پهر پهر جو ڪڙو زهر آ مگر ٿو مُرڪي پيئان مان زاهد
اکين جو پاڻي جهلي جهلي ٿو ڏکن کي لوليون ڏيان مان زاهد
پرين وفا آ پرين دُعا آ مان ڪنهن سان ڀيٽيان پرين پرين آ
تڏهن جيئان ٿو جڏهن وڃي ٿو پرينءَ جي ڀرسان بيهان مان زاهد
هي دل ٿي چاهي وِکون وڌائي غمن کي جيڪو ڇڏي گهٽائي،
ڏکن ۾ورتل سڀن دلين جو ڪو ڏڍ اهڙو ٿيان مان زاهد–
اکيون ٿيون اُٻرن اندر ٿو وَڍجي، جگر جلي ٿو تڏهن ٿو تڙپان،
غريب جي گهر ننڍن ٻچن جون ٻُڌان جڏهن ٿو ريهان مان زاهد
اُٿيا به آهن، وَڌيا به آهن، رُڪيا به ناهن، جُهڪيا به ناهن،
اُنهن جي خاطر لِکڻ گُهران ٿو اُنهن جي لئه ٿو جيئان مان زاهد
نه وڙهجانءِ سمنڊ واسين سان ڏکايل ٿئي ڏکائيندئي
مَلاحن سان متان اٽڪين سَڄي هستي مِٽائيندئي
مُهاڻن ميربَحرن کي مِٽيءَ هاڻو ڏِسين ٿو پر،
مڇيرا جي مَڇر جي پيا مُڏي ڪاتي وهائيندئي
صدين کان هي سَچا ماڻهو درياهه جا دادلا آهن،
ڪندين جي وار سنڌوءَ تي سِڌيون گوليون هلائيندئي
جيڏا سادا ڏسين ٿو اوترا ارڏا ۽ اوکا ٿئي،
نِڀائيندين نِڀائيندئي ڦِٽائيندين ته ڊاهيندئي
مُحبت ۾ مُهاڻن جو ڪڏهن مهمان ٿي ڏس تون،
وساري ڪو نه سگهندين جا مَڇي ماني کارائيندئي
صدين کان سمنڊ جي ٻيٽن ۾ آهي ساهه سنڌين جو،
ڪنارن کان ڪجانءِ پاسو، ستايل سِرُ وڃائيندئي.
آ سنڌي قوم جي زاهد سُجاڳي تنهنجي گيتن ۾،
سڄڻ آهين سڀن جو تون، سڀئي سيني سان لائيندئي.
ڪراچي سمنڊ جي ٻيٽن جي نيلاميءَ کان متاثر ٿي لکيل.