ڇير پائي جڏهن ناچڻي ٿي نچي
ڄڻ ته ڪنهن ساز تي راڳڻي ٿي نچي
ڪنهن به ڪنواري بَدن کي ڇُهي ٿي جڏهن،
مَست ٿي مينهن جي هَرڪڻي ٿي نچي
وارَ تُنهنجا سَنواري آ جُهومي پَئي،
آئيني جي اڳيان اَڄُ ڦڻي ٿي نچي
جسم درزيءَ جو لَرزي ويو آ سَڄو،
تنهنجا ڪپڙا سبي، ٽاڪڻي ٿي نچي
روز جوڀَنَ جوانيءَ جا آرِسَ ڀَڃي،
ڇوڪري دل هٿن تي کڻي ٿي نچي
مان به اُن وقت زاهدَ نچي ٿو پَوان،
پاڻ مون سان جڏهن پَدمڻي ٿي نچي