وفا جتي آ اُهو در نٿو ڇڏي سگهجي
دنيا ڇڏي ڏبي دلبر نٿو ڇڏي سگهجي
ڀَنڀورَ شهر مان سَسُئي اِهو چَئي نِڪتي،
شهر ڇڏي ٿي سگهان ور نٿو ڇڏي سگهجي
ڪچي گهڙي جي مٿان سُڏڪندي سُهڻيءَ به چيو،
مَران ڀلي مران ميهر نٿو ڇڏي سگهجي
آ موٽ مينڌرا هاڻي ته مَرئي ٿي مُومَلَ،
سواءِ تنهنجي پنهنجو سِرُ نٿو ڇڏي سگهجي
عُمَر جي مَحل کي للڪاري مارُئيءَ به چيو،
مِٺو اباڻو پنهنجو گهر نٿو ڇڏي سگهجي
سُکن جو ساٿ آهي اَڄُ تڏهن به اي زاهدَ،
ڏکن جي راهَه جو رهبر نٿو ڇَڏي سگهجي