پيار پنهنجي جو اڃان آهي زمانو ساڳيو
عَرضَ مُنهنجا نه اگهيا تُنهنجو بَهانو ساڳيو
ڪلهه به تو مُنهنجي مُحبت کي گُنهگار چيو،
اَڄُ به تون مون کي ٻُڌائين ٿو فسانو ساڳيو
مُنهنجي هر وقت رهي عاجزي ساڳي تو سان،
تُنهنجو تڪرار رَهيو مون سان روزانو ساڳيو
سُونهَن جو وِردُ صُبحَ شامَ ڪيان ٿو ويٺو،
عشق کي مون آرکيو تازو توانو ساڳيو
ڪُجهه حياتيءَ ۾ حقيقت سان مِلي ڏِسُ زاهدَ،
رَهُه نه سَجدَن ۾ ائين روز ديوانو ساڳيو