ڪائنات ۾ تخليق جو شاهاڪار آ عورت
هر ديس جي ڌرتيءَ جو سينگار آ عورت
جي ڀيڻ آ ته ڀاءُ تان سِرُ گهورَ ٿي ڪري،
جي ماءُ آ عظمتَ سَندو مينار آ عورت–
دل ۾ جي ويهاري ته سَنواري ٿي زندگي،
ناتو سَچو رَکي ته نِجو پيار آ عورت–
آدم سِوا حَوا جي مُسافر هو رُڃَ جو،
آدم جي دل جي باغ لئه بَهار آ عورت–
تاريخ شاندار آ عورت جي ساٿ سان،
هر انقلاب جو وڏو ڪِردار آ عورت–
عورت بنا اڌوري سَڄي ڪائنات هُئي،
زاهدَ سَموري سُونهن جو سَنسار آ عورت–