ادبي انعامن جون ڳالهيون
بيلفاسٽ ڄائي، 56 سالا ائنابرنس اتر آئرلئنڊ جي پهرئين ليکڪا آهي، جنهن کي اهو انعام حاصل ٿيو آهي. اهو ڪتاب ڪئٿلڪ پروٽيسٽنٽ ڌرين ۾ سٺ واري ڏهاڪي جي آخر کان وٺي ويهين جي پڄاڻي تائيل ٿيل پر تشدد تڪرارن، جن کي ٽربلز سڏيو وڃي ٿو، جي پس منظر ۾ لکيو ويو آهي. ليکڪا جو پهريون ناول No Bones سال 2001 ۾ شايع ٿيو هو.
سندس چواڻي تہ کيس ڪتاب مڪمل ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳيو وڃي ۽ پهرئين ناول جي ڇپائي کان پوءِ ڪافي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي. ھن رپورٽرن کي ٻڌايو تہ هو پنجاه هزار پائونڊن مان پھريائين پنھنجو قرض ادا ڪندي ۽ باقي بچندڙ پئسن تي اڳتي لاءِ گذران ڪندي.
هن رپورٽرن کي وڌيڪ ٻڌايو تہ هوءَ اوسيتائين انتظار ڪندي آهي، جيسيتائين ڪردار پاڻ اچي کيس پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي نہ وٺن.
ائنابرنس جي هن ٽئين پر تجرباتي ناول جو بياني ڪردار ڪتاب پڙهندڙ هڪ 18 سالا نينگري آهي، جيڪا مڊل سسٽر طور سڃاتي وڃي ٿي، جنهن کي هڪ جواني چڙهيل شخص خانداني ناتن، سماجي دٻاءَ ۽ سياسي وابستگي کي هٿيار بنائي جنسي تعلقات قائم لاءِ دٻاءَ جو شڪار بنائي ٿو. جيتوڻيڪ اهو ستر واري ڏهاڪي ۾ بيانيل آهي، پر اھو تڏهن شايع ٿيو آهي، جڏهن جنسي شڪارن کي وائکو ڪرڻ واري مي ٽو تحريڪ عالمي سطح تي روزن تي آهي.
ججن جي پينل جي سرواڻ اپيا جي لفظن ۾ ”اسان مان ڪنهن بہ اڳ ۾ اهڙي شيءِ نہ پڙهي آهي. ائنا جو چٽو آواز پنهنجي پراثر ۽ حيران ڪندڙ نثر ذريعي روايتي سوچ ۽ هيئتن کي للڪاري ٿو. هي بي رحم مزاح سان جڙيل ڪٺورتا، جنسي قبضي گيري ۽ مزاحمت جي ڪهاڻي آهي.“
[b]هندستان جي ادب لاءِ جي سي بي JCB ادبي انعام
[/b]جي سي بي هڪ عالمي صنعتي ادارو آهي، جيڪو اڏاوت وغيرہ جا اوزار ٺاهي ٿو. ان جي زير سرپرستي هڪ ڪاروباري تنظيم جي سي بي انڊيا لميٽيڊ، هندستان ۾ سال 1979 کان ڪم ڪري رهي آهي. وري ان جي طرفان سماجي ڀلائي جي ڪمن واسطي جي سي بي فائونڊيشن جوڙيل آهي. ان فائونڊيشن هن سال کان هندستاني ليکڪن جي انگريزي ۾ لکيل يا ترجمو ٿيل ناولن تي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٽين آڪٽوبر تي 5 ڪتابن تي مبني شارٽ لسٽ پڌري ڪئي ويئي آهي. آخري کٽيندڙ جو اعلان 24 آڪٽوبر تي ٿيڻو آهي. شارٽ لسٽ ٿيل پنجن ڪتابن ۾ ٻہ ڪتاب ترجما آهن. پيرومل مروگان PERUMAL MURUGAN جو ناول POONACHI: OR THE STORY OF A BLACK GOAT اصل تامل ٻولي ۾ لکيل هو، جنهن کي اين ڪلياڻ رامن ترجمو ڪيو آهي. ساڳي طرح بن يامين جو ناول JASMINE DAYS مليالم ٻولي ۾ لکيل آهي، جنهن کي شهنازحبيب انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ان کان علاوہ SHUBHANGI SWARUP جو ناول LATITUDES OF LONGING، اميتاباگچيAMITABHA BAGCHI جو ناول HALF THE NIGHT IS GONE، ۽ انوراڌا راءِ ANURADHA ROY جو ناول ALL THE LIVES WE NEVER LIVED شامل آهن.
[b]ڏکڻ ايشيائي ادب لاءِ DSC انعام
[/b]سال 2018 جي ڊي ايس سي انعام واسطي 10 آڪٽوبر تي نئين دهلي ۾ 16 ناولن تي مشتمل جيڪا وڏي فهرست جاري ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ چار ڪتاب ترجمو ٿيل آهن، جيڪي اصل ۾ هندي، آسامي، ڪناڊا ۽ تامل ٻولين ۾ لکيل هئا. ياد رهي تہ ان انعام لاءِ 88 ڪتاب مقابلي ۾ شامل ٿيا هئا، جن 16 ناول هن فهرست ۾ داخل ڪيا ويا آهن.
انهي فهرست ۾ صرف ٻن پاڪستاني ليکڪن ڪاملا شمسي جو ناول Home Fire ۽ محسن حامد جو ناول Exit West شامل آهن. انهي فهرست جي مکيه داخلا ارونڌتي راءِ جو ناولThe Ministry Of Utmost Happiness آهي. ياد رهي تہ ان فهرست ۾ ٻہ ڪتاب اهي بہ شامل آهن، جيڪي هندستان واري جي سي بي انعام واري ننڍي فهرست ۾ بہ شامل آهن.