سنڌ شناسي

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
Title Cover of book سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

  ڪوهستان ۾ آيل شروعاتي موسمي دور

ڪوهستان ۾ آيل برفاني دورکان پوءِ اڳوڻا پيدا ٿيل وڻ به ٻين شين جيان پنڊ پهڻ ٿي ويا. اهي وڻ ۽ ديو هيڪل جانور ڊگهي برفاني دور ۾ ساڳيءَ حالت ۾ رهندي، زميني ماحول ۽ موسمن جا اَثَر قبوليندي پَٿر جا ٿي ويا. جيڪي هن وقت به ڏسندڙن جي اکين کي اصلي هئڻ جو دوکو ڏين ٿا، ۽ جادوئي ڪرشمو محسوس ٿين ٿا. اهڙا پنڊ پهڻ ٿيل وڻ ڪوهستان جي ڪافي جڳهين تي مشاهدي لاءِ ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. رنيڪوٽ ۽ ان جي اوڀر طرف واري پٿريلي ميداني علائقي ۾ قديم وڻن جي ڪاٺين جا ٽڪرا ، وڻن جو سنهيون ٽاريون به پنڊ پهڻ ٿيل ڏسڻ لاءِ ملنديون . ٻئي طرف وري گورک جبل واري پاسي هينگڙ جي چشمن ڀرسان قديم وڻن جا پنڊ پهڻ ٿيل ٿُڙ به ڏسڻ لاءِ ملن ٿا . اهڙي ريت ٿاڻي عارب خان جي ويجهوڳوٺ صالو خاناڻيءَ ڏانهن ويندڙ هڪ ڪچي رستي تي سيد جمال شاهه جي قبرستان ۽ اُن جي آسپاس وڏي تعداد ۾ پنڊپهڻ ٿيل وڻ موجود آهن، جن جا پکڙيل ٽُڪرا آسپاس موجود آهن. ڪجهه پنڊپهڻ ٿيل ڪاٺ جا ٽُڪرا هن قبرستان جي قبرن تي پڻ رکيل آهن، جن ٽُڪرن تي وَڍ جا نشان موجود آهن. انهيءَ مان اها به ڄاڻ ملي، ته انهيءَ زماني جي ماڻهن وٽ وڻن وَڍڻ جا اوزار به هئا. وڍن جي نشانن مان اها به خبر پئي ٿي،ته اُهي وڍ ڪنهن لوهي ڪُهاڙيءَ جا نه آهن، پر ڪنهن مضبوط پٿر جي تيز ڌار واري ڪُهاڙيءَ جا آهن. يعني اُهي وڻ پٿر جي زماني جي ماڻهن وڍيا هئا. ڪن ڪاٺن جي ننڍن وڍيل ٽُڪرن مان اهو به معلوم ٿيو،ته اُهي وڻ باهه ٻارڻ ۽ مچ ٻاري سيءَ کان بچڻ لاءِ وڍيا ويا هئا. انهيءَ مان انهي ڳالهه جي گواهي ملي ٿي ته، قديم زماني ۾ ڪوهستان جي ماڻهن باهه ٻارڻ جو هُنر به سِکي ورتو هو، ۽ هو سيءَ کان بچڻ لاءِ ڪاٺين کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ٻاريندا هئا. اهو سمورو عمل گذريل برفاني دور جي شروعات ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو هوندو. پوءِ جڏهن سيءُ وڌي ويو هوندو ۽ هنن لاءِ وڌيڪ ڪوهستان ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويو هوندو، ته هنن اُتان نقل مڪاني ڪئي هوندي. ڇاڪاڻ ڪوهستان ۾ سخت برفاني ٿڌ ۾ هو رهي نه سگهياهوندا. انهيءَ لاءِ هرحالت ۾ ڪوهستان مان لڏڻ سندن مجبوري هو، اها نقل مڪاني ڪهڙي طرف ٿي هوندي؟ اهو هڪ اهم سوال آهي. انهيءَ سوال جي جواب ڳولڻ لاءِ وري زميني حالتن ۽ جاگرافيءَ جي شاهدين جو سهارو وٺڻو پوندو. انهيءَ حساب سان ڏسبو، ته انهيءَ زماني ۾ ڪوهستان جي اوڀر ۾ ٿَر جي لاهي طرف پاڻيءَ جي وهڪرن سبب پاڻي ئي پاڻي موجود هو.انهيءَ ڪري اها نقل مڪاني اوڀر طرف ته ممڪن نه هئي، ٻيو ته اوڀر طرف به اُهي ساڳيون برفاني ٿڌ واريون حالتون موجود هونديون. انهيءَ ڪري انهيءَ طرف لڏي وڃڻ فضول هو. اُتر طرف وري برفاني دور جي اچڻ ڪري سيءَ جو وڌيڪ دٻاءُ هوندو. انهيءَ ڪري اُتر طرف به هو وڃي نه سگهيا هوندا. ڪوهستان جا جبل جيئن ته اُتر کان ڏکڻ اولهه طرف لاڙي سان وڇايل آهن. انهيءَ ڪري اولهه طرف ڪجهه جبلن جي لَڪن کان سواءِ جبلن جي اوچين ديوارن هئڻ سبب اوڏانهن به نقل مڪانيءَ لاءِ رستو نه هو. ٻيو ته انهيءَ اولهه طرف ڏانهن وڃڻ واري رستي تي هڪ جبل جا لَڪ لتاڙي، وري ٿوري پنڌ کانپوءِ ٻيا لَڪ لتاڙڻ، هڪ ٿڪائيندڙ سفر هو. جيڪو سفر ڪرڻ انهن قديم بي ثَمر ماڻهن جي وَسَ ۾ نه هو، ٻيو ته اولهه طرف به انهيءَ برفاني دور جا ساڳيا موسمي اَثر هوندا. انهيءَ ڪري اوڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻ جو به ڪو فائدو نه هو، جو هو اڙانگا لَڪَ لتاڙڻ جو جوکم کڻن. ته پوءِ هو ڪيڏانهن نقل مڪاني ڪري ويا هوندا؟ انهيءَسوال جي جواب جي ڳولڻ لاءِ انهيءَ وقت جي جاگرافيءَ جي حالتن جي بُنياد تي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته هنن وٽ صرف ڏکڻ طرف وڃڻ لاءِ ئي اڪيلو آسان رستو هو. جتي قديم ڪتابن موجب رتناڪر جو وسيع آفريڪا تائين پکڙيل ميدان هو. انهيءَ ڪري اها پَڪ ٿئي ٿي، ته ڪوهستان جي قديم ماڻهن برفاني دور اچڻ واري وقت ۾ ڏکڻ طرف رتناڪر جي ميدان ڏانهن نقل مڪاني ڪئي هوندي. سرديءَ کان بچڻ لاءِ هو رتناڪر جو ميدان لتاڙيندا، آفريڪا تائين پهتا هوندا، جتي حالتون سندن رهڻ جي لائق هيون. ٻئي طرف وري آفريڪا بابت تحقيقات ڪندڙ آرڪيالاجيءَ جي ماهرن جي تحقيقاتي رپورٽن مان اها ڳالهه مطالعي هيٺ اچي ٿي، ته آفريڪا ۾ لڌل ڪافي قديم شيون، جيڪي اُتي تحقيقات ڪندڙ آرڪيالاجيءَ جي ماهرن رپورٽ ڪيون آهن. تن مان ڪافي شيون بنهه ساڳيون آهن، جيڪي سنڌ مان به ڳوليندي مليون آهن. هيسيتائين ماهرن جي رپورٽن جي مطالعي مان اها ڳالهه چٽي ٿي بيهي ٿي،ته آفريڪا ۽ سنڌ مان لڌل ڪافي قديم شيون هڪجهڙيون آهن. ٽئين طرف موجوده هندي سمنڊ جي ٻيٽن مان به اهي ئي ساڳيون شيون ملن ٿيون. انهن سڀني ڳالهين مان برفاني دور ۾ هتان کان ٿيل نقل مڪانيءَ جو وڌيڪ چٽو ثبوت ملي ٿو. هوڏانهن وري سريلنڪا جي ويجهو ٻيٽن مان لڌل قديم اڏاوتن مان به سنڌي تهذيب جو وڏو نشان اهو ملي ٿو، ته جاين جي اڏاوت جي اوساري بنا مسالي جي ڪيل آهي. جيڪا ڏاهپ صرف قديم سنڌي معمارن وٽ هئي، ڇاڪاڻ ته موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي رپورٽن ۾ اها ڳالهه چٽيءَ طرح تسليم ٿيل آهي،ته دنيا ۾ صرف موهن جي دڙي جون اڏاوتون ئي بغير مسالي جي ڪيل آهن. اها ڳالهه 1922ع کان 1927ع تائين موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران جاري ڪيل آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي رپورٽن ۾ ڄاڻايل آهي.اها ڳالهه آرڪيالاجي آف انڊيا جي انهيءَ وقت جي ڊائريڪٽر جنرل مسٽر سر جان مارشل طرفان وڏي فخر سان موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي تڪميل تي، 1927ع ۾ ٿيل آرڪيالاجيءَ جي ڪلڪتي واري اجلاس ۾ ظاهر ڪئي ويئي هئي. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي رِوِيو رسالي ۾اها ڳالهه پڌري ڪري عالم آشڪار به ڪئي ويئي هئي. انهيءَ تاريخي معلومات جي مطالعي کان پوءِ سريلنڪا لڳ ٻيٽن مان مليل بنا مسالي جي ڪيل تعميرات جي آثارن مان انهيءَ ڳالهه جي وڌيڪ پڪي شاهدي ملي ٿي، ته برفاني دور ۾ سنڌ جا ماڻهو آفريڪا کان سريلنڪا تائين پکڙيل رتناڪر جي ميدان تي رهيا ۽ آباد ٿيا هئا، ۽ برفاني دور جي خاتمي بعد جڏهن برف ڳرڻ شروع ٿي ۽ اوڀر طرف اڳوڻي ٿَر واري برساتي ڊيلٽا جي مٿي اچڻ ڪري پاڻي ڏکڻ طرف رُخ رکيو ۽ رتناڪر جو ميدان پاڻيءَ هيٺ اچڻ سبب هندي سمنڊ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو. ته اهي ڪوهستان مان برفاني دور ۾ نقل مڪاني ڪري ويل ماڻهو وري واپس سنڌ ڏانهن موٽي آيا هوندا. رتناڪر جي ميدان جي سمنڊ ٿيڻ ۾ تيزي آئي هوندي، ڇو ته برفاني دور جي خاتمي کانپوءِ هڪ طرف هماليا جا برفاني وَهڪرا سَرسوتي ۽ ٻين قديم ندين جي صورت ۾ ڪوهستان جي اوڀر طرف واري ڊيلٽا کي ڀَرڻ لڳا هوندا. ته ٻئي طرف وري ڪوهستان مان به ٿورو عرصو اُهي وهڪرا اوڀر جي ڊيلٽا ۾ ڀرائي ڪري پوءِ رتناڪر ڏانهن وڌيا هوندا. ڇو ته ڪوهستان جي جبلن جي اُتر کان ڏکڻ طرف هئڻ سبب وچ وارين وادين جو پاڻي به ماڻهن جي نه هئڻ سبب گبر بندن جي رُڪاوٽ نه هئڻ ڪري، چوٽين جي پاڻي ختم ٿيڻ بعد وادين مان وهندي ڏکڻ طرف رُخ رکيو هوندو. انهيءَ شروعاتي مٺي پاڻي جي هلڪن وهڪرن رتناڪر جي ماڻهن کي سنڌ ڏانهن ڇڪيو هوندو، ۽ ٻيهر ڪوهستان ۾ انساني آباديون وسڻ شروع ٿيون هونديون. ۽ پوءِ رتناڪر جي هميشه لاءِ هندي سمنڊ ۾ تبديل ٿيڻ سبب سنڌ جي ماڻهن جو آفريڪا سان زميني رابطو ٽُٽي ويو هوندو.
ساڳئي وقت وري برفاني دور جي پُڄاڻي ۽ رتناڪر ڏانهن پاڻيءَ جي روانگي واري عرصي ۾ ڪوهستان ۾ شديد زلزلي اچڻ جي شاهدي، وري ڪوهتراش ۽ کيرٿر جبل جي دنگ واري چانڊام جي علائقي ۾ ’ٽمڪڙي وارا بُٺا‘ جي نالي وارين ٽڪرين کي ڏسڻ سان ملندي، شايد ڪوهتراش ۽ کيرٿر جي دنگ واري مُنڍ تي ٽمڪڙي وارا بُٺا اُنهيءَ زلزلي جو مرڪز هئا، جو ڪوهتراش کان پوءِ چانڊام واري علائقي ۾ جابلو تراڙن تان گذرندي ڌماڪن سان ٽٽل وڏين پٿر جي ڇپن سبب اوڏانهن ويندڙ رستو مشڪل سان پار ڪرڻو پوي ٿو. انهيءَ رستي تان اڃان به مقامي ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪو اوپرو ماڻهو نه ٿو گُذري سگهي. ڇو ته ٽمڪڙي وارا بُٺا زلزلي جي شدت سبب ڌماڪي سان ڦاٽا هئا، جنهن ڪري تمام وڏيون ڇپون وچ وارين تراڙن تي ڪِريل موجود آهن. جنهن ڪري اُتان گذرڻ ڏُکيو ٿي ويو آهي. ٽمڪڙي جا بُٺا نالي واريون ٽَڪريون ٽُٽل حالت ۾ اڄ به انهيءَ زلزلي جي گواهي لاءِ موجود آهن، پر ويجهن ئي موجود جبلن ڪوهتراش ۽ کيرٿر تي انهيءَ زلزلي جا ڪي وڏا اَثر نه ٿيا هئا. جنهن مان اها شاهدي ملي،ته انهيءَ ٽمڪڙي وارن بُٺن ۾ آيل زلزلي جي پکيڙ ڪا گهڻي وڏي نه هئي. ساڳئي نموني ڪراچي ڪوهستان ۾ ديهه ڪَنڊ ۾ نِمن واري ڍوري لڳ ٽَڪرين کي اونڌو ڪرڻ واري زلزلي جي پکيڙ به ڪا وڏي ايراضي تائين نه هئي. انهيءَ ڳالهه مان اها پڪي شاهدي ملي ٿي،ته برفاني دور جي خاتمي بعد برف جي ڳرڻ سبب ڪوهستان جي علائقي ۾ زمين جي اندروني پليٽن ۾ چُرپُر ٿيڻ سبب اهڙا ٿوري علائقي تائين محدود زلزلي جا شديد جهٽڪا آيا هئا. جن سان جبلن جي ڪجهه ننڍي ايراضي وارين ٽڪرين تي خطرناڪ اَثر ٿيا ۽ اهي ڌماڪن سان ڦاٽي يا اُٿل پُٿل جو شڪار ٿي ويون، جن جا آثار اڄ به انهن زلزلن جي سلسلي جا شاهد آهن.
سنڌ جي ڪوهستان ۾ مُشاهدو ڪرڻ سان انساني تهذيب جي ارتقا جا ڇهه دور ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيڪي حالتن، موسمن، آيل زميني ماحول جي تبديلين ۽ ڪوهستان ۾ زندگيءَ جي ارتقا بابت ڪافي ڳالهين جي نشاندهي ڪن ٿا. انهيءَ ڇهن ئي دورن ۾ انساني تهذيب جي ارتقا جون ڪجهه نشانيون ۽ شاهديون به موجود آهن. اهڙيون نشانيون پوري ڪوهستان جي ٻين ڀاڱن ۾ به موجود هونديون. سموري ڪوهستان ۾ زندگيءَ ۽ انساني ارتقا جون سموريون شاهديون ڏسي مڪمل نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا، جنهن لاءِ ملڪ جي تحقيقاتي ادارن کي کوجنا ڪرڻ گهرجي. هن ڏَس ۾ عالمي انساني ارتقا تي ڪم ڪندڙ ادارن کي به جديد سائنسي انداز ۾ ڪوهستان جو مڪمل دورو ڪري ڪي نتيجا ڪڍڻ گهرجن.جيئن ڌرتيءَ تي انساني ارتقا جي مُنجهائيندڙ سوالن جا جواب ڳولي سگهجن. موجود سڀني شين جو مشاهدو ڪري ڪي نتيجا ڪڍڻ ڪنهن به اڪيلي محقق جي وَسَ جي ڳالهه ناهي، ڇو ته هزارين چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل ڪوهستان تمام وڏو آهي. ڪوهستان جي ڪافي جاين جي اڙانگن رستن تي جتي اڃان انساني هٿ چُراند گهڻي وڌيڪ نه ٿي آهي، اُتي ئي ارتقا جون قديم نشانيون موجود آهن. جن جاين تي رَسائيءَ لاءِ مڪمل وسيلا مهيا ڪيل ٽيمن جي ضرورت آهي. جيڪي تفصيلي مشاهدا ڪري ڪي نتيجا سامهون آڻي سگهن ٿا. باقي ڪوهستان جي ڪيل ٿورن مشاهدن مان جيڪا معلومات ملي آهي، انهيءَ مان اها ڳالهه ظاهر ٿي آهي، ته سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۾ انساني تهذيب جي ارتقا جي ڪافي مُنجهائيندڙ سوالن جا جواب موجود آهن؛ جن سان پوري دنيا جي محققن کي ڪي نوان رستا ملي سگهن ٿا.
ماضيءَ ۾ جيڪو اهو چئي، تحقيق جي دنيا مان سنڌ کي خارج ڪيو ويو ۽ وساريو ويو هو، ته سنڌ جي تهذيب جي عمر پنج هزار سال قديم آهي. انهيءَ ڪري اها ايتري گهڻي قديم تهذيب ناهي، جتي ويهي ڪو تحقيقي ڪم ڪجي. انهيءَ جو اهو ئي ڪارڻ هو ته، جو هن ملڪ جي ادارن اکيون پوري ڇڏيون. جيڪڏهن ادارا پنهنجو فرض ادا ڪن ها،۽ سنڌ ۾ تحقيق جو ڪم جاري رهي ها، ته اڄ دنيا ۾ ارتقا بابت ڪيترائي سوال حل ٿي وڃن ها. ڇو ته سنڌ جي ڪوهستان ۾ ارتقا بابت ڪيترن ئي سوالن جي حل ڪرڻ لاءِ نشانيون موجود آهن.انهيءَ لاءِ جيڪڏهن دنيا جا قديم تهذيبن ۽ انساني ارتقا جي سوالن جي جوابن جا ڳولائو ادارا سنڌ ۾ اچي هتان جي وساريل ماڳن تي تحقيق ڪن، ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي تاريخي ماڳ موجود آهن. جتي گهڻو ڪجهه تحقيق لاءِ موجود آهي،صرف سنڌ جي ڪوهستان ۾ ئي انساني تهذيب جي ارتقا جي ڇهن دورن جا نشان ۽ شاهديون موجود آهن. انهيءَ ڪري جيڪڏهن، ملڪي يا عالمي تحقيقي ادارا، سنڌ ۾ انساني تهذيبي ارتقا جي ڳولا لاءِ ڪا سنجيدهه ڪوشش ڪن، ته پوري دنيا جي ارتقا جي سمورن مُنجهيل سوالن جا جواب شايد سنڌ ۾ ئي موجود هُجن. انهيءَ لاءِ ملڪي ادارن کي ارتقا بابت ڪجهه اهڙيون شاهديون وڏي پيماني تي ظاهر ڪري، عالمي ادارن کي تحقيق لاءِ سنڌ طرف مُتوجهه ڪرڻ گهرجي. جيئن انهن عالمي ادارن جي سهڪار سان سائنسي انداز ۾ تحقيقي ڪم شروع ٿئي، ۽ هن ملڪ جي دنيا آڏو تهذيبي وڏائي ظاهر ٿئي، ان سان گڏ پڻ دنيا جي انساني ارتقا جي تاريخ پڻ مڪمل ٿي سگهي.