ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو پهريون دور
ڪوهستان ۾ موجود انساني تهذيب جي ارتقا جي ڇهن دورن ۾ ورهاست ڪرڻ بعد انساني تهذيب جي پهرئين دور جون شاهديون، ڪوهستان جي جبلن جي چوٽين تي انساني آبادين جي نشانن مان ملن ٿيون. اهڙا نشان ڪوهستان جي ڪجهه مختصر جاين تي موجود آهن، جن نشانين مان ڪجهه نشانيون، ڪوهتراش جبل جي چوٽيءَ جي ٿورين جاين تي موجود آهن. يا ٺٽي ضلعي جي ديهه ست ڀاڱي هڪ جي خوبصورت ڪوهستاني وادين جن کي ڪوهستان جا ماڻهو جنت مڪان جون بُٺيون سڏين ٿا، ۾ موجود دنيا جي پهرئين تعمير ڪيل ۽ هاڻي پنڊپهڻ ٿي ويل تاريخي قلعي جي آثارن ۾ پڻ ساڳئي دور جي قديم ماڻهن جي سرگرمين جا نشان موجود آهن. ساڳئي نموني جي شاهدين جو ڏَسُ دادو ضلعي جي نيئنگ شريف جي آسپاس جي جابلو سلسلن کانسواءِ ڪوهستان جي ٻين جبلن جي چوٽين تي ڦرندڙ ڪجهه ڌنارن ۽ ٻين وڏي ڄمار جي ڪوهستاني ماڻهن کان به ملي ٿو. شايد انهن جبلن تي وڌيڪ رهڻ ۽ ڳولڻ سان وڌيڪ اهم نشان به ملي سگهن ٿا، پر انهيءَ ڪم لاءِ وڌيڪ وسيلا ۽ جبلن جي چوٽين تي معلومات وٺڻ لاءِ ضروري سامان ۽ اوزار هئڻ ضروري آهن. پر انهن موجود ٿورين جاين، جن جي مشاهدي جي بُنياد تي هي ڪتاب لکيو ويو آهي. يا جيڪي انساني تهذيب جا آثار، جن بابت ڪوهستاني ماڻهو ٻُڌائين ٿا. انهن ڳالهين تي ڪجهه غور ڪرڻ بعد اندازي موجب اهو چئي سگهجي ٿو ته، اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک سالن کان به وڌيڪ عرصو اڳ قديم انسان ڪوهستان جي جابلو چوٽين تي رهندا هئا. سندن رهائش جي مختصر آثارن مان خبر پوي ٿي، ته اهي تمام ٿوري ٿوري تعداد ۾ مختلف جاين تي الڳ الڳ جبلن جي چوٽين تي پٿرن جا ننڍا ننڍا گهر ٺاهي رهندا هئا. انهيءَ وقت ڪوهستان جا جبل شايد پاڻيءَ ۾ ٻُڏل هئا، جنهن ڪري اُهي ماڻهو صرف جبلن جي چوٽين تي رهندا هئا. انهن سج جي گرميءَ کان بچڻ لاءِ وڏن وڻن جي غير موجودگيءَ سبب پٿر سَٿي ننڍا ننڍا گهرڙا ٺاهيا هئا. انهيءَ زماني ۾ جبلن جي چوٽين تي ننڍا ننڍا ٻوٽا اُڀريل هئا، جن مان ڪجهه ٻوٽا انهن ماڻهن جي خوراڪ جو حصو هئا. سياري ۾ جڏهن سَردي وڌي ويندي هئي، تڏهن هو چوٽين کان ٿورو هيٺ لهي قدرتي غارن ۾ سيءَ کان پناهه و ٺندا هئا. جيڪي سندن سياري جي موسم جا گهر هئا، پر اُهي غارون سندن مستقل گهر نه هئا؛ صرف سياري جي موسم جا عارضي گهر هئا. هو جبلن کان ٿورو هيٺ لهي، پاڻيءَ مان پٿرن سان مڇي جو شڪار ڪندا هئا. يا ممڪن آهي ته هو پٿرن سان پکين جو شڪار به ڪندا هجن، پر سندن گهرن مان ڪي به هڏا نه ٿا ملن. انهيءَ مان سندن ڪيل ڪنهن وڏي جانور جي شڪار جي شاهدي نه ٿي ملي، سندن انهن گهرن مان ڪو ٺِڪراٺو يا چقمقي پٿر يا گَهڙيل ڪو اوزار به نه ٿو ملي. انهيءَ ڪري اهو چئي نه ٿو سگهجي، ته هو باهه ٻارڻ جي به ڪاڄاڻ رکندا هئا. سندن لباس بابت به ڄاڻ نه ٿي ملي، پر گهر هڪ ٻئي جي ويجهو هئڻ سان، اها شاهدي ضرور ملي ٿي، ته هو شروعاتي اشتراڪي دور کان خاندان واري دور کان به اڳتي قبائلي دور تائين ارتقا ڪري چڪا هئا. سندن اوزار جيڪي بچاءَ ۽ شڪار جي لاءِ هوندا هئا، سي به بِنا گَهڙڻ جي قدرتي نموني وارا هئا. انهيءُ بابت شاهدي اها آهي، ته سندن گهرن يا رهائشي علائقي مان ڪي پٿر جا گَهڙيل اوزار نه ٿا ملن. پر سندن رهائشي جاين تي مختلف سائيز جي پٿرن جا ڍير ضرور ملن ٿا. جيڪي سندن گهرن جي اڏاوت جي ضرورت کان وڌيڪ اضافي گڏ ڪري رکيل هئا، سندن گهر وڏن ڳرن پٿرن جي بُنيادن وارا آهن. انهيءَ کانپوءِ هيٺان کان مٿي اوساريءَ۾ ڪم آندل پٿر ننڍا ٿيندا ٿاوڃن. اوساري چار يا پنج فوٽن تائين آهي. انهيءَ کان پوءِ انهيءَ تي ننڍيون ڪاٺيون جيڪي هٿ سان ڀڃي سگهيا هوندا، سي ڀتين مٿان رکي گاهه سان يا پِيشَ جي ڦرهن سان ڇت بند ڪندا هوندا.ڇتين کي مضبوط ۽ گهاٽو ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٻوٽن، ولين يا وڻن جي ڇوڏن جي مدد به وٺندا هوندا. هتي ڪنهن وڍيندڙ پٿر جو اوزار نه مليو آهي، ممڪن آهي ته هٿن جي طاقت سان وڏا ٽار هڪٻئي جي مدد سان ڀڃندا به هجن. ڇو ته جبلن جي چوٽين تي ٿوري تعداد ۾ ڪجهه وڻ به هوندا هئا، شاهديءَ طور اڃان به ڪٿي ڪٿي جبلن جي چوٽين تي وڻ موجود آهن. گهرن جي اڏاوت جي بُنيادن ۾ وڏن ڳرن پٿرن جا بُنياد ٻُڌائن ٿا، ته هو هڪٻئي جي مدد به ڪندا هئا. هڪٻئي سان سندن همدردانه رويو هو، گوشت نه کائڻ سبب هو وحشي نه هئا. سندن ننڍن گهرن مان اها شاهدي ملي ٿي،ته هو گهرن ۾ اڪيلا يا وڌ ۾ وڌ ٻن تائين رهي سگهيا هوندا. ڪجهه گهر گڏيل ننڍين ڪوٺين جي شڪل ۾ ورهايل موجود آهن، جن مان شاهدي ملي ٿي، ته سندن شاديون ٻار ٻچا به هئا. هر جبل تي انهن قديم ماڻهن جي هڪ پنهنجي دنيا هئي، ڇاڪاڻ ته جبلن جي وچ ۾ پاڻي هئڻ سبب هنن لاءِ ٻين جبلن تي وڃڻ ممڪن نه هو. انهيءَ لاءِ شايد هر جبل جي چوٽيءَجي رهاڪن جي ٻولي پنهنجي ڌار هجي. هيٺ چوٽين کي ويجهو سندن سياري واري رهائش وارين مٿانهين غارن ۾ به لکيت جو ڪو ثبوت نه ٿو ملي، ۽ نه ئي ڪو ڪوهستاني ماڻهو اهڙي قسم جي شاهدي ڏي ٿو. پوري ڪوهستان يا ڄاڻايل جبلن جي ڇتين تي وڌيڪ عرصو رهي ڳولڻ سان اڃان به وڌيڪ ثبوت ۽ شاهديون ملي سگهن ٿيون. جن شاهدين جي بُنياد تي وڌيڪ ڪو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهي شاهديون وسيع جبل ڪوهتراش تي صرف هلندي ڏٺيون ويون آهن. هن دور جو هڪ ٻيو تاريخي اُهڃاڻن سان ڀرپور علائقو ٺٽي جي ڪوهستان ۾ آهي، جيڪو پڻ حيران ڪندڙ تاريخي ماڳ آهي.ٺٽي ضلعي جي ديهه ست ڀاڱي هڪ ۾ ميٽنگ ريلوي اسٽيشن جي اُتر طرف هڪ ننڍين پهاڙين جي خوبصورت وادين وارو علائقو آهي. جنهن کي سندس خوبصورتيءَ سبب ڪوهستان جا ماڻهو جنت مڪان جون بُٺيون سڏيندا آهن. انهن خوبصورت وادين ۾ برسات جي وقت خوبصورت نظارا من موهيندڙ اسرار رکندڙ آهن. هتي برسات جي موسم ۾ ڪوهستان جا سمورا گُل ۽ ٻوٽا ڦُٽي نڪرن ٿا، ۽ هي علائقو گُلن جي خوشبوءَ سان واسجي وڃي ٿو. اُنهيءَ ڪري هتي قسمين قسمين پکي به ايندا آهن، هي مشهور شڪار گاهه به رهي آهي. جتي ڪوهستان جي ماڻهن جي چوڻ موجب صدر ايوب خان به شڪار لاءِ آيو هو، هتي عرب شهزادا به شڪار ڪري چڪا آهن. هنن وادين ۾ جيئن ئي ميٽنگ اسٽيشن کان اچي داخل ٿبو، ته اُتي هڪ اڌ گول پهاڙي وٽ هيٺ هڪ جاءِ آهي، جنهن کي ڪوهستان جا ماڻهو انتهائي منحوس شيطان جي جاءِ چوندا آهن. سندن عقيدو آهي ته جيڪو به ماڻهو انهيءَ شيطان کي پٿر نه هڻندو سو خطا کائيندو. انهيءَ ڪري وادين ۾ ڏکڻ طرف کان داخل ٿيندڙ هرڪو ماڻهو لازمي طور انهيءَ شيطان کي پٿر هڻندو آهي. انهيءَ جاءِ تي ننڍڙن پٿرن جو هڪ وڏو ڍڳ ٿي ويو آهي. جنهن مان اها شاهدي ملي ٿي ته، هتي شيطان کي پٿر هڻڻ واري جاءِ تي هزارين سالن کان ماڻهو پٿر هڻندا آيا آهن. اُتان کان اُتر طرف جڏهن ڪجهه فاصلو ڪري جنت مڪان جي اُتر ۽ اولهه جي دنگ واري ٽڪريءَ تي پهچبو، ته اُتي جابلو پيچري جي بلڪل ڀَر ۾ هڪ اونهي پاڻيءَ جي گهار آهي. جتي برسات جو پاڻي گڏ ٿيندو آهي، انهيءَ پاڻي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ قديم گبر بند جا نشان آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ڪٿي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن پاڻيءَ جي ذخيري جي بلڪل لڳو لڳ اوڀر طرف هڪ سڌي ميدان واري جابلو بُٺي آهي، جيڪا هن وقت به اوچائيءَ ۾ پنجاهه فوٽ کن ٿيندي. اُنهيءَ بُٺيءَ جي مٿان سڌي ميدان تي هڪ مٽيءَ سان جوڙيل اندازي ۾ سئو فوٽ ويڪر ۽ هڪ ڪلو ميٽر ڊيگهه ۾ هڪ قلعي جا آثار موجود آهن. قلعي جي ديوار پنج فوٽ کن ويڪري ۽ هن وقت به ڪٿي ڪٿي پنجن کان ستن فوٽن تائين اوچي آهي. ديوار جي پاڙ ۾ ڪِريل ديوار جي ملبي مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته اها ديوار گهٽ ۾ گهٽ پندرهن فوٽ کن اوچي هوندي. ديوارون اولهه پاسي انهيءَ پاڻيءَ جي ذخيري وٽ ختم ٿين ٿيون، ته ٻئي طرف وري قلعي جي اوڀر طرف ٻئي ديوارون ختم ٿي وڃن ٿيون. سامهون قدرتي طور انهيءَ بُٺيءَ جا ڪنارا سڌي ديوار بڻجيو وڃن. هن قلعي کي شايد برفاني دور کان اڳ جي ماڻهن ٺاهيو هو، جو مٽيءَ ۽ ننڍن پٿرن سان ٺاهيل ديوارون هن وقت پنڊپهڻ ٿيل آهن. هن قلعي واري بُٺيءَ جي اُتر طرف ميلن ۾ بُٺيءَ کان هيٺ زميني ميداني علائقو آهي، جتي اهو محسوس ٿئي ٿو، ته اهو ڪوهستان مان آيل برساتي پاڻيءَ جي وهڪرن سبب ڊيلٽا جيان ٺهيو آهي. جتي شايد ڪو زمانو برساتي پاڻي به بيٺل رهيو هجي. هن قلعي جي تعمير ۾ ڪتب آيل مٽي اتان کنئي ويئي هئي. هن قلعي جي اندر ماڻهن جي رهائش جا آثار بلڪل چٽا موجود آهن. هتي سندن رهائش لاءِ جوڙيل ڪوهتراش جي قديم ماڻهن جيان ننڍيون ننڍيون ڪوٺيون ٺاهيل آهن، جيڪي اڻ گَهڙيل پٿرن ۽ مٽيءَ سان جوڙيل آهن. گهرن جا اڱڻ پڻ موجود آهن، هتي ڪو به گَهڙيل اوزار نه ٿو ملي. البت قدرتي طور گَهڙيل پٿر مختلف ڪمن ۾ اوزارن طور استعمال ڪيل آهن. جن ۾ چهنبدار پٿرن جو وڏو ذخيرو هر اڱڻ تي موجود آهي، جيڪي پٿر هو شايد هٿيار طور استعمال ڪندا هئا. هتي کانڀاڻيءَ جا گول ڳوڙها ۽ گول ننڍين لولين جهڙيون ٽِڪيون جيڪي مٽيءَ مان ٺهيل لڳن ٿيون، پر بعد ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويون، جيڪي ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. انهيءَ مان انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي ته، اهي ماڻهو کانڀاڻيءَ جي استعمال کان پڻ واقف هئا. جن جي ذريعي هو قلعي مان ويهي حمله آورن جو مقابلو ڪندا هئا. سندن رهائشي علائقي ۾ ڪي به باهه ٻارڻ جا ثبوت نه ٿا ملن، نه ئي ڪي چقمق جا پٿر يا ٺِڪريون ملن ٿيون؛ نه ئي هو ڪا شئي گَهڙي ٺاهڻ جي مهارت رکندا هئا. سندن پوري رهائشي علائقي ۾ هڏا نه مليا آهن. انهيءَ مان اها شاهدي ملي ٿي، ته اُهي ماڻهو گوشت خور نه هئا؛ پر سندن رهائشي گهر، جيڪي چورس يا گول شڪل ۾ آهن. جن جي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ مان لڳي ٿو، ته وٽن مضبوط قبائلي نظام موجود هو. يا ڪي سماجي قانون ۽ قاعدا ٺهيل هئا، جن تي هو پابنديءَ سان عمل ڪندا هئا. قلعي کان ٻاهر ڏکڻ طرف واري ديوار سان لڳو لڳ به رهائشي گهرن جا نشان موجود آهن، جتي پڻ رهائش جو طريقو ساڳيو قلعي جي اندر رهندڙ ماڻهن جهڙو هو. پر اهي گهر بعد ۾ آباديءَ جي وڌڻ سبب يا حالتون پُر سڪون ٿيڻ بعد ٺاهيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هنن ٻاهرين گهرن جي ڏکڻ طرف هڪ جابلو ميدان پڻ آهي ، جتي هنن جي راندين يا ٻين اهڙين گڏيل سرگرمين جا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا .
هاڻي اها ڳالهه ڳُجهارت بڻيل آهي، ته انهن قديم پٿر جي دور جي ماڻهن ايڏي وڏي محنت سان اهو وڏو قلعو ڇو ٺاهيو؟ ڇو ته انهن ماڻهن جي امن پسند سماج مان ڪنهن به قبائلي ٽڪراءَ جون ڪي ذرو برابر به شاهديون نه ٿيون ملن. انهن هزارين سال اڳ رهندڙ پٿر جي دور جي ماڻهن جيڪي ڪي هنرمند به نه هئا، نه ئي سندن ڪي ضرورتون حالت جنگ ڏانهن کين وٺي ويندڙ هيون، ته پوءِ انهن اهو قلعو آخر ڇو ٺاهيو؟ جيڪو شايد دنيا جو پهريون قلعو هو. کين اهو خيال ڪيئن آيو؟ انهيءَ سوال جي جواب لاءِ اسان کي هن پوري علائقي جي انهيءَ وقت جي جاگرافيائي حالتن ۽ انهي وقت موجود حياتيات جي باري ۾ غور ڪرڻو پوندو. جيئن مشاهدن جون ڪڙيون ملائي ڪو نتيجو ڪڍي سگهجي . هن علائقي جنهن کي جنت مڪان جون بُٺيون سڏين ٿا، جي اُتر طرف ميداني علائقو، اوڀر طرف خوبصورت ٽڪرين جون ماٿريون، اولهه طرف به اُڀن ڪنارن وارو جابلو سلسلو، ۽ ڏکڻ طرف ميٽنگ ريلوي اسٽيشن لڳ ڪوئلي جي ذخيرن وارو علائقو، جتي اڄ به ٻن سئو فوٽن کان ٽن سئو فوٽن تائين ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. جيڪڏهن يونيسيف جي ڊيلٽائي 1964ع جي سروي رپورٽ موجب هڪ هزار سالن ۾ هڪ ميٽر جي ڀرائيءَ سان حساب ڪبو، ته ڪوئلي جي ذخيرن جي جاءِ تي لڳ ڀڳ هڪ لک سال اڳ تائين گهاٽا ٻيلا موجود هئا. جيڪي بعد ۾ رتنا ڪر جي هندي سمنڊ ۾ تبديل ٿيڻ بعد، جڏهن پاڻي واپس ڪوهستان طرف موٽ کاڌي ته اُهي ٻيلا پاڻيءَجي وهڪرن جي آندل ريٽ ۾ دٻجي ويا، جيڪي ڪوئلي جي شڪل ۾ موجود آهن. انهن ٻيلن جي موجودگيءَ ۾ ئي هن قديم قلعي جي ٺاهڻ جي ڳُجهارت جي ڀڃڻي موجود آهي. جيڪا ڪڙيون ، ڪڙين سان ملائڻ بعد وڃي هن ريت بيهي ٿي:
جنت مڪان جي وادين جي ڏکڻ طرف ڪوئلي جي ذخيرن جي جاءِ تي هڪ لک سال اڳ گهاٽا جهنگ موجود هئا، جتي انهن ۾ وڏا ديو هيڪل جانور به رهندا هئا. جيڪي انتهائي خونخوار هئا، اهي جانور برفاني دور تائين انهيءَ علائقي ۾ موجود هئا. جن جا ٽولن جي شڪل ۾ پنڊپهڻ ٿيل جسم اڄ به وادي جنت مڪان کان سواءِ جهمپير لڳ آڃڙي، ۽ جُنگشاهيءَ ويجهو به ملن ٿا.آڃڙيءَ ۾ هڪ ميداني علائقي ۾ اهڙن پنڊپهڻن جو تعداد اٺاسي آهي. جن کي هن وقت ڪوهستان جا ماڻهو مينهن، اُٺن يا ڪي هاٿين جا پنڊپهڻ سڏين ٿا. جنت مڪان ۾ موجود قلعي جي ضرورت جي سببن جي ڳولا ۾ غور ڪرڻ سان اُتي وڃي خيال بيهي ٿو، ته اهي جانور خونخوار جانور هئا، جن جي شاهدي جنت مڪان جي وادين جي ڏاکڻئين لنگهه وٽ منحوس شيطان واري جڳهه به آهي. جنهن کي اڃان تائين ماڻهو منحوس سمجهي پٿر هڻن ٿا. شايد انهيءَ جاءِ جي نحوست انهيءَ سبب جي ڪري به هجي،ته قديم زماني ۾ انهن خونخوار جانورن انهيءَ جاءِ تي ڪي اهم ماڻهو ماري وڌا هجن. جنهن واقعي بعد وادي جي قديم ماڻهن انهن خونخوار جانورن کان بچڻ لاءِ قلعي جي ضرورت کي محسوس ڪيو هجي، ۽ وڏي جاکوڙ سان قلعي جي تعمير بعد انهن جانورن سان اڻ گَهڙيل پٿرن، ۽ کانڀاڻين سان مقابلا ڪري کين ڀڄائي، جانورن جي حملن کان نجات حاصل ڪرڻ بعد امن جي صورتحال بحال ڪري وڌي هُجي. وادي جنت مڪان کان پري ڪن جابلو ٽَڪرين جي چوٽين تي جانورن جي پيرن جا پنڊپهڻ ٿيل نشان ملن ٿا. اهڙي قسم جي جانورن جا پير جهمپير کان ڏکڻ طرف ٺٽي ويندڙ رستي جي ڀر ۾ هڪ اڇي ڪارسُري رنگ جي سخت پٿرن واري ٽڪري، جنهن کي هن وقت ڪوهستان جا ماڻهو بيکاٽئي جي بُٺي سڏين ٿا،اُتي پڻ موجود آهن. انهن جانورن جي پيرن ۾ شينهن جا پير چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن پوري ٽڪريءَ تي جانورن جي عجيب و غريب پيرن سان گڏ ڪنهن به ماڻهوءَ جي پيرن جا نشان موجود ناهن. انهيءَ ڳالهه مان اها به شاهدي ملي ٿي، ته اهو علائقو جانورن جي حملن سبب انسانن لاءِ علائقه غير هو. هنن جانورن جي پنڊ پهڻ ٿيل پيرن جي نشانن مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي،ته قلعي جي تعمير بعد اهي جانور انهيءَ وقت جي ماڻهن مقابلا ڪري انهيءَ طرف ڀڄائي ڇڏيا هئا، ۽ پوءِ هتي برفاني دور اچڻ سبب قلعي سميت جانورن جا لڳل پير ۽ ڪجهه جانور پنڊپهڻ ٿي ويا. جن جا نشان هيترو وقت گذرڻ بعد به ڪٿي ڪٿي موجود آهن. ممڪن آهي ته انساني آباديون ٻين ڪوهستاني آبادين جيان ويجهو ئي رتناڪر جي ميدان ڏانهن موسمي حالتن کي ڏسي لڏپلاڻ ڪري ويون هجن. هن قلعي جي آثارن کي ڏسي اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته جنت مڪان جي وادين ۾، دنيا جو پهريون قلعو تعمير ڪندڙ ماڻهو وري هتي ساڳي جاءِ تي برفاني دور جي خاتمي بعد ٻيهر آباد ٿيا، جيڪي انهن قديم ماڻهن جا پونئر هئا. ڇو ته هنن وادين جي منحوس جڳهه کي پٿر هڻڻ جي رسم بعد ۾ به جاري رهي، جيڪا اڃان تائين جاري آهي. جاگرافيءَ جي صورتحال، ڪوئلي جي ذخيرن ۽ زير زمين پاڻيءَ جي ذائقي چکڻ بعد اهو انومان وڃي بيهي ٿو، ته رتناڪر جي ميدان جي هندي سمنڊ ۾ تبديل ٿيڻ وقت هي علائقو به تانگهي سمنڊ جو حصو بڻجي ويو هو. جنت مڪان جو علائقو به انهيءَ سامونڊي پاڻيءَ جي چاڙهه سبب ٻيٽن جي صورت ۾ هوندو. ڇاڪاڻ ته ڏاکڻئين ڪوهستان ۾ مليل ڪوڏن ۽ سِپين جا محدود پنڊپهڻ سڀ سامونڊي جيوت جا آهن. ڪوئلي جا ذخيرا پڻ ٿوري مقدار واري سامونڊي پاڻيءَ ۾ اڃان تائين ٻُڏل آهن. انهيءَ سمنڊ جي وڌيڪ شاهدي انهيءَ ڳالهه مان به ملي ٿي ته، هتي جي وادين ۾ برساتي ندين جي پيٽ کانسواءِ باقي ايراضيءَ جو زير زمين پاڻي کارو آهي. بحرحال هي جنت مڪان جي وادين وارو قلعو شايد دنيا جو قديم ترين قلعو هُجي، ۽ بين الاقوامي اثاثي طور ڳڻجڻ جي لائق آهي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي، جو هن علائقي ۾ به ترقيءَ جي نالي ۾ حڪومت طرفان والار ڪري عام ماڻهن کي لڏايو ويو آهي. شايد ڪجهه سالن بعد هن تاريخي قلعي جو نالو نشان به نه رهندو.
ڪوهستان جي ٻين جبلن جي چوٽين تي موجود شاهدين بابت، ڪوهستاني ماڻهن واتان ڳالهيون ٻُڌجن پيون. جبلن تي چڙهي مڪمل گُهمڻ سان ڪئين لِڪل راز اڃان به کُلي سگهن ٿا، جن لاءِ تاريخ جي عاشقن کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪوهستان جي جبلن جون چوٽيون محققن کي سڏي رهيون آهن، جتي انساني تهذيب جي ارتقائي بنيادن جون ڪئين شاهديون اڃان لڪل آهن.پهرئين دور جا جيڪي آثار جبلن جي چوٽين تي موجود آهن، تن مان قديم پٿر جي شروعاتي دور جي شروعاتي اشتراڪي دور کان قبائلي دور تائين اٽي ۾ لوڻ برابر نشان ڏٺا ويا آهن. جن جي بنياد تي اندازي تي اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، جيئن ادارن جي توجهه ڇڪائڻ سان وڌيڪ ڪو ادارو ئي جامع تحقيق ڪري سگهي .