جبر سان جنگ جو اعلان ڪبو ڇو نه ڪبو
آزاد ظلم کان انسان ڪبو ڇو نه ڪبو
اي سنڌ تُنهنجا شهر قهر کان ڪبا آجا،
ٿرن برن کي گلستان ڪبو ڇو نه ڪبو
ڏکن بکن جي عذابن ۾ ٿا جلن جيڪي،
انهن جي درد جو درمان ڪبو ڇو نه ڪبو
جو پنهنجي قوم جي عزت لئه جان گهوريندو،
قبول اُن جو هي احسان ڪبو ڇو نه ڪبو
نمڪ حرام آهن جيڪي سِنڌُ ڌرتيءَ جا،
انهن جي واٽ کي ويران ڪبو ڇو نه ڪبو
جي پوڙها ٿي به وياسين ته ڏاتِ سان زاهد،
دلين ۾ جوش کي جوان ڪبو ڇو نه ڪبو