جڏهن ننڊ مان ٿا اُٿَن مَستَ ماڻهو
وڏيءَ موج ۾ ٿا اَچن مَستَ ماڻهو
نه جن جو تَصوُر ڪري ڪو سگهي ٿو،
اُهي ڪم بيٺا ٿا ڪن مَستَ ماڻهو
زماني سڄي کي نچائي ڇَڏِن ٿا،
جڏهن نينهن ۾ ٿا نچن مَستَ ماڻهو
پون چيرجي ٿا پهاڙن جا سينا،
کڻي جي نگاهون ڏِسن مَستَ ماڻهو
وڃي نيٺ منزل جو سينو چُمن ٿا،
وٺي واٽ جي ٿا وَڌن مَستَ ماڻهو
تڏهن رَنگ ٿا راحتُن جا رَچائن،
جڏهن پيار ۾ ٿا پَچن مَستَ ماڻهو
اُتي سَچَ جا ٿا مَچَن مَچَ زاهدَ،
جِتي مَچَ ٿي ٿا مَچَن مَستَ ماڻهو