ناول نگار، شاعر ۽ ڊرامانويس ڪازواو اشيگورو Kazuo Ishiguro
فرخي لکيو آهي تہ هن انهي اعلان ٿيڻ واري ڏينهن صبح جو اردو شاعر افضال احمد سيد، جيڪو وڏو پڙهاڪو آهي، کان پڇيو هو تہ ڪير کٽندو تہ هن چيو هو تہ هن جي خواهش آهي تہ البانوي ليکڪ اسماعيل ڪداري Ismail Kadare کي اهو انعام ملي. نامور تبصري نگار جيمس ووڊ بہ افضال جو حمايتي هو. ٻي پاسي چند سالن کان مارگريٽ ائٽ ووڊ جو نالو بہ متوقع انعام حاصل ڪندڙن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ۽ هن سال تہ هن جي ناول تي مبني ٽي وي سيريل جي ڪري بہ گهڻن کي هن جي انعام حاصل ڪرڻ جي پوري پڪ هئي. پر اهو انعام وڃي مليو برطانيه جي جاپاني نزاد ليکڪ ڪازواو اشيگورو کي. جنهن جي لاءِ سويڊش اڪيڊمي جو رايو اهو آهي تہ هن جا ناول انسان ۽ دنيا وچ ۾ قائم سٻنڌن جي گهرائي کي پڌرو ڪن ٿا. هن جي ناولن جي عظيم جذباتي سگهه ان اٿاهه اونهائي کي ڳولي لڌو آهي، جيڪا هن دنيا سان اسانجي خيالي تعلق جي پويان لڪل آهي.
ڪازواو اشيگورو جاپان جي شهر ناگاساگي ۾ سال 1954 ۾ ڄائو. جڏهن هو پنجن سالن جو هو، تہ سندس والدين لڏي اچي ڏکڻ انگلنڊ جي هڪ ننڍي شهر گلڊفورڊ ۾ ويٺا. جڏهن هو ستاويهن سالن جو هو تہ سال 1982ع ۾ سندس پهريون ناول A Pale View of Hills جي نالي سان شايع ٿيو. اهو ناول شهر ناگاساگي جي حوالي سان هو. ياد رهي تہ ٻي عالمي جنگ جي آخري مرحلي ۾ آمريڪا 9 آگسٽ، 1945ع تي ناگاساگي تي ائٽم بم اڇلايو هو، جنهن جي ڪري اهو شهر تباهه ٿي ويو هو.
سال 1986 ۾ هن جو ٻيو ناول An Artist of the Floating World شايع ٿيو. لنڊن ۾ رهندڙ پاڪستاني نزاد ناولسٽ عامر حسين جي 10 پسنديده انگريزي ناولن مان هڪ ناول اهو بہ آهي. ان ناول کي برطانيه جو اعليٰ پائي وارو انعام وٽبريڊ Whitbread بہ مليو هو.
سال 1989ع ۾ سندس ٽيون ناول The Remains of the Day شايع ٿيو، جنهن کيس عالمي سطح تي نامور ڪيو. ان ناول تي نہ صرف کيس بڪر انعام بہ مليو پر مرچنٽ آئوري گروپ فلم بہ ٺاهي هئي.
اليزا ڪوهاري (د نيوز آن سنڊي، 15 آڪٽوبر، 2017) ناول نگار ۽ ادبي نقاد اميت چوڌري جي لنڊن رويو آو بڪس ۾ ڇپيل ليک مان هڪ حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ اميت لکيو آهي تہ تاريخ جي غلط پاسي هئڻ وارو شرم ڪزو جي پهرئين ٽن ناولن جو مکيه محرڪ آهي ... ان صورتحال تي انگريزي ۾ گهٽ ئي لکيو ويو آهي، ڇو تہ جڏهن کان انگريزي ادب لکجڻ لڳو آهي، تڏهن کان اهو کٽندڙ پاسي ئي رهيو آهي، پر بيٺڪيت جو شڪار رهندڙ کي، جيڪو چاليهارو سالن کان لکي پيو، هڪ پاسي سندس ماضي وارو استحصال اخلاقي سگهه عطا ڪري ٿو، تہ ٻي پاسي پنهنجي ديسي شاهوڪار تهذيب جو بہ سهارو ميسر هوندو آهي.
سال 1995ع ۾ سندس چوٿون ناول The Unconsoled شايع ٿيو. ان ناول کي ڪن نقادن پسند ڪيو، تہ ڪن ان تي ڇتي تنقيد ڪئي. هڪ نقاد جيمس ووڊ تہ ان تي اهو تبصرو ڪيو تہ ان پنهنجي خرابي پاڻ ايجاد ڪئي آهي.
سال 2000ع ۾ هن جو پنجون ناول When We Were Orphans شايع ٿيو ۽ سال 2005 ۾ هن جو ڇهون ناول Never Let Me Go ٿيو. اهو ناول حقيقت نگاري ۽ ڊسٽوپيا جو بهترين امتزاج هو. ان ڪري ڪن نقادن ان کي اهم ترين ناول قرار ڏنو. انهي ناول تي فلم ٺهي آهي.
ناولن کان علاوه هن فلمن جا اسڪرين پلي، ٽي وي ڊراما توڙي نغما بہ لکيا آهن. سال 2007ع ۾ هن جئز گائڪ Stacey Kent سان گڏجي هڪ سي ڊي Breakfast on the Morning Tram ٺاهي، جيڪا فرانس ۾ سٺو وڪرو ٿيندڙ جئز البمن ۾ شامل ٿي.
آصف فرخي پئرس رويو (بهار 2008) ۾ شايع ٿيل هن جي انٽرويو مان هڪ جواب جو اهو ٽڪرو ڏنو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي تہ ڪيئن سماج ياد رکن ٿا يا وساريو ڇڏين واري نڪتي جي حوالي سان هو هڪڙو ناول لکڻ ٿو چاهي. ساڳئي انٽرويو مان اليزا ڪوهاري هڪ جواب جو ٻيون ٽڪرو اهو ڏنو آهي، جنهن ۾ هي چوي ٿو تہ هن اهو ڀانپي ورتو تہ لکت جو ڳر هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ نيئي سگهجي ٿو.... ان ڪري هن هڪ ڪتاب کي ٽي ڀيرا لکيو آهي ۽ ڦٻجي ويو آهي.
سال 2009ع ۾ هن جي ڪهاڻين جومجموعو Nocturnes: Five Stories of Music and Nightfall شايع ٿيو. سال 2015 ۾ هن جو ناول The Buried Giant شايع ٿيو. آصف فرخي جي لفظن ۾ اهو ناول قديم انگلنڊ جو قصو آهي، جنهن ۾ اجگر، راڪاس ۽ ديو وغيره رهن ٿا. انهن اجگرن کي اها سگهه مليل آهي تہ هو ڦوڪ ڏئي يادگيرين کي مٽايو ڇڏي.
هن جي ڪتابن جا چاليهن زبانن ۾ ترجما ٿيا آهن.