ٿاڻو بولا خان
مَلڪ بولا خان اول
هي ڪوهستان جي ڄامن جي ٻاٻڙا نُک جو اهم ۽ ناليوارو شخص ٿي گذريو آهي. هي مَلڪ دودا خان ۽ مَلڪ صفر خان کانپوءِ ٻاٻڙا نُک جي مَلڪَن جو چڱو مڙس ٿيو. هي بهترين اخلاق، رَوَيي ۽ سَخاوت ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. هن ڪوهستان جي راڄن سان پنهنجائپ وارو رَوَيو رکي، ڪوهستان ۾ پنهنجي قبيلي جي عزت پيدا ڪئي. سندس بهترين رَوَيي ۽ اخلاق کي ڏسي ڪيترائي ماڻهو اچي سندس ڇانَوَ ۾ ويٺا. هي انسان دوست ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف هو. هندو مسلم ڀائپيءَ ۾ يقين رکندو هو، انهيءَ ڪري ڪيترائي هندو ماڻهو لڏي اچي ٿاڻي بولا خان ۾ ويٺا. هن کانپوءِ مَلڪ حيدر خان، ملڪ بولا خان ٻيون ۽ ملڪ علي بخش خان به پنهنجي وڏڙن جي راهه رسم تي هليا. پر زماني جي گردشن سبب هن خاندان جو اَثر رَسوخ گَهٽجي ويو. هن وقت ملڪ دوست علي خان ٻاٻڙا قبيلي جو چڱو مڙس آهي . ڪوهستان ۾ کيس سٺي عزت حاصل آهي .
پير باقر شاهه جيلاني ٻيون
هي سنڌ جي جيلاني خاندان مان هو ۽ ٿاڻي بولاخان ۾ قائم پير باقر شاهه جيلاني اول جي درگاهه جو سجاده نشين هو. انتهائي نِهٺو، مُحبتي، ۽ حد درجي جو مهمان نواز شخص هو. هي نهايت عبادتگُذار ۽ فقير صفت انسان هو، مذهبي ڪَٽرپِڻي جي خلاف هو. انسان دوستي سندس مزاج ۾ شامل هئي. سنڌ جي اڪثر پيرن ۽ مکيا خاندانن سان سندس دوستانا تعلق هئا. انهيءَڪري ڪوهستان جي ڪافي ماڻهن جا ڪم، هو انهن واسطن ذريعي ڪرائي ڏيندو هو. سندس سفارش کي وڏي اهميت حاصل هئي، انهيءَ ڪري هي غريب ڪوهستانين جو وڏو اَجهو ۽ آسرو هو. هن نوي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ٿاڻي بولاخان جي هن جيلاني خاندان جي درگاهه تي ساليانو ميلو لڳندو آهي، جنهن ميلي ۾ هندو مُسلم ايڪتا ۽ مُحبت جي عملي مظاهري جا ڪَئين مَنظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
پيرغلام رسول شاهه جيلاني
هي پَٻڻ شريف لڳ ميرپورخاص ۾ رهندڙ سنڌ جي اهم شخصيت هو. هن اهم شخصيت جي حلقه اَحباب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جهڙا سنڌ جا عظيم انسان به هئا. هي راڳ جو سنڌ ۾ وڏو پارکو ۽ فنڪارن جي فَنَ جو وڏو قدردان به هو. هي اصل پير باقر شاهه جيلاني جي خاندان مان هو . هي پير باقر شاهه ٻئين جي ڀاءُ پير خدا ڏنو شاهه عرف پير جان شاه جيلاني جو فرزند هو .هي جيلاني پيرن جي گادي پٻڻ شريف جو سجاده نشين به هو. انهي ڪري پٻڻ شريف ۾ رهندو هو . خانداني ناتي سان هي پير باقرشاهه جيلاني جي درگاهه پڻ سنڀاليندو هو . انهي ڪري هن جو ٿاڻي بولاخان ۾ اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ ٿيندو هو. جيڪو به سندس اباڻو گهر هو . هن جي آمد سان تمام وڏا موسيقيءَ جا پروگرام رِٿجي ويندا هئا. هي صوفي مزاج جو ماڻهو هو، سندس سَرپرستي ۾ ٿيل پروگرامن جي يادگيرين جون ڳالهيون پڻ پوري ڪوهستان ۾ اڃان تائين ڳايون وڃن ٿيون.
پير بخش خاصخيلي
هي بُنيادي طور هڪ غريب ۽ فقير گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. هن خاندان کي شاهه جا فقير سڏيو ويندو آهي. هي مشهور اولياءَ باقرشاهه جي درگاهه جا سنڀاليندڙ آهن. هن جي والد جي سڄي ڄمار درگاهه جي زائرين جي خدمت ڪندي، ۽ درگاهه جو پاڻي ڀريندي گُذري، ۽ سندس والده جنڊ پيهين زائرين کي مانيون پچائي کارائيندي هئي. هن خاندان جي اهڙي محنت، محبت ۽ خدمت گذاري، ڪوهستان جي ماڻهن جي دلين ۾ هن خاندان لاءِ وڏي جڳهه ٺاهي ورتي. هن خاندان جي مقبوليت کي ڏسندي، ڪوهستان جي مَلڪ خاندان جي آشيرواد سان پير بخش خاصخيليءَ کي ضلعي ڪائونسل دادوءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو. پوءِ وري هو ضلعي دادوءَ مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊجي آيو. شايد پاڪستان جي تاريخ جو هي پهريون عوامي نمائندو هو، جنهن ڪابه ڪرپشن نه ڪئي. هن نه پنهنجي ڪا ذاتي جائداد ٺاهي، ۽ نه ئي پنهنجو رشتو غريب ماڻهن کان ٽوڙيو. هن جو اولاد به عام ماڻهن جي ٻارن سان گڏ سرڪاري عام اسڪولن ۾ پڙهيو. پير بخش خاصخيلي سنڌ جو عاشق هو ۽ هن سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف اعلان حق بلند ڪيو. هن سائين جي ايم سيد سان پنهنجو ناتو جوڙيو ۽ سائين جي ايم سيد طرفان ٺهرايل قومي اتحاد ۾ به شامل ٿيو. هن جي پوري ڄمار سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندي گُذري. اڄ جڏهن هو ناهي، ته به ڪوهستان جا ماڻهو سندس نالو وڏي فخر سان وٺندا آهن. پيربخش خاصخيلي جو پٽ سرواڻ خاصخيلي به خوش اخلاق ۽ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل آهي . هن وقت ضلع ڄامشوري جي ضلع ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي .. عوامي خدمتن جو سٺو جذبو رکي ٿو. پير بخش خاصخيلي جو ٻيون پٽ سلمان اڃان پڙهي پيو .
گروءَ منگل گُر جو ميلو
ٿاڻي بولاخان کان ٿوري فاصلي تي گروءَ منگل گُر جي آشرم تي هر سال سنبت وڪرمي سال جي مانگهه مهيني جي پهرئين سومر تي ميلو لڳندو آهي . ٻن ڏينهن جي هن ميلي ۾ صوفي راڳ ٿيندو آهي . سنڌ جا ناليوارا صوفي فنڪار هتي صوفي بزرگن جو ڪلام ڳائيندا آهن . هي ڪوهستان جو وڏو ميلو آهي . هن ميلي ۾ ڪوهستان جي ڪاروباري ديوان ڪميونٽي پوري ملڪ مان اچي شريڪ ٿيندي آهي. هن ميلي ۾ هندو مسلم ايڪتا جا ڪئين منظر ڏسڻ لاءِ ملن ٿا . هي ميلو ڄڻ ڪوهستان ۾ هندو مسلم ايڪتا جي هر سال تجديد عهد وفا جو ميلو آهي .
شري گرو ڌيان گُر مهراج
هي اصل ٿر جو هو، پر هن ٿاڻي بولاخان جي ديوي مندر۾ پنهنجو ديرو ڄمايو ۽ ڪافي ڄمار هتي ئي رهي پيو، آخري عمر ۾ هن هندستان جي راجستان جي کيرٿل شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پڻ هن صوفي تحريڪ کي مضبوط ڪيو، سندس وفات پڻ اُتي ٿي.
هي ٻال برهمچاري فقير هو، گيتا گيان جي وڏي پنڊت کانسواءِ سنگيت جو به تمام وڏو ڄاڻو هو. هن ٿاڻي بولا خان ۾ قائم گُرو منگل گُر آشرم کي وَسائي پنهنجو مرڪز بنايو، جيڪو اڳتي هلي پوري ڪوهستان جي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بنيو. هن گيتا گيان ۽ سنگيت وديا ذريعي نه صرف مذهبي ايڪتا جي تعليم ڏني، پر هن صوفي منش انسان ڪوهستان جي ماڻهن کي گيتا گيان ذريعي تصوف جي باريڪ بينين کان واقف ڪري ڪوهستان ۾ هندو مُسلم ايڪتا جي فڪر کي هڪ سَگهاري تحريڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هي سڀني ويدن، ۽ اُپنشدن جو وڏو عالم هو. هن هڪ پاٺشالا به قائم ڪئي، جتي سنڌيءَ کان سواءِ، سنسڪرت، هندي، ۽ ٻين ٻولين جي سکيا پڻ ڏيندو هو. هي هارمونيم وڄائي جڏهن سنڌ جي صوفين جو ڪلام ڳائيندو هو، ته محفل تي وجداني ڪيفيت ڇانئجي ويندي هئي. هن ڪيترن ئي ڪوهستاني نوجوانن کي سنگيت وِديا ۽ تصوف جي تعليم ڏيئي،پنهنجي تحريڪ ۾ شامل ڪيو. هن سنگيت جي لئه، گُر تارَ سان ڪوهستاني لوڪ موسيقيءَ ۾ نوان رَنگَ ڀَريا. سندس آشرم تي ماڻهن جا ميڙا لڳا پيا هوندا هئا. هي ڪوهستان جي درگاهن تي به وڃي صوفي راڳ ذريعي محبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو پيغام ڏيندو هو.
سندس مُحبت ۽ محنتن جو نتيجو آهي، جو ٿاڻي بولا خان ۾ تاريخي مُحبت ۽ ڀائيچاري وارا رَوَيا اڃان تائين مضبوط آهن. جتي هندو ۽ مسلمان گڏجي عيدون ۽ تَهوار ملهائيندا آهن، جتي مسجد ۽ مندر جو ڪو به جهيڙو ناهي، هتي هندو ۽ مسلمان گڏجي مسجدن ۽ مندرن جي مرمت ۽ حفاظت ڪندا آهن. اهو اَمن ڀَريو ۽ انساني ڀائيچاري وارو ماحول هن صوفي منش انسان جي پورهئي جو ثَمر آهي، جيڪو سندس وفات بعد به اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي. اڄ به ڪوهستان جي مختلف درگاهن تي ميلا ۽ ڏهاڙا هندو مسلم گڏجي ملهائين ٿا. پوري ڪوهستان ۾ ڳئون ذبح نه ٿي ڪئي وڃي. هتي شادين ۾ پڻ هندو ۽ مسلمان گڏجي، پنهنجي ڀائيچاري جو عملي مظاهرو ڪن ٿا.
مهراج گهنشام داس شرما
هي اصل ڪوهستان جي سِري شهر جو هو، جيڪو پوءِ اُتان لڏي ٿاڻي بولا خان آيو، جتي هن گُرو منگل گُر شيوا منڊليءَ جو بنياد وڌو. هي موسيقي، نِرتڪ، ۽ ناٽڪ وِديا جو ڄاڻو هو. انهيءَ کان علاوه پاڻ ڳائڻ سان گڏ هارمونيم ۽ طَبلي وڄائڻ ۾ به پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. هو بهترين هدايتڪار به هو، مختلف سماجي بُراين خلاف اسٽيج ڊراما به تيار ڪرايا هُئائين. هن اسٽيج ڊرامن ۽ ناٽڪن وسيلي، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ سان گڏ، نوجوانن ۾ انساني خدمتن جو وڏو اُتساهه پيدا ڪيو.هن هندو مُسلم ايڪتا سان گڏ فرسوده رسمن جي خلاف پڻ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ۽ پروگرام ڪرايا. هن جي محنتن جي نتيجي ۾ ڪوهستان جتي تعليم نه هئڻ جي برابر آهي، اُتي هن جي ناٽڪ ۽ اسٽيج ڊرامن جي رُجحان پيدا ڪرڻ سان ڪوهستان جي تعليمي زيور کان وانجهيل ماڻهن ۾ به فرسوده رسمن ۽ مذهبي نفرتن خلاف شعور موجود آهي. ٿاڻي بولا خان ۾ هن جي وفات بعد به ناٽڪ منڊليون عوامي شعور پکيڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
کيمچند شرما
هي خوش پوشاڪ رعبدار چهري جو مالڪ، پر مُحبتن جو ڀَنڍار شخص مهراج گهنشام داس شرما جو سڳو ڀائٽيو آهي. هن زندگيءَ جو ڪافي عرصو ڪوهستان ۾ گذاريو. هي پڻ سُٺو ليکڪ ۽ وڏي علمي ڄاڻ رکندڙ هڪ خوددار شخص آهي. هن پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي علمي ادبي سرگرمين ۾ پير پاتو ۽ جلد ئي سندس شُمار هڪ سُٺي ليکڪ طور ٿيڻ لڳو. هن ڪجهه عرصو ڪوهستان نالي سان هڪ رسالو به ڪڍيو، جنهن ۾ هن ڪوهستان جي مسئلن سان گڏ سماجي بُراين، ۽ مذهبي ڀيد ڀاءُ خلاف ڪارگر مضمون ۽ ڪهاڻيون شايع ڪيون، جنهن سان ڪوهستان جي نوجوانن ۾ لکڻ جو اُتساهه پيدا ٿيو. هن جو هڪ ننڍڙو ناول “ وڏيرڪو فيصلو ” ۽ هڪ مضمونن جو ڳٽڪو “ڳالهيون ڳجهه اندر جون ” پڻ ڇپيل آهن هن وقت هي روزگار جي سانگي ٽنڊي محمد خان ۾ رهي پيو، جتي پڻ علمي ۽ ادبي پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو، هن وقت به هو“بي نقاب ” نالي ادبي رسالو ڪڍندو رهي ٿو.
مُکي چانڊڻ مل
سنڌ ۾ اوطاق ڪلچر جي تاريخ به تمام گهڻي پراڻي آهي. سنڌي سماج ۾ موجود سَگهارا سماجي قدر به انهيءَ اوطاق ڪلچر جو نتيجو آهن. ڪوهستان ۾ مهمان نوازي اڄ به پنهنجي عروج تي آهي، جتي اڄ به ڪچهريون قائم آهن. اهو ئي سبب آهي، جو هتي سنڌي سماجي قدر زندهه ۽ سلامت آهن. ٿاڻي بولاخان ۾ مُکي چانڊڻ مل جي اوطاق مسافرن جي وڏي آماجگاهه هئي، جتي مهمانن جي خدمت بغير ڪنهن مذهبي فرق جي ٿيندي هئي. هتي هندو ۽ مسلمان اچي ماني کائيندا هئا. هي نهايت مُحبتي ۽ خدمتگذار انسان هو. هي ڪُڙتو پائي ڌوتي ٻَڌندو هو، چوٽي ڇڏي تِلڪ لَڳائيندو هو. ٿاڻي بولاخان ۾ ڪو به مسافر اچي ۽ مُکي چانڊڻ جي اوطاق جي مهمان نوازيءَ جي آسيس وٺڻ کان سواءِ وڃي، اها بلڪل اَڻ ٿيڻي ڳالهه هئي. سندس ماڻهو شهر ۾ ڦِرندا پيا هئا، ڪو به مسافر يا نئون ماڻهو ڏسندا هئا، ته کيس وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان اوطاق تي وٺي ايندا هئا، جتي مُکي صاحب بَذات خود سندن آڌرڀاءُ ۽ خدمتون ڪندو هو. هن جي اوطاق تي ڳائي مال جو هڪ وڏو واڙو به هوندو هو، جتي هو گئو ماتا جي خدمت ڪرڻ ۾ پنهنجي روحاني خوشي محسوس ڪندو هو. هو تمام وڏو سخي انسان به هو، اڙيالن جي مدد ڪرڻ کي هو پنهنجو فرض سمجهندو هو. انهيءَ ڪري پوري ڪوهستان جا ماڻهو سندس احترام ڪندا هئا. اڄ به سندس ڳالهيون ڳائجن پيون. سندس اوطاق تي اڄ نه مُکي چانڊڻ مل آهي، ۽ نه سندس قائم ڪيل اوطاق تي مهمانن جو ساڳيو آڌرڀاءُ آهي. پرمُکي چانڊڻ جون ڳالهيون هر ڪوهستانيءَ جي زبان تي موجود آهن.
ڀڳت شامون مل
هي هڪ واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهو هو، پر هن باهمت انسان ۾ انساني خدمتن جو جذبو هو. هي ڪوهستان جو بهترين قسم جو گائڪ هو، هو هارمونيم تي جڏهن پنهنجي درديلي آواز ۾ سُر ڇيڙيندو هو، ته ٻُڌندڙن تي وَجد طاري ڪري ڇڏيندو هو. انهيءَ ڪري ڪوهستان ۾ سندس مداحن جو وڏو تعداد پيدا ٿي ويو، هي جڏهن ڳائيندو هو، ته کيس ٻُڌڻ لاءِ ماڻهن جا اَنبوهه گڏ ٿي ويندا هئا. هي سَرندِيءَ وارو فقير صفت انسان مسڪين ماڻهن کي گَهر ٺهرائي ڏيندو هو. غريب ۽ بيروزگار ماڻهن کي خيرات ڏيڻ بجاءِ کين ڪاروبار لڳائي ڏيندو هو. انهن جي ڪاروبار جي واڌاري ۾ اڳتي به ٽيڪ ڪرايو ايندو هو. انهن خوبين جي ڪري هن کي ڪوهستان ۾ وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. هو سماجي بُراين، ۽ مَذهبي انتها پسنديءَ خلاف هلندڙ تحريڪ جو حصو به بنجي ويو. هن نوجوانن جو هڪ گروهه به انساني خدمتن لاءِ تيار ڪيو، جيڪو هميشه سرگرم رهندو هو. هو ڪوهستان جي درگاهن ۽ ميلن تي وڃي، جڏهن سنڌ جي صوفي بزرگن جو ڪلام پنهنجي مٺڙي ۽ درديلي آواز ۾ ڳائيندو هو، ته محفل کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندو هو. انهن محفلن ۾ هو انسان دوستي ۽ انساني ڀائچاري جي تعليم پڻ ڏيندو هو. ڪوهستان جي ماڻهن نه صرف سندس جيئري قدر ڪيو، پر مرڻ بعد به ڀڳت شامون مل جون ڳالهيون ڪندي يا سندس يادون بيان ڪندي پيا ٿَڌا ساهه ڀَريندا آهن. هن جي ڪردار جو ٺاهيل محلات اڄ به ڪوهستان ۾ اوچو ڳاٽ کنيو بيٺو آهي.
ڀڳت نارومل ولد آلو مل
ڪوهستان جي مشهور صوفي شخصيت ڀڳت نارومل، هونئن ته اُنَ جو واپاري هو، پر سال 1889ع ۾ جنم وٺندڙ هن شخص جو لاڙو ننڍپڻ کان ئي صوفي خيالن طرف هو.انهيءَ ڪري هي ڇڪجي، حيدر آباد جي مشهور صوفي بُزرگ سيد قُطب شاهه جهانيان جو پوئلڳ ٿيو. اُتي هن بُزرگ جي صُحبت ۾ رهي رَچي ريٽو ٿيو. هو ڳائڻ وقت مَستيءَ ۽ وجداني ڪيفيت ۾ اچي ويندو هو، ۽ ٻُڌندڙن تي پڻ وَجد طاري ڪري ڇڏيندو هو. هي اصل ٿاڻي احمد خان جو هو، پر پوءِ هو ٿاڻي بولا خان ۾ اچي رهيو. وڏو خوددار، بي ڊپو ۽ آزاد خيال انسان هو. انهيءَ ڪري ساڻس وڏا ماڻهو گهٽ ٺهندا هئا، پر هن پنهنجو ناتو ڪوهستان جي غريبن سان جوڙي رکيو.
هن ڪوهستان ۾ ڀڳتي راڳ کي متعارف ڪرايو، هن ساٿين سان گڏجي ڀڳتي انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هو ساٿين سان گڏجي محفلن ۾ وارڙيي انداز ۾ سوالن جوابن ۾ بُزرگن جي شاعري پيش ڪندو هو. سندس اهو انداز بيان هر ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ ايندو هو، عام ماڻهو سندن ڳالهه کي بخوبي سمجهندا هئا. اهو انداز سنڌ ۾ ڀَڳتي تحريڪ جي بقاياجات هو. هي ڀڳتي تحريڪ، ڪو زمانو هوجو پوري برصغير ۾ هڪ سَگهاري انداز ۾ پَکڙي هئي، بابا گرو نانڪ، ۽ سنڌ جا اَڪثر صوفي بُزرگ انهيءَڀڳتي تحريڪ جا فڪري روح رَوان هئا. هن ڀڳتي تحريڪ جو نتيجو ئي هو، جو هندستان جو بادشاهه اڪبر اعظم به هن تحريڪ کان متاثر ٿيو هو، ۽ دين الاهيءَ کي رائج ڪري هندستان تي پنجاهه سال حڪومت ڪئي. گرونانڪ ’صلح ڪل مذهب‘ جو پيغام ڏنو، جنهن جي اَثر کي پَکيڙڻ لاءِ ڀَڳتن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. بحرحال ڀڳت نارومل، ڀڳتي راڳ جي سنڌ ۾ آخري نشاني هو. هن ڀڳتي راڳ کي عام ڪرڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هن صوفي منش انسان 16ڊسمبر 1966ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ ٽيئون مل به پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڀَڳتي راڳ کي ريڊيو جي ذريعي مُتعارف ڪرايو. سندن ڀَڳتي ڪلام ريڊيو جي ذريعي پوري سنڌ جي ماڻهن ٻُڌا، پر افسوس جديد موسيقيءَ جي رُجحانن سبب ڀَڳتي راڳ وڌيڪ اڳتي وڌي نه سگهيو. ڀَڳتي راڳ ۾ هندو مُسلم ايڪتا، ۽ سماجي بُراين خلاف پيغام ڏنو ويندو هو. هي انساني ڀائيچاري ۽ سماجي اصلاح جي تحريڪ هئي. نارومل ۽ سندس پُٽ ٽيئون مل ڀڳتي راڳ جي ذريعي ڪوهستان ۾ ميٺ مُحبت پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا اَثر ڇڏيا. هن وقت به ڀڳت ٽيئون مل جو پُٽ ڀڳت بسُو مل ڀَڳتي راڳ کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
قمرڪوهستاني
هي ٿاڻي بولاخان جي هڪ عوامي مقبوليت ماڻيندڙ شخصيت هئي. بُنيادي طور هي وچولي ڪلاس جو ماڻهو هو، پهريائين پرائمري ماستر ۽ پوءِ سُپروائزر به ٿيو. هي عوامي نوعيت جو مزاحيه شاعر هو، هن ڪجهه عرصو بادل نالي سان رسالو به جاري ڪيو. هن اصلاحي مضمون به لکيا، ڪوهستان جي اَهنجن ۽ آزارن تي به قلم آرائي ڪئي، پر اسٽيج تي عوامي ميڙاڪن ۾ وڏي بهادريءَ سان اصلاحي تنقيد به ڪندو هو. مثالطور هڪ ڀيري ٿاڻي بولا خان ۾ ڏياريءَ جو پروگرام ٿيو، انتظاميا کان هن کي دعوت ڏيڻ وسري ويئي، ته هو بنا دعوت جي به اُتي پهتو ۽ اسٽيج سيڪريٽري ڊاڪٽر پهلاج مل کي چِٺي موڪليائين، ته مون کي شعر پڙهڻ لاءِ گهرايو. جڏهن پَهلاج مل هن کي سڏيو ته هن اچي شعر پڙهيو ته،
”اوهان کي اوهان جي ڏياري مبارڪ“
جنهن تي پَهلاج مل کيس چيو، ته هي ڏياري پاڻ سڀني جي آهي، اوهان پاڻ کي اسان کان ڌار ڪيئن ٿا سمجهو، ته هن جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن منهنجي به ڏياري هجي ها، ته مون کي ائين بنا دعوت نه اچڻو پوي ها.ڇا ته اصلاحي انداز بيان ۽ طريقو هو، سندس اهڙي تنقيد کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هن جي مداحن جو ڪوهستان ۾ وڏو حلقو هو، هر محفل يا ميڙاڪي ۾ موجود هوندو هو . اڄ جڏهن هو موجود ناهي، تڏهن به ڪوهستان جا ماڻهو کيس ساريندا آهن ۽ سندس ورسيون ۽ ياد ۾ پروگرام ملهايا وڃن ٿا.
شيخ عبدالله ڪوهستاني
هن ڪوهستان جي مول شهرجي هڪ هندو خاندان ۾ 5 جولاءِ 1967ع تي جنم ورتو. سندس پيءَ جو نالو پوهُو مل هو ، هن جو خانداني نالو چوئِٿرام هو . ننڍي هوندي هن جي هڪ مسجد جي ڀرسان ڪئبن هئي . مسجد ۾ ديني واعظ ٻڌي هي مسلمان ٿي ويو . ان بعد هن ڪراچي ، سکر ۽ اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد مان ديني ، دنيوي تعليم حاصل ڪري اچي ٿاڻو بولا خان ۾ رهائش اختيار ڪئي . جتي هن انساني خدمتن کي ايمان سمجهي سماجي خدمتون شروع ڪيون . هن عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن نالي هڪ سماجي تنطيم قائم ڪري ، سوين ماڻهن جي اکين جو علاج ، سوين غريب خاندانن جون شاديون ، سوين مسلمان غريبن جي ٻارڙن جو جديد طبي اصولن تي طهر، سوين مريضن جو علاج ، سوين مسڪينن کي عيدن تي سيڌو سامان ۽ ڪپڙا وٺي ڏيڻ سوين ڪوهستان جي ڳوٺن ۾ پاڻي جا هينڊپمپ ، ۽ ٿاڻي بولاخان ۾ غريبن لاءِ مفت رهائشي ڪالوني ٺاهي ڏيڻ جهڙن ڪمن کي پنهنجي اصل عبادت سمجهيو آهي . ان کان علاوه ڪيتريون ئي علمي ، ادبي ، ثقافتي پروگرام ، صوفي راڳ جون محفلون ۽ سياري جي موسم ۾ مچ ڪچهريون ڪرائڻ به هن تنظيم جي اهم ڪمن ۾ شامل آهن . هي وڏو ديني عالم ۽ بهترين خطيب پڻ آهي . هي پڻ انساني ايڪتا جو حامي آهي . هن کي به پوري ڪوهستان ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي .
خدا بخش وڪيجو پالاري
هي پالاري قبيلي جي وڪيجو نُک جو نوجوان آهي . هونئن ته هي ٿاڻي بولاخان کان ٻاهر ڳوٺ فضل پالاري جو رهاڪو آهي . سندس سرگرميون ڪوهستان جي ڳوٺن ۾ وڌيڪ آهن . هي ڪوهستان ۾ ادبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ “ڪوهستان منظر ادبي سنگت ” ۾ به سرگرم آهي . ڪوهستان جي حالتن تي رسالو “ ڪوهستان منظر ” به جاري ڪري ٿو . هي ڪوهستان جي ڳوٺن ۾ ڪم ڪندڙ سمورين سماجي تنظيمن سان سهڪاري رهيو آهي . سماجي تنظيمن جي معرفت ڪوهستان جي ٻهراڙين ۾ ڪيترائي ڀلائي جا ڪم ڪرايا آهن . عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي هڪ ڪوهستاني يونٽ جو نائب صدر پڻ آهي . هي پڻ ڪوهستان جي مڻيادار ماڻهن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو .
ڊاڪٽر ڦڳڻ ديپ کيئلاڻي
ٺٽي ضلعي جي گهاري شهر۾ هن الشفا ڪلينڪ قائم ڪئي ، جيڪا هن جي وفات بعد سندس پُٽَ هلائين ٿا. هن انسان دوست ڊاڪٽر جون ڪوهستان جي ماڻهن لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه لائق آهن. ٿاڻي بولا خان ۾ هن گُرونانڪ شيوا منڊليءَ جو بُنياد وڌو، جنهن ذريعي هن ڪوهستان جي اَڻ پڙهيل ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ جا پروگرام ڪيا. هي سُٺو ناٽڪ نويس ۽ هدايتڪار به هو. هن اسٽيج ڊرامن جي ٽيڪنيڪ کي نوان رُخ به ڏنا، جنهن سبب سندس گُرو نانڪ شيوا منڊليءَ جا اسٽيج ڊراما ڪوهستان ۾ وڏي چاهه سان ڏٺا ويندا هئا. هن جي رهنمائيءَ ۾ ڪيترا ئي نوان اسٽيج فنڪار تيار ٿيا، هي نوجوانن ۾ اُتساهه جو وڏو ذريعو هو. سندس ڳالهيون ڳائجن پيون.
هيرانند گپتا
هي ٿاڻي بولاخان جي وڏي علمي شخصيت آهي. هي گُرو ڌيان گُر مهراج جو شاگرد به رهيو، انهيءَ ڪري هندي، سنسڪرت ۽ ٻيون زبانون به ڄاڻي ٿو. هي سائين جي ايم سيد جو فڪري عاشق آهي، کيس سائين جي ايم سيد جا سمورا ڪتاب تقريبن بر زبان ياد آهن. انهيءَ کان علاوه وَٽس ناياب ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. هي وڏو اهل علم انسان آهي. هن پڻ ڪيترائي اسٽيج ڊراما لکيا، سندس لکيل ڊراما ڪوهستان جي اسٽيج جي ڊرامن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيا. هن وقت ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٽنڊي محمد خان شهر ۾ رهي ٿو ۽ وڏو ملڻو جُلڻو ۽ مُحبتي انسان آهي . جيڪڏهن هي پنهنجي مطالعي جي روشني ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي ۽ تصوف تي ڪي ڪتاب لکي ته ، سنڌي ادب ۾ قيمتي ڪتابن جو اضافو ٿي سگهي ٿو . جنهن ڏس ۾ هي سنبري وري ماٺ ڪري ويهي رهي ٿو .
ڊاڪٽر وشنداس
هي ٿاڻي بولا خان جو اهم سماجي اڳواڻ آهي، هن ۽ ڊاڪٽر پهلاج مل ٻين نوجوانن کي گڏ ڪري اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئشن جو بُنياد وڌو. هنن هن تنظيم جي پليٽ فارم تان نوجوانن ۾ علمي صلاحيتون وڌائڻ لاءِ اسٽڊي سرڪل هلايا ۽ لائبريريون قائم ڪرايون، جنهن سان نوجوانن ۾ پڙهڻ ۽ پنهنجون لائبريريون ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿيو. هنن ڪيترائي پروگرام ۽ تعليمي مُذاڪرا ڪرايا. هنن ’بارڻ‘ جي نالي سان هڪ رسالو پڻ جاري ڪيو، جنهن ۾ ڪوهستان جي اَهنجن، ايذائن، عوامي مسئلن، ۽ ڪوهستان جي باري ۾ معلوماتي مضمون پڻ شايع ڪيا. هنن جي جاکوڙ ڪوهستان جي نوجوانن ۾ وڏو تعليمي اُتساهه پيدا ڪيو آهي.
سيٺ دريانو مل کيمناڻي
هي ڪوهستان جي ٿاڻي بولا خان ۾ جنم وٺندڙ اڳتي هلي سنڌ جو اهم ماڻهو بنجي ويو، هن بدين ضلعي جي ماتلي شهر ۾ پنهنجي ڪاروبار جي شروعات ڪئي، اڳتي هلي مل مالڪ ٿي ويو. هن کي نياڻين جو ته اولاد هو، پر پُٽ جي اولاد نه هئڻ سبب پريشان رهندو هو. هي شروع کان ئي خُداترس ۽ سَخي هو، سندس پريشانيءَ کي ڏسي سندس هڪ دوست سيٺ عزيز علي خواجه صاحب کيس پنهنجو پُٽ ڏيئي ڇڏيو. هن انهيءَ گود ورتل پُٽَ جي لاڏ ڪوڏ سان پالنا ڪري کيس تعليم ۽ تربيت ڏياري تيار ڪيو، جيڪو اڳتي هلي پنهنجي قابليت، انسان دوستي، ۽ ايمانداريءَ سبب سنڌ جو مشهور پوليس آفيسر ثابت ٿيو. جنهن کي ماڻهو سندس اصل نالي الهڏني بجاءِ اي. ڊي. خواجه جي نالي سان سُڃاڻڻ لڳا. هن وقت هو آءِ جي سنڌ آهي. سيٺ درياني مل ڪوهستان ۾ ڪيتريون ئي طبي ۽ امدادي ڪئمپون لڳايون. ڪيترن ئي مسلمانن کي حج ۽ عمره ڪرايا، ڪيترن ئي هندن کي مشهور تيرٿن جون ياترائون ڪرايون. سندس پوري زندگي خدمت خلق ۾ گُذري. سندس وفات بعد سندس وفادار جهولي ورتل پُٽَ اي ڊي خواجه صاحب، سندس ڪِريا ڪَرم هندو رَسمن موجب ڪري، کيس پنهنجي هٿن سان اَگني سَنسَڪار ڪيو. سندس وفات بعد سيٺ دريانو مل جي نالي سان هڪ ٽرسٽ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن کي سندس کيمناڻي فيملي هلائيندي آهي. هي ٽرسٽ پڻ سيٺ درياني مل جي انساني خدمتن واري ڪم کي جاري رکيو اچي. سندس ڀائٽيو سيٺ نانڪ رام پڻ هڪ صوفي مزاج رکندڙ انسان آهي، هي پڻ صوفي راڳ جون محفلون ۽ ست سنگ ڪرائيندو رهي ٿو.
خوبچند ٿانوراڻي
هي هن وقت پيرسنيءَ سبب خاموش آهي، پر هي ٿاڻي بولاخان ۾ هڪ گڏيل جدوجهد جي علامت رهيو آهي. هن ڪوهستان سُڌار سنگت ٺاهي، جنهن ذريعي هن سماجي بُراين ۽ غلط سماجي ريتن رسمن خلاف هڪ سَگهارو آواز بُلند ڪيو. هن ڪوهستان جي سمورين تنظيمن کي گڏ ڪري وڏا پروگرام ڪيا، هن تنظيم جي جدوجهد ڪوهستان جي سَگهه جو اُهڃاڻ هُئي.
ڊاڪٽر پهلاج مل
هي ٿاڻي بولا خان جو هڪ اهڙو متحرڪ ڪردار آهي، جنهن ۾ ننڍپڻ کان ڪجهه ڪرڻ جو اُتساهه موجود هو، هن ننڍپڻ ۾ ٿاڻي بولاخان ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ گلوڪاري، اداڪاري، ۽ اسٽيج سيڪريٽري جا فَرضَ سَرانجام ڏنا. هو ڪراچي پڙهڻ دوران ڪوهستان جي نمائندگي ڪندڙ صحافي به رهيو.
وچولي خاندان ۾ جنم وٺندڙ هن باهمت ماڻهوءَ ڪوهستان جي نوجوانن ۾ علمي شوق ۽ اُتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر وِشنداس سان گڏجي اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ايسوسيئيشن جي سرگرمين ڪوهستان جي نوجوانن ۾ پڙهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو پيدا ڪيو.نتيجي طور هن وقت تائين ڪيترائي ڪوهستاني ماڻهو آمريڪا ۽ دنيا جي مختلف مُلڪن تائين پهتا آهن. ڊاڪٽر پهلاج جي ذاتي ڪٽنب کي اهو اعزاز حاصل آهي، ته هنن سڄي ڪوهستان جي ديوان ڪميونٽيءَ ۾ پنهنجي نياڻين کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي آڻي، ڪوهستان ۾ نياڻين جي تعليم جو اُتساهه پيدا ڪيو. هي ڪجهه وقت ڪوهستان مان ’بارڻ‘ رسالو به ڪڍندو هو. هن وقت به جديد وقت جي تقاضائن موجب سوشل ميڊيا تي هڪ فورم وائيس آف ڪوهستان جي نالي جوڙي ديوان ڪميونٽيءَ ۾ غلط رواجن ۽ رسمن خلاف ڪم جي سلسلي ۾ اُتساهه ۽ جاڳرتا پيدا ڪري رهيو آهي.هي فورم هڪ ٽرسٽ جي شڪل ۾ اچي رهيو آهي. تمام جلد هي فورم به ڪوهستان جي ماڻهن جو ڀَرجهلو بڻجندو. ڊاڪٽر پهلاج هونئن ته ٽنڊي محمد خان ۾ ڊاڪٽري ڪندو آهي، پر سندس دل ۽ دماغ ۾ ڪوهستان جي ترقيءَ جو خواب ساڀيان بڻجڻ لاءِ آتو آهي. ٽنڊي محمد خان ۾ به پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو ٻه سال صدر رهيو، انهيءَ دوران هن ٿاڻي بولا خان ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي. ٽنڊي محمد خان ۾ هن ڊاڪٽرن کي سَرگرم ڪيو، ٽورنامينٽون ڪرايون، تازو اعليٰ سطحي ميڊيڪل جي ڊاڪٽرن جي گڏيل سَرگرمين جو هڪ شاندار پروگرام به ٽنڊي محمد خان ۾ ڪرايو. هي هڪ اُتساهيندڙ ڪردار آهي ۽ هن پنهنجي ڪوهستان جي مٽيءَ کي مياري نه ڪيو آهي.
ڊاڪٽر اوڍر مل
هي هڪ بهترين انسان دوست ڊاڪٽر آهي. هن سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪوهسار ويلفيئر فورم تحت عوامي خدمتن جو ڪم شروع ڪيو. ڪوهسار ويلفيئر فورم هڪ اهڙي تنظيم آهي، جنهن جو انتظام ڪنهن صدر يا شخصيت جي بجاءِ هڪ ڪاميٽي هلائيندي آهي.؛جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان ميمبر آهن.هي تنظيم ڪوهستان جي مکيا شهرن ۾ مُفت طبي ڪئمپون پڻ لڳائيندي آهي، جتي مُلڪ جي نامور ڊاڪٽرن کي آڻي، هزارين ماڻهن جو علاج ڪيو ويندو آهي. هن تنظيم جي ايمبولينس سروس پڻ آهي، جيڪا غريب ڪوهستانين کي وڏين اسپتالن تائين پهچائڻ جو انتظام ڪري ٿي. صحت جي سهوليتن ڏيڻ کان سواءِ هي تنظيم، مختلف عيدن برادن ۽ ڏڻن تي غريبن ۾ مفت ڪپڙا، ۽ راشن به ورهائيندي آهي. هن تنظيم پنهنجي شفاف ڪارڪردگيءَ سان نوجوانن ۾ خدمتن جو وڏو اُتساهه پيدا ڪيو آهي. جنهن ڳالهه جو سڄو سَهرو ڊاڪٽر اوڍر مل تي آهي. ڊاڪٽر اوڍر مل جي هڪ خاص خوبي آهي، جو هو ڪوهستان جو خاموش خدمتگار آهي، هو پنهنجي شُهرت جي سخت خلاف آهي. پوري ڪوهستان ۾ ڊاڪٽر اوڍر مل جي تمام وڏي عزت ۽ احترام موجود آهي.