سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ٿاڻو احمد خان

هي ڪوهستان جو اهم شهر آهي. هي شهر مَلڪ خاندان جي مَلڪ احمد خان ٻَڌايو هو. ڪوهستان جي سياست جي اهم خاندان مَلڪ خاندان جي رهائش هن شهر ۾ آهي. اُنهيءَ ڪري ڪوهستان جي سياست جو هي مرڪزي شهر پڻ آهي. مَلڪ خاندان جي رهائشي عاليشان بنگلن، خوبصورت پارڪن ۽ باغن سبب هن شهر جو ڏيک ڏاڍو وڻندڙ آهي. هن شهر جي اهم شخصيتن ۾ مَلڪ خاندان جي ڪجهه شخصيتن جي ذڪر کان سواءِ ڪوهستان جو احوال اڌورو رهندو، مَلڪ خاندان جي حسب نسب تي ۽ اُنهيءَ خاندان جي تاريخي ڪارنامن ۽ ڪار گُذارين تي هڪ جدا ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي. پر انهيءَ خاندان جي ڪجهه شخصيتن جي احوال کانسواءِ هي ڪتاب اڌورو رهندو. انهيءَ ڪري ڪجهه شخصيتن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

ملڪ احمد خان حملاڻي
هن مَلڪ صوبدار خان اول کانپوءِ اچي، ٿاڻي احمد خان جو شهر ٻَڌايو، ۽ حملاڻي خاندان هتي اچي رهائش پذير ٿيو. مَلڪ احمد خان هڪ بهادر سان گڏ بهترين اخلاق وارو رَڄ چَڱو مُڙس ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي قبيلي سان گڏ ڪوهستان جي ٻين قبيلن جي چَڱن مُڙسن سان ياريون دوستيون قائم رکيون. ٻين قبيلن جي ماڻهن ۽ پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جي وچ ۾ سمورا تنازعه ۽ رَنجشون ٻين قبيلن جي چَڱن مُڙسن جي ساٿ سان ختم ڪرايون، ائين ڪرڻ سان ڪوهستان ۾ هن کي ٻين ڪوهستاني قبيلن جو ساٿ به ملي ويو، ۽ هي پوري ڪوهستان جو هڪ غير مُتنازعه مَلڪ بنجي ويو. مَلڪ احمد خان کان پوءِ ملڪ سردار خان اول، ملڪ صوبدار خان ٻيون ۽ ملڪ سردار خان ٻيون ، ڪوهستان جي حملاڻي مَلڪن جا چَڱا مُڙس رهيا، پر سندن باري ۾ ڪو احوال نه مليو آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ خاندان جي لاتوجهي سبب هن خاندان جي وڏڙن جي ڪارنامن بابت ڪو به احوال نه ٿو ملي .

ملڪ صوبدار خان حملاڻي ٽيون
هن حملاڻي مَلڪ بابت سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب جنب گُذاريم جن سين، ۾ مَلڪ خاندان جي شُجري سان گڏ ڪُجهه لکيو آهي، جنهن کي پڙهڻ بعد ڄاڻ ملي ٿي ته، هي مَلڪ سردار خان ٻئين کانپوءِ ڪوهستان جي حملاڻي قبيلي جو چَڱومُڙس ٿيو. هن جا ٻه ڀائر مير شيردل خان ۽ ميرشاهنواز خان پوليس انسپيڪٽر جي عهدي تي پهتا، مير شيردل خان ته ڪجهه وقت رياست خيرپور جو ناظم به رهيو. انهيءَ کان علاوه هي ڪجهه وقت تعلقي لوڪلبورڊ ڪوٽڙيءَ جو صدر ۽ ضلعي لوڪلبورڊ دادوءَجو ميمبر به رهيو. اهڙيءَ ريت ڪوهستان جا حملاڻي مَلڪ، مُلڪ جي سياست ۾ داخل ٿيا. مَلڪ صوبدار خان پنهنجي قبيلي کان سواءِ ٻين به راڄن جا ڪم ڪاريون ڪرڻ لڳو، سياسي اَثر رَسوخَ سبب ڪوهستان جي سمورن قبيلن جو رُخ مَلڪ خاندان ڏانهن ٿي ويو. انهي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ، ته هن جي سڀاءُ ۽ ڪوهستاني راڄن سان ويجهڙائي سبب هن خاندان سياسي طاقت حاصل ڪئي . آخري عمر ۾ هي پنهنجي پُٽ ملڪ سڪندر خان کي جاءِ نشين بڻائي گوشه نشينيءَ ۾ زندگي گذارڻ لڳو. اهڙيءَ ريت سندس وفات 19 محرم 1341هجري ۾ ٿي.

ملڪ سڪندر خان
پهرين جولاءِ 1928ع تي هن جنم ورتو. هن جي صلاحيتن کي ڏسي سندس والد مَلڪ صوبدار خان کيس پنهنجو جاءِ نشين بنايو هو. والد جي وفات کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو 1953ع ۾ ميمبر چونڊيو. ون يونٽ دوران به هي مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، جنهن عهدي تي هو رهندو آيو. هي انتهائي ملڻو جُلڻو ۽ قربائتو ماڻهو هو. هن ڪوهستان جي سمورن قبائلي راڄن سان پنهنجائپ وارا واسطا رکيا. هن ڪوهستان جي قبيلن وچ ۾ ميٺ محبت جو ماحول پيدا ڪيو ، ۽ هن جون سنڌ جي اهم ماڻهن سان سنگت تعلقات ۽ دوستيون رهيون، اهوئي سبب آهي جو ڪوهستان جي سموري سياسي سَگهه هن وقت به ٿاڻي احمد خان جي هن خاندان وٽ آهي.

ملڪ اسد سڪندر خان
هي هن وقت ڪوهستان جي 94 ذاتين جو مَلڪ سڏجي ٿو، سَمورا ڪوهستاني راڄ سندس عزت ڪندا آهن. هي ڪوهستان جي سموري اَڇي ۽ ڪاري جو مالڪ آهي. ڪوهستان جي سموري سياسي قوت هن جي مُٺ ۾ بند آهي، سندس راڄن سان رَوَيو به پنهنجائپ وارو آهي. هو ڪوهستاني راڄن سان هر ڏُکي سُکي ۾ گڏ آهي . انهيءَ ڪري سندس ڪوهستان ۾ وڏي عزت آهي. جيڪڏهن هن کي ڪوهستان جي سموري درد جو علاج ڪرڻ، ۽ ڪوهستان کي پيش ايندڙ خدشن ۽ خطرن جو ادراڪ سمجهه ۾ اچي وڃي، هي ڪوهستان جي اهم ضروري مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي سگهه ۽ اثر رسوخ صحيح نموني استعمال ڪري ، تعليم ، صحت ۽ ٻين ضرورتن جي پورائي لاءِ سنجيدگي اختيار ڪري ، ته هي شخص ڪوهستان ۾ وڏيون سماجي تبديليون آڻي سگهي ٿو. هن جون اهي سماجي شعوري ڪوششون ڪوهستان کي هڪ دفعو وري پوري سنڌ سان ڳنڍي سگهن ٿيون . جيڪو ڳانڍاپو هتي سما دور کان وٺي ٽٽل رهيو آهي . سو بحال ٿي سگهي ٿو.

ملڪ سڪندر خان جونيئير
هي نوجوان ، ملڪ اسد سڪندر خان جو فرزند آهي . سندس جنم 16 آگسٽ 1997ع تي ٿيو . هن کي ننڍپڻ کان ئي ڪوهستان جي راڄن سان پنهنجي خانداني روايتن موجب پيار آهي . هن ڪوهستان ۾ عوامي خدمتن جي جذبي سان ڀرپور هڪ تنظيم “ جونيئير ملڪ سڪندر خان ، ويلفيئر فائونڊيشن ” ٺاهي آهي . جنهن جو هي پاڻ سرپرست اعليٰ آهي . هي تنظيم ڪوهستان ۾ غريبن جو مفت علاج ، طبي ڪيمپون لڳائڻ ، سائي ۽ ٻين موذي بيمارين جا ٽڪا هڻائڻ ، مختلف بيمارين جي مريضن جو ن سٺين ليبارٽرين مان ٽيسٽون ڪرائڻ ، غريبن ۾ مفت ڪپڙا ۽ جتيون ورهائڻ وغيره جهڙا چڱا ڪم ڪري ٿي . ملڪ سڪندر خان جونيئيرهن وقت دبئي ۾ تعليم جي لحاظ کان رهي ٿو. جتان ويهي هن تنظيم جي ڪم جي نگراني ڪري ٿو. سندس پويان هن تنظيم جا سماجي خدمتگار ، خادم خاصخيلي ، لعل بخش حملاڻي ، ديوان مير چند ، الطاف مغل ، معراج مگسي ، مقصود ملاح ، زين خاصخيلي ،سبحان بلوچ ، فيصل جوڻيجو ، محمد بخش لوهاراڻي ۽ ٻيا هروقت ڪوهستاني ماڻهن جي خدمتن ۾ مصروف آهن .

محمد حسن خاصخيلي ۽ صاحبڏنو برفت
هي انتهائي امانتدار انسان هئا .محمد حسن خاصخيلي ٿاڻي احمد خان جو هو ۽ صاحبڏنو برفت ڪرچات جو ويٺل هو . ٻنهي جي سچائي ۽ ايمانداري کي ڏسي ملڪ سڪندر کين ڪوهستان جي راڄن جي فيصلن جو امين مقرر ڪيو . هي گڏجي امين ٿي فيصلا ڪندا هئا . سندن ڪيل فيصلا سچائي ۽ غير جانبداري تي ٻڌل هوندا هئا. هنن جي ڪيل فيصلن سان ڪيترا ئي حساس ۽ خونريزي جي قريب فيصلا نبريا .سندن فيصلن کي ٻئي ڌريون مڃينديون هيون . ڪوهستان جا هندو ۽ مسلمان سندن ڪيل فيصلن جا مثال ڏيندا آهن . صوفي خيالن جا هي ٻئي بزرگ ، هميشه امن امان ۽ ميٺ محبت جي تلقين ڪندا رهندا هئا. اهوئي سبب آهي جو ڪوهستاني قبيلن ۾ ميٺ محبت قائم آهي . هن وقت جڏهن هو نه آهن ، ته به سندن ڳالهيون ڪوهستان جي ڪچهرين جو موضوع آهن. محمد حسن خاصخيلي جو پٽ اميربخش خاصخيلي به هن وقت ملڪ اسد سڪندر خان طرفان ڪوهستاني راڄن جي فيصلن جو امين آهي .هن جي عمر به لڳ ڀڳ 65 سال آهي ، پر سندس دامن تي ڪنهن رياءَ ۽ ناانصافي جو داغ لڳل ناهي .

گروءَ ٻالپوري مهاراج جو ميلو
ٿاڻي احمد خان کان ڪجهه فاصلي تي پهاڙين جي هڪ خوبصورت جاءِ تي قائم گروءَ ڀواني گُر مهاراج ۽ گروءَ ٻالپُوري مهاراج جي آستان تي هر سال سنبت وڪرمي سال جي سانوڻ مهيني ۾ هڪ تمام وڏو ميلو لڳندو آهي . جتي تيرٿ آستان جي ياترا کانسواءِ ، اگهور ندي جي پاڻي سان ڀرجي ويل سارڻ ۾ جل اشنان به ڪيو ويندو آهي . ڪوهستان ۾ هي جڳهه هندو ڌرم جي مڃيندڙن لاءِ انتهائي پويتر آستان آهي .