهو بنا هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته موهن جو دڙو پنج هزار سال قديم ناهي؛ پر اهو گهٽ ۾ گهٽ 25000 سال اڳ ۾ ڪوهستان ۾ انساني آباديءَ جي دٻاءَ سبب ماڻهن جي ٻاهر نڪري والار ڪرڻ واري عرصي ۾ آمريءَ کان پوءِ ٺاهيو ويو هو. جنهن ڳالهه جي تائيد مشهور سنڌي تاريخدان گنگا رام سمراٽ به پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ سووير‘ ۾ ڪئي آهي. اڳتي هلي هتي عقيدت ۽ شروعاتي مذهبي رُجحانن وارو سماج به اُسريو ۽ نِسريو هوندو. اُنهيءَ عقيدي جي بنياد تي ميري واري بُٺيءَ جي شڪل ۾ وڏي محنت سان اهرام نما ۽ اڄ تائين نه حل ٿيندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ تعميرات به ٿي .