سنڌ جي تاريخ ۽ محققن جون ذميواريون
هونئن ته انساني ارتقا تي ڪيترن ئي سالن کان بحث هلندڙ آهن. انهن تي جديد سائنس جي روشنيءَ ۾ به تحقيقاتون هلنديون آيون آهن، پر مختلف سببن ڪري انهن تي اڃان تائين اطمينان نه ٿيو آهي. نه ئي سموري دنيا جا کوجناڪار ڪنهن هڪ ڳالهه تي مُتفق آهن. انساني ارتقا جي ڪهاڻيءَ جو سوال پوري دنيا ۾ مُنجهائيندڙ رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ حياتيات ۽ زميني علم جا ماهر مسلسل کوجنائون ڪندا رهيا آهن، پر اڃان تائين ڪڙيءَ ۾ ڪڙيءَ ملائيندڙ ڪا انساني ارتقا جي تاريخ جُڙي نه سگهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ کوجناڪارن کي ڪيتريون ئي رُڪاوٽون سامهون اينديون رهيون آهن.
سنڌ جي نئين سِر تاريخ لکڻ لاءِ محققن کي ارتقا جي ڪيترن ئي سوالن کي حل ڪرڻو پوندو، جن سوالن ۾ ارتقا بابت سوال وڏي اهميت رکن ٿا. جيسيتائين سنڌ جي تاريخ جو بُنياد ارتقا تي نه رکبو ۽ سنڌي تهذيب جي شروعات بابت ڪا خبر نه وٺبي، تيسيتائين ڪنهن مُستند تاريخ جو لکجي سگهڻ ناممڪن هوندو.
ارتقا جي سفر جي شروعات ۾ ڌرتيءَ جي عمر بابت پهريون ۽ اهم سوال اُٿي ٿو، جنهن بابت ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان سواءِ اڳتي وڌي نه ٿو سگهجي. ارتقا جي سوال جي جواب ۾ هيلتائين ارضياتي ماهرن ۽ سائنسدانن جي چوڻ موجب، نظام شمسيءَ جي ٺهڻ بعد هن ڌرتيءَ جي عمر ساڍا چار ارب سالن کان به وڌيڪ آهي. ڌرتيءَ جي ارضياتي مُطالعي يا پنڊ پهڻن يا ٻين قديم شين کي جانچڻ بعد سائنسدان اهو به چون ٿا، ته هن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو وجود سَتونجاهه ڪروڙ پنج لک سال آڳاٽو آهي. انهيءَ دوران هن ڌرتيءَ تي الائجي ڪيتريون تبديليون آيون، پر انهن تبديلين جي باري ۾ مختلف سائنسدانن ۽ ارضياتي ماهرن جا پنهنجا پنهنجا الڳ رايا آهن. جن کي پڙهڻ سان وري ڪيترائي مُنجهائيندڙ سوال ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا. اهي مونجهارا تيسيتائين بحث هيٺ ايندا رهندا، جيسيتائين ڪي ڇنڊڇاڻ بعد حتمي نتيجا ظاهر نه ٿا ٿين.
ساڳيءَ ريت وري سنڌ جي عمر بابت به ارضياتي ماهرن جي راين ۾ تضاد آهي. مثال طور هڪڙا ماهر چون ٿا ته؛”سنڌ جي جنم کي ساڍا تيرهن ڪروڙ سال ٿيا آهن. کيرٿر جي جابلو سلسلن جي ڄمار ڇهه ڪروڙ سال آهي، پر سنڌ جي ڪارونجهر جبل جي ڄمار اڍائي ارب سال آهي.“ عمرين جي ايڏي وڏي تضاد مان سوال ٿو پيدا ٿئي، ته جڏهن سنڌ جي جنم کي ساڍا تيرهن ڪروڙ سال ٿيا آهن، ته پوءِ ڪارونجهر جبل وري ڪنهن ٻئي سَياري تي موجود هو ڇا؟ يا هوا ۾ بيٺل هو، جو سندس عمر اڍائي ارب سال آهي. اهڙا حيرت ۾ وجهندڙ سوال نه صرف سنڌ جي عمر بابت آهن، پر پوري ڌرتيءَ تي موجود مختلف ٻين ملڪن جي ڄمارن ۾ به موجود آهن. جيڪي سوال حل ٿيڻ گهرجن. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي ڪيترائي ادارا مسلسل کوجنائن جو ڪم ڪري رهيا آهن. انهن کوجنائن جي نتيجي ۾ وقت بوقت ڪيترا ئي سوال حل ٿين ٿا، ته وري ڪيترا ئي نوان سوال پيدا به ٿين ٿا. اهو سوالن ۽ جوابن جو سلسلو ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ آهي.
سنڌ جي تاريخ جي ڳولا بابت جيئن ته ڪا به سنجيدهه ڪوشش اڃان نه ورتي ويئي آهي. انهيءَ ڪري سنڌ جي قديم تاريخي ارتقا جي سوالن جو ڪو به اطمينان بخش جواب نه ٿو ملي، نه ئي ڪو ادارو يا ڪو محقق انهيءَ طرف ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي . جيتوڻيڪ انهن سوالن جا جواب ممڪن آهن، مثالطور جيڪڏهن سنڌ جي جبلن تي ملندڙ پنڊ پهڻن کي غور سان جانچيو وڃي، يا سنڌ جي مختلف حصن جي مٽي، قديم شين، هڏين، ۽ ڪوئلي وغيره جي جيڪڏهن جديد سائنس جي روشنيءَ ۾ ڪا جانچ ڪئي وڃي. دنيا جي ساک وارين ليبارٽرين ۾ انهن شين جي ڊي اين اي ٽيسٽ يا ڪاربان ٽيسٽ ڪئي وڃي، ته ڪافي مُنجهيل سوالن جي حل ڪرڻ لاءِ راهون کُلي سگهن ٿيون. موجوده دور ۾ اهي ڳالهيون ناممڪن به ناهن، پر اهو ڪم ڪير ڪري. ڪو به پنهنجي ذميواري نه ٿو محسوس ڪري. انهيءَ لاءِ پوري دنيا ۾ موجود سنڌ جي تاريخ سان محبت ڪندڙن کي پنهنجو ذميوارانه ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. افسوس جي ڳالهه وري اها آهي ته، سنڌ جو ڪو به ادارو يا ڪو محقق انهن سوالن جي ڳُجهارت ڀڃڻ طرف به ذهن نه ٿو ڊوڙائي. سنڌ جا محقق به اکيون پوري بغير ڪنهن تحقيق ڪرڻ جي ٻين ڌارين محققن جا حوالا ڏيئي ڳنڍ ٻڌي ويهيو رهن. وڏي فخر سان چوندا ته لئمبرڪ، رچرڊ برٽن، مجمدار، البيروني، ۽ مدائني، وغيره جو لکي ويا آهن، يا وري فلاڻن تاريخدانن جو لکيو آهي. انهيءَ لاءِ انهن ڳالهين تي بحث ڪرڻ ئي فضول آهي. اُلٽو جيڪڏهن ڪو کين چوندو، ته بابا جيڪڏهن اڳوڻن يا ٻاهرين محققن ڪٿي ڪا غلطي ڪئي آهي، ته پوءِ ان کي دُرست ته توهان کي ئي ڪرڻو آهي، ته اصل بگڙي پوندا. يا وڌ ۾ وڌ چوندا، ته جي توکي لاچار آهي، ته تون وڃي ڪر. محققن جي ايڏي غير ذميداري سنڌ جي نوجوانن ۾ به مايوسي پيدا ڪري ٿي. ائين تحقيق جو ڪم جمود جي ور چڙهيل آهي. سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو نوجوان ڪا تحقيق ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته بزرگ محقق ان جي رهنمائي ڪرڻ جي بجاءِ ان تي ڪاوڙجي پون ٿا، يا گڏجي انهيءَ نوجوان جي ڪيل ڪم مان غلطيون ڪڍن ٿا، اجايون تنقيدون ڪن ٿا. روبرو ٽوڪيندي چون ٿا، ته تون اجايا سوال پيو اُٿارين! اهوئي سبب آهي، جو سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نه ٿي ٿئي.
انهيءَ لاءِ سنڌ جي وڃايل تاريخ جي ڳولا جي ڪوشش ۾ تمام وڏي سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. هيسيتائين سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جو ڪم ٻاهرين ليکڪن ڪيو آهي. انهن ليکڪن تي ميار اُن ڪري ناهي، جو اهي سنڌ ڄايا نه هئا، ۽ نه ئي انهن کي سنڌ جي سڀني ڳالهين جي ڪا سُٺي ڄاڻ هئي. انهيءَ ڪري هنن کي جيڪي ڪجهه ظاهري طور ڏسڻ ۾ آيو، سو لکي ويا.انهيءَ ڪري سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جو ڪم سنڌ جي ئي محققن ۽ ادارن کي ڪرڻ گهرجي. محنت ڪرڻ جي بجاءِ ٻاهرين محققن جي تحقيق تي اکيون پوري ايمان آڻڻ وارو رَوَيو غلط آهي. سنڌ جي محققن کي زميني حقيقتون جانچي، پرکي پنهنجي پيرن تي بيهي، سنڌ جي تاريخ جي وڃايل وجود کي ڳولڻو پوندو ۽ غير ملڪين جي تحقيق جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي. جيئن سنڌ جي مُستند تاريخ لکجي سگهي. جنهن کي هٿ ۾ کڻي وڏي واڪي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري چئي سگهجي،ته سنڌجي تاريخ تمام قديم آهي، ۽ سنڌي قوم تاريخي طور سُڌريل قوم آهي.
ڇاڪاڻ ته تاريخ ئي هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ قومون پنهنجي شڪل صورت ڏسي پنهنجي ارتقا جي سَگهَه کي محسوس ڪري اُتساهه وٺنديون آهن. تاريخ ئي قومن کي پنهنجي اُوڻاين جو احساس ڏيئي، اڳتي ارتقا جي سفر تي هلڻ لاءِ آڀاريندي آهي. تاريخ ئي قومن کي ارتقا جي جمود جي سببن کان واقف ڪندي آهي. تاريخ ئي ارتقا جا نوان گَسَ ۽ پيچرا ڏسيندي آهي. انهيءَ لاءِ تاريخ قومن جي اُها اَک آهي، جنهن سان قومون پنهنجو پاڻ کي ڏسي سگهنديون آهن.