سال 2016 وارو مئن بڪر انٽرنيشنل انعام
بڪر پرائز فائونڊيشن سال 2005 کان هڪ ٻيو مئن بڪر عالمي انعام بہ شروع ڪيو آهي، جيڪو اڳي هر ٻي سال ان ادبي ڪتاب کي ڏنو ٿي ويو، جيڪو يا تہ انگريزي ۾ لکيل هوندو هو يا انگريزي ۾ ترجمو ٿيل هوندو هو. پر سال 2015 ۾ فائونڊيشن اعلان ڪيو تہ سال 2016 کان وٺي اهو انعام هر سال ۽ صرف انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب کي ڏنو ويندو. ياد رهي انهي انعام لاءِ ناول يا ڪهاڻين جا مجموعا مقابلي ۾ شامل ٿيندا آهن. هن انعام جي رقم 50 هزار پائونڊ آهي، جيڪا ليکڪ ۽ مترجم ۾ يڪسان تقسيم ڪئي ويندي آهي. ٻي پاسي شارٽ لسٽ ٿيل ڪتابن جي هر ليکڪ ۽ مترجم کي هزار هزار پائونڊ ڏنا ويندا آهن.
سال 2016 جو بُڪر عالمي انعام سائوٿ ڪوريا جي ليکڪا هان ڪانگ جي ناول The Vegetarian کي ڏنو ويو آهي. اهو ڪتاب ڪورين ٻولي ۾ تہ سال 2007 شايع ٿيو هو، پر ان جو انگريزي ترجمو سال 2015 ۾ شايع ٿيو. انگريزي ۾ ترجمو ڊيبوره سمٿ ڪيو آهي. هان ڪانگ جي ڪتاب سان گڏ شارٽ لسٽ ٿيلن ۾ انگولا جو جوزي ايڊيورڊا ايگيولوسا José Eduardo Agualusa جو ڪتاب The General Theory of Oblivian، مترجم ڊينئيل هان Daniel Hahn، اٽلي جي الينا فيرنٽي Elena Ferrante جو ڪتاب The Story of the Lost Child، مترجم اين گولڊسٽين Ann Goldstein، ترڪي جي اورحان پامڪ جو ڪتاب A Strangeness in my Mind، مترجم ايڪن اوڪلپ Ekin Oklap، برلن جرمني ۾ رهندڙ آسٽريائي رابرٽ سيٿلر Robert Seethaler جو ڪتاب A Whole Life، مترجم شارلوٽ ڪالنس Charlotte Collins، ۽ چين جي يان لئانڪ Yan Lianke جو ڪتاب The Four Books، مترجم ڪارلوس روجاس Carlos Rojas شامل هئا.
انعام حاصل ڪندڙ ليکڪا هان ڪانگ سائوٿ ڪوريا جي شهر گوانگجو Gwangju ۾ 27 نومبر 1970 تي پيدا ٿي. ڏهن سالن جي عمر هوءَ ملڪ جي گادي واري شهر سيول ڏي لڏي ويئي. هيءَ هڪ ناول نگار جي ڌي آهي. ان کان علاوه سندس ڀاءُ بہ ليکڪ آهي. هن لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي. 1993 ۾ سندس پنج نظم هڪ ادبي رسالي ۾ شايع ٿيا. ٻي سال سندس ڪهاڻي کي هڪ روزانہ اخبار جي ادبي مقابلي ۾ پهريون انعام مليو. ائين لکڻ جو ڪم جاري رهيو. هيسيتائين هان ڪانگ انهي ناول سميت ڇهه کن ناول لکيا آهن ۽ ان کان علاوه هن جا مضمونن توڙي ڪهاڻين جو مجموعا بہ شايع ٿيا آهن. هو شاعره تہ آهي پر موسيقار بہ آهي. سال 2007 ۾ سندس مضمون جي ڪتاب Quitely Sung Songs سان گڏ هن پنهنجي ڏهن نظمن جي سي ڊي بہ رليز ڪئي، جيڪي هن جا ئي لکيل، ڳايل ۽ ڪمپوز ٿيل آهن.
سال 1998 ۾ هو يونيورسٽي آو آئيو University of Iowa جي انٽرنيشنل رائيٽنگ پروگرام ۾ شريڪ ٿي.
وڪي پيڊيا جي پروفائيل موجب جڏهن هو ڪاليج ۾ پڙهندي هئي تہ يي سينگ جي شاعري جي هڪ سٽ ” منهنجي خيال ۾ انسان کي ٻوٽا هئڻ گهرجي“ سندس خبط ٿي ويو. هن يونسي يونيورسٽي ۾ ڪورين ادب پڙهيو. کيسن سائوٽ ڪوريا ۾ ڪافي انعام مليا آهن. ياد رهي تہ هن جي ناول The Vegetarian تي ڪوريا ۾ فلم بہ ٺهي چڪي آهي.
هان ڪانگ 2013 کان وٺي ڪورين انسٽيٽوٽ ۾ تخليقي ادب پڙهائي رهي آهي.
هن ناول جي حوالي سان مئن بڪر جي ويب سائيٽ تي جيڪو مختصر تعارف آهي، تنهنجو آزاد ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:
”ييونگ هاءِ ۽ هن جو مڙس عام ماڻهو آهن. هو وچٿريون خواهشون رکندڙ ۽ ڌيمي مزاج وارو آفيس ورڪر آهي ۽ هوءَ اڻ اتساهڪ پر فرض شناس زال گهرڌياڻي آهي. سندس سڌي هلندڙ شادي شده زندگي ۾ خلل تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن هن ٻوٽي جهڙو وجود حاصل ڪرڻ لاءِ روايتن کان بغاوت شروع ڪئي. جيئن جيئن هن جو باغيانہ عمل خوفناڪ شڪل وٺي ٿو، تيئن تيئن هو فئنٽيسي جي دنيا ۾ محو ٿي پنهنجو موجوده جسم مان آجو ٿي وڻ ٿيڻ جي اڇا ڪري ٿي. هي پريشان ڪندڙ پر خوبصورت ناول هڪ پاسي جديد سائوٿ ڪوريا جو قصو آهي، تہ ٻئي پاسي ان ۾ شرم، خواهشن توڙي ٻين کي سمجهڻ جو ناڪام ڪوششن جو احوال آهي.“
گارجيئن ۾ هن ڪتاب تي تبصرو ڪندي ڊينيئل هان لکيو آهي تہ هن ناول جو مکيه ڪردار ييونگ هاءِ نامي عورت آهي، جيڪا پهرين سادي سودي گهر ڌياڻي هوندي آهي، جيئن سندس مڙس هن لاءِ چوي ٿو تہ ”ڪنهن بہ نموني هوءَ غير معمولي نہ آهي“. هن جي ۽ سندس خاندان جي زندگي ۾ ڦيرو ان وقت اچي ٿو، جڏهن هو فريزر ۾ رکيل گوشت اڇلائي ڇڏي ٿي ۽ پاڻ سبزي خور ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿي. جڏهن سندس مڙس کائنس ان جو سبب پڇي ٿو تہ هو رڳو اهو وراڻي ٿي تہ هن خواب ڏٺو آهي. جڏهن سندس پيءُ سندس وات ۾ کٽو مٺو سوئر جي گوشت جو ٽڪڙو وجھي ٿو تہ ردعمل ۾ هي پاڻ کي زخمايو ڇڏي. ڊينئيل هان جي خيال ۾ اهو ناول ٽن ايڪٽن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ۾ ييونگ هاءِ جي فيصلي ۽ ٻين جي ردعمل جو بيان آهي، ٻي ايڪٽ ۾ ناڪام آرٽسٽ پر سندس ڀيڻويي جو بيان آهي، جيڪو هن جسم جي خبط ۾ وٺجي وڃي ٿو. ٽئين حصي ۾ سندس ڀيڻ ان هاءِ جو قصو آهي، جيڪا ڪاسميٽڪ اسٽور جي مئنيجر آهي، جيڪا خانداني ٽوڙڦوڙ سان پيدا ٿيل گهوٽالي کي منهن ڏيڻ جو پنهنجو طريقو ڳولي ٿي. تبصري نگار جي خيال ۾ اسان انهن ٽنهي ايڪٽن ۾ اڻ لچڪيدار سماجي ڍانچن يعني متوقع روش ۽ ادارن جي ڪم ڪار سان سامهون ٿيون ٿا ۽ انهن مان هر هڪ کي ناڪام ٿيندو ڏسون ٿا.
هڪ ٻيو تبصري نگارسنجوڪتا داسگپتا (ڊان 18 جولاءِ، 2016) هن ناول جي ٽن حصن کي پاڻ ۾ ڳنڍيل ٽي ناوليٽ سمجهي ٿو. هيءُ مبصر هن ڪتاب کي ڪوريا جي غير سرڪاري سماجي تاريخ قرار ڏئي ٿو.
هن ناول جي انگريزي مترجم ڊيبوره سمٿ جڏهن 21 سالن جي ٿي تڌهن هن ڪورين ٻولي سکڻ شروع ڪئي. سندس چواڻي تہ هن ناول جو ترجمو ڪرڻ کان اڳ کيس ترجمي يا اصل ۾ فرق جو مڪمل ادراڪ نہ هو. هن ادب ۾ ابتدائي ڊگري وٺڻ کان پوءِ ادبي مترجم ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان لاءِ هن ڪورين ٻولي کي چونڊيو. هن جڏهن پبلشر جي رضامندي کان پوءِ اهو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مڪمل ڪري، ترجمي جي حوالي سان سوال لکي هان ڪانگ کي اماڻيا، جنهن لاءِ کيس معلوم نہ هو انگريي ڄاڻي ٿي يا نه. بهرحال هان ڪانگ کي انگريزي آئي ٿي. هان ڪانگ جو چوڻ آهي تہ سندس انهي ڪتاب جا ٻين ڪافين ٻولين ۾ بہ ترجما ٿيا، پر هو انهن کي پڙهڻ کان قاصر هئي. پر جڏهن کيس ڊيبوره وارو انگريزي ترجمو مليو تہ هو سرهي ٿي ڇو تہ انگريزي ٻولي جي کيس ڄاڻ هئي. ان ترجمو توڙي ڊيبوره جا سوال پڙهيا. انهن سوالن جي جوابن سان گڏ هن پنهنجا سوال ڊيبوره کي اماڻيا. ائين ترجمو مڪمل ٿيڻ تائين سندن وچ ۾ اي ميلز جي ڏي وٺ ٿيندي رهي.
هتي اهو ٻڌائڻ مناسب رهندو تہ ڊيبوره سمٿ هان ڪانگ جي هڪ ٻي ناول جو بہ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو هن سالHuman Acts جي نالي سان شايع ٿيو آهي.
ايندڙ سال 2017 جي عالمي بڪر انعام لاءِ اهي ڪتاب قبوليا ويندا جيڪي 1مئي 2016 کان وٺي 30 اپريل 2017 واري عرصي ۾ شايع ٿيل هوندا.