ڪتاب جو نالو: تـنهنجي وئي کان پوءِ
مصنف: حبيب ساجد / ابراھيم کرل/ علي عابد
ڇپائيندڙ: پريت پبليڪيشن، خيرپور
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1993
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 27 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 456 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 149 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ جي ٽن خوبصورت شاعرن حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد جي واين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
”حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سُڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دَز لاهيندا. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • تـنهنجي وئي کان پوءِ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • تعارف
  • حبيب ساجد جون وايون

  • ارپنا
  • مهاڳ:
  • پنهنجا ماڳَ ڇڏي ، هي
  • هڪڙي آکيري جا،
  • نيا واري ڇوڪري!
  • تنهنجو خط مليو،
  • الا ! ايئن نه ٿئي،
  • جنهن جو ناءُ، چريا !
  • تُنهنجو شايد ماڳَ هتي،
  • جڏهن به تنهنجا خطَ پڙهياسي،
  • توڏي خطَ لکيم،
  • تنهنجي چپن تي اچي،
  • کڻندي خوفَ ٿئي،
  • تنهنجي وئي کان پوءِ،
  • منهنجي نيڻن مان، مٺي !
  • تنهنجي شاديءَ رات،
  • جيون جو ڪئلاش،
  • تنهنجو ناءُ پريئنڙا !
  • اچ، تون ڏس ٽئگورَ !،
  • جتان تون وڇڙي وئينءَ،
  • مان ڄڻ بور غزل،
  • ابراهيم کرلَ جون وايون

  • ارپيان ٿو
  • هڪڙي نئين اڏام ...
  • منهنجي جيونَ ۾ ،
  • ٻين جي ڳالهين ـ لڳي،
  • توکان سپرين هاڻ،
  • مرڪَ چپن تي هوندي،
  • منهنجي جيون ۾،
  • محبت ماتُ نه ٿي،
  • منظرَ گم ويا ٿي،
  • تنهنجو ٿيندو آهي،
  • مونسان منهنجو جيءُ،
  • دل جا دردَ ۽ ڏکَ
  • منهنجي خطَ جو مانُ،
  • ميزَ تي ڪوپَ ۾
  • ڪيئن ٿيون چکيا،
  • شهر جي گهٽين ۾،
  • منهنجي جيونَ ۾،
  • ڪڏهن ڪڏهن مٺڙا !،
  • دردَ صحرا ۾،
  • ڪمرا گهر گهٽيون،
  • غيرن جي گهيرن ۾،
  • تو سنگ ساٿي،
  • علي عابد سومرو جون وايون

  • ارپنا
  • تنهنجي ڪاپيءَ ۾،
  • تنهنجي نانءَ بنا،
  • ڪنهن سان ڳالهايان،
  • نسريا آهن سرَ،
  • تنهنجا مون ڏي خطَ،
  • دردَ جاڳي ٿا پون،
  • جذبن کي جهوري،
  • سمنڊ جون ڇوليون،
  • محبت ناهي مُور،
  • ڪنهن لئه ڪرين پئي،
  • سپرين ! تنهنجي سارَ،
  • هر هڪ سکيءَ سان،
  • ڪيڏا اهنجا آهن،
  • يونيورسٽيءَ جا ڏينهن،
  • ڪنهن سان کلندين تون،
  • وقت وڃائڻ مان،
  • پنهنجا ٿين ميلَ،
  • ساڀيائن جي ديسَ ۾،

  • تـنهنجي وئي کان پوءِ

    تـنهنجي وئي کان پوءِ

    [وايون : حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد]



    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تنھنجي وئي کان پوءِ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي ٽن خوبصورت شاعرن حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد جي واين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:

    ”حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سُڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دَز لاهيندا. “

    ھي ڪتاب 1993ع ۾ پريت پبليڪيشن، خيرپور پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون پياري حبيب ساجد جا جنھن ھي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.




    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دز لاهيندا.
    هن ”ٽيڙوءَ“ جي ذهني ۽ تخليقي پورهئي توهان کي ڪيترو موهيو ۽ متاثر ڪيو، ان بابت پنهنجو رايو ضرور ڏيندا. اسان جي ڪوشش آهي ته توهان تائين نوجوانن جون تخليقون اسان نوجوانَ گڏجي پهچايون. هي اسان جي اوهان لاءِ پنجين ڀيٽا آهي، اميد ته لاڀ ماڻيندي.

    ممتاز بخاري
    پوسٽ باڪس نمبر ـ 102
    سکر.


    تعارف

    حبيب ساجد جو تعارف

    حبيب ساجد شاعر آھي. اھو شاعر جنھن لاءِ جرمن ليکڪ ھرمن ھيس چيو ھيو تہ ”شاعر جي خوابن ۾ اھا سندرتا ۽ شائستگي ھوندي آھي، جنھن جي ڳولھڻ ۾ اسان ناڪام ويندا آھيون“
    حبيب ساجد جي واين ۾ زندگيءَ جا ڀرپور اولڙا آھن، جن کي ڳولھڻ ۾ پڙھندڙ ڪوشش ڪندو تہ ناڪام نہ ويندو.

    آدرش
    شڪارپور 18 ڊسمبر 1992ع


    ابراھيم کرل جو تعارف

    ابراھيم کرل خيرپور جي ھڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ڄائو، نپنو ۽ جواني ڀيڙو ٿيو ۽ شروعاتي تعليم منھنجي ڳوٺ ۾ ئي پرايائين.
    شاعريءَ جو ھي ڪتاب سندس پھرين اڏام آھي. سندس نج ٻھراڙي جي ماحول ۾ نپجڻ ڪارڻ، سندس ٻوليءَ ۾ ڏاڍو مٺاس آھي. جنھن مان ٻھراڙيءَ جي سادگي، پيار ۽ پاٻوھ صاف نظر اچي ٿي. سندس شاعريءَ ۾، لفظن ۾ جملن جي جوڙجڪ سندس ئي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿا. ابراھيم کرل شاعرن جي کيپ ۾ نئون نالو ضرور آھي پر ذاتي طرح سان ادبي اميدون وابسطہ ڪري سگھان ٿو. ابراھيم ۾ محنت. ڪوشش، شوق ۽ ادب سان انسيت جو عمل دخل آھي، سندس لاءِ دعا آھي تہ شاعري ۽ ادب ۾ پاڻ موکيندو.

    منظور خاموش
    خيرپور 30 ڊسمبر 1992ع

    علي عابد جو تعارف

    جڏھن بہ توھان ڪو اھڙو شخص ڏسو، جيڪو ڳالھائيندي ڳالھائيندي چُپ ٿي وڃي ۽ ڇرڪ ڀري ٻيھر ڳالھائي ! جنھن جي اکين کي ڏسي لڳي تہ اھي اکيون ناھن، ٻہ پيِڙا ورتل ڏک آھن، جنھن جي چھري جي نماڻائي امالڪ ابھم ٻار جي ياد ڏياري ڇڏي، جنھن جي وجود کي ڏسي اماس رات ياد اچي وڃي، سمجھو تہ اھو ماڻھو علي عابد آھي.
    علي عابد، تنھنجي وجود جي سادگي ۽ لھجي جي سچائي ٻڌائي ٿي تہ ڊگھو سفر ڪرڻ وارو آھين. ٻيو ڪو تنھنجو ساٿ ڏئي نہ ڏئي پر تنھنجي پريميڪا، تنھنجي شاعري تو ساڻ ھلندي.
    اسان سڀ جيڪي توکي ۽ تنھنجي شاعريءَ کي پڙھڻ چاھيون ٿا، جيون جي ھر موڙ تي دُعا جا ھٿ کنيو بيٺا ھونداسين. تنھنجي ھي ننڍڙي ڪاوش اسان سڀني کي قبول پئي آھي.

    تسليم منگي
    خيرپور 30 جنوري 1993ع


    حبيب ساجد جون وايون

    ارپنا

    ارپنا

    مان پنهنجيون وايون
    ارپيان ٿو
    پياري نجان ۽ ان جي سندر ۽ سٺين ساهيڙين جي نانءُ

    حبيب ساجد
    (ڪوٽ پل، پيرجوڳوٺ)
    پوسٽ باڪس نمبر 102 سکر


    مهاڳ:

    مهاڳ:
    اڃان جيئندس مان...
    (حبيب ساجد جون وايون)

    حبيبَ جي چاهنا ته آءٌ سندس وائين تي لکان، سوبه هڪ پيج !، جيڪو مون (سيکراٽَ)جي لاءِ ڪنهن مونجهاري کان گهٽ نه آهي. مون لاءِ نثر لکڻ ايئن آهي، جيئن صليب تي ٽنگجڻ.
    آءٌ حبيب جي وائين تي گهڻو ڪجهه لکڻ چاهيان پيو، پر (هاءِ، هيءَ هڪ پيج جي پابندي)، آءٌ مجبورن سراجَ جا ڪجهه لفظَ هيٺ نقل ٿو ڪيان.. ”ادبَ ۽ شاعريءَ جو هڪڙو ڪارج اهو به آهي ته پڙهندڙ ان تي سوچيندو رهي ۽ ان ۾ ڪردار بڻجندو رهي.“ (مهاڳ ـ چنڊ چنبيليءَ ول).
    ... ۽ آءٌ سمجهان ٿو اهوئي ڪارج آهي، جو ڪنهن به تخليق لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو ۽ اها خوبي حبيبَ جي وائين ۾ گهڻي ملي ٿي، مثال ڏيندس ته ڳالهه هڪ پيج کان وڌي ويندي، اهو سٺن پڙهندڙن تي آهي ته هو ڪيترو سوچي سگهن ٿا ۽ پاڻ کي ڳولهين ٿا. مهان ڪوي شيخ ايازَ چيو آهي ته نثر هلڻ جيان آهي ۽ شاعري نچڻ جيان ... ۽ منهنجو تَن ـ مَن، شعورـ لاشعور حبيبَ جي وائين سان گڏ گڏ نچي رهيو آ ۽ آنءُ ننڊ ـ جاڳَ ۾ مسلسل ان ۾ ڪردار بڻجي رهيو آهيان.

    اسد عباسي
    نئون پِنڊ ـ سکر.


    پنهنجا ماڳَ ڇڏي ، هي

    پنهنجا ماڳَ ڇڏي ، هي
    رستا ۽ سنگ ميلَ،
    آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن !

    نيڻن مان آسون پَلي،
    سپنا ـ ابابيلَ،
    آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن !

    روپ ٽينڪن جو وٺي،
    ايڏا عزرائيلَ،
    آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن !

    جيون جي آفيس مان،
    مُرڪن جا فائيلَ،
    آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن !

    ڏسئون، ڌرتيءَ تان اهي،
    اڏري ميزائيلَ،
    آخر ڪيڏانهن ٿا وڃن !
    ***


    هڪڙي آکيري جا،

    هڪڙي آکيري جا،
    سندر خوابَ، سڀئي،
    سانئڻ ! تون ته وساري ويٺينءَ.

    جنهنجو، جيون ”تون“ رڳو،
    اڄ، انهيءَ کي ئي،
    سانئڻ ! تون ته وساري ويٺينءَ.

    ڪيئن چوان، مان ڪيئن چوان،
    مون سان پيار ڪيئي،
    سانئڻ ! تون ته وساري ويٺينءَ.

    سالگره جي شام ڀي،
    چُپ، چُپ گذري وئي،
    سانئڻ ! تون ته وساري ويٺينءَ.
    ***


    نيا واري ڇوڪري!

    نيا واري ڇوڪري!
    ڇا مان ونجهه رکان،
    تنهنجيءَ تِريءَ تي.

    چپن سان، چاهيان ٿو مان،
    چنڊَ ٻه ٽي ٺاهيان،
    تنهنجيءَ تِريءَ تي.

    ڪاش، ايئين ٿئي، آنءُ ڀي،
    تِرَ جيان تڙپان،
    تنهنجيءَ تِريءَ تي.

    ريکائن جي راند ۾،
    شالَ، نه هارايان،
    تنهنجيءَ تِريءَ تي.
    ***


    تنهنجو خط مليو،

    تنهنجو خط مليو،
    پرين! ائينَ لڳو،
    اڃان جيئندس مان.

    مرڪن واريءَ جو آهي،
    ڪرڻو اوسيئڙو،
    اڃان جيئندس مان.

    ڪوئي قبرستانَ مان،
    ايئن چئي موٽيو،
    اڃان جيئندس مان.

    ننڊَ ـ شهرَ ۾ دوستَ! ٻڌ،
    ڪوئي اڄ ايندو،
    اڃان جيئندس مان.

    ڪوئي ڪئنسر وارڊَ ۾،
    آهستي ڀُڻڪيو،
    اڃان جيئندس مان.

    هوءَ، اچي پئي، موتَ ڙي،
    ٻه ٽي منٽَ ، رڳو،
    اڃان جيئندس مان.
    ***


    الا ! ايئن نه ٿئي،

    الا ! ايئن نه ٿئي،
    پَن پَن ٿي وکري،
    منهنجي جيونَ ـ ڊائري.

    پئي هر هڪ پيجَ تي،
    توکي ياد ڪري،
    منهنجي جيونَ ـ ڊائري.

    مون کان ڀي وڌ، اي پرين !
    توکي ٿي ڄاڻي،
    منهنجي جيونَ ـ ڊائري.

    هرڪو هتڙي، اوپرو،
    مون سان بس، آهي،
    منهنجي جيونَ ـ ڊائري.

    ڪاش، ائين جي ٿي پوي،
    پرين ، پاڻ پڙهي،
    منهنجي جيونَ ـ ڊائري.
    ***


    جنهن جو ناءُ، چريا !

    جنهن جو ناءُ، چريا !
    چمي روئي پئين ٿو،
    تون ته انهيءَ کي ياد به ناهين.

    سارو ڏينهن ، شهرَ ۾،
    جنهن کي ڳولهين ٿو،
    تون ته انهيءَ کي ياد به ناهين.

    جنهن سنگ، ننڍڙي گهرَ جا،
    سپنا ڏسين ٿو،
    تون ته انهيءَ کي ياد به ناهين.

    شاعرَ ! جنهن جي لاءِ پيو،
    وايون سرجين ٿو،
    تون ته انهيءَ کي ياد به ناهين.
    ***


    تُنهنجو شايد ماڳَ هتي،

    تُنهنجو شايد ماڳَ هتي،
    آنءُ ته اڃان اڳتي ويندس.

    پنهنجي پرينءَ ڪان، سپنن جا،
    سندر ڏيئڙا ٻاريندي،
    آنءُ ته اڃان اڳتي ويندس.

    جيونَ ! تنهنجي راهن تان،
    وکريل ڪاوا ميڙيندي،
    آنءُ ته اڃان اڳتي ويندس.

    ڏاڍو ڏور، پرينَ جو گهر آ،
    لاٽَ ـ ستارا ساڻ ڪري،
    آنءُ ته اڃان اڳتي ويندس.

    چنڊَ! ڀلي تون بيهي ره،
    تورو، هتڙي ساهُ پٽي،
    آنءُ ته اڃان اڳتي ويندس.

    موتَ جي سرحدَ کان ڀي دوستَ !
    پرتي، ۽ ڪئي ڪوهَ پري،
    آنءُ ته اڃان اڳتي ويندس.
    ***


    جڏهن به تنهنجا خطَ پڙهياسي،

    جڏهن به تنهنجا خطَ پڙهياسي،
    نيڻَ اسان جا آلا ٿي ويا،

    ٽِشو پيپر تي چِٽيل هئا،
    تنهنجا ڳاڙها چَپَ چمياسي،
    نيڻَ اسان جا آلا ٿي ويا،

    رُلي رُلي شهرُ، جيئن جو،
    تنهنجي گهٽيءَ منجهه پُڳاسي،
    نيڻَ اسان جا آلا ٿي ويا،

    سالن کان پوءِ، پنهنجي هٿن ۾ ،
    تنهنجا ٿڌڙا هَٿَ وتاسي،
    نيڻَ اسان جا آلا ٿي ويا،

    پنهنجي ڊائريءَ ۾ جڏهن ڀي،
    تنهنجا لکيل لفظَ ڏٺاسي،
    نيڻَ اسان جا آلا ٿي ويا.
    ***


    توڏي خطَ لکيم،

    توڏي خطَ لکيم،
    ايڏا، هي هٿڙا،
    ٿڪجي پيا هن ساجده !

    جيون ڀر هي گڏ رهيا،
    هاڻي هي لمحا،
    ٿڪجي پيا هن ساجده !

    چمڻ مهلَ لڳو، ايئن
    تنهنجا چپڙا، ها
    ٿڪجي پيا هن ساجده !

    ڪيڏا وزني قلفَ، هي
    دل جا دروازا،
    ٿڪجي پيا هن ساجده !

    ڪاش ملي پئين اوچتو،
    ديپڪَ نيڻن جا،
    ٿڪجي پيا هن ساجده !

    ***


    تنهنجي چپن تي اچي،

    تنهنجي چپن تي اچي،
    ٽهڪَ مهانگا ٿي ويا.

    مان هڪ سڃو اجنبي،
    سگهندس، ڪيئن ڳنهي،
    ٽهڪَ مهانگا ٿي ويا.

    تون جو، هلي وئينءَ رُسي،
    توکان پوءِ مٺي !
    ٽهڪَ مهانگا ٿي ويا.

    سِڪا سِڪا گيتَ وٺي،
    مرڪَ جڏهن موٽي،
    ٽهڪَ مهانگا ٿي ويا.

    هرڪو هت کِلي پيو،
    رڳو منهنجي ڪاڻِ ئي،
    ٽهڪَ مهانگا ٿي ويا.

    مرڪن واري، ماٺِ ۾،
    ٻي ڪنهن ديسِ هلي،
    ٽهڪَ مهانگا ٿي ويا.
    ***


    کڻندي خوفَ ٿئي،

    کڻندي خوفَ ٿئي،
    اخبارون ڊيڄارن ٿيون.

    هرڪا خبرَ، ڄڻ ته ٿي،
    دهشتَ ڦهلائي،
    اخبارون ڊيڄارن ٿيون.

    سُرخين جي سوڙهه ۾،
    چاهتَ پئي چِٿِجي،
    اخبارون ڊيڄارن ٿيون.

    اٺن پنن پيجن تي پئي،
    ڪيڏي باهه ٻري،
    اخبارون ڊيڄارن ٿيون.

    ڪالمُ، ڪاش ڪوئي
    پيارَ جو به هجي،
    اخبارون ڊيڄارن ٿيون.

    ***


    تنهنجي وئي کان پوءِ،

    تنهنجي وئي کان پوءِ،
    منهنجي جيونَ جا،
    ديپَ اجهامي ويا.

    مون ته يَڪو پئي ڳولهيو،
    ٿڪجي، رستن جا،
    ديپَ اجهامي ويا.

    توڏي ايڏا خَطَ لکيم،
    منهنجي نيڻن جا،
    ديپَ اجهامي ويا.

    دُور رنيون شرنائيون،
    آخر، سپنن جا،
    ديپَ اجهامي ويا.
    ***


    منهنجي نيڻن مان، مٺي !

    منهنجي نيڻن مان، مٺي !
    توڏانهن پيا ايندا،
    لڙڪن جا تحفا.

    کولي ڏسجانءِ تون، منهنجي
    خطن تي هوندا،
    لڙڪن جا تحفا.

    رات رنو آ ڪو يڪو،
    صبحَ، گلن تي هئا،
    لڙڪن جا تحفا.

    تولئه، تنهايُن ۾،
    ڪيڏا گڏ ٿي ويا،
    لڙڪن جا تحفا.

    پرين ! توکي گفٽِ ۾،
    ڏيندس هي پنهنجا،
    لڙڪن جا تحفا.
    ***


    تنهنجي شاديءَ رات،

    تنهنجي شاديءَ رات،
    سپنا، نيڻ وڃائي ويٺا.

    تنهنجو ناءُ کڻي کڻي،
    ڏنگَ هنيا جو ڏاتِ ،
    سپنا، نيڻ وڃائي ويٺا.

    منهنجي پرينءَ جي جڏهن،
    کنئي وئي باراتِ،
    سپنا، نيڻ وڃائي ويٺا.

    ”خوشبوءَ جي سنگ سنگ“ نظم،
    وڳو پئي اڌ ـ راتِ ،
    سپنا، نيڻ وڃائي ويٺا.

    منهنجي لڙڪن کي چُمي،
    پڌري ٿي پرڀاتِ،
    سپنا، نيڻ وڃائي ويٺا.
    ***


    جيون جو ڪئلاش،

    جيون جو ڪئلاش،
    تنهنجي پيرن ۾ پرين !

    چنڊَ ـ ستارا ڇا،
    ساروئي آڪاش،
    تنهنجي پيرن ۾ پرين !

    بي وس سپنن جو پيل،
    چيٿاڙيل هو لاش،
    تنهنجي پيرن ۾ پرين !

    آهي آئينو اهو،
    پيارُ نه ٿي پئي پاش،
    تنهنجي پيرن ۾ پرين !

    سڏڪي جيئڻ کان، ڀلو
    موت ملي پئي ڪاش !
    تنهنجي پيرن ۾ پرين !
    ***


    تنهنجو ناءُ پريئنڙا !

    تنهنجو ناءُ پريئنڙا !
    کنيم ڇا، ڄڻ ڪا،
    باهه ٻري پئي آهي !!

    آکيرو ان شاخَ تي،
    اڏيئي، جتِ چريا !
    باهه ٻري پئي آهي !!

    جسمن جي بازارِ ۾،
    آخر، ڳنِهجي ڇا !
    باهه ٻري پئي آهي !!

    جتي ساوا کيتَ هيا،
    اتي اڄُ، خدا !
    باهه ٻري پئي آهي !!
    ***


    اچ، تون ڏس ٽئگورَ !،

    اچ، تون ڏس ٽئگورَ !،
    تنهنجو، هيءَ گيتانجلي،
    رديءَ منجهه وڪامي پيو،

    صدين جنهن کي پوڄيو،
    هيءُ اهو انسانُ ٿي،
    رديءَ منجهه وڪامي پيو،

    يار! اسان جو نانءُ ڇا،
    هتي نانءُ، خدا جوئي،
    رديءَ منجهه وڪامي پيو،

    رشتن جي بازار ۾،
    مٺي ! پنهنجو پيارُ ڀي،
    رديءَ منجهه وڪامي پيو،
    ***


    جتان تون وڇڙي وئينءَ،

    جتان تون وڇڙي وئينءَ،
    سانئڻ اڄ به اتان،
    سورج، اڀري ئي نه ٿو.

    لِڪي بيٺي آهي هوءَ،
    دروازي پويان،
    سورج، اڀري ئي نه ٿو.

    سوچيم، توتي سانوري !
    هڪڙو گيت لکان،
    سورج، اڀري ئي نه ٿو.

    يارَ ! اُڀاريون هاڻ ڪو،
    پنهنجو چندر مان،
    سورج، اڀري ئي نه ٿو.
    ***


    مان ڄڻ بور غزل،

    مان ڄڻ بور غزل،
    ۽ تون وائي شاههَ جي.

    توکي آڇي ٿو، چريو،
    منڙو مرجهايل،
    ۽ تون وائي شاههَ جي.

    پنهنجو جيون آ، ايئن
    جيئن ڪو پَنُ سڪل،
    ۽ تون وائي شاههَ جي.

    هُو ته بهارن ۾ به هو،
    ويچارو ڀٽڪيل،
    ۽ تون وائي شاههَ جي.

    ڪاٿي رهندينءَ تون، پرين !
    دل جو گهر ڊٿل،
    ۽ تون وائي شاههَ جي.
    ****


    ابراهيم کرلَ جون وايون

    ارپيان ٿو

    ارپيان ٿو

    4 مارچ تي وهندڙ ريٽي رتُ
    ۽
    5 مارچ جي سوڀ واري ڏينهن کي.

    ابراهيم کرل


    هڪڙي نئين اڏام ...

    هڪڙي نئين اڏام ...

    لفظَ، هونئن ته بي معني هوندا آهن، پر تخليقڪار جي سوچَ جي هٿن جي ڇُهاءُ سان با معني ٿي پوندا آهن، ايئن جڏهن شاعر جي ذهن ۾ خوبصورت اکرن، احساسن ۽ موسيقي جو ميلاپ ٿيندو آهي، ته شعرَ جنم وٺندا آهن. سگهاري خيالَ وارا، رڌم سان ڀرپور شعرَ.
    فني حوالي سان ڪجهه ناپختگيءَ جي باوجود، نئين ٽهيءَ جي شاعري پنهنجي فڪري سگهه، نون منفرد خيالن ۽ گهاڙيٽن سبب ساراهڻ جهڙي آهي. شاعرن جي هن تازي تواني کيپَ ۾ ڪيترا نه لنوائڻ جهڙا نالا آهن ۽ اهڙا به جيڪي مٿائين اڏامَ لاءِ پنهنجا پرَ ساهي رهيا آهن. ابراهيم کرل به اهڙو ئي هڪ پکيئڙو آهي، جنهنجي سامهون تخليقي ـ اڀ جون وسعتون آهن ۽ گهڻو وقت پري تائين اڏامڻ جو عزم به، جنهنجا عڪسَ اسان کي، سندس وائين ۾ گهڻن هنڌن تي نظر اچن ٿا.
    وائي، جي ڪلاسيڪل صنف، نئين وائيءَ جي روپَ ۾، نظم ۽ غزل جيان اڄ جي مقبول صنف بڻجي وئي آهي. نئين ٽهيءَ جا لڳ ڀڳ سمورا شاعرَ، وائيءَ جي ان نئين رنگ ۽ روپَ کي پنهنجو ڪري چڪا آهن. ابراهيم کرل نه رڳو سندن ساٿ ڏنو آهي، پر وائين جي هن گڏيل ڪتابَ ذريعي هن تخليقي عمل ۾ پنهنجي پتي به ڳنڍي آهي. جنهن کي اوس اڳتي وڌندو رهڻو آهي، ۽ پنهنجي تخليقڪار کي مالامال ڪرڻو آهي.

    اياز گل.


    منهنجي جيونَ ۾ ،

    منهنجي جيونَ ۾ ،
    تنهنجي چٺيءَ جو،
    مانُ وڏو آهي.

    هن سموري شهر ۾،
    تنهنجي گهٽيءَ جو،
    مانُ وڏو آهي.

    تنهنجي تخت ۽ تاجَ کان،
    سنڌ جي مٽيءَ جو،
    مانُ وڏو آهي.

    منهنجي ڪاوڙ ڇا آهي،
    تنهنجي ڪِٽيءَ جو،
    مانُ وڏو آهي.
    ***


    ٻين جي ڳالهين ـ لڳي،

    ٻين جي ڳالهين ـ لڳي،
    ساريون محبتون،
    داوَ لڳائي ويئنءَ !

    ساهه ۾ سانڍيون سين،
    مٺڙي چاهتون،
    داوَ لڳائي ويئنءَ !

    کل ـ رسامن، درد جون،
    سڀئي ساعتون،
    داوَ لڳائي ويئنءَ !

    محبتون ته، نه رهيون،
    ويندي نفرتون،
    داوَ لڳائي ويئنءَ !
    ***


    توکان سپرين هاڻ،

    توکان سپرين هاڻ،
    اداس نيڻن جي،
    مان خيرات گهُران ٿو.

    محبتن جي موٽَ ۾،
    مليل مهڻن جي،
    مان خيرات گهُران ٿو.

    بيٺل تنهنجي منَ تي،
    سڀني پهرن جي،
    مان خيرات گهُران ٿو.

    تنهنجو ڪندي طوافُ،
    چوڏس ڦيرن جي،
    مان خيرات گهُران ٿو.

    ڪنهن ڏينهن ايندا مون طرف،
    کنيل پيرن جي،
    مان خيرات گهُران ٿو.
    ***


    مرڪَ چپن تي هوندي،

    مرڪَ چپن تي هوندي،
    تنهنجي آلي رئي تي،
    مُنجهي پوندو آهيان مان.

    ٻارڻ ڪو ٻاري ڇڏيان،
    وري پنهنجي چئي تي،
    مُنجهي پوندو آهيان مان.

    هر هر روئاري سائنڻ !
    توسان ايئن ڪئي تي،
    مُنجهي پوندو آهيان مان.
    ****




    منهنجي جيون ۾،

    منهنجي جيون ۾،
    سورن جو سامانُ،
    وکريو پيو آهي !

    هيڪل ڪمري ۾،
    گلن سان گلدانُ،
    وکريو پيو آهي !

    ٻاهر خوش خوش آهيان،
    اندر جو انسان،
    وکريو پيو آهي !

    ڌاڙيلن جي ڏيههَ ۾،
    پٽَ مٿان قرآن،
    وکريو پيو آهي !

    خالي منهنجو جهول ۽،
    توکان مليل دانُ،
    وکريو پيو آهي !
    ****


    محبت ماتُ نه ٿي،

    محبت ماتُ نه ٿي،
    سورن جو سفرُ،
    کُٽي ئي ڪين ٿو!

    توکان ڏور مٺي !
    هڪڙو ڀي پهرُ،
    کُٽي ئي ڪين ٿو!

    ڪيئي هن سقراط پر،
    يادن جو زهرُ،
    کُٽي ئي ڪين ٿو!

    رستا سارا اجنبي،
    تنهنجو هي شهرُ،
    کُٽي ئي ڪين ٿو!

    ****


    منظرَ گم ويا ٿي،

    منظرَ گم ويا ٿي،
    نيڻن جي شهرَ تي،
    تالو لڳي ويو آ !

    هڪ تنهنجو ئي گهر هو،
    ان جي به درَ تي،
    تالو لڳي ويو آ !

    ڪيڏو اوسيئڙو پرين !
    ڄڻ ته پهرَ پهرَ تي،
    تالو لڳي ويو آ !

    ڊيمَ پيا ٺهن ٿا،
    سنڌوءَ لهر لهرَ تي،
    تالو لڳي ويو آ !
    ****


    تنهنجو ٿيندو آهي،

    تنهنجو ٿيندو آهي،
    سکڻو ئي ديدار،
    نٽهڻ اُسَ ۾ !

    ميلي تي وڃڻ لاءِ،
    پڌرَ تي روئي ٻارُ،
    نٽهڻ اُسَ ۾ !

    جوان عورت ٿي وڃي،
    اڳي لئه درٻار،
    نٽهڻ اُسَ ۾ !

    ڪڙمي لڱ اگهاڙئين،
    رونبي جي وانگار،
    نٽهڻ اُسَ ۾ !
    ****


    مونسان منهنجو جيءُ،

    مونسان منهنجو جيءُ،
    ڪيڏو وڙهي ٿو ؟

    جهوپا جهوپا زندگي،
    اوڇڻ بنا سيءُ،
    ڪيڏو وڙهي ٿو ؟

    سڏڪي پيو ٻارڙو،
    ساڻس پيو پيءُ،
    ڪيڏو وڙهي ٿو ؟

    تنهنجو هي جملو پرين !
    “هُن جو وڃي ٿيءُ”
    ڪيڏو وڙهي ٿو ؟
    ****


    دل جا دردَ ۽ ڏکَ

    دل جا دردَ ۽ ڏکَ
    هر ڪنهن سان ونڊڻ،
    گُهرجن ڀلا ڇو ؟

    جيڪو پاڻَ ڇڏي ويو،
    ان جا ڦوٽو ڇنڊڻ،
    گُهرجن ڀلا ڇو ؟

    وئي کان پوءِ دلاسا،
    هينئي سان هنڊڻ،
    گُهرجن ڀلا ڇو ؟

    ڇني جي ناتا وئين،
    اهي يارَ ڳنڍڻ،
    گُهرجن ڀلا ڇو ؟
    ***


    منهنجي خطَ جو مانُ،

    منهنجي خطَ جو مانُ،
    تنهنجيءَ پرس ۾،
    وڌي ويندو آ !

    اوسيئڙي جو مزو،
    “ٿورو ته ترس” ۾،
    وڌي ويندو آ !

    مريضن جو ڌيانُ ته،
    سهڻي نرس ۾،
    وڌي ويندو آ !

    چاهه هي ٻڌي ڪري،
    سونهن اٿس سرس ۾،
    وڌي ويندو آ !
    ****


    ميزَ تي ڪوپَ ۾

    ميزَ تي ڪوپَ ۾
    چانهه جيان ٺري،
    وئي آهي زندگي !

    حقيقتن جو زهر ڀي،
    سقراطَ جيان مري،
    وئي آهي زندگي !

    ياد لڙڪن سان ملي،
    کنڊ جيان ڳري،
    وئي آهي زندگي !

    عشق جي چڻنگَ سان،
    پئٽرول جيان ٻري،
    وئي آهي زندگي !
    ****


    ڪيئن ٿيون چکيا،

    ڪيئن ٿيون چکيا،
    چڙهن چاهتون،
    پابندين جي اوٽَ ۾ !

    نفرتن سان پيون،
    سڙن ساعتون،
    پابندين جي اوٽَ ۾ !

    روح ريلا رت جا،
    سڏڪن راحتون،
    پابندين جي اوٽَ ۾ !

    هوريان هوريان ئي وڌن،
    پيون رفاقتون،
    پابندين جي اوٽَ ۾ !
    ****


    شهر جي گهٽين ۾،

    شهر جي گهٽين ۾،
    توکي ڳولهيان ٿو !

    ميز، مان ۽ ڊائريون،
    وکريل چٺين ۾،
    توکي ڳولهيان ٿو !

    ننڊَ ئي رسي وئي،
    اداس اکين ۾،
    توکي ڳولهيان ٿو !

    ڦوٽن ۽ رومال تي،
    ڏنل مِٺين ۾،
    توکي ڳولهيان ٿو !
    ****


    منهنجي جيونَ ۾،

    منهنجي جيونَ ۾،
    آس ۽ نراس
    لڙڪيل ڇو آهي ؟

    ساري ڏيهه ۾ سوجهرو،
    سنڌڙي منجهه اماس،
    لڙڪيل ڇو آهي ؟

    ڪيڏو ڏاڍ غريب سان،
    تو وٽ هي احساس،
    لڙڪيل ڇو آهي ؟

    عشق کان ته روزو آ،
    پو، نڙيءَ ۾ پياس،
    لڙڪيل ڇو آهي ؟
    ***


    ڪڏهن ڪڏهن مٺڙا !،

    ڪڏهن ڪڏهن مٺڙا !،
    ماٺ ـ نظارن سان،
    جاڳي ڏس ته تون !

    اوسيئڙي ۾ ڳڻبا آهن،
    چنڊ ستارن سان،
    جاڳي ڏس ته تون !

    ڪيڏا ٿو ارمان لوڙهي،
    سنڌوءَ ڪنارن سان،
    جاڳي ڏس ته تون !

    ڪنهن لاءِ نيڻ وڇائي،
    سڃن چارن سان،
    جاڳي ڏس ته تون !
    ***


    دردَ صحرا ۾،

    دردَ صحرا ۾،
    گل ٽڙيو آهي،
    تنهنجي اچڻ سان.

    منهنجي اڱڻَ تي،
    چنڊ کڙيو آهي،
    تنهنجي اچڻ سان.

    پيارَ جو ويري،
    لوڪ سڙيو آهي،
    تنهنجي اچڻ سان.

    صدين کان رٺل،
    ڀاڳ لڙيو آهي،
    تنهنجي اچڻ سان.
    ****


    ڪمرا گهر گهٽيون،

    ڪمرا گهر گهٽيون،
    آهن سڀ ويران،
    تنهنجي وئي کان پوءِ !

    گلن هوندي ڀي،
    خالي ڄڻ گلدان،
    تنهنجي وئي کان پوءِ !

    اوندهه، ڪمرو، بند هن،
    سارا روشندان،
    تنهنجي وئي کان پوءِ !

    اکڙين ۾ آهن پرين !
    لڙڪَ ٿيا مهمان،
    تنهنجي وئي کان پوءِ !

    ”ڇڏي ويس“ جا لفظ ئي،
    بڻيا آهن ڪان،
    تنهنجي وئي کان پوءِ !
    ****


    غيرن جي گهيرن ۾،

    غيرن جي گهيرن ۾،
    ماڻهو وڪوڙجي ويا !

    سنئين سڌي هئي زندگي،
    چوڏس ڦيرن ۾،
    ماڻهو وڪوڙجي ويا !

    سودا ٿيا ضميرَ جا،
    سياست آکيرن ۾،
    ماڻهو وڪوڙجي ويا !

    بيروزگاري ۽ بک،
    ڪپڙن ميرن ۾،
    ماڻهو وڪوڙجي ويا !
    ***


    تو سنگ ساٿي،

    تو سنگ ساٿي،
    گهاريل ڏينهڙا،
    ڏنگيندا رهن ٿا !

    تنها جي آهن،
    وڇڙيل هينئڙا،
    ڏنگيندا رهن ٿا!

    نه ٿا جي وسن،
    ٿرين مينهڙا،
    ڏنگيندا رهن ٿا!

    اڃان نانگ ڪارا،
    ديسي جوڳيئڙا،
    ڏنگيندا رهن ٿا!
    ***


    علي عابد سومرو جون وايون

    ارپنا

    ارپنا

    تنهنجي ناءُ،

    علي عابد


    تنهنجي ڪاپيءَ ۾،

    تنهنجي ڪاپيءَ ۾،
    ٽشوپيپر جان،
    توکان مان وسري ويس.

    پوسٽ مين به ويو،
    خالي، گهر وٽان،
    توکان مان وسري ويس.

    نياپا ڪونه ڏنا،
    تنهنجا چندرمان ،
    توکان مان وسري ويس.
    ***


    تنهنجي نانءَ بنا،

    تنهنجي نانءَ بنا،
    منهنجو نانءُ پرين !
    ڄڻ ڪو نانءُ نه آ.

    توبن منهنجي ڏات ۽،
    منهنجو ڏانءُ پرين !
    ڄڻ ڪو ڏانءُ نه آ.

    هي ڪنهن لئه هرکي نه ٿو،
    منهنجو هانءُ پرين !
    ڄڻ ڪو هانءُ نه آ.
    ***




    ڪنهن سان ڳالهايان،

    ڪنهن سان ڳالهايان،
    تنهنجي وئي کان پوءِ.

    ڪيڏو تنها تنها،
    جاني مان آهيان،
    تنهنجي وئي کان پوءِ.

    پنهنجيءَ چريءَ دل کي،
    ڪيئن مان سمجهايان،
    تنهنجي وئي کان پوءِ.

    هاڻي مون ڄاتو،
    ڪجهه به ته ناهيان،
    تنهنجي وئي کان پوءِ.

    هر ڪنهن آڏو توکي،
    ويٺو ساراهيان،
    تنهنجي وئي کان پوءِ.
    ***


    نسريا آهن سرَ،

    نسريا آهن سرَ،
    آئين ڪونه اڃان.

    تنهنجي اوسيئڙي ۾،
    کليل آهن درَ،
    آئين ڪونه اڃان.

    ڪرفيوءَ ۾ به هاڻي،
    ٿي وئي آ ڍرَ،
    آئين ڪونه اڃان.

    وڇڙيل ونين سان،
    مليا پنهنجا ورَ،
    آئين ڪونه اڃان.
    ***


    تنهنجا مون ڏي خطَ،

    تنهنجا مون ڏي خطَ،
    خطن مٿان خطَ،
    شايد وسري ويا اٿئي.

    تن ۾ پنهنجي پيارَ جا،
    ڏنا هيئي جي تَتَ،
    شايد وسري ويا اٿئي.

    هاڪس بي تي هلندي،
    وڳا ها جي ستَ،
    شايد وسري ويا اٿئي.

    پنهنجي پيارَ ۾،
    وڌا ها جي شرطَ،
    شايد وسري ويا اٿئي.
    ***


    دردَ جاڳي ٿا پون،

    دردَ جاڳي ٿا پون،
    فيڪلٽيءَ ايندي.

    ڪاريڊورَ ۾ اولڙا،
    اڄ به ساڳي ٿا پون،
    فيڪلٽيءَ ايندي.

    توبنا ليڪچر ذهن ۾،
    روز وچڙي ٿا پون،
    فيڪلٽيءَ ايندي.

    گرلز ڪامن رومَ ڏي،
    نيڻ ڇڪجي ٿا پون،
    فيڪلٽيءَ ايندي.
    ***


    جذبن کي جهوري،

    جذبن کي جهوري،
    اکڙيون وجهنديون آهن.

    حالَ سڀيئي دل جا،
    هڪ پل ۾ اوري،
    اکڙيون وجهنديون آهن.

    جبلَ جيڏا ماڻهو،
    ڀينڊَ جيان ڀوري،
    اکڙيون وجهنديون آهن.

    چوريءَ چئن لُٽي،
    چاهتَ کي چوري،
    اکڙيون وجهنديون آهن.
    ***



    سمنڊ جون ڇوليون،

    سمنڊ جون ڇوليون،
    تنهنجا نياپا ٿيون آڻين.

    ورندڙ سانجهيءَ ويل جو،
    پکين جون ٻوليون،
    تنهنجا نياپا ٿيون آڻين.

    ڪرفيوءَ هوندي شهر ۾،
    هلندڙ هي گوليون،
    تنهنجا نياپا ٿيون آڻين.

    عيدون، تهوارون،
    ساوڻ ۽ هوليون،
    تنهنجا نياپا ٿيون آڻين.
    ***


    محبت ناهي مُور،

    محبت ناهي مُور،
    پنهنجي وستيءَ ۾.

    ماڻهو، ماڻهوءَ کان،
    ڪيڏو آهي ڏور،
    پنهنجي وستيءَ ۾.

    سچ ٻڌڻ کان هرڪو،
    وڃي ٿو وهلور،
    پنهنجي وستيءَ ۾.

    هيڻي ڏي هر ڪو ڪاهي،
    ڏاڍي کان سڀ ڏور،
    پنهنجي وستيءَ ۾.

    محبت ۾ ملندءِ،
    مٺڙا سکڻو سور،
    پنهنجي وستيءَ ۾.
    ***


    ڪنهن لئه ڪرين پئي،

    ڪنهن لئه ڪرين پئي،
    اڃان اوجاڳا !

    موٽي مور نه ايندي،
    هيءَ جا ويلَ وئي،
    اڃان اوجاڳا !

    ڪراچيءَ جي ڪوسَ جي
    هن جا ڳالهه ڪئي،
    اڃان اوجاڳا !

    ڏسي پيار ڪندي،
    ماريئون راتِ ٻئي،
    اڃان اوجاڳا !

    ڪينجهر کان ڪارونجهر،
    ٿي آ سانت وئي،
    اڃان اوجاڳا !
    ***


    سپرين ! تنهنجي سارَ،

    سپرين ! تنهنجي سارَ،
    آئي ساڌ ٻيلي ۾.

    هر طرف هوا ۾ پئي،
    تنهنجي ئي هٻڪارَ،
    آئي ساڌ ٻيلي ۾.

    ناوَ هلائيندڙ نينگري،
    جڏهن ڇوڙي وارَ،
    آئي ساڌ ٻيلي ۾.

    ديوتا آڏو جهڪي،
    هوءَ سمهاري ٻارَ،
    آئي ساڌ ٻيلي ۾.
    ***


    هر هڪ سکيءَ سان،

    هر هڪ سکيءَ سان،
    ڳالهيون ڪنهن جون ٿي ڪرين ؟

    اڱڻ تي اڏري
    آيلَ پکيَ سان،
    ڳالهيون ڪنهن جون ٿي ڪرين ؟

    پاڙي واري پنهنجي،
    مائي رکيءَ سان،
    ڳالهيون ڪنهن جون ٿي ڪرين ؟

    ڍرَ ڏئي وري،
    ساهي تکيءَ سان ،
    ڳالهيون ڪنهن جون ٿي ڪرين ؟
    ***


    ڪيڏا اهنجا آهن،

    ڪيڏا اهنجا آهن،
    تنهنجي گهر جا رستا.

    توڙي جو هن اوپرا،
    لڳندا پنهنجا آهن،
    تنهنجي گهر جا رستا.

    ايڏا وياڪل وياڪل هي،
    آتا ڪنهنجا آهن،
    تنهنجي گهر جا رستا.

    هاڻ تڪيندي ٿڪجي پيا،
    نيڻَ جي جنهنجا آهن،
    تنهنجي گهر جا رستا.
    ***


    يونيورسٽيءَ جا ڏينهن،

    يونيورسٽيءَ جا ڏينهن،
    ڪيڏا ياد پون ٿا.

    سينٽرل لان، تون ۽ مان،
    مٿان وسيا مينهن،
    ڪيڏا ياد پون ٿا.

    پنهنجو پهريون ميلُ ۽
    پنهنجا نوان نينهن،
    ڪيڏا ياد پون ٿا.
    ***


    ڪنهن سان کلندين تون،

    ڪنهن سان کلندين تون،
    منهنجي وئي کان پوءِ.

    سڀ ڪجهه لڳندئي اوپرو،
    جيڏانهن ڏسندين تون،
    منهنجي وئي کان پوءِ.

    فيڪلٽيءَ ۾ ڀي،
    ايئن پيو رلندين تون،
    منهنجي وئي کان پوءِ.

    ليڪچر به نه سائين،
    سمجهي سگهندين تون،
    منهنجي وئي کان پوءِ.

    ڪنهن سان ڪينٽين تي،
    هاڻي ويهندين تون،
    منهنجي وئي کان پوءِ.
    ياد منهنجي ايندءِ،
    روئي پوندين تون،
    منهنجي وئي کان پوءِ.
    ***


    وقت وڃائڻ مان،

    وقت وڃائڻ مان،
    توکي چاهڻ مان،
    مون کي ڪجهه نه مليو.

    دوستَ تنهنجي بي رخي،
    ڀاڪرُ پائڻ مان،
    مون کي ڪجهه نه مليو.

    پنهنجي اجائي،
    سڪَ سرچائڻ مان،
    مون کي ڪجهه نه مليو.

    توسان پنهنجي نيڻن کي،
    ايئن اٽڪائڻ مان،
    مون کي ڪجهه نه مليو.
    ***


    پنهنجا ٿين ميلَ،

    پنهنجا ٿين ميلَ،
    سنڌوءَ ڪناري.

    جيڪر اچين تون،
    سانوڻ سان گڏ هيلَ،
    سنڌوءَ ڪناري.

    توبن ڪهڙو آ گلاب،
    ۽ ڪهڙو رابيل،
    سنڌوءَ ڪناري.

    پيارَ وارن مرڪي،
    نينهن جا پاتا نيلَ،
    سنڌوءَ ڪناري.
    ***


    ساڀيائن جي ديسَ ۾،

    ساڀيائن جي ديسَ ۾،
    هيڪل ڪو سپنو،
    اڃان ڀٽڪي پيو.

    جڳُ ستو سارو،
    پاڳل ڪو جگنو،
    اڃان ڀٽڪي پيو.

    رت ٻڏل لاشو،
    ڪنهن جو بي ڪفنو،
    اڃان ڀٽڪي پيو.

    هي جو ڌرتيءَ تي،
    ڄائو ۽ نپنو،
    اڃان ڀٽڪي پيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2057893
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 537190
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ