هارايل جنگ تي سويتلانا اليڪسي وچ جو نوبيل ليڪچر
هن پوڊيم وٽ آئون اڪيلي بيٺل نہ آهيان. منهنجي چوڦير سوين آواز آهن. ننڍپڻ لاڪون ئي اهي آواز مون سان گڏ آهن. ٻاروتڻ ۾ اسان کي گهر کان ٻاهر راند روند ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو، پر جڏهن سنجها ٿيندي هئي تہ پنهنجي جھوپڙين جي آڏو بينچن تي اچي ويٺل ٿڪل ڳوٺاڻين عورتن جا آواز اسان کي چقمق جيان پاڻ ڏانهن ڇڪيندا هئا. انهن مان ڪنهن جو بہ مڙس، والد يا ڀاءُ هتي نہ هو. مون کي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ڪو مرد نٿو ياد پوي، جنگ دوران هر چوٿين بيلارشين مان هڪ شخص جنگ ۾، يا تہ محاذ تي يا مخالف سان جهيڙيندي مري ويو. جنگ کان پوءِ اسان ٻار عورتن جي دنيا ۾ رهياسين. مون کي جيڪو چٽو يادگيرو آهي، سو اهو آهي تہ عورتون موت جي بجاءِ پيار جي پچار ڪنديون هيون. اهي پنهنجي محبوب کي جنگي محاذ تي روانو ڪندي الوداع جون ڳالهيون ڪنديون هيون، اهي هن جي انتظار ۽ ڪهڙي نموني انتظار ڪن ٿيون جو احوال ڪنديون هيون. ورهيه لنگهي ويا هئا، پر اڃان آسائتيون هيون. ”پرواه نہ آهي، هن جون کڻي پنهنجون ٽنگون ۽ ٻانهون ظايع ٿيل ھونديون، پر آئون ان کي پاڻ ئي کڻنديس.“ نڪي ٻانهون نڪي ٽنگون ..... آئون ڀانيان ٿي، مون کي ننڍپڻ کان ئي پيار جي ڄاڻ آهي.
هاڻي انهي سرودگاھ choir مان ڪجهه سر ....
[b]پهريون آواز
[/b]”تون اهو سڀ ڇو ڄاڻڻ ٿي گهرين؟ اهو ڏکن ڀريو قصو آهي. آئون پنهنجي ور سان جنگ دوران مليس. آئون ٽينڪ جي عملي ۾ شامل هئس، جيڪو وڃي برلن پڳو هو. ياد اٿم اسان ريچسٽيگ Reichstag ۾ هئاسون، ۽ هو اڃان منهنجو مڙس نہ ٿيو هو، هو مون کي چئي ٿو:” آئون تون کي چاهيان ٿو، اچ تہ پاڻ شادي ڪريون.“ آئون ايتري پريشان هئس - اسان جنگ دوران گند ڪچري ۽ خون ۾ پئي رهياسين ۽ گارين کان سواءِ ٻيو ڪجهه نہ پئي ٻڌوسين، مون کيس وارڻيو: ”پهريائين مون کي عورت تہ ٺاهه، مون کي ڪي گل آڇ، ڪن مٺين ڳالهين جا سرٻاٽ تہ ڪر. جڏهن مونکي فوجي خدمت مان آجائي ملندي، تڏهن آئون ڊريس ٺاهينديس.“ آئون ايترو تہ توائي هئس، جو مون هن کي ڌڪ هڻڻ ٿي گهريو. هن اهو ڀانپي ورتو. هن جو هڪ ڳل سڙي ويو هو ۽ ان تي هڪ نشان رهجي ويو هو، مون ان تي سندس لڙڪ لڙندي ڏٺا. ”ٺيڪ آهي، آئون توسان وهانءُ ڪنديس.“ مون چيو. اهڙي نوع ۾، جو مون کي پاڻ اعتبار نٿي آيو تہ مون ائين چيو.... اسان جي چوگرد رڳو رک ۽ ٽٽل سرون يا ائين چئجي تہ جنگ هئي.“
[b]ٻيو آواز
[/b]”اسان چرنوبل نيوڪليئر پلانٽ جي ڀرسان رهندا هئاسون. آئون بيڪري ۾ پيسٽريون ٺاهيندي هئس. منهنجو مڙس فائرمئن هو. اسان تازو شادي ڪئي هئي ۽ اسٽورن ۾ ويندي، هٿ هٿ ۾ ڏئي هلندا هئاسين. جنهن ڏينهن اهو ريڪيٽر ڦاٽو، منهنجو مڙس فائر اسٽيشن تي ڊيوٽي ڪري رهيو هو. اهو ۽ سندس ساٿي بجائي خاص ڪپڙن پهرڻ جي، پنهنجن عام ڪپڙن ۾ ڌماڪي واري جاءِ ڏي روانا ٿيا. ان نموني زندگي بسر ٿيندي هئي ..... تون کي خبر آهي ..... اهي سڄي رات اتي ڪم ڪندا رهيا ۽ کين زندگي مخالف تابڪاري جا ڊوز لڳندا رهيا. ٻي ڏينهن صبح جو اهي ماسڪو موڪليا ويا ... تابڪاري جي نتيجي ۾ بيماري جي ڪري .... جنهن ۾ اوهان چند هفتن کان وڌيڪ زنده رهي نٿا سگهو. منهنجو مڙس جيئن تہ سگهارو ۽ پهلوان هو، تنهنڪري هو آخر ۾ فوت ٿيو. آئون جڏهن ماسڪو پهتس، تہ انهن مون کي ٻڌايو تہ منهنجو مڙس هڪ خاص هيڪلي وارڊ ۾ رکيل آهي، جتي ڪنهن کي بہ وڃڻ جي اجازت نہ آهي. ”پر آئون تہ هن کي پيار ڪريان ٿي.“ مون کين منٿ ڪئي. ”سپاهي هن جي سنڀال ڪري رهيا آهن. هاڻي تون ڪيڏانهن وڃڻ جو پئي سوچين..؟“ ”آئون هن سان پيار ڪريان ٿي“. پر هنن جواب ڏنو تہ ”هي هاڻي اهو ماڻهو نہ رهيو آهي، جنهن سان تون پيار ٿي ڪرين، هو هاڻي هڪ اھڙو آبجيڪٽ آهي، جنهن کي تابڪاري اثرن کان پاڪ ڪرڻو آهي. ڳالهه سمجهئي يا نه؟“ پر آئون وري وري پاڻ کي ٻڌائيندي رهيس تہ مون کي هن سان پيار آهي. آئون رات جو باهه کان بچي نڪرڻ واري ڳڙڪي تائين چڙهي ويندي هئس. رات مهل صفائي ڪندڙن کي مون پئسا ڏنا، تہ جيئن هو مون کي اندر اچڻ ڏين. جيسين هن جا پساه پورا نہ ٿيا، آئون ڪوششون ڪندي رهيس ... هن جي مرتيي کان ڪجھ مهينا پوءِ، مون هڪ نينگري ڄڻي، پر اها بہ رڳو ٻه ٽي ڏينهڙا جيئري رهي... اسان ٻئي هن جي حوالي سان پرجوش هئاسون، پر مون هن کي ماري وڌو .... ۽ ان ابهم مون کي بچائي ورتو، هن سڄي تابڪاري پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏي. هوءَ ڏاڍي سيپڪڙي هئي .... مونکي تہ ٻنهي سان پيار هو. ڇا واقعي پيار سان ڪنهن کي قتل ڪري سگهجي ٿو؟ ڇو پيار ۽ موت هڪ ٻئي کي ويجھو ٿين ٿا؟ اهي هميشه گڏجي ايندا آهن. ڪير اهو سمجهائي سگهندو؟ قبر وٽ آئون ويهي رهان ٿي .....“
[b]ٽيون آواز
[/b]”پهريون ڀيرو مون هڪڙي جرمن کي ماريو ..... آئون ڏهن سالن جي هئس ۽ طرفدار Partisans مونکي پاڻ سان گڏ مهمن تي وٺي ويندا هئا. اهو جرمن زخمي ٿيو پٽ تي پيل هو... مون کي چيو ويو تہ هن جو پسٽل کڻي اچان. آئون هن جي مٿان ويس، پر هن پسٽل کي ٻنهي هٿن سان پڪڙيو ۽ منهنجي منهن جو نشانو وٺڻ لڳو. پر ھو فائر نہ ڪري سگهيو. مون اڳواٽ ڪيو...
ڪنهن کي مارڻ تي مون کي ڊپ نٿي لڳو.... ۽ مون جنگ دوران ان بابت نہ سوچيو. ڪافي ماڻهو ماريا ويا ۽ اسان مُردن وچ ۾ پئي رهياسون. مونکي حيرت لڳي، جڏهن ڪجھ سالن پڄاڻان، مون انھي جرمن متعلق اوچتو خواب ڏٺو... پوءِ اهو خواب بار بار اچڻ لڳو... آئون اڏامڻ ٿي گهران، پر هو مون کي ڇڏي ئي نٿو. آئون پاڻ کي مٿي ڪرڻ اڏامڻ ٿي گهران .....هو پڪڙي ٿو وٺي ۽ آئون هن سان گڏ ڪري پوان ٿي.... آئون هڪ نموني جي کاهي ۾ ڪري پوان ٿي. آئون اتان نڪرڻ گهران ٿي، اڀي ٿيان ٿي، پر هو ائين نٿو ڪرڻ ڏئي.... هن جي ڪري آئون اڏامي نٿي سگهان.
ساڳيو خواب... ڪافي ڏهاڪن تائين مون کي پريشان ڪندو رهيو....
آئون پنهنجي پٽ کي ان خواب بابت ٻڌائي نٿي سگهان. هو ننڍو هو – آئون نٿي ٻڌائي سگهيس. آئون هن کي پرين جي ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائيندي ھئس. هاڻي هو وڏو ٿي ويو آهي، پر پوءِ بہ آئون کيس اهو ٻڌائي نٿي سگهان.....“
فلابرٽ پاڻ کي انساني قلم سڏيو آهي؛ آئون پنهنجي لاءِ چوان ٿي تہ آئون انساني ڪن آهيان. جڏهن آئون گهٽين ۾ گهمان ٿي ۽ لفظ، فقرا ۽ حيرانگي وارا جملا جھپيان ٿي، تڏهن آئون سوچيندي آهيان - ڪيترا ناول ڪو نالو نشان ڇڏڻ بجاءِ الوپ ٿيو وڃن! اونداهين ۾ غرق ٿيو وڃن. اسان ادب واسطي انساني زندگي جي ڳالهه ٻولهه واري رخ کي پڪڙي نہ سگهيا آهيون. اسان ان کي سمجهي نہ ٿا سگهون، ان تي اسانکي ڪا حيرت يا خوشي نٿي پلئه پوي. پر مون کي ان رخ موهيو آهي ۽ ان جو اسير ڪري ڇڏيو آهي. مونکي انساني ڳالهه ٻولهه جو انداز پيارو لڳندو آهي ... مونکي هيڪلو انساني آواز پيارو لڳي ٿو. اهو منهنجو وڏو پيار ۽ جولان آهي.
هن پوڊيم تائين پهچڻ وارو رستو ڪافي ڊگھو رهيو آهي - هڪ ماڻهو کان ٻئي تائين، هڪ آواز کان ٻئي تائين پورا چاليهه گذريا آهن. آئون اهو نٿو چئي سگهان تہ آئون هر وقت هن رستي تي هلي آهيان. ڪافي ڀيرا مون کي انسانن لوڏي ۽ ڊيڄاري ڇڏيو هوندو. مون کي سرهائي ساڻ ارهائي جو بہ تجربو حاصل ٿيو آهي. مون ڪافي ڀيرا، جيڪو سئو هئم، تنھنکي وساري ۽ اڻڄاڻائي واري زماني ۾ واپس ورڻ گهريو آهي. وري ڪافي ڀيرا مون ماڻهن ۾ عمدگي بہ ڏٺي، تہ مون روئڻ بہ چاهيو.
آئون ان ملڪ ۾ رهندي هئس، جتي ننڍي لاڪون ئي مرڻ سيکاريو ويندو هو. اسان کي موت متعلق پڙهايو ويندو هو. اسان کي ٻڌايو ويندو هو تہ انسانن جو وجود ان لاءِ آهي تہ هو سڀ ڪجهه قربان ڪري، ٻري وڃي ۽ پنهنجو ٻليدان ڏئي. اسانکي هٿيارن سان ماڻهن سان پيار ڪرڻ جي سکيا ملندي هئي. جيڪر آئون ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيدا ٿيا ها، تہ هوند اهو رستو نہ وٺان ها. مدائي ڪٺور هوندي آهي، اوهان کي ان جي حوالي سان پاڻ کي محفوظ بنائڻو پوي ٿو. اسان شڪار ٿيندڙ ۽ ان کي ختم ڪندڙ وچ ۾ پيدا ٿياسون. ايتري تائين اسان جا والدين بہ هراس ۾ رهيا ۽ انهن بہ اسان کي سڀ ڪا ڳالهه نہ ٻڌائي - گھڻن حالتن ۾ تہ هنن ڪجهه بہ نہ ٻڌايو - اسان جي زندگي جي هوا بہ زهريلي هئي. شيطان اسان تي ڪرڙي نظر رکيو ويٺو هو.
مون پنج ڪتاب لکيا آهن، پر مون کي ائين ڀاسندو آهي تہ ڄڻ اهي سڀ هڪ ڪتاب ئي آهن. خوشخيالي Utopia جي تاريخ متعلق هڪ ڪتاب .....
وارلم شالاموف هڪ ڀيرو لکيو: ”انسانيت جي حقيقي پنر آرنڀ renewal لاءِ مون هڪ تمام وڏي لڙائي ۾ حصو ورتو، جيڪا هارائجي ويئي.“ آئون انهي لڙائي جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جي تاريخ کي نئين سر جوڙي رهي آهيان. ڪيئن ماڻهن هن ڌرتي تي خدائي بادشاهت قائم ڪرڻ ٿي گهري، جي تاريخ. بهشت! سج وارو شهر! آخر ۾ رڳو رهجي ويو رت جو سمنڊ ۽ ڪروڙين ماڻهن جون تباه ٿيل زندگيون. بهرحال اهڙو بہ وقت هو جو جڏهن 20 صدي جو ڪو ٻيو سياسي نظريو، ڪميونزم (يا ان جو استعارو آڪٽوبر انقلاب) ڪنهن ٻئي سان ڀيٽجي نٿي سگهيو، اهو وقت جڏهن مغربي دانشورن توڙي ٻي دنيا جي ماڻهن کي ڪنهن بہ ڳالهه ايترو سگهاري يا جذباتي نموني نہ موهيو هو. ريمنڊ آرون روسي انقلاب کي دانشورن جو آفيم سڏيو. پر ڪميونزم جو نظريو گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار سال پراڻو آهي. اسان کي اهو افلاطون جي آدرشي ۽ درست رياست واري سکيا ۾ توڙي ارسٽوفينز Artistphenes جي ان زماني جي خوابن ۾ ”جنهن ۾ هرشيءِ جو مالڪ هر ماڻهو هوندو“ ۾ لڀجي ٿو.... ٿامس مور Thomas More ۽ ٽوماسو ڪئمپينيلا Tommaso Campanella ۾ ... اڳتي هلي سينٽ سائمن، فوريئر ۽ رابرٽ اووين ۾. روسين جي روح ۾ ڪا اھڙي ڳالهه آهي، جيڪا کين انهن خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ تي مجبور ڪري ٿي.
ويهارو سال اڳ اسان سويٽ يونين جي سرخ سلطنت کي پٽن پاراتن ۽ لڙڪن سان الوداع ڪيو. هاڻي اسان ماضي تي تاريخي تجربي واسطي وڌيڪ ٿڌائي سان نظر وجھي سگهون ٿا. اهو اهم آهي، ڇو تہ سوشلزم جي حوالي سان بحث ختم نہ ٿيو آهي. دنيا جي حوالي سان مختلف تصور رکندڙ هڪ نئين پيڙهي پيدا ٿي آهي، پر ڪافي نوجوان مارڪس ۽ لينن کي وري پڙهن پيا. روسي شهرن ۾ اسٽالن کي ڀيٽا ٿيل نوان ميوزم کلي رهيا آهن، ۽ نوان يادگارجوڙيا پيا وڃن.
سرخ سلطنت تہ الوپ ٿي ويئي، پر سرخ ماڻهو، هومو سويٽيڪس homo sovieticus رهجي ويو آهي. اهو جالي پيو.
منهنجو پيءُ تازو فوت ٿيو آهي. هو آخر تائين ڪميونزم ۾ اعتباري رهيو. هن پارٽي جي رڪنيت جو ڪارڊ سنڀالي رکيو. آئون لفظ سووڪ sovok کي استعمال ڪرڻ جو ساهس نٿي ڌاريان، جيڪو سويت ذهنيت لاءِ تضحيڪي فقرو آهي، ڇو تہ اهو مون کي پنهنجي والد يا پنهنجي ٻين ويجهن دوستن لاءِ استعمالڻو پوندو. اهي سڀ ساڳي جاءِ يعني سوشلزم مان نسريا آهن. انهن مان ڪافي آدرشي هئا. رومانوادي. اڄ انهن کي ڪڏهن ڪڏهن غلامي جا رومانوادي سڏيو وڃي ٿو. خوشخيالي يا يوٽوپيا جا غلام. منهنجو خيال آهي تہ اهي ٻي نوع جي زندگي گهاري ٿي سگهيا، پر اهي سويت زندگي گهاريندا رهيا. ڇو؟ مون ان سوال جي ڳولا ڪافي عرصي تائين ڪئي، آئون سڄو ملڪ، جنهن کي اڳ ۾ USSR سڏيو ويندو هو، گهميس ۽ هزارين ٽيپون رڪارڊ ڪيون. اهو سوشلزم هو، ۽ اهو سادي طرح اها اسانجي زندگاني هو. مون ذرو ذرو ڪري گهريلو يا اندورني سوشلزم جي تاريخ ڪٺي ڪئي آهي. آئون انسان نالي هڪ ننڍي وٿ ... اڪيلي فرد .... ڏانهن ڇڪ محسوس ڪندي رهي آهيان.... انفرادي شخص. حقيقت ۾ اتي ئي سڀڪجهه ٿئي ٿو.
جنگ کان فورن پوءِ، ٿيوڊور اڊورنو صدمي ۾ لکيو: ”آسوچز Auschwitz کان پوءِ شاعري لکڻ وحشي پڻو آهي“. منهنجو استاد، اليس ائڊامووچ Ales Adamovich، جنهن جو نالو، آئون اڄ احسانمندي سان وٺان ٿي، جو خيال هو تہ 20 صدي جي ڀوائتين حالتن کي نثر ۾ لکڻ بي حرمتي هئي. ڪابہ شيءِ ايجاد نٿي ڪري سگهجي. اوهان کي سچ کي ائين پيش ڪرڻو آهي، جيئن آهي. اعليٰ ادب Super-literature جي گهرج آهي. گواه کي ضرور ڳالهائڻ گهرجي. نسٽي جا لفظ ياد پيا اچن - ڪوبہ فنڪار رڳو حقيقت مان مطمئن نٿو ٿي سگهي. هو ان کي اڀاري نٿو سگهي.
ان نڪتي مون کي پريشان پئي ڪيو آهي تہ سچ هڪ دل، هڪ ذهن ۾ سمائي نٿو سگهجي، ڇو تہ اهو سچ ڇيهون ڇيهون ٿيل هوندو آهي. اهو تمام گهڻو ۽ منفرد هوندو آهي، ۽ دنيا ۾ هر پاسي پکڙيو پيو آهي. دوستوفسڪي جي خيال ۾ انسانذات گهڻو ڪجهه پنهنجي متعلق ڄاڻي ٿي، جيڪو ادب ۾ رڪارڊ نہ ٿيو آهي. ائين آئون آخر ڇا ٿي ڪريان؟ آئون روزانو زندگي جي احساسن، ويچارن ۽ لفظن کي ڪٺو ڪريان ٿي. آئون پنهنجي زماني جي زندگي کي ڪٺو پئي ڪريان. آئون روح جي تاريخ ۾ دلچسپي رکان ٿي. روح جي روزمره واري حياتي، اهي شيون، جيڪي تاريخ جي وسيع ڪئنواس چٽڻ مهل ترڪ ڪيون وڃن ٿيون يا ناپسند ڪيون وڃن ٿيون. آئون گم ٿيل تاريخ سان ڪم ڪريان ٿي. مون کي اڪثر، اڃان تائين بہ اهو ٻڌايو وڃي ٿو تہ آئون جيڪي ڪجھ لکان ٿي، ادب نہ پر هڪ دستاويز Document آهي. اڄ ادب ڇا آهي؟ ڪير ان جو جواب ڏيندو؟ اڳ جي ڀيٽ ۾ اسان تڪڙو جيئون ٿا. مواد هيئت کي ٽوڙي ۽ بدلايو ڇڏي. هر شيءِ پنهنجي حدن کان مٿي چڙهي ٿي، ميوزڪ، پينٽنگ، ايتري تائين جو دستاويز جي اندر بہ لفظ پنهنجي سرحدن کان ٻاهر نڪريو وڃن. حقيقت ۽ جڙت ۾ ڪو سنڌو نہ آهي، هڪڙو ٻئي ۾ رلجي ٿو وڃي. شاهد غيرجانبدار نہ هوندا آهن. ڪهاڻي ٻڌائيندي، اهي ڳالهيون ٺاهيندا آهن، اهي سنگتراش جيان وقت سان مقابلو ڪندا آهن. اهي عامل توڙي تخليق ڪندڙ آهن.
آئون ننڍن ماڻهن ۾ موهه رکان ٿي. آئون ائين چوندس تہ ننڍڙا عظيم ماڻهو، ڇو تہ پيڙا ماڻهن کي ڦنڊائي ٿي. منهنجي ڪتابن ۾ اهي ننڍا ماڻهو پنهنجون تاريخون ٻڌائين ٿا، ائين ان طرح وڏي تاريخ پيش ٿئي ٿي. اسان سان جيڪي ٿيو يا ٿي رهيو آهي، تنهن کي پرجھڻ جو اسان کي وقت نٿو ملي، پر اسان کي اهو ٻڌائڻ گهرجي. شروعات ڪرڻ لاءِ اسان سان جيڪي ٿيو، تنهنکي بيانڻ گهرجي. اسان انهي کان ڊنل آهيون، اسان ماضي سان پڄڻ جهڙا نہ آهيون. دوستوفسڪي جي ڊيمنز Demons۾، شاتوف، اسٽاوروگن سان گفتگو جي شروع ۾ چوي ٿو:”اسان ٻه جيو آهيون، جيڪي بي ڪنار اننت Boundless infinity ۾ مليا آهيون.... دنيا ۾ آخري ڀيرو. تنهن ڪري اهو لهجو ختم ڪر ۽ انسانن وانگر ڳالهاءِ. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو انساني آواز سان ڳالهاءِ.“
منهنجي پنهنجي ڪردارن سان گفتگو بہ ذري گهٽ ان نموني شروع ٿيندي آهي. ماڻهو پنهنجي زماني مان ڳالهائيندا آهن، يقينن اهي ڪنهن خال مان ڳالهائي نٿا سگهن. پر انساني روح تائين پهچڻ ڏکيو هوندو آهي، اهو رستو اخبارن، ٽي وي، هڪ صدي جي وهمن، انهن جي پنهنجي ڪٽرپٽي ۽ دوکيبازي سان ڀريل هوندو آهي.
آئون پنهنجي ڊائرين مان ڪجھ پڙهندس، تہ جيئن ڏيکاري سگهان تہ وقت ڪنهن ٿو رڙي.... ڪيئن نظريو مئو.... آئون ڪيئن ان جي ڪڍ ويس...
1980-1985
آئون جنگ جي حوالي سان ڪتاب لکي رهي آهيان ... جنگ جي حوالي سان ڇو؟ ڇاڪاڻ تہ اسان جنگ جا ئي ماڻهو آهيون – اسان يا تہ هميشه جنگ ۾ هوندا آهيون، يا جنگ جي تياري پيا ڪندا آهيون. جيڪر غور سان جانچيندائو تہ، اسان جنگي اصطلاحن ۾ سوچيندا آهيون. گهر ۾ توڙي گهٽين ۾. ان ڪري انساني حياتي ملڪ اندر ايتري سستي آهي. هرشيءِ جنگ ويلا آهي.
آئون شڪ شبهات سان آغاز ڪريان ٿي. ٻي عالمي جنگ متعلق هڪ ٻيو ڪتاب.... ڇا لاءِ؟
هڪ سفر ۾ آئون هڪ عورت سان ملان ٿي، جيڪا جنگ ۾ طبي ڪارڪن هئي. هن مون کي هڪ ڪهاڻي ٻڌائي: سياري ۾ جڏهن هنن لڊوگا ندي پئي پار ڪئي تہ دشمن کي سندن چرپر جو احساس ٿيو ۽ هن مٿن گوليون وسائڻ شروع ڪيون... ماڻهو ۽ گهوڙا برف هيٺان ڪري پيا. اهو ڪم رات جو ٿيو هو. هن ڪنهن کي زخمي سمجهي، ڪناري ڏي گهلڻ شروع ڪيو. ”مون هن کي ڇڪيو، مون کي هو آلو ۽ اگهاڙو لڳو ۽ مون سمجھيو تہ هن جا ڪپڙا ڦاٽي پيا آهن.“ هن مون کي ٻڌايو. ڪناري تي پڄڻ کان پوءِ کيس احساس ٿيو تہ هن ڪنهن زخمي وڏي مڇي کي پئي گهليو آهي. ان تي هن گارين جي وٺ وٺان ڪري ڏني: ماڻهو تہ تڪليفن ۾ آهن، پر جانور، پکي ۽ مڇيون – انهن ڇا پئي ڪيو؟ هڪ ٻئي سفر ۾ مون هڪ ٻئي طبي ڪارڪن جي ڪٿا سئي، جيڪا سوار فوجي دستي ۾ شامل هئي. جنگ دوران هن گولي سان گهايل هڪ سپاهي کي گهليو، پر کيس جلدي احساس ٿيو تہ هو جرمن هو. ان جي ڄنگهه ڀڳل هئي ۽ رت وهي رهي هو. هو دشمن هو! هاڻي ڇا ڪجي؟ سندس ساٿاري مٿي مري رهيا هئا. پر هن ان جي مرهم پٽي ڪئي ۽ واپس هلي آئي. اتي هن هڪ روسي سپاهي کي گهليو، جيڪو بي هوش ٿي ويو هو. جڏهن ان کي هوش آيو تہ هن جرمن کي مارڻ گهريو، جڏهن جرمن کي هوش آيو تہ ان روسي کي مارڻ لاءِ گن کي پڪڙيو. مون ٻنهي کي ٿڦڙون هنيون. اسانجون ٽنگون رت سان ڀريل هيون.“ هن ياد ڪيو. ”رت تہ پاڻ ۾ ملي جلي ويو هو.“
هيءَ اها جنگ هئي، جنهن متعلق مون ڪڏهن بہ نہ ٻڌو هو. عورتن جي جنگ. اها بهادر بانڪن متعلق نہ هئي. نڪي اها ان گروھ بابت هئي، جيڪو ٻين کي بهادري سان ماري رهيو هيو. مون کي عورتن پاران بار بار آوزايل ورلاپ ياد پوي ٿو: ”لڙائي کان پوءِ اوهان معرڪي واري ميدان مان لنگهندا آهيو. اهي پٺي ڀر پيل هوندا آهن.... سڀ نوجوان ۽ تمام سهڻا. ستي پيا آسمان ۾ گهوريندا. اوهان ٻنهي ڌرين جي نوجوانن لاءِ ڏک محسوس ڪندا.“ ”ٻنهي ڌرين جي مڙني واسطي“ واري رويي، مونکي ڪتاب جو تصور ڏنو تہ ڪتاب ڇا تي هوندو: جنگ رڳو ماراماري هوندي آهي. اھا ان طرح ئي عورتن جي ساروڻين ۾ نقش ٿي ويندي آھي. اهو ماڻهو ھاڻي ھاڻي کليو پئي يا يا سگريٽ پئي ڇڪيائين – ۽ هاڻي هو نہ رهيو آهي. عورتن الوپ ٿيڻ واري عمل تي گهڻو ٿي ڳالهايو، ڪيئن هر شيءِ جنگ دوران اڻهوند ۾ بدلجيو وڃي. ٻئي انسان توڙي انساني وقت. بلڪل، انهن 17 يا 18 ورهين جي ڄمار ۾ جنگي محاذ تي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجون خدمتون رضاڪاراڻه نموني ڏنيون هيون، پر انهن قتل ڪرڻ نٿي گهريو. پر وري - هو مرڻ لاءِ بہ تيار هيون. پنهنجي ڌرتي ماتا لاءِ. اسٽالن واسطي مرڻ لاءِ – اوهان انهن لفظن کي تاريخ مان کرچي نٿا سگهو.
ڪتاب ٻن سالن تائين نہ ڇپجي سگهيو، گورباچوف ۽ پروسٽرائيڪا جي آمد کان اڳ نه. ”تنهنجي ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ ڪو وڙهڻ لاءِ تيار ئي نہ ٿيندو.“ سينسر وارن مون کي ليڪچر ڏنو. ”تنهنجي جنگ تہ ڏاڍي ڊيڄاريندڙ هوندي آهي. ان ۾ هيرو ڇو نہ هوندا آهن؟“ آئون هيروز جي ڳولا ۾ نہ هيس. آئون تہ ليکي ۾ نہ ايندڙ جنگي شريڪن ۽ شاهدن جي ڪهاڻين جي ذريعي تاريخ لکي رهي هئس. انهن کان ڪجهه بہ نہ پڇيو ويو هو. ماڻهو ڇا ٿا سوچين؟ اسان کي خبر ئي نہ آهي تہ عوام وڏن نظرين يا تصورن بابت ڇا ٿو سوچي. جنگ کان فورن پوءِ، ڪو شخص اوهان کي هڪ اهڙي جنگ جو احوال ڏيندو، جيڪا ورهين کان پوءِ، مختلف جنگ هوندي. ڪا شيءِ هن ۾ تبديل ٿي هوندي، ڇو تہ هن پنهنجي سڄي ڄمار کي انهن ساروڻين ۾ ويڙهيو هوندو. سندس پورو وجود. انهن سالن ۾ هو ڪيئن رهيو، هن ڇا ڏٺو ۽ پڙهيو، ڪنهن سان مليو. ڇا ۾ هو اعتباري ٿو. آخر ۾ هو خوش آهي يا ڏکويل. دستاويز يئرا وجود آهن – اهي اسان ساڻ تبديل ٿين ٿا.
آئون مڪمل طرح ان ڳالهه سان سهمت آهيان تہ 1941 واري جنگ واري زماني وارين ڇوڪرين جهڙيون ٻيون نہ ٿينديون. اهو سرخ نظريي جو مٿاهون درجو هو، انقلاب ۽ لينن کان بہ مٿاهون. انهن جي فتح اڄ بہ گلاگ (سياسي قيدن لاءِ روسي قيدخانو) کي گرهڻيو ڇڏي. آئون انهن عورتن کي بيحد چاهيان ٿي. توهان انهن سان نڪي اسٽالن متعلق، نڪي ان حقيقت بابت تہ جنگ کان پوءِ جنگ جي بهادر ۽ اظهاريندڙ ماڻهن کي سائبريا ڏي اماڻيو ويو، ڳالهائي ٿا سگهو. باقي ٻيا گهرن ۾ وريا ۽ خاموش ٿي ويا. مون هڪ ڀيري ٻڌو ”اسان جي آزادي جو سمو رڳو جنگ دوران هو. جنگي محاذ تي.“ پيڙا ئي اسانجو سرمايو ۽ قدرتي وسيلو آهي. نڪي تيل، نڪي گئس – رڳي پيڙا. اهائي هڪ اهڙي وٿ آهي، جيڪا اسان لڳاتار پيدا ڪري سگهيا آهيون. آئون هميشه ان سوال جي جواب جي ڳولائو رهي آهيان تہ اها پيڙا آزادي ۾ ڇو نہ بدلجي سگهي؟ ڇا حقيقت ۾ اهو سڀ اجايو ويو؟ چاڊيف صحيح هو: رشيا بنان يادگيري وارو ملڪ آهي، اهو ڪلي ويسارپ جي جاءِ آهي، تنقيد يا ويچار جي نڪور سجاڳي.
پر عظيم ڪتاب اسان جي پيرن هيٺان ڪٺا ٿي رهيا آهن.
1989
آئون ڪابل ۾ آهيان. آئون جنگ متعلق وڌيڪ لکڻ نٿي گهران. پر هتي تہ آئون حقيقي جنگ ۾ آهيان. پراودا اخبار چوي ٿي: ”اسان افغانستان جي ڀائر عوام جي سوشلزم جي اڏاوات ۾ سهائتا ڪري رهيا آهيون.“ جنگ جا ماڻهو ۽ جنگ جا سامان هرجاءِ هئا. جنگ ويلا.
اهي ڪالهه مونکي لڙائي واري جاءِ ڏانهن وٺي نہ هليا: ”ڳڀرو مُنڌَ! هوٽل ۾ رهه. توکي پوءِ اچي اسان جواب ڏينداسين.“ آئون هوٽل ۾ ويهي سوچيان ٿي: ماڻهن جي همت ۽ کنيل جوکمن جي جانچنا ڪرڻ ڪجھه غير اخلاقي آهي. آئون ٻن هفتن کان هتي آهيان پر انهي سوچ مان، تہ جنگ مرداني فطرت جو نتيجو ٿئي ٿي، آجي نہ پئي ٿي سگهان ۽ اها ڳالهه مون کي سمجھڻ ڏکي پئي لڳي. پر جنگ جا روزمره وارا سازوسامان تہ وڏا آهن. مون اهو پنهنجي سر ڄاتو تہ هٿيار خوبصورت ٿيندا آهن: مشين گنون، سرنگهون، ٽينڪون. ماڻهن کي ڪيئن سٺي نموني مارجي واري مامري تي ماڻهو گهڻو سوچيو ويچاريو آهي. انهن مون کي اٽلي جي ٺهيل سرنگهه ڏيکاري، ۽ منهنجو عورتاڻو ردعمل هو: اها تہ خوبصورت آهي. اها خوبصورت ڇو آهي؟“ انهن مون کي ملٽري اصطلاحن ۾ مختصر طور سمجهايو: جيڪر ڪو هن مٿان ڪنهن مخصوص ڪنڊ کان لنگهندو ... تہ ان جو گوشت رڳو اڌ بالٽي جيترو بچندو. هتي ماڻهو ائبنارمل ڳالهيون ائين پيا آوازين، ڄڻ اهي نارمل آهن. چڱو، اوهان کي خبر آهي تہ اها جنگ آهي ... ڪير اهي تصويرون ڏسي چريو نٿو ٿئي – مثال طور، ڪو شخص ميدان تي پيو آهي، جنهن کي ڪنهن عنصر يا قسمت نہ ماريو آهي، پر هڪ ٻئي انسان ماريو آهي.
مون بلئڪ ٽيولپ (جستي ڪفن ۾ ويڙهيل مردن کي ديس کڻي وڃڻ وارو جهاز) ڀرجندي ڏٺو آهي. 40 واري ڏهاڪي کان مردن کي ملٽري يونيفارم پهرايو ويندو آهي، بعضي تہ اهي مردا مڪمل بہ نہ هوندا آهن. سپاهي ڳالهائي رهيا هئا: ”انهن ڪجهه نوان مردا فرجن ۾ اچي رکيا آهن، جن جي بوءِ خراب ٿيل سوئر جهڙي آهي.“ آئون ان متعلق لکڻ ٿي گهران. پر آئون سمهجان ٿي تہ وطن ۾ ڪير بہ ان تي اعتبار نہ ڪندو. اسانجون اخبارون تہ رڳو سويت سپاهين پاران وڻڪاري ڪيل دوستاڻه ڪوچن بابت لکن ٿيون.
آئون ماڻهن سان ڳالهايان ٿي. ڪافي رضاڪارانہ نموني آيا آهن. هن هتي اچڻ لاءِ پاڻ ئي چيو. مون ڏٺو تہ اڪثريت پڙهيل خاندانن يا دانشوارانہ طبقي مان هئي – ڊاڪٽر، استاد، لائبررين – ٻين لفظن ۾ ڪتابي ماڻهو. هنن افغانين جي سوشلزم جي اڏاوت ۾ مدد ڪرڻ جا سچا خواب ڏنا هئا. اهي هاڻي پاڻ تي کلن ٿا. ايئرپورٽ تي اهڙي جاءِ ڏيکاري ويئي، جتي سوين جستي ڪفن اس ۾ چمڪي رهيا هئا. مون سان گڏ آيل آفيسر کان رهيو نہ ٿيو: ”ڪهڙي خبر تہ ڪڏهن منهنجو ڪفن بہ هتي اچي ... اهي مون کي ان ۾ وجھندا... آئون ڇا لاءِ هتي پيو وڙهان؟“ هن جي لفظن کيس ڊيڄاري ڇڏيو ۽ وري جلدي ۾ چيو: ”اهي نہ لکجائو.“
رات جو مون مُردن جو خواب لڌو، انهن جي چهرن تي حيرانگي هئي: ڇا تنهنجو مقصد آهي تہ آئون ماريو ويو آهيان؟ واقعي بہ آئون ماريو ويو آهيان؟“
آئون نرسن جي هڪ جٿي سان افغاني شهرين واري اسپتال وڃان ٿي – اسان ٻارن لاءِ گفٽون آنديون آهن. رانديڪا، بسڪوٽ، کٽمٽا وغيره. مون وٽ پنج ٽيڊي بيئر آهن. اسان اسپتال پهتاسون، جيڪا هڪ ڊگهي بئرڪ هئي. بستري لاءِ هرهڪ رڳو هڪ کٿو آهي. هڪ نوجوان عورت، هڪ ٻار کڻي مون وٽ آئي. هن ڪجھ چوڻ ٿي چاهيو – گذريل ڏهن سالن ۾ ذري گهٽ هرهڪ کي ٿوري روسي ٻولي ڳالهائڻ آئي ٿي – مون ٻار کي هڪ رانديڪو ڏنو، جيڪو هن پنهنجي ڏندن سان ورتو. ڏندن سان ڇو؟“ مون حيرانگي ۾ پڇيو. هن ٻار تان کٿو هٽايو – معصوم جون ٻئي ٻانهون غائب هيون. ”اهو تڏهن ٿيو جڏهن تنهنجي روسين بمباري ڪئي.“ اهو ٻڌي آئون ڪريس ٿي، پر ڪنهن اچي مون کي قابو ڪيو.
مون اسان وارن گراڊ راڪيٽن جي مدد سان ڳوٺن کي کيڙيل ٻنين ۾ بدلجندي ڏٺو. مون هڪ افغاني قبرستان گهميو، جيڪو سندن ڪنهن ڳوٺ جيڏو هو. ان جي وچ ۾ هڪ پوڙهي افغان مائي رڙيون ڪري رهي هئي. مون کي هڪ ماءُ جي ڪوڪ ياد آئي، جڏهن منسڪ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ انهن جستي ڪفن آندو هو. اها رڙ ڪنهن انسان يا جانور جهڙي نہ هئي. .... اها رڙ ڪابل جي قبرستان ۾ ٻڌل جهڙي لڳي.
آئون اهو مڃيان ٿي تہ آئون هڪ ڌڪ ۾ آزاد نہ ٿي آهيان. آئون پنهنجي موضوعن سان سچي رهي آهيان ۽ انهن مون تي اعتبار ڪيو آهي. اسان مان هر هڪ جو آزادي ڏانهن پنڌ پنهنجو پنهنجو آهي. افغانستان کان اڳ منهنجي انساني چهري واري سوشلزم ۾ اعتبار هو. پر افغانستان ۾ آئون اهي وهم وڃائي آيس. ”بابا مون کي معاف ڪر.“ جڏهن آئون پنهنجي والد سان مليس. ”توهان منهنجي پرورش اهڙي ڪئي تہ آئون ڪميونزم جي آدرشن ۾ اعتبار ڪريان. پر انهن تازو ئي اسڪول مان نڪتل سويت نوجوانن کي، جهڙا تو ۽ امان (منهنجا والدين ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٽيچر هئا) پڙهايا هئا، پرائي ديس ۾ انهن ماڻهن کي ماريندي، جن کي هو سڃاڻڻ ڪون پيا، ڏسي ڪري تنهنجا لفظ خاڪ ۾ ملي ويا. اسان قاتل آهيون، پاپا، توهان سمجهو ٿا؟“ منهنجو والد روئي پيو.
ڪافي ماڻهو آزاد ٿي افغانستان مان واپس وريا. پر ٻيا بہ مثال آهن. افغانستان ۾ هڪ نوجوان همراه مون کي وڏي آواز ۾ چيو: ”تون عورت آهين، توکي جنگ جي ڪهڙي خبر؟ تون سمجهين ٿي تہ جنگ ۾ ماڻهو سٺي نموني مرن ٿا، جيئن ڪتابن ۽ فلمن ۾ ڏيکاريل هوندو آهي؟ ڪالهه منهنجو دوست ماريو ويو، هنکي گولي مٿي ۾ لڳل هئي، هو پنهنجي دماغ کي جهليو ڏهه ميٽر ڊوڙندو رهيو ....“ ستن سالن کان پوءِ اهو ساڳيو شخص هڪ ڪامياب واپاري آهي، جيڪو افغانستان متعلق ڳالهيون ٻڌائڻ گهري ٿو. هن مونکي ڪال ڪئي: ”تنهنجا ڪتاب ڇا لاءِ آهن؟ اهي ڍيڄاريندڙ آهن.“ هاڻي هو مختلف شخص هو، اهو اهڙو نہ رهيو هو، جيڪو مون کي موت وچ ۾ مليو هو، جنهن ويهن ورهين جي عمر ۾ مرڻ نٿي گهريو....
آئون پاڻ کان پڇان ٿي تہ آئون جنگ متعلق ڪهڙي نموني جو ڪتاب لکڻ گهران ٿي. آئون هڪ اهڙي شخص متعلق ڪتاب لکڻ ٿي گهران، جيڪو گولي هلائڻ نٿو گهري، هو ڪنهن انسان کي بہ کي مارڻ نٿو چاهي، هو جنگ جي تصور تي رنجيل آهي. هو ڪٿي آهي؟ آئون هن سان اڃان نہ ملي آهيان؟
1990-1997
روسي ادب انڪري دلچسپ آهي، جو اهو ادب آهي، جنهن ۾ اسانجي ملڪ تي ڪيل تجربي جي ڪهاڻي کي پيش ڪيو ويو آهي. مون کان اڪثر اهو پڇيو ويندو آهي تہ آئون رڳو سدائين المين تي ڇو ٿي لکان؟ ڇاڪاڻ تہ اسان ائين ئي رهون ٿا. هاڻي اسان مختلف ملڪن ۾ رهون ٿا، پر سرخ ماڻهو هر جاءِ آهن. اهي ساڳي زندگي مان نسريا آهن، ۽ انهن جون ساروڻيون ساڳيون آهن.
مون ڪافي وقت تائين چرنوبل تي لکڻ کان پئي لنوايو. مون کي خبر نہ هئي تہ ڇا لکجي، ڪهڙو ذريعو استعمال ڪجي، موضوع کي ڪيئن ورتائجي. دنيا تہ يورپ جي هڪ ڪناري تي موجود منهنجي ننڍڙي ملڪ متعلق ڪڏهن بہ نہ ٻڌو هو، پر هاڻي تہ ان جو نالو هر زبان تي آهي. اسان بيلارشين، چرنوبل وارا ماڻهو ٿي ويا آهيون. اڄاتل سان پهريان مقابل ٿيندڙ. هاڻي واضح هو: ڪميونسٽ، قوميت، ۽ نون مذهبي للڪارن سان گڏ وگڏ، اسان لاءِ وڌيڪ عالمي ۽ وحشي للڪارون بہ پيش ٿيڻ واريون آهن، جيتوڻيڪ اهي في الحال نظرن کان اوجھل آهن. چرنوبل کان پوءِ ڪا شيءِ ٿوري گهڻي پڌري ٿي.
مونکي ياد اچي ٿو هڪ پوڙهو ٽيڪسي ڊرائيور، جيڪو سندس ڪار جي ونڊ اسڪرين تي پکي اچي لڳڻ کان پوءِ پريشاني ۾ گاريون ڏئي ٿو. ”هر روز هڪ ٻه پکي ونڊ اسڪرين سان لڳي مرن ٿا. پر اخبارون سڀ خير آهي، جو بيان ڏين ٿيون.“
شهر جي پارڪن جا پتا ڳولهي ڦولهي، ڪڍي ڪري، شهر کان ٻاهر وڃي پوريا وڃن ٿا. متاثر ايراضي جي هڪ ميدان مان پراڻي مٽي ڪڍي، ٻي پاسي وڃي پوري ويئي. جلائون ڪاٺيون توڙي گاه کي پوريو ويو. هرهڪ خبطي ٿي ڀاسيو. هڪ پوڙهي ماکي مکيون سنڀاليندڙ ٻڌايو: ”آئون ان ڏينهن، جڏهن باغ ۾ ويس تہ روزمره وارا آواز گم هئا. ڪا مک ئي ٻاهر نٿي نظر آئي. ڪا هڪ مک بہ ڀنڀنائيندي نہ سئم. ڇا؟ ڇا پيو ٿئي؟ اهي ٻئي ڏينهن بہ اڏامندي نظر نہ آيون، ٽئين ڏينهن بہ نه... پوءِ اسان کي نيوڪليئر اسٽيشن واري حادثي جي ڄاڻ ڏني ويئي ... ۽ اهو ڪو ايترو پري نہ هو. پر اسان ان متعلق ڪافي وقت تائين اڻڄاڻ رهياسين، پر ماکي مکين کي خبر پئجي ويئي، پر اسان کي نه؟ اخبارن ۾ ايندڙ چرنوبل واري معلومات ملٽري واري ٻولي ۾ هئي: ڌماڪو، بانڪا بهادر، سپاهي، نيڪالي ..... ڪي جي بي اسٽيشن تي ڪم ڪري رهي هئي. اهي جاسوس ۽ سبوتاز ڪندڙن جي ڳولا ڪري رهيا هئا. افواهه اهي هئا تہ اهو ڌماڪو مغربي انٽيلجنس ايجنسين سوشلسٽ ڪئمپ کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪرايو آهي. ملٽري جا اوزار توڙي سپاهي چرنوبل پهچڻ وارا هئا. نظام ائين ڪم ٿي ڪيو، ڄڻ جنگ جو زمانو آهي، پر هن نئين دنيا ۾، چمڪندر مشين گن سان سلهاڙيل سپاهي، دردناڪ روپ ۾ هو. هيءُ صرف اهو ڪري ٿي سگهيو تہ تابڪاري جا ڊوز پاڻ ۾ جذب ڪري، ۽ گهر پهچي مري وڃي.
منهنجي اکين اڳيان چرنوبل کان اڳ وارا ماڻهو چرنوبل وارو ماڻهو ٿي ويا.
اوهان تابڪاري کي نڪي ڏسي ٿا سگهو، نڪي ڇهي يا سونگهي ٿا سگهو .... چوڦير دنيا ڄاتل توڙي اڄاتل هئي. جڏهن آئون ان زون ڏي سفر ڪري پهتس، تڏهن مون کي اٿندي ئي چيو ويو: ڪو گل نہ کڻجو، ڇٻر تي نہ ويهجو، کوه مان پاڻي نہ پيئجو... موت هرجاءِ لڪيو ويٺو هو، پر اهو هاڻي مختلف نوعيت جو هو. نئون ماسڪ پهريو. نئين اڄاتي شڪل ۾. پوڙها ماڻهو، جيڪي جنگين ۾ وڙهيا هئا، تن کي ٻيهر ڪڍيو پئي ويو. انهن آسمان ڏي ڏٺو. ”سج چمڪي رهيو آهي.... نڪو ڪو دونهون آهي، نڪي ڪا گئس آهي. ڪو گولي بہ نہ پيو هلائي. هي ڪيئن جنگ ٿي سگهي ٿي؟ پر اسان کي پناهگير ٿيڻو آهي.“
صبوح جو هرهڪ اخبارون پيو پڙهندو، تہ متان ڪا نئين خبر ملي، پر ٿوري دير ۾ مايوس ٿي رکي ڇڏيندو. ڪوبہ جاسوس نہ پڪڙيو ويو. ڪنهن بہ عوام جي دشمن متعلق نٿي لکيو. جاسوسن ۽ عوام دشمن کان سواءِ هنن جي دنيا اڄاتل هئي. اها ڪنهن نئين شيءِ جي شروعات هئي. افغانستان کان پوءِ چرنوبل اسان کي آزاد ماڻهو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
مون لاءِ دنيا ورهائجي ويئي: زون اندر مون پاڻ کي بيلارشين، روسي، يا يوڪرينيني نٿي ڀانيو، پر حياتياتي جيو جو هڪ نمائندو ٿي سمجهيو، جيڪو تباه ٿي سگهي ٿو. ٻه سانحه گڏجي پيا: سماجي سطح تي سوشلسٽ ائٽلانتس ٻڏي رهيو هو، ۽ سنساري سطح تي چرنوبل هو. سويت سلطنت جي خاتمي هر هڪ کي پريشان ڪيو. ماڻهو روزانہ جي زندگي جي حوالي سان فڪرمند هئا. ڪيئن ۽ ڇا سان شيون خريد ڪبيون؟ ڪئين جالبو؟ ڪنهن ۾ اعتبارجي؟ ڪهڙن بينرن تي هلجي؟ ڇا اسان ڪنهن عظيم نظريي کان سواءِ رهڻ جي سکيا وٺون؟ پوئين ڳالهه تہ اڄاتل هئي، ڇو تہ ڪنهن بہ ائين نہ گذاريو آهي. سوين سوال سرخ ماڻهو کي سامهون هئا، پر هو پنهنجي ليکي هو. هو ايترو اڪيلو ڪڏهن بہ نہ ٿيو هو، جيترو هو آزادي جي شروعاتي ڏينهن ۾ هو. آئون صدمي ۾ ورتل شخصن جي گهيري ۾ هئس. مون انهن کي ٻڌو...
آئون ڊائري بند ڪريان ٿي....
جڏهن سلطنت ڊهي پئي تہ اسان سان ڇا وهيو واپريو؟ اڳ ۾، دنيا ورڇيل هئي: هڪ پاسي جلاد هئا تہ ٻئي پاسي شڪار – اهو گلاگ هو؛ ڀائر ۽ ڀينرون – اها جنگ هئي؛ چونڊيندڙ – ٽيڪنالاجي ۽ هم عصر دنيا جو حصو هئا. اسان جي دنيا قيد ٿيل ۽ قيد ڪندڙن ۾ بہ ورهايل هئي؛ اڄ وري مغرب پرستن ۽ سلاوڪ (روسي) ٻولين ۽ ڪلچر جي معتبرائپ ۾ ايمان رکندڙن، فاشسٽ غدارن ۽ محب وطنن ۾ ورهايل آهي. ۽ شيون خريد ڪري سگھندڙن يا نہ وٺي سگھندڙن ۾. منهنجي خيال ۾ پوئين صورتحال ڏاڍي اذيت ناڪ آهي، جيڪا سوشلزم کان پوءِ پيدا ٿي، ڇاڪاڻ تہ ٿورو عرصو اڳ سڀ برابر هئا. سرخ ماڻهو ان آزادي جي سلطنت ۾ داخل نہ پي ٿي سگهيو، جنهن جو خواب هو کاڌي جي ٽيبل تي ڏسندو هو. روس هن کان بغير ورهايل هو، هن وٽ ڪجھ بہ نہ بچيو هو. هو ڦريل ۽ بي عزتو ٿيل هو. خطرناڪ ۽ اڳرائي لاءِ تيار.
روس اندر جيڪي مون رايا ٻڌا، تن مان ڪجھ هي آهن....
”هتي جديدپڻو انهن سائنسدانن جي قيدي ڪئمپن (شراشڪاس Sharashkhas)، ۽ فائرنگ اسڪواڊ سان ايندو.“
”روسي شاهوڪار ٿيڻ ئي نٿا چاهين، اهي ان عمل کان ڊنل آهن. روسين کي ڇا کپي؟ رڳو اهو ته: ٻيو ڪير شاهوڪار نہ ٿئي. کانئن کان وڌيڪ ڪير بہ نه؟”
”هتي ڪي ايماندار نہ رهيا آهن، پر رڳو ساڌو شخص آهن.“
”اسان اها پيڙهي نہ ڏٺي آهي، جنهن کي ڪوڙا نہ لڳا هجن؛ روسين کي آزادي جي خبر ڪانهي، انهن کي سپاهي ۽ چهبڪ جي ئي گهرج آهي.“
”روسي ۾ ٻه مکيه لفظ آهن، جنگ ۽ بنديخانو. تون ڪا چوري ڪر، مزو ماڻ، توکي قيد ڪيو ويندو... وري ٻاهر نڪر، ۽ پوءِ وري واپس جيل ۾ وڃ...ـ“
”روسي زندگي ڪميني ۽ بڇڙي هئڻ گهرجي. ان کان پوءِ ئي روح مٿي کڄي ٿو، اهو سمجهي ٿو تہ هو هن دنيا مان نہ آهي.... جيتريون گنديون ۽ خونخوار شيون هونديون، اوترو روح کي وڌيڪ جاءِ حاصل ٿيندي....“
”ڪنهن وٽ بہ نئين انقلاب لاءِ توانائي ڪانهي، يا خبطپڻو. ڪوبہ جذبو نه. روسين کي اهڙي نظريو گهرجي، جيڪو کين ڏڪائي وجھي.“
.”ائين اسانجي زندگي بئرڪن ۽پاڳل خانن جي وچ ۾ ڦاٿل آهي. ڪميونزم مئو نہ آهي. مردي ۾ اڃان ساهه آهي.“
آئون اهو چوڻ جي آزادي ٿي گهران تہ اسان 1990 واري ڏهاڪي ۾ مليل موقعي کي ئي وڃائي ڇڏيو. سوال ڪيو ويو هو: ڪهڙي نموني جو ملڪ اسان وٽ هجي؟ هڪ سگهارو ملڪ، يا اهڙو ملڪ جتي ماڻهو شانائتي نموني رهن؟ اسان پهرئين نڪتي جي چونڊ ڪئي. هڪ ڀيرو وري اسان سگهه جي دور ۾ جي رهيا آهيون. روسي يوڪريننن سان وڙهي رهيا آهن. سندس ڀائر. منهنجو پيءُ بيلارشين هو ۽ منهنجي ماءُ، يوڪرينين هئي. گهڻن ماڻهن جو اهڙو ئي قصو آهي. روسي جهاز شام ملڪ تي بمباري ڪري رهيا آهن...
اميدن وارو سمو بدلجي ڊپ وارو وقت ٿي ويو آهي. دور مڙي وري پوئتي ڏي وڃي رهيو آهي. جنهن وقت ۾ اسان جي رهيا آهيون، اهو اڳي ئي استعماليل يا واپريل Second-hand آهي ....
ڪڏهن ڪڏهن مون کي پڪ نہ ٿيندي آهي تہ مون ڪو سرخ ماڻهو جي تاريخ لکي مڪمل ڪئي آهي....
منهنجا ٽي گهر آهن: منهنجي بيلارشين زمين، منهنجي والد جو وطن، جتي مون پنهنجي سڄي زندگي گذاري آهي؛ يوڪرين، منهنجي ماءُ جو وطن، جتي آئون ڄايس؛ ۽ روس جو عظيم ڪلچر، جنهن کان بغير آئون پنهنجو علحده تصور نٿي ڪري سگهان. سڀئي مون کي عزيز آهن. پر هن وقت ۽ عمر ۾ پيار متعلق ڳالهائڻ ڏکيو آهي ....
انگريزي ۾ ترجمو: جيمي گئمبل