اسان جا ذِهنَ ۽ زِندَهه ضميرَ جاڳن ٿا
نه رهندي رات سحر جا سفيرَ جاڳن ٿا
وطن جي عزتن ۽ عظمتن جا رکوالا،
امڙ جا لال ۽ ڀيڻُن جا وَير جاڳن ٿا
جو ميري اک سان ڏسندو مَروڙجي ويندو،
اي سنڌ تنهنجي مِٽيءَجا خمير جاڳن ٿا
مُئا نه موت کان جيڪي نه زندگيءَ سان مِليا،
وفا جي قيد ۾ اهڙا اسير جاڳن ٿا
صَديُن کان سَچَ کي سُوليءَ تي سَجائڻ وارا،
اَنا کي ماري فنا جا فقيرَ جاڳن ٿا
حبيب کوڙ ها زاهدَ طبيب ٿي نه سگهيا،
مِلي نه جَن کي آ مرهم سي جِهيرَ جاڳن ٿا