فڪشن واسطي مئن بڪر پرائيز 2018 جي ننڍي فهرست
هن سال انعام لاءِ 171 ڪتاب موصول ٿيا، جن مان 13 ڪتاب وڏي فهرست لاءِ چونڊيا ويا، وري انهن مان ڇهن کي ننڍي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 16 آڪٽوبر تي ڪنهن هڪڙي انعام کٽندڙ ڪتاب جو اعلان ٿيندو.
وڏي فهرست جي جاري ٿيڻ تي گارجيئن اخبار ۾ نقاد جسٽن جورڊن لکيو تہ بين الاقوامي گوناگونيت کي ڇيهو رسيو آهي، ڇوتہ سال 2014 ۾ نوان قانون ان لاءِ ئي ٺاهيا ويا هئا تہ هي انعام عالمي بنجي سگهي، پر هن فهرست ۾ رڳو برطانيه ۽ نارٿ آمريڪا جا ليکڪ شامل آهن.
انعام لاءِ ججن جي ڪميٽي جي اڳواڻ ڪوامي ائنٿوني اپيا Kwame Anthony Appiah هن سال جي فهرست جي، جنهن ۾ شامل ڪتابن ۾ آيل موضوعن ۾ جنسي استحصال کان وٺي ماحولياتي الميا شامل آهن، پڌرائي ڪندي چيو آهي تہ پهتل ڪتابن جو مکيه موضوع اهو هو تہ اسان جي جنس يا بعضي ٻيون جنسون يا جيوتون، جيڪي اسان جي هن ننڍي گرهه تي رهن ٿيون، سي تڪليف، ڳڻتي ۽ پيڙا ۾ ورتل آهن ۽ اسان جا ادارا ۽ ماحول خطري هيٺ آهن. سندس خيال ۾ اسان اونداهي دور ۾ رهون ٿا، يا گهٽ ۾ گھٽ اسان جا ناول نويس اهو سمجھن ٿا تہ اسان اونداهي دور ۾ رهون ٿا پيا.
شارٽ لسٽ ٿيل ڪتابن ۾ برطانيه جي 27 سالا ليکڪا ڊيزي جانسن Daisy Johnson جو ناول Everything Under بہ شامل آهي، جنهن ۾ ماءُ ڌيءَ جي نفاقيل رشتي کي بيان ڪندي، گريڪ ڏند ڪٿا کي نئين شڪل ڏني ويئي آهي. چيو وڃي ٿو تہ هي ليکڪا پهرئين ننڍي ۾ ننڍي ليکڪا آهي، جيڪا فائينل لسٽ ۾ شامل ٿي آهي. هن کان اڳ نيوزي لئنڊ جي ليکڪا Eleanor Catton پنهنجي ناول The Luminaries تي جڏهن اهو انعام کٽيو هو تہ اها 28 سالن جي هئي. ڊيزي جانسن کي هن کان اڳ سندس ڪهاڻين جي مجموعي Fen تي ڪافي انعام مليا آهن. جج ۽ نقاد وئل مڪڊرمڊ Val McDermid هن ناول کي سوفوڪلس Sophocles جي Oedipus جو جديد نمونو سمجهي ٿو.
فهرست ۾ اتر آئرش ناول نگار ائنا برنس Anna Burns جو تجرباتي ناول Milkman بہ شامل آهي، جنهن ۾ اتر آئرلينڊ جي پرتشدد تڪرارن (جن کي Troubles سڏيو وڃي ٿو) کي هڪ نوجوان عورت جي نقطي نگاهه سان بيانيو ويو آهي. ڪئناڊا جي ايسي ايديوگيان Esi Edugyan جو ناول Washington Black بہ ننڍي فهرست ۾ شامل آهي. انهي ناول جو مکيه ڪردار هڪ يارنهن سالا غلام ٻار آهي، جيڪو باربڊوس جي ڪمند جي پوکي واري ٻني Sugar plantation جي انگريز مالڪ جو ذاتي نوڪر ٿئي ٿو. ان ڪتاب ۾ نسل جي مامري کي کنيو ويو آهي.
فهرست ۾ ٻن آمريڪي ناول نگارن جا ڪتاب بہ شامل آهن. ريچل ڪشنر Rachel Kushner جي ناول The Mars Room ۾ آيل غربت ۽ قيد جي قصي ۾ جنس ۽ ڪلاس کي ڦلهوريو ويو آهي. ٻئي پاسي نيشنل بڪ اوارڊ کٽندڙ رچرڊ پاورس Richard Powers جو ناول The Overstory بہ شامل آهي، جنهن ۾ 9 اڄاتن شخصن جي انهي ڪوششن جو احوال آهي، جيڪي هو کنڊ جي هڪ ٻيلي جي آخري چند ايڪڙن کي بچائڻ لاءِ سرانجام ڏين ٿا.
ڪتابن جي فهرست ۾ اسڪاٽ شاعر رابن رابرٽسن Robin Robertson جو پهريون ناول The Long Take بہ شامل آهي، جيڪو نظم ۾ ئي لکيل آهي، جنهن ۾ D-Day (6 جون 1944 جو اهو ڏينهن، جڏهن برطانوي، آمريڪي ۽ ٻيون فوجون، اتر فرانس جي سامونڊي ڪنارن تي ٻي عالمي جنگ دوران وارد ٿيون.) ۾ شريڪ شخص جو قصو آهي، جيڪو تڪليف کان پوءِ واري دٻاءَ واري خرابي post-traumatic stress disorder جو شڪار آهي.
ڏسجي تہ انهن ڇهن ناولن مان ڪهڙي ناول کي انعام ٿو ملي. ان انعام جي رقم تہ 50 هزار پائونڊ هوندي آهي، پر ان انعام جي ملڻ سان نہ صرف انعامي ڪتاب جو وڪرو وڌندو آهي، پر ساڳئي وقت ان جي ليکڪ جو ناماچار بہ وڌنڌو آهي.
***
ائنا برنس کي پنھنجي ناول Milkman تي 2018 جو مئن بڪر اوارڊ ڏنو ويو.