هي راڄ مظلوم هو آ ظالم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا
عظيم پورهيت حقير حاڪم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا
اٻوجهه ماڻهن کي ڏئي دلاسا وٺن وڏيرا ٿا ووٽ ڪيڏا
غريب جو پُٽ وزيرِ اعظم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا
اِسيمبلين ۾ وڃي ٿا ويهو وزير بَڻجي مُفاد خاطر،
ختم ڪجي هر غريب جو غم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا
جو کيت کيڙي اهو ئي وارث زمين جو آ زمين اُن جي،
رَهي نه مُحتاج ڪو به آدم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا
نه شرم اک ۾ نه دِيدَ اک ۾ ترانو ٿا شاد باد ڳايو،
عوام چاهي ٿو لال پَرچم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا
وطن جون خوشيون اسانجون خوشيون دنيا جي دردن کان ڌار ناهيون،
سدائين ٻهڪي سمورو عالم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا–
عوام سان گڏ هلڻ ته زاهد اديب شاعر جو فرض آهي
ستايلن جو ٿئي ڪو سنگم اوهان نٿا چئو اسين چئون ٿا