مان اوهان کي حُضورُ چاهيان ٿو
پل به هِڪڙو نه ڏور چاهيان ٿو
وچ مان پردو پرين هَٽائي ڇَڏ،
مان به موسى جو طورُ چاهيان ٿو
آءُ ته هڪٻئي کي حياتيون ارپيئون،
چاهتُن جو شعورُ چاهيان ٿو
جنهن ۾ تو کان جُدا پَوي جيئڻو،
اهڙي جنت نه مُورُ چاهيان ٿو
منهنجي هر ڪا گهڙي هُجي تو لئه،
ايترو مان ضرور چاهيان ٿو
سونهن ساهن ۾ سمائي زاهدَ،
ساهه جي لئه سُرورُ چاهيان ٿو