ڳالهيون ڪجهہ عالمي ادبي انعامن جون
سال 2017 لاءِ مئن بڪر عالمي انعام لاءِ اسرائيل جي هڪ ليکڪ ڊيوڊ گراسمئن جي ناول A Horse Walks into a Bar کي چونڊيو ويو آهي. ليکڪ ۽ ان ڪتاب جو انگريزي مترجم ان انعام جي رقم کي گڏجي شيئر ڪندا.
انهي انعام جي ججن جي ڪميٽي جي سربراه نڪ بارلي جي لفظن ۾ ڊيوڊ گراسمئن جو هي ناول غمن جي اثرات کي ائين چٽي ٿو، جو جذباتيپڻي جا ڪا لکا ئي نٿي پوي. ايان سئنسم Ian Sansom اخبار گارجيئن ۾ ان تي تبصرو ڪندي لکيو تہ هي ڪتاب رڳو اسرائيل بابت نہ آهي، پر هي ڪتاب انهن ماڻهن ۽ سماجن جو قصو آهي، جيڪي غير مناسب طريقي سان عمل ڪن پيا.
ڊيوڊ گراسمئن، نہ صرف فڪشن لکي ٿو، پر ساڳئي وقت هو ٻارن لاءِ ڪتاب لکي ٿو تہ غير ادبي موضوعن تي بہ لکندو رهي ٿو. هن ڪتاب جي مترجم جيسيڪا ڪوهن، اڳ ۾ بہ 2008 ۾ هن جي ناول To the End of the Land کي ترجمو ڪيو، جنهن لاءِ برٽش نقاد جيڪولين روز لکيو تہ هن جهڙو سگهارو ناول اڳ نہ پڙهيو آهي. ڊيوڊ گراسمئن جيروشلم ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي رهي ٿو. کيس هن کان اڳ ٻيا انعام ملي چڪا آهن.
ياد رهي تہ هن سال انهيءَ انعام واسطي 126 ناول مقابلي لاءِ پهتا. جن مان 13 جي ڊگهي فهرست Long List ٺهي. وري اڳتي هلي ڇهن ڪتابن جي شارٽ لسٽ جڙي، جنهن ۾ ڊيوڊ گراسمئن کان علاوه هڪ ٻيو نامور اسرائيلي ليکڪ Amos Oz، ڊئنش ليکڪ Dorthe Nors، ارجنٽائيني ليکڪ Samanta Schweblin پنهنجي پهرئين ناول سان شريڪ هئا. بارلي کان علاوه ججن جي پينل جي ٻين رڪنن ليکڪ ڊنئيل هان Daniel Hahn، ايلف شفق Elif Shafak، چڪا يونيگوي Chika Unigwe، ۽ شاعر هيلن مارٽ Helen Mort بہ گراسمئن جي ناول کي ساراهيندي چيو تہ ”حڪمت، جوشيلي ذهانت، ۽ ٻين جي احساسن جو ادراڪ رکندي لکيل هي ناول اسان جي زندگي کي ٺاهيندڙ باهمي مخالف قوتن - ڏک ۽ مزاح، اميد ۽ وڇوڙي، ظلم ۽ رحمدلي - ۽ اونداهي وقت ۾ بہ اسان پاران همت ڪري اڳتي وڌڻ واري عمل تي لڀائيندڙ ڳڻ ڳوت يا انترڌيان آهي.“
ٻئي پاسي ڪئناڊا جي گرفن ٽرسٽ The Griffin Trust For Excellence In Poetry پاران ڏنو ويندڙ گرفن شاعري جو عالمي انعام International Griffin poetry prize هن سال انگريز شاعره ائلس آزولڊ Alice Oswald جي شاعري مجموعي Falling Awake ۽ ڪئناڊئين شاعر جارڊن ابيل Jordan Abel جي ڊگهي نظم انجن Injun کي ڏنو ويو آهي.
ائلس آزولڊ جو هي شعري مجموعو سندس شاعري جو ستون مجموعو آهي. ان انعام لاءِ 617 کن ڪتاب وغيره موصول ٿيا، جن مان هن ڪتاب کي چونڊيو ويو. انعام جي هڪ جج جي خيال ۾ شاعره پاران اختياريل فطرت ۽ وقت کي ڦلوڙڻ جو طريقو اسان لاءِ دنيا کي ڳولڻ جا نوان گس کولي ٿو.... هزار کان مٿي حاضرين ۽ سامعين هن جي نظمن کي ٻڌي، جنهن جوش جذبي سان ساراهيو ٿئي، تنهن اسان جي پنهنجي چونڊ جي مڃوتي ڪري ڇڏي.
ان انعام کي حاصل ڪندڙ ٻيو شاعر جارڊن ابيل ڪئناڊا جي صوبي برٽش ڪولميبا ۾ رهندڙ اصلي رهواسي آهي، جن کي نگاسا سڏيو وڃي ٿو. اهي نگاسا ٻولي سان گڏ انگريزي بہ ڳالهائين ٿا. سندس انعام حاصل ڪيل نظم جو نالو انجن حقيقت ۾ ڪئناڊا جي اصلوڪي رهواسين لاءِ نفرت طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
جارڊن پنهنجي انهي طويل نظم ۾ نسل پرستي ۽ ان جي اظهار تي لکيو آهي. هن نظم ۾ آيل مواد اصل ۾ 1840 کان وٺي 1950 تائين ڇپيل مغربي ناولن مان ڪوريل آهي. انهي دور جي مشهور 91 ناولن جي مواد کي هڪ طويل ترين ڊاڪومينٽ ۾ يڪجا ڪري، هن ان ۾ لفظ انجن جي ڳولا ڪئي. آيل 509 نتيجن جو اڀياس هنن سوالن جي روشني ۾ ڪيو ويو تہ ڪڏهن اهو لفظ ڪم آندو ويو؟ ان لفظ جي آس پاس ڇا آهي؟ جيڪر اهو لفظ ڪڍيو وڃي تہ باقي ڇا ٿو بچي؟ ان کان پوءِ هن انهن جملن کي پنجن يا ڇهن لفظن جي جڳهٽن م ورڇي، نئين سر ترتيب ڏئي هي نظم جوڙيو.
جارڊن هن وقت سائمن فريسر يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. سندس تحقيق جو موضوع ڊجيٽل علمي Humantieis مضمونن ۽ ديسي ادبي اڀياس جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو intersection آهي. انجن هن جو ٽيون ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس ٻه ڪتاب Un/inhabited, ۽ The Place of Scraps (جنهن کي ڊوروٿي لائيوسي انعام مليل آهي) شايع ٿيل آهن.
سال 2017 لاءِ پين پنٽر پرائيز PEN Pinter Prize بيلفاسٽ جي رهواسي شاعر مائيڪل لانگلي Michael Longley کي ڏيڻ جو اعلان ٿيو آهي. کيس اهو انعام برٽش لائبرري ۾ هڪ تقريب ۾ 10 آڪٽوبر تي ڏنو ويندو، جتي هو وري سال 2017 جي دلير عالمي لکاري International Writer of Courage جو اعلان ڪندو. ياد رهي گذريل سال پين پنٽر پرائيز مشهور شاعره، ناول نويس ۽ مضمون نگار مارگريٽ ائٽوڊ کي مليو هو، جنهن وري 2016 جي دلير عالمي لکاري جو ايوارڊ بنگلاديش جي ليکڪ.، ناشر عبدالرشيد چوڌري، جيڪو توتل Tutul طور مشهور آهي، کي ڏنو هو.
ٻي خبر اها آهي تہ مائيڪل لانگلي کي سندس تازي مجموعي Angel Hill تي فارورڊ شاعري جي انعام Forward Prizes لاءِ بہ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي. اهو انعام برطانيه ۾ قائم فارورڊ آرٽش فائونڊيشن پاران ڏنو ويندو آهي.
مائيڪل لانگلي پهريائين بينڪ ۾ نوڪري ڪندو هو پر شاعري جي شوق ۾ پنهنجا ڪپڙا ساڙي ڇڏيائين تہ جيئن نوڪري لاءِ ٻاهر نہ نڪرڻو پوي. هن سورهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي گرل فرينڊ کي متاثر ڪرڻ لاءِ نظم لکيو. سندس دوست ۽ مشهور شاعر سيمس هيني Seamus Heaney کيس ڏکن ڏاکڙن ۽ حيرانگين جو سنڀاليندڙ سڏيو هو. پنهنجي لکڻين جي حوالي سان سندس اهو خيال آهي تہ ” آئون سمجهان ٿو تہ جيئن منهنجي عمر پئي وڌي، تيئن منهنجي شاعري بہ سادي ٿيندي وڃي .... شاعري لکڻ اڄاتي جو سفر آهي. اوهان لفظن کي سنڀاليندائو تہ نظم پاڻ کي سنڀالڻ لڳندو، پر جي اوهان نظمن کي سنڀاليندا تہ ڪتاب جڙي پوندو.“