پنهنجي پاران : آهي ماٺ ممات
سنڌ جي تاريخ پڙهڻ وقت انهيءَ تاريخ جي مونجهارن کي ڏسي اندر ۾ وَڍَ پون ٿا. نهايت افسوس جي ڳالهه آهي، جو اسان جي تاريخ تي يا قديم ماڳن يا سنڌ جي جاگرافيءَ جي تبديلين کي ڏسندي، سنڌو درياءَ جي قديم وهڪرن ۽ انهن وهڪرن تي جنم وٺندڙ حياتيات يا انساني تهذيب تي ڪو سنجيده ڪم نه ٿيو آهي. ڪجهه ڏيهي ۽پرڏيهي محققن سنڌ بابت لکيو،پر انهيءَ جي ڇنڊڇاڻ يا انهيءَ سموري معلومات کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪا جامع ڪوشش نه ٿي آهي، ۽ نه ئي ڪاتحقيقات ٿي آهي،اهوئي سبب آهي، جو سنڌ جي ڪابه جامع۽ مُستند تاريخ لکجي نه سگهي. جنهن جي بنياد تي اسان جي قوم فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري سگهي.
سنڌ جي تاريخ جي مُنجهيل سُٽ کي سُلجهائڻ لاءِ، مون پنهنجي ذميواري قبوليندي ، پنهنجي حال سارو وقت به وقت سنڌ جي تاريخ جي وڃايل وجود جا ٽُڪرا ميڙڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. منهنجو هيءُ ڪتاب سنڌ جي ڪوهستان جي کيرٿر نيشنل پارڪ جي دائري جي ڪجهه ڪوهستاني علائقي، ڪراچي ڪوهستان، ٺٽي، ڄامشوري، دادو ۽ حيدرآباد ضلعن جي ڪجهه جابلو سلسلن جي وقت بوقت منهنجي ڪيل ڪجهه مشاهدن جو ثمر آهي. اهي نتيجا منهنجي مشاهدي ۾ آيل نتيجا آهن، اهي ڪي حرف آخر به نه آهن، نه ئي آئون اهڙي دعويٰ ڪريان ٿو. هن ڪتاب ذريعي سنڌ جي تاريخ جي قدامت ۽ سنڌو ڊيلٽا جي ٺهڻ بابت ڪيل منهنجي مشاهداتي ۽ مطالعاتي نتيجن سان اختلاف به ٿيندا، نوان بحث ڇڙندا، سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جي سلسلي ۾ موجوده ماٺ ٽُٽندي. جنهن سان نئون تحقيقي ڪم شروع ٿيندو، ائين اڳتي هلي سنڌ جي جامع مُستند تاريخ جُڙي سگهندي. جيڪو ئي منهنجي هن ڪتاب لکڻ جو هڪ اهم مقصد آهي. جيڪڏهن هن مان سنڌ جي تاريخ جي ڳولا ۾ ڪو هڪ به نقطو مليو يا ڪنهن هڪ به ماڻهو جي دل ۾ سنڌ جي تاريخ جي گم ٿيل وجود ڳولڻ جو عشق پيدا ٿيو، ته مون لک کٽيو
ڪوهستان تي ڪجهه ٿورن ماڻهن اڳ ۾ ڪم ڪيو آهي . تمام وڏي تڪليف سان جبل به جهاڳيا آهن . هنن جيڪي ڏٺو سو وڏي تفصيل سان بيان به ڪيو آهي . انهن پنهنجن مشاهدن ۾ آيل ماڳن ۽ شين جو ذڪر ته ڪيو آهي ، پر انهن مشاهدن ۽ شين جون ڪڙيون ، ڪڙين ۾ ملائي ڪا راءِ قائم ڪري نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش گهٽ ڪئي آهي . جنهن سبب سندن انهي ڪيل محنت سان تاريخ جي تحقيقي ڪم جي ماٺار نه ٽٽي آهي . نه ئي انهن ڪي سوال اٿاري تحقيق جي جمود کي ٽوڙيو آهي . جنهن ڳالهه جي شديد ضرورت هئي . انهي ضرورت کي محسوس ڪندي . مشاهدن جون ڪڙيون ، ڪڙين سان ملائي ڪي نتيجا ڪڍڻ جو رواج وجهڻ لاءِ ، آءٌ اڪيلو هي جهنگ جهاڳڻ نڪتو آهيان، مون کي اهو به احساس آهي ، ته هر نئون ڪم يا نئون خيال ميدان تي آڻڻ وارا تاريخ ۾ اڪيلا ئي رهيا آهن. نون ڪمن جي شروعات هميشه اڪيلن ماڻهن ئي ڪئي آهي. انهيءَ جذبي تحت هلندو رهان ٿو، پر اها اميد اٿم، ته منهنجي هن ڪوشش سان اڳتي هلي،تاريخ تي ڪم ڪندڙ محققن ۾ اُتساهه ضرور پيدا ٿيندو. يا ايندڙ محققن کي منهنجي ڪوشش جي نتيجن مان ڪا راهه جي روشني ملندي. جيئن گئليلو ، ۽ ايڊيسن جي ڪوششن اڳتي هلي ايجادن ۽ ڪائنات کي سمجهڻ جو اُتساهه پيدا ڪيو. تيئن منهنجي هيءَ ڪوشش به آئنده جو هڪ اُتساهه آهي.
ڪوهستان تمام وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. انهيءَ سموري ايراضي جي سمورن تاريخي آثارن جو مڪمل مشاهدو ته ڪو منظم سگهارو ادارو ئي ڪرائي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري منهنجي مشاهدي ۾ آيل تاريخي شاهديون اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. پر اها ڳالهه دعويٰ سان چئي سگهجي ٿي. ته سنڌ جي تاريخ جا آڳاٽا نشان صرف سنڌ جي ڪوهستاني علائقن ۾ ئي باقي وڃي موجود رهياآهن. جتان ئي سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جي شروعات ڪري سگهجي ٿي. مون هن ڪتاب ۾ صرف آئنده تحقيقي جاکوڙ ڪرڻ لاءِ نشاندهي ڪئي آهي.
مون هن ڪتاب ۾ ڪوهستان جي مشاهدي مان پنهنجي ڪيل تاريخ جي مطالعي جي روشنيءَ ۾ ڪجهه نتيجا اخذ ڪيا آهن. جنهن ڪري مون رسمي تحقيقي ڪتابن لکڻ واري طريقه ڪار کان الڳ ٿي، ڪتابن جا حوالا جيئن جو تيئن ڏيڻ بجاءِ پنهنجي راءِ قائم ڪئي آهي. ڇو ته هن کان اڳ ۾ تاريخ جا ڪتاب لکندڙن صرف اڳين لکيل ڪتابن جا حوالا ڏيئي ڪتاب پئي لکيا آهن. جنهن سبب ئي تاريخ تي تحقيق جو ڪم جمود جو شڪار ٿيو آهي. ليکڪن کي گهرجي ها، ته هو پنهنجي ذاتي مشاهدن کي پنهنجي ڪيل تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي مطالعي سان جوڙيندي ،سائنسي بنيادن تي ڪي نتيجا ڪڍن ها، ته هيسيتائين سنڌ جي تاريخ تي تمام وڏو ڪم ٿي چُڪو هجي ها، پر ائين نه ٿيڻ جي ڪري سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جو ڪم نه صرف جمود جو شڪار ٿيو، پر ويتر وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿيا. جنهن سبب ئي اڳين محققن جو هيل تائين ڪيل ڪم ڪو اُتساهه پيدا نه ڪري سگهيو. ائين اسين مونجهارن جو شڪار ٿي، پنهنجي تاريخي آثارن جي بربادي کي ڏسندا ۽ ڳوڙها ڳاڙيندا رهياسين، پر انهن آثارن جي مشاهدي مان ڪي نتيجا ڪڍي اڳتي وڌي نه سگهياسين، جيڪا ڳالهه ئي افسوسناڪ آهي.
مون هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪوهستان جي تمام ٿورن ڀاڱن جو ڪجهه ڏينهن جا مشاهداتي سفر ڪري، ڏٺل مشاهدن مان پنهنجي ڪيل مطالعي جي روشنيءَ ۾ ڪجهه نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته مشاهدن مان نتيجا صرف ڪيل مطالعي جي روشنيءَ ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ سان ئي ڪڍي سگهجن ٿا. مون آخر ۾ انهن ڪتابن ، ويب سائيٽن جي لسٽ سان گڏ انهن ڪوهستان جي ڄاڻو ماڻهن جا نالا به ڏنا آهن جن سان ڪچهريون ڪري مون معلومات ورتي . پر مون انهي سموري مطالعي ۽ معلومات جي روشني ۾ پنهنجا اندازا لڳائي راءِ قائم ڪئي آهي . انهي ڪري ڪتابن جا هوبهو حوالا نه ڏنا اٿم . البت ڪجهه جاين تي انهي جي نشاندهي ضرور ڪئي اٿم . جيئن مُرَوِج حوالا ڏيئي لکڻ وارو جمود پيدا ڪرڻ وارو رُجحان ختم ٿي سگهي.حالانڪ مون کي اها به خبر آهي،ته منهنجي هن تحقيقي طريقي ڪار تي به ڪيترا اُهي محقق جيڪي حوالن جي بنياد تي ڪتاب لکي وڏي محقق هئڻ جا اعزاز ماڻي چڪا آهن، سي منهنجي هن نئين تحقيقي طريقي تي جُلهون ڪندا. پر هر نئين ڪم جي شروعات ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. انهيءَ لاءِ آئون انهن جُلهن ۽ تنقيدن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ڇو ته تاريخ جي شاگرد جي حيثيت ۾ مون کي دنيا ۾ نواڻ پسندن سان جيڪي وَهيو واپريو، تنهن جي ڄاڻ آهي. پر مون کي اهو يقين آهي، ته آءٌ هجان يا نه هجان، پر مون هي ڪتاب لکي ماٺار جي سمنڊ ۾ جيڪو ڳرو پٿر اُڇلايو آهي، سو ضرور ماٺار ٽوڙيندو. اهو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن منهنجي هن تحقيقي طريقي تي سنڌ جي مڪمل مُستند تاريخ لکجي ويندي ۽ سنڌي قوم هڪ شاندار تاريخ جي وارث بڻجي، دنيا کي اوچي ڳاٽ سان ٻڌائي سگهندي، ته سنڌ انساني تهذيبن جي ماءُ آهي، جنهن حاصلات لاءِ مون هي ڏونگر ڏوريا آهن .
ڪوهستان جي اڙانگن مشاهداتي سفرن دوران مون سان جيڪڏهن منهنجا کاهوڙي بااثر ڪوهستاني دوست اسماعيل باريجو، رسول بَخش درس ۽ احمد خان پالاري، ڌار ڌار وقتن تي گڏ نه هجن ها، يا انهن جو سهڪار نه ملي ها، ته آئون خالي هٿين موٽي اچان ها. انهيءَ لاءِ محققن کي ڪوهستان ۾ تحقيق جي سلسلي ۾ وڃڻ کان پهريائين ڪوهستان جي رهواسين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي. ٻي حالت ۾ ڪوهستانين جي مدد کانسواءِ ڪوهستان جو سفر اڙانگو ۽ نهايت مشڪل آهي. توهان پنهنجي پر ۾ انهن جاين تي نه پهچي سگهندا، جتي اسان جي تاريخ جا قديم نشان موجود آهن ۽ بغير ڪنهن نتيجي کڻي اچڻ جي خالي هٿين مايوس ٿي موٽي ايندا. جيئن مون کان اڳ ۾ ڪجهه وڏا محقق به منهنجي ڏٺل تاريخي ماڳن تي سرڪاري سهوليتون ۽ وسيلا هئڻ جي باوجود به نه پهچي سگهيا . اهو ئي سبب آهي ، جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل اهم شاهدين جو سندن ڪتابن ۾ ذڪر ناهي.
منهنجي هن سموري تحقيقي سفر ۾، مختلف وقتن تي ساٿ ڏيندڙ دوستن، اسماعيل باريجي، رسول بخش درس، احمدخان پالاري، فياض درس، علاوالدين شيهڻو، بابو سومرو، خليل الله سومرو، نصرالله سومرو ۽ احمد خان ٻٻر،جا به لک ٿورا، جن مون سان هن تحقيق جي سفر ۾ ڪجهه قدم کڻي مون سان گڏ هلڻ ۾ ساٿ ڏنو.هن ڪتاب جي تحقيقي سفر ۾ عام ڪوهستاني ماڻهن جي بي انتها خلوص کي آئون ڪڏهن به وساري نه سگهندس، نه ئي پنهنجي ساٿين جي محبتن جو قرض لاهي سگهندس.
هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ سنڌ جي هڪ باشعور ڏات ڌڻي يوسف شاهين جو نالو ذهن تي آيو. يوسف شاهين سان منهنجي ڪابه ملاقات يا عليڪ سليڪ نه هئي، تنهن شروعات ۾ ته مهاڳ لکڻ جو ڪو به آسرو نه ڏنو ۽ پنهنجي ناچاقائيءَ جو عُذر ڄاڻائي في الحال ته جواب ڏيئي ڇڏيو. پر ڪجهه انتظار بعد ۾ موٽ ۾ هن انتهائي ناچاقائيءَ جي حالت ۾ جڏهن ڪتاب جي مسودي جو مطالعو ڪيو ته، منهنجي ڪيل ڪم کي ساراهيندي، مون کي فون ڪري مهاڳ لکي ڏيڻ جو نه صرف واعدو ڪيائين، پر گڏوگڏ منهنجي پراڻي ساٿي دوست رکيل مورائي معرفت مون کي مهاڳ لکي ڏيڻ جو يقين به ڏياريائين.موٽ ۾تمام جلد راتين جا اوجاڳا ڪري شاندار مهاڳ پڻ لکي ڏنائين. جنهن مهاڳ سان منهنجي هن ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ٿيو آهي، انهيءَ لاءِ سندس لک ٿورا.
منهنجي گذارش تي هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت تي ڪوهستان جي کاهوڙي محقق گل حسن ڪلمتيءَ، ڪوهستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪيل پنهنجي ذاتي مشاهدن کي ڳنڍيندي، شاندار مضمون لکي هن ڪتاب کي ڪوهستان جي تاريخ تي بنيادي ۽ اهم ڪتاب قرار ڏنو آهي. جيڪا ڳالهه به مون فقيرلاءِ وڏي اتساهه جو سبب بڻبي. نوجوان قومي دانشور نواز خان زئور به پنهنجي قلم آرائي ڪري، منهنجي هن ڪتاب کي شاندار ڀيٽا ڏني آهي، ۽ هن ڪتاب کي سنڌ جي تاريخ جو بنيادي ۽ اهم قومي دستاويز سڏيو آهي. انهي کانسواءِ سنڌ جي نوجوان محقق اعظم ڀٽي پڻ منهنجي هن تحقيقي ڪم جي ساراهه ڪندي ٻه اکر لکيا . جن جو به ٿورائتو آهيان .
منهنجي هن ڪتاب کي سڀ کان پهريائين عالمي نشرياتي اداري ريڊيو وائيس آف سنڌ ، لنڊن، پروگرام “ڳالهيون ڪوهستان جون ” جي سري هيٺ قسطوار نشر ڪري، پوري دنيا ۾ موجود سنڌ جي عاشقن تائين پهچايو. انهيءَ سان مون کي نه صرف پوري دنيا مان محبتن جي موٽ ملي، پر هن ڪتاب جي مواد جي رڪارڊنگ منهنجي آواز ۾ انٽرنيٽ جي مختلف ويب سائٽن تي هميشه لاءِ محفوظ پڻ ٿي ويئي. جنهن سبب هن ڪتاب کي ڇپجڻ کان پهريائين ئي حيات جاوداني نصيب ٿي ويئي. انهيءَ لاءِ آئون پنهنجي پياري محسن محترم امدادعلي اوڍو صاحب جو شڪرگذار آهيان.
محترم امداد علي اوڍو صاحب رڳو پنهنجي ذميواري کي اتي پورو نه ڪيو ، پر جڏهن هن ڪتاب کي ڇپائي منظرعام تي آڻڻ لاءِ ڪنهن به سرڪاري اداري اڳڀرائي نه ڪئي، ته هن هي ڪتاب ڇپرائڻ جو ذمون به کڻڻ جو اعلان ڪيو ، ۽ ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت تي به پنهنجي راءِ لکي . ساڻس سڏ ملائيندي برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم ’سنڌي سنگت‘ يو ڪي ، جي جنرل سيڪريٽري محترم گل سنائيءَ ۽ سنڌين جي عالمي تنظيم ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان هدايت ڀٽو نه صرف سهڪار ڪيو ويو ، پر انهن مهربانن ڪتاب جي باري ۾ پنهنجا رايا به لکي شامل ڪيا جن سڀني جا وڏا وڙ ، جن هن ڪتاب جي ڇپائڻ جو بار ڪلهن تي کڻي ، هن ڪتاب کي توهان جي هٿن تائين پهچايو . شال ! پرڏيهه ۾ رهندڙ انهن سنڌ جي عاشقن جو جذبو ، ملڪ جي ذميوار ادارن سان گڏ ، سنڌ ۾ رهندڙ سَرندِيءَ وارن ماڻهن ۾ به اتساهه جو سبب بڻجي .
آئون سنڌ جي باصلاحيت نوجوانن امين فهيم ڀٽي ، شعيب رضا لغاري ، پرڪاش ڪرمواڻي جو به ٿورائتو آهيان ، جن منهنجي ڪتاب جي ٽائٽل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو ثابت ڪيو، ته سنڌ جا نوجوان گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ جنون جي حد تائين جذبو ۽ همت رکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئون سندن انهي بي انتها محبت ۽ جذبن کي توري نه سگهيس . منهنجي لاءِ سندن پيار جي پورهئي مان ڪو هڪ ٽائٽل چونڊڻ مشڪل ٿي پيو. پر هن ڪتاب جي ٽائٽل ۾ سندن گڏيل محبت جارنگ ضرور شامل آهن . آئون پنهنجي پٽ سڪندر جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪري منهنجي خيالن کي پنن تي لاٿو ، جي محنت کي ڏسندي پراميد آهيان ، ته هو اڳتي هلي منهنجي هن عشق جي سفر کي سلامت رکندو . منهنجي هن ڪتاب جي پروف ڏسڻ لاءِ آئون نوجوان محقق سارنگ جويو جو به ٿورائتو جنهن راتين جا اوجاڳا ڪري جلد پروف چيڪ ڪري ورتا .
آئون سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جي پياري ساجد سنڌي جو به ٿورائتو آهيان . جنهن پڻ پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ نوٽ لکڻ سان گڏ هن ڪتاب جي ڇپائي دوران، ڪتاب جو ٽائٽل ، لي آئوٽ ، ڇپائي ۽ جلدبندي جي نگراني جو ڪم وڏي ذميواري سان پورو ڪندي ، منهنجي هن عشق جي سفر جي مسافرن جي لسٽ ۾ وڏي چاهه سان پنهنجو نالو لکايو .
مون عشق جي راهه جي اڀن ڪاون مٿان پيرين اگهاڙو هلندي جنهن سفر جي اڪيلي شروعات ڪئي هئي، سو اڳتي هلي ، عشق جي طاقت ۾ تبديل ٿي پڄاڻي کي پهتو ، جنهن جو ثمر هن ڪتاب جي شڪل ۾ قوم جي سامهون آهي . انهي اميد تي ته سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جي سلسلي ۾ مون جيڪي بنياد رکي آئنده جي محققن لاءِ رستو ٺاهيو آهي . انهي تي تحقيق جا قافلا اڳتي هلي پوندا ۽ سنڌ جي تاريخ جي تحقيقي ڪم جي ماٺار ٽٽندي ۽ هڪ ڏينهن سنڌي قوم کي پنهنجي مستند تاريخ ملي ويندي ۽ پوءِ سنڌي قوم اهو وڏي فخر سان چئي سگهندي ، ته اسين انساني قدرن جا امين ۽ تهذيبن جا بنياد رکندڙ قوم آهيون . شال منهنجو هي اميدن سان ڀرپور پيار جو پورهيو پڙهندڙن وٽ ساب پوي ، ۽ عشق جا قافلا پنهنجي منزل طرف همت سان وڌندا رهن .
مشڪورڦلڪارو
ٽنڊو محمد خان سنڌ
25 سيپٽمبر 2017ع
03322058701
03473222554.
Email ; mashkoor.phalkaro@gmail.com