درد جي ديس ۾ سُورَنَ جو سَتايل ماڻهو
جو مِليو سو هُيو پنهنجن جو ڏکايل ماڻهو
پيار جي آس رَکي لُڙڪ پيئي ٿوويٺو،
هر طرف رُڃُ ۾ بيوس آ اُڃايل ماڻهو
پنهنجي مرضيءَ کي ڏئي موت ويهي ٿو سو ئي،
جو ڏئي ويهي ٿو ڪنهن کي به پنهنجي دل ماڻهو
ڪنهن به جابر جو ڪوئي جبر جُهڪائي نه سَگهيو،
سونهن تُنهنجيءَ آ بڻايو مون کي سائل ماڻهو
گهاوَ ڏاڍا ٿو ڏئي پوءِ به مون کي پيارو آ،
جيڪو آ مُنهنجي اندر مَنجهِه سَمايل ماڻهو
گُفتگوءَ مان ئي خبر پئجي وَڃي ٿي زاهدَ،
ڪير عالم آهي ۽ ڪير آ جاهِل ماڻهو