ڪتاب جو نالو: جيون گيت خوشيءَ جا
مصنف: زاهد شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 08 سيپٽمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 421 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 137 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي گيتن جو مجموعو آھي. نصير مرزا مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”زاهد جي گيتن ۾ جتي ڌرتي آهي، سرتي آھي، موسيقيت، خيالن، لفظن، تشبيهن جو جادو آھي. بي شڪ زاهد جي گيتن ۾ سڀ رنگ به، هن جي گيت-آسمان ۾ ستارن وانگر جرڪندا نظر اچن ٿا. پر زاهد جي لفظ-لهرن ۽ سٽن جي سنگهرُن ۾ تجنيس حرفي به ڪمال جي آهي..“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • حق ۽ واسطا
  • مهاڳ: ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جو شاعر
  • گيت

  • سرگم جا ست رنگ
  • ڪيسين رهندي رات
  • سونهن ۾ رهندو ساهه
  • او جادوگرڻي
  • روئندي ويڳاڻي
  • سُهڻو آ سنسار
  • ساري ٿو ڀنڀور
  • گهاري وينداسين
  • رات به تنهجي لاءِ
  • ڏاڍو آهين پيارو
  • تون به ته ناهين ساڻ
  • تنهنجي آ تصوير
  • ماڻهو سو منصور
  • ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ گهڙيال
  • آءُ ته مَچُ مچايون
  • ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ
  • ساڻ ساڻ هلجانءِ
  • مون کي نه وساريو هوندُئي
  • منهنجي دل ۾ آهين
  • سرتين کي سمجهاءِ
  • پل پل منجهه پُڪاريم
  • گهورَ وڃان مان گهورَ
  • پوئتي پيرَ هٽاءِ
  • ڄام شوري جون
  • جام پيئارين ٿو
  • پن ڇڻ جي موسم
  • آءُ اڱڻ تي ڍول
  • ڇم ڇم ڇم ڇم
  • ساٿ ڇڏي وئي يار
  • تنهنجي عشق ۾
  • ايندا ڏينهن ايندا
  • مال وندا مارو
  • تون آءُ منهنجي ڳوٺ
  • جيئن ڌرتيءَ کان اُڀ وڇڙيو آ –
  • ناڌن ڌن نا
  • عشق ٿيو اڙٻنگهه آ مَست مَلنگ
  • موت نه مل مونسان اڃان ڪُجهه مان
  • راڻو آيو ڪاڪِ مَحل ۾ راڻو آيو آ
  • تون به نه ايندين هاڻ ته ڪنهنجي ڪاڻ اسان جيئنداسين
  • جيئڻو ٿو پوي
  • هَلندي ئي هَلندي
  • مون لئه جنت آ
  • رَنگ رَچائين ٿو
  • رات جا رُسڙيا
  • جو ويو ڄاڻي
  • سوچَ پياريءَ ۾
  • مُنهنجي پيارن کي
  • شام جون هيرون
  • دل ملايئي ڇو؟
  • زندگي مِلنَدي
  • روز روئي ٿو
  • کِلَندي کيڪاري
  • مٽيءَ هاڻي آ
  • اوسيئڙا آهن
  • ڪُوڪي ٿِي ڪويَل
  • هٿ ۾ هٿ ڏئي هل
  • جوڳياڻي آهيان
  • جيئي جيئي انسان
  • سُورن جي سَڪرات
  • ڪويل جي ڪُوڪُو
  • کِجندي کِجندي آءُ
  • جيون جادو آ
  • ڳوٺ جا چارا
  • مُندَ آ موڳي
  • تُنهنجي ٻانهُن ۾
  • هر وَڪڙ وَرَ ۾
  • خُوب تر آهي
  • ٿي رهي جن جي
  • مُندَ جُهڙاليءَ ۾
  • ٿو ڏئي لوڪو
  • اَندَر ۾ هَر ڪو
  • چاهي ٿو سَڀڪو
  • مُوذيِن جي مَڃتا
  • ڪو پيو سوچي
  • تيز ٿئي تن جا
  • راهَه ۾ ايندو
  • هيءَ سڄي ڌرتي
  • ڏُکَ نه ڏي مُون کي
  • دوستي آهي
  • باغ ڌرتيءَ جا
  • رَنگ آ دل جو
  • چَپَ کولي ٿي
  • زندگي تو سان
  • هي ٿڌيون راتيون
  • جوئي هوندو آ
  • لَبَ لَستَن ۾
  • پنهنجي سَرِتيءَ لئه
  • عشق الستيءَ ۾ رَهڻو آ عشق اَسيرن کي
  • تون ئي تون جي رنگ ۾ راڻا روڳي ٿي وياسين
  • چاهُه به ساڳيو چَنگُ به ساڳيو رَنگُ به ساڳيو آ
  • ميريءَ رات ۾ مِٺڙا ماڻهو ڪنهن کي ڳولهين ٿو
  • چاهت ۾ ڪي چنگَ چُمين جا چوري ويٺاسين
  • شال اسان کي جاني پنهنجي جيءَ۾ ڏيو جايون
  • اوندهه پويان جيڪا اَچڻي جيءَ جيئاري آ
  • جيءُ چوئي ٿو جيءُ ڏني ڇو جيءَ کي جهوري ٿئي
  • شامل تُنهنجي ياد مِٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ رهندي
  • رات جي اندر ڏانهن پرهه جي آس وري ٿي پئي
  • راڻو آهي رُوحُ اَسانجو رَهڻو آ تاتي
  • مون به ڪڍي آ مان اندر مان تو به ڪڍي ڇڏ تون
  • پورو ٿيندو سال وري ٻيو سال هوندو ساڳيو
  • ساري جڳ جي سُونهَن سَموري ڪَٺي ڪُل ڪيان
  • ساري ساري رات وڻن تي ماڪ آ خاموشي
  • پَنهنجيءَ دل سان راز نِرالا کولي ٿو انسان
  • ڪنهن ته اُڏاريو ڪاڏي اُڏريو ڪالهه ته ويٺو هو
  • پن ڇڻ واري مُند وڻن جا پَتا ڇاڻي ٿي
  • جيڪو پنهنجي مَرضيءَ ۽ مَستيءَ سان پيئي ٿو
  • شاهه ڀٽائيءَ جي محبوبن منٺارن جي آ
  • دل به تون دِلدار به تون مَنٺار به تون آهين
  • توکي تُنهنجيءَ مون کي مُنهنجيءَ دل تڙپايو آ
  • روز وَڄن ٿا چَنگ رَچن ٿا رَنگ نَچن البيلا
  • ڇانوَن ڇَڏي جو ڏينهن تَتيِ ۾ نڪري پيو آهي
  • جُهوم جواني جُهوم خوشيءَ ۾ جُهوم هي دل ٿي چاهي
  • مورُ نه مَڃبي هار اَچئون ٿا يارَ دڳن ۾ آهيون
  • هر پاسي هُٻڪار آ مُند بهارَ سَهيلِيُون ساريون
  • جهاڳِڻَ لئه رَکُ جاڳَ ته کُلندئي ڀاڳَ ڀلا وڻجارا
  • سرِنهَن جي ساڳَ کي پَنهنجو
  • مُحبت جي مِٺي ڪا باتِ جانِ مَن
  • جيون گيت خوشيءَ جا سائين

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جيون گيت خوشيءَ جا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي گيتن جو مجموعو آھي. نصير مرزا مھاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”زاهد جي گيتن ۾ جتي ڌرتي آهي، سرتي آھي، موسيقيت، خيالن، لفظن، تشبيهن جو جادو آھي. بي شڪ زاهد جي گيتن ۾ سڀ رنگ به، هن جي گيت-آسمان ۾ ستارن وانگر جرڪندا نظر اچن ٿا. پر زاهد جي لفظ-لهرن ۽ سٽن جي سنگهرُن ۾ تجنيس حرفي به ڪمال جي آهي..“
    ھي ڪتاب 2016ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون نئون نياپو جي سرواڻ انعام سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ٿورا پياري زاھد شيخ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    دنيا جي انهن
    عظيم ذهنن جي نانءِ
    جيڪي سموري انسان ذات جي
    خوشين لاءِ
    مسلسل سوچيندا
    ۽ لوچيندا رهن ٿا


    زاھد شيخ


    حق ۽ واسطا

    ڪتاب: جيون گيت خوشيءَ جا (گيت)
    شاعر: زاهد شيخ
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: جولاءِ 2016
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    سي-4، سچل ڳوٺ گلشن اقبال ڪراچي
    Ph: 021-332624153, 34690389
    Cell # 0333-2311582
    مُلهه:300 رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    مهاڳ: ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جو شاعر

    اُٿندي ئي معذرت ڪريان. آئون ڪو نقاد يا دانشور ناهيان، پوءِ به دوستَ مون کان مهاڳ لکرائڻ جا اڪثر خواهشمند رهندا آهن. ۽ موٽ ۾ مان مهاڳ بدران، کين تاثر ئي لکي ڏيندو رهيو آهيان. ’مقدمو‘... مهاڳ... اوک ڊوک... ۽ اهڙا ڳرا ڳرا ليک لکڻ، نه منهنجي وس ۾، ۽ نه پاڻ کي آئون ان جي اهل ئي سمجهندو آهيان.
    خير، زاهد شيخ جي هن ’گيت-گلدستي‘ تي ڪجهه لکڻ لاءِ پياري انعام شيخ مون کي اُتساهيو. ۽ هي آئون..جيڪو هاڻ ڀانت ڀانت جي خفن ۾ وڪوڙجي چڪو آهيان. خوشي سان..خوشيءَ جي هنن گيتن کي گلي سان لڳائي، گهر جي ٽئبل تي اچي ويٺو آهيان. ۽ ذهن تي زور ڏيئي چپن ۾ دهرايان پيو... زاهد... زاهد... زاهد ۽ ياد آيم گهڻو گهڻو اڳ سندس ڪيترائي مشهور گيت، مون مختلف سُريلن آوازن ۾ اڪثر ٻڌا.. ٻڌا ڇا! انهن کي راڳين سان گڏجي جُهونگاريو به.
    ....نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي
    ....اسان جي سڏ ۾ آ سڪ سائين
    ....ڏک جا ڏينهڙا ڏوري وڃبا
    ....نانءُ تنهنجو لکيم دل مٿان
    .....اسان هجئون نه هجئون
    ....ماروئڙا ھي جهانگيئڙا دلدار بھ منهنجا
    ۽ ڪيڏا نه سٺا سٺا ۽ نوان نوان لڳندا هئا مون کي اهي گيت، يعني انهن جي شاعري موسيقي ۽ منفرد مکڙا. معنيٰ زاهد جا گيت، هوائن... فضائن ۽ دشائن مان، مون ڪنايا پهرئين ۽ انهن جي سهڻي شاعر زاهد سان مليس... بلڪ ڏٺم کيس پوءِ... پر ڪٿي؟ خيرپور ميرس جي پنج گلي چوڪ جي آس پاس. ۽ اهو 1992ع ۾ او اُن وقت جڏهن ان شهر جي ريڊيو اسٽيشن تي منهنجي پوسٽنگ ٿي هئي، بطور سينيئر پروڊيوسر! زاهد سان، اها منهنجي هيلو هاءِ... عزيزم مختيار ملڪ ڪرائي هئي. تڏهن زاهد مون کي بلڪل سادو سودو لڳو. سانورو بانورو... جوان، بلڪ ڦوهه جوان... پر زاهد سان بس خيرپور ۾ منهنجي اها ايتري ئي ملاقات ٿي. بنهه واجبي ۽ سرسري. يعني صرف هينڊ شيڪ... زاهد مون کي ڍنڍ وانگر گِهرو لڳو... ۽ پنهنجو پاڻ ۾ ايئن گم: ”جيسي خوشبو پهول مين!“ معنيٰ زاهد مون کي وڻيو. پر افسوس خيرپور ۾ رهڻ واري پوري سال دوران، خواهش هوندي به، نه مون ڪڏهن ڪوشش ڪئي ۽ نه هن ئي مون سان هلي ملي ڪڏهن اچي ملڻ لاءِ سوچيو. ها! هڪ ڀيري مون هي ضرور سوچيو، ته خيرپور جي مارئي ريسٽارنٽ يا پنج گلي چوڪ واري ڪنهن ٻاڪڙا هوٽل جي سفيد سنگ مرمر واري ٽئبل تي ويهي زاهد کان سندس ڪي گيت ٻڌان ضرور... پر الاس! اهڙو ڪو موقعو آيو ئي ڪونه. هاڻي سندس هڪڙي گيت جي هن سٽَ تي نظر پئي اٿم ته اها ته صفا جهڙو منهنجي ئي حسبِ حال پئي معلوم ٿئي.
    جو به ٿڌيءَ دل وارو آهي، منهنجو جاني آ
    جو به سڙي ٿو سڙندو رهندو مرندو ساڙن ۾
    اسان جا
    پنڌ پهاڙن ۾!
    منزل پنهنجي ڏور آ ڏاڍي لاهن چاڙهن ۾
    خير، سوچيان پيو... ڇا ٿي پيو؟ زاهد سان منهنجي خيرپور ۾ اها روبرو ملاقات، برابر ته اڌو گابري ئي ٿي هئي، پر سندس گيتن جو ڀريو تريو گلستان... ’مهاڳ‘ بهاني ئي سهي، منهنجي جهوليءَ ۾ اچي جو پيو آهي. ۽ اجهو ان جي هڪ هڪ گل، هڪ هڪ گيت تي نظر وجهندو پيو وڃان ته شاعر وانگر ئي، شاعر جي لفظن ۾، پاڻ کي اطلاع به ڏيندو ٿو وڃان.
    شيخ اياز، بخاريءَ کانپوءِ زاهد شيخ به آ
    جنهن جو سڏُ پڳو آ سنڌ جي اوڙن پاڙن ۾
    هونئن هند-سنڌ جي شاعراڻين صنفن ۾، هيءَ گيت صنف، شئي ڪهڙي قسم جي؟ ۽ ڇا ان جي اوقات ۽ اِتير پِتير؟ توبهن ڪريو سائين... اهڙي اوک ڊوک، پاڻ کان نه پهتي آهي، نه پهچندي. هونئن اهڙي جانچ جونچ جي ڪوشش ڪريان به ڇو؟ جو ان ڏس ۾... ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ دفترن جا دفتر اڳي ئي ڀريا جو پيا آهن. ها! گيت صنف منهنجي آڏو ڇا؟ ۽ ان جو مختصر جواب هي، ته گيت صنف... جهڙي صنفِ نازڪ! هونئن منهنجي محبوب شاعر... گُرو بابا... نارائڻ شيام ان نازڪ نفيس... صنف بابت، جيڪو ڪجهه چيو آهي. اهو ئي هن صنف لاءِ منهنجي پاران به سَنَدَ ئي ڀانئيو. ڇا چيو آهي شريمان نارائڻ شيام!؟ اجهو هي ته: ”گيت آهي ڪنهن دلي ڪيفيت جو اظهار گيت جي جوت، ٻڌندڙن جي اندر جي ڪنڊ ڪڙڇ روشن ڪري ڇڏي ٿي. ان ڪري ئي گيت ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي دل جي ئي ڳالهه معلوم ٿيندي آهي. هونئن گيت ڳائڻ جي ئي چيز آهي. ۽ سندس لاڳاپو دل سان آهي. اُن جي ٻولي رسيلي، سرل، سهڻي ۽ جذباتي هئڻ گهرجي. ٻيو ياد رکڻ گهرجي ته هر ڪو شاعر، گيتڪار ٿي ئي نٿو سگهي. هي ڏات ۾ ڏات آهي... سا جنهن کي عطا ٿئي.“
    مبارڪ زاهد..!! کينئلداس فاني، هري دلگير، شيخ اياز نياز همايوني، استاد بخاري، گورڌن ڀارتي، برده سنڌي، تنوير عباسي، قيوم طراز، امداد حسيني، مير محمد پيرزادو، راشد مورائي ۽ ماڻڪ ملاح وانگر، گيت لکڻ، يعني گيت چوَڻ جي اهڙي ڏات توهان ۾ به آهي بابا. ۽ اهڙي؟ جو بي حد و بي حساب!.
    ڪنهن چيو هو، شاعري رقص آهي، موسيقي آهي، ردم آهي، تال آهي ۽ هر پابند... يا منظوم صنف ۾ ’تاڪ ڌنا ڌن‘، هجڻ لازمي آهي. پر گيت ته شاعريءَ جي اهڙي صنف! جنهن ۾ ردم ۽ ترنم جيترو گهڻو ۽ منجهس سنگيت سوايو ڀريل هوندو، اهو گيت اوترو ئي جلد هِردي ۾ لهي ويندو. ان ڏس ۾ زاهد وٽان اٿندي ئي پهريون هي مثالي مکڙو:
    ناڌن ڌنا
    تال وڄي ٿو
    ناڌن ڌنا
    تين تال ۾ رنگ ڀري ٿي، پياري ناتن تنا
    يا
    سونهن ۾ رهندو ساهه
    اسان جو
    سُونهن ۾ رهندو ساهه
    پنهنجي اجري اندر جو آ، چانڊوڪيءَ سان چاهه
    هلڪو سلڪو ٺاهه نه پنهنجو ٺاهوڪو آ ٺاهه
    سونهن ۾ رهندو ساهه اسان جو سونهن ۾ رهندو ساهه
    مجموعي طرح سان سنڌي شاعري جو جائزو وٺبو ته اسان جي ڀٽائي صاحب جي ساري شاعري، عورت جي واتان چوُرايل آهي، ۽ ان جو مجموعي تاثر گيت نما ئي معلوم ٿئي ٿو، توڻي جو ان ۾ انقلاب به آهي... رومينس... مزاحمت ۽ گڏوگڏ هي اطلاع به ته ”آسڻ جن اريج، تن جي وهُه جو ور نھ ٻيو“. سنڌ! اسان جي هيءَ ڌرتي... يعني ڀٽائي صاحب جو آسڻ... هزارين سالن کان، ڌارين جي يلغار هيٺ رهيو آهي. اهڙن ”پَر ٻاهرَين“ تي، زاهد جي به ته نظر آهي ۽ باقائده آهي... ڀٽائي صاحب، ماروئڙن، جهانگيئڙن سان وچن پاڙيندي، ڌارين لاءِ ”ڌُريائي ڌاريا“ جو اصطلاح ٺاهيو. زاهد جو رد عمل ڏسو، هو ماروئڙن، لاءِ چوي پيو.
    ڏاڍا جيءَ ڏکايل آهن، ايذايل ايذايل آهن
    جنت جهڙي پنهنجي ڌرتي ”واڳن جي آ وات“
    نگر ۾
    ڪيسين رهندي رات!
    ’ڌرتي‘ کان پوءِ ’سرتي‘ لاءِ به جان کڻي جو زاهد وٽ ڏسان، ته ان لاءِ اڳوڻن القابن، او منهنجي مٺڙي... سجني... ۽ سانوري بانوريءَ بدران، هن لفظ ئي نوان گَهڙيا ۽ ايجاد ڪيا آهن. جيئن مثال طور ”جادوگرڻي“... ”پوپري“...”جوڀن جي هرڻي“... ۽ انهيءَ گيت ۾، زاهد جون هي ٻه اعليٰ تُڪون به، ڇا ته مترنم... ڄڻ تارؤن تار ڪينجهر ۾ هوا جي رُخ سان سڙهه واري ناوَ، پاڻيءَ تي ڌُوڪندي، ترندي پئي وڃي.
    منهنجي پيار جي ٻيڙي هر پل توسان آ ترڻي
    منهنجي من ۾ ٻاري وئي آن چاهت جي ٻرڻي
    ڳالهه ته زنده رهڻي آهي، ڳالهه نه آ مرڻي
    ايئن زاهد جي هيٺين گيت ۾ وري ڏسو... ڇا ته ڌرتيءَ، سرتيءَ، رومانس ۽ انقلاب جي گونج هن اُڀاري آهي:
    سوئي ماڻهو عشق اڏيءَ تي سر گهوريندو آ
    جيڪو هوندو آهي ڪنهن جي محبت جو موهيل
    ويچاري... ڪُوڪُي ٿي ڪويل
    زاهد جي هنن گيتن جو هڪ ٻيو پهلو، هي به، ته ڪي گيت هن عورت واتان ته ڪي وري مرد جي واتان چَورايا آهن. اردو گيت ۾ مون عورت واتان اڪثر ههڙا ٻول ئي ٻڌا هئا:”ڪلي ڪلي منڊلائي، ڀنؤرا... بات بني اڙ جائي“ زاهد جي گيتن ۾ هيرو... هيروئن... مرد... عورت.. ۽ نائڪ... نائڪا، ڪيڏا نه ”باوفا“ ٿا نظر اچن. مثال طور گيت ’جوڳياڻي‘۾... جوڳياڻي صاحبه جو اظهار ڪيڏو نه پُروقار ۽ باوقار ٿو معلوم ٿئي:
    جهڙي آهيان تنهنجي آهيان، توکي ٿي چاهيان
    تنهنجي پيار جي مُرليءَ منهنجو من آ جهومايو
    هر مرليءَ تي ناچ نچڻ واري نچڻي ناهيان
    مان جاني
    جوڳياڻي آهيان
    ايئن مرد جي واتان گيت ۾ وري ڏسو ته نائڪ ... يا هيرو... پنهنجي سجنيءَ جو هٿ پڪڙي خوبصورت لوڪيشنز مان ڳائيندو، جهومندو، چوندو پيو وڃي:
    جنت جهڙو بنجي ويندو جيون جو هر پل
    هٿ ۾ هٿ ڏئي هل
    او گوري
    هٿ ۾ هٿ ڏئي هل
    ته مون چيو پئي ته زاهد جي گيتن ۾ جتي ڌرتي آهي، سرتي آھي، موسيقيت، خيالن، لفظن، تشبيهن جو جادو آھي... اتي هڪڙي پاسي، هُن ڪلاسيڪل شاعريءَ ۽ رومانوي ثقافتي استعارا به چونڊي چونڊي پنهنجي ورثي سان وارثيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. جيئن مثال طور ’ساري ٿو ڀنڀور سسئي کي‘... ’اڄ ڪا مومل‘... ’اڄ ڪا سسئي‘... ’پيار پنهل جو‘...’جهنگ جبل‘... ’ڀٽ ڌڻيءَ جي ڌرتي‘... ’منهنجي ٻولي‘... ’شاهه لطيف‘... ’سچل سامي‘...’شاهه عنايت‘،’بيدل بيڪس‘، ’سورهيه ٻچڙا‘، ’مست ملنگ‘، ’ٿر بر‘، ’جهنگ جهر‘، ’هاري ناري‘، ’مور جي ٽور‘، ’جوڳي‘، ’جادوگر‘، ’مال وند مارو‘، ’سهڻي‘، ’مومل مارئي‘، بي شڪ زاهد جي گيتن ۾ اهي سڀ رنگ به، هن جي گيت-آسمان ۾ ستارن وانگر جرڪندا نظر اچن ٿا. پر زاهد جي لفظ-لهرن ۽ سٽن جي سنگهرُن ۾ تجنيس حرفي به ڪمال جي آهي... جيئن ’ماٺ مٺيءَ ۾‘... ’مسافر مست ملنگ‘.... ’رنگ رچن البيلا‘.... ’عشق اکر ۾‘... ’پاڻ سفر ۾‘... ’ڪُوڪي ٿي ڪويل‘... ۽ ايئن زاهد جي احساسن ۾ شدت به ڏاڍي ٿي محسوس ٿئي. يعني هو جيڪي جيڪي سچوئيشينز ٺاهي ٿو... گيت پڙهندي انهن منجهان آواز به چِٽا پِٽا ٻڌڻ ۾ ٿا اچن... ان ڏس ۾ هو جڏهن چوي ٿو ”دانهن جو آ شور“ ته دانهون بلڪل ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن... يا هو جڏهن لکي ٿو... ”يادن جو گجگوڙ“... ”دل جون دانهون“ يا لکي ٿو ته ”ڌرتي ڌڙڪي ٿي“... ”ڇم ڇم،ڇم ڇم“ ته پڙهندي يڪدم لڳي ٿو، ڪا سوهڻي منَ موهڻي ڇير ڇمڪائيندي، ڀرمان لنگهيو پئي وڃي.
    گيت ۾ موسمن ۽ سناٽن جون ڪيفيتون بيان ڪرڻ تي به زاهد کي ڇا ته دسترس آھي... آڌي رات جي پراسرار پهر کي هو هيئن ٿو بيان ڪري:
    ساري ساري رات وڻن تي، ماڪ آ خاموشي
    شهر غمناڪ، آ خاموشي
    يا هن وٽ خزان جو منظر ڏسو:
    پن ڇڻ واري مند وڻن جا پتا ڇاڻي ٿي
    اداسيون ڪيڏيون آڻي ٿي
    زاهد جي هن گيت ”ڦلواري“ جو واس وٺندي، انهيءَ مان رخصت ٿيندي ٿيندي، دلي دعا ٿو گهران، ته شال، زاهد جو هي شعري سفر شال جاري و ساري رهي، هو گيت لکندو، جهونگاريندو ۽ ڳائيندو رهي ۽ اسين هن سان هم آواز ٿي... سدائين سدائين چوندا رهون.
    تنهنجي گيتن لاءِ وڏي آ جاءِ، دلين ۾ زاهد
    کول چپن کي، کول کپن ٿا ٻول مٺا ٻاجهارا
    او منهنجا پيارا
    او منهنجا پيارا


    نصير مرزا
    حيدرآباد
    20.01.2016


    گيت

    پنڌ پهاڙن ۾
    اسان جا
    پنڌ پهاڙن ۾
    منزل پنهنجي ڏور آ ڏاڍي لاهن چاڙهن ۾

    تاج محل جوڙائڻ وارا تون نه هلي سگهندين
    سگهه اُها تو ۾ ناهي جا پير اُگهاڙن ۾
    اسان جا
    پنڌ پهاڙن ۾
    جو به ٿڌيءَ دل وارو آهي منهنجو جاني آ
    جو به سڙي ٿو سڙندو رهندو مرندو ساڙن ۾
    اسان جا
    پنڌ پهاڙن ۾
    شيخ اياز، اُستاد بخاريءَ کان پوءِ زاهد جو آ
    سڏ پُڳو آ سنڌ جي سڀني اوڙن پاڙن ۾
    اسان جا
    پنڌ پهاڙن ۾
    منزل پنهنجي ڏور آ ڏاڍي لاهن چاڙهن ۾
    *


    سرگم جا ست رنگ

    سرگم جا ست رنگ
    هي دنيا
    سرگم جا ست رنگ
    جيئڻ جي لئه هر ماڻهوءَ جا پنهنجا آهن ڍنگ

    ائين اجايو مستيءَ ۾ ڪا نچڻي نچندي ناهي
    من ۾ اُن جي وڄندا آهن چاهت وارا چنگ
    هي دنيا
    سرگم جا ست رنگ
    جنهن پل سارا نيڻ اُڃارا لڙڪ پيئڻ ٿا چاهن
    تنهن پل ڌرتيءَ جي سيني ما سرجن ٿا سارنگ
    هي دنيا
    سرگم جا ست رنگ
    منهنجي پيرن کان نه پُڇاڻو ڪر او مُنهنجا سائين
    عشق جي راهه ۾ هوندا ناهن دل وارن جا دنگ
    هي دنيا
    سرگم جا ست رنگ
    قدم قدم تي جگر جگر جي جوت چوي ٿي زاهد
    نگر نگر ۾ناد وڄايو جهومايو جهر جهنگ
    هي دنيا
    سرگم جا ست رنگ
    جيئڻ جي لئه هر ماڻهوءَ جا پنهنجا آهن ڍنگ
    *


    ڪيسين رهندي رات

    ڪيسين رهندي رات
    نگر ۾
    ڪيسين رهندي رات
    جيت پريت کي جڳ ۾ ڏيندي چاهت جي پرڀات

    ڏاڍا جيءَ ڏکايل آهن – ايذايل ايذايل آهن
    جنت جهڙي پنهنجي ڌرتي واڳن جي آ وات
    نگر ۾
    ڪيسين رهندي رات
    موت جي منهن ۾ بيٺا آهيون – جاني پاڻ جيئڻ ٿا چاهيون
    لهندي لهندي نيٺ ته لهندي ساهن تان سَڪرات
    نگر ۾
    ڪيسين رهندي رات
    عشق اڏيءَ تي جو به اچي ٿو – نيهن جي نعرن ساڻ نچي ٿو
    مقتل کي به مروڙي ويندا زاهد هي جذبات
    نگر ۾
    ڪيسين رهندي رات
    جيت پريت کي جڳ ۾ ڏيندي چاهت جي پرڀات
    *


    سونهن ۾ رهندو ساهه

    سونهن ۾ رهندو ساهه
    اسان جو
    سونهن ۾ رهندو ساهه
    پنهنجي اُجري اندر جو آ چانڊوڪيءَ سان چاهه

    پاڻ پريت جا ڏيئا ٻاري نڪري پيا آهيون
    ڪو نه اسان کي روڪي سگهندو نفرت جو آڙاهه
    اسان جو
    سونهن ۾ رهندو ساهه
    پنهنجي لئه آپيار مُقدس مِڙني ڌرمن کان
    پيار جي عظمت ۾ ئي پنهنجو رهڻو آ ويساهه
    اسان جو
    سونهن ۾ رهندو ساهه
    دنيا جي سچن ۽ سُهڻن ماڻهن سان زاهد
    هلڪو سلڪو ٺاهه نه پنهنجو ٺاهوڪو آ ٺاهه
    اسان جو
    سونهن ۾ رهندو ساهه
    پنهنجي اُجري اندر جو آ چانڊوڪيءَ سان چاهه
    *


    او جادوگرڻي

    او جادوگرڻي
    پوپري
    او جادوگرڻي
    تنهنجي جيءَ ۾ جهومي پئي ٿي جوڀن جي هرڻي

    ٻولي مونسان مٺڙي مٺڙي ٻاجهاري ٻولي
    منهنجي من ۾ ٻاري وئي آن چاهت جي ٻرڻي
    پوپري
    او جادوگرڻي
    تو بن سمنڊ حياتيءَ جو هي ڪو نه تري سگهبو
    منهنجي پيار جي ٻيڙي هر پل توسان آ ترڻي
    پوپري
    او جادوگرڻي
    ماڻهو اچڻو وڃڻو آ پر زاهد ماڻهوءَجي
    ڳالهه ته زندهه رهڻي آهي ڳالهه نه آ مرڻي
    پوپري
    او جادوگرڻي
    تنهنجي جيءَ ۾ جهومي پئي ٿي جوڀن ٿي هرڻي
    *


    روئندي ويڳاڻي

    روئندي ويڳاڻي
    وڃي پئي
    روئندي ويڳاڻي
    پيار پُنهل جي روئاري آ راڻين جي راڻي

    من جو چاهه مليو تنهن کي پر ننڊ نڀاڳيءَ ۾
    چور پُنهل کي چورائي ويا سيج نه جنهن ماڻي
    وڃي پئي
    روئندي ويڳاڻي
    صَديُن تائين دل وارن کي ڌوڏيندي رهندي
    سَسُئي تنهنجي سورن جي آ اهڙي آکاڻي
    وڃي پئي
    روئندي ويڳاڻي
    جهنگ جبل جون راهون دل جون دانهون ڇا ڄاڻن
    بر ۾ بک جي باهه آ زاهد کاڄ نه ڪو پاڻي
    وڃي پئي
    روئندي ويڳاڻي
    پيار پُنهل جي روئاري آ راڻين جي راڻي
    *


    سُهڻو آ سنسار

    سُهڻو آ سنسار
    سَمورو
    سُهڻو آ سنسار
    آءَ ته هن سنسار ۾ آڻيون امن محبت پيار

    تون پنهنجي دل صاف ڪري آ منهنجو من آ صاف
    تون منهنجو منٺار ٿي ويندين مان تنهنجو منٺار
    سَمورو
    سُهڻو آ سنسار
    روجا رشتا پڪا آهن پنهنجو آ منشور
    من جو سچو ماڻهو هر ڪنهن دل جو آ دلدار
    سَمورو
    سُهڻو آ سنسار
    رنگ نسل مذهب کان ڏاڍو اوچو آ انسان
    آهيون ڪُل آدم جا ڄايا ڇاجو آ تڪرار
    سَمورو
    سُهڻو آ سنسار
    ساريون سهڻيون سوچون جڳ جي سونهن وڌائن ٿيون
    سچو پيار آ زاهد ساري ڌرتيءَ جو سينگار
    سَمورو
    سُهڻو آ سنسار
    آءَ ته هن سنسار ۾ آڻيون امن محبت پيار
    *


    ساري ٿو ڀنڀور

    ساري ٿو ڀنڀور
    سَسُئيءَ کي
    ساري ٿو ڀنڀور
    يادن جي گجگوڙ ڏئي ٿي روز گهٽا گَھنگھور

    سنڌ چوي ٿي سار لهو ڪا منهنجي نياڻيءَ جي
    جهنگ جبل ۾ جنهنجي دل جي دانهن جو آ شور
    سَسُئي کي
    ساري ٿو ڀنڀور
    هِن ڌرتيءَ جي سيني تي يا هِن ڌرتيءَ هيٺيان
    نيٺ پنهل پنهنجي سئسيءَ سان ملڻو آهي مور
    سَسُئيءَ کي
    ساري ٿو ڀنڀور
    اَڄُ ڪا مومل اڄ ڪا سَسُئي زاهد ڪونهي ڪا
    سڀ ڪا سِرَ لئه سُکَ گُهري ٿي ڪا ته ڪري سِرُ گھور
    سَسُئيءَ کي
    ساري ٿو ڀنڀور
    يادن جي گجگوڙ ڏئي ٿي روز گَهٽا گَھنگھور
    *


    گهاري وينداسين

    گهاري وينداسين
    حياتي
    گهاري وينداسين
    موج ۾ رهنداسين ته مرڻ کي ماري وينداسين

    پنهنجي پيار جي ٻيڙي لوڏن لامارن ۾ آ
    پر ڪُجهه تاري ويا آهيون ڪُجهه تاري وينداسين
    حياتي
    گهاري وينداسين
    ڪاريءَ رات جو ڪنڌ مروڙي مچ مچائيندي
    اهڙي لاٽ لکين هٿڙن ۾ ٻاري وينداسين
    حياتي
    گهاري وينداسين
    پاڻ جلي وينداسين عشق جي آڳ انوکيءَ ۾
    دُکنديءَ ڌرتيءَ جي دل زاهد ٺاري وينداسين
    حياتي
    گهاري وينداسين
    موج ۾ رهنداسين ته مرڻ کي ماري وينداسين
    *


    رات به تنهجي لاءِ

    رات به تنهجي لاءِ
    رُناسين
    رات به تنهنجي لاءِ
    توبن سُڏڪا سانت نه ٿيندا پاڻ اچي پَرچاءِ
    پاڻ ته پنهنجو ساهُه به سائين تو کي ارپيو آ
    تون به اسان جي لاءِ اندر ۾ ڪا ته رکين ها جاءِ
    رُناسين
    رات به تنهنجي لاءِ
    تنهنجي گهر جي در تي پيا ٿا سجدا روز ڪيون
    پنهنجو سمجهي تون به ڪڏهن ڪو پير اسان ڏي پاءِ
    رُناسين
    رات به تنهنجي لاءِ
    هيل اڪيلا پنهنجي پاڻ ۾ وِکِرِي ويا آهيون
    آءُ اچي زاهد جي اُلجهيل جيون کي سُلجهاءِ
    رُناسين
    رات به تنهنجي لاءِ
    توبن سُڏڪا سانت نه ٿيندا پاڻ اچي پرچاءِ
    *


    ڏاڍو آهين پيارو

    ڏاڍو آهين پيارو
    مون کي
    ڏاڍو آهين پيارو
    تون ئي آهين تو ئي رهندين منهنجو ساهه سهارو

    جيون سمنڊ جي لَهرُن لوڏن مان گذري ايندس
    منهنجي عشق جي ٻيڙيءَ لئه آ تنهنجو پيار ڪنارو
    مون کي
    ڏاڍو آهين پيارو
    ملنداسين هڪ ٿي وينداسين گل ۽ خوشبو وانگي
    ساري جڳ ۾ بڻجي ويندو پنهنجو نينهن نيارو
    مون کي
    ڏاڍو آهين پيارو
    جيءُ چيو ٿئي جيءَ ۾ توکي زاهد جاءِ ڏني ٿم
    توبن منهنجو جيءُ نه جيئندو تون آن جيءَ جيئارو
    مون کي
    ڏاڍو آهين پيارو
    تون ئي آهين تو ئي رهندين منهنجو ساهه سهارو
    *


    تون به ته ناهين ساڻ

    تون به ته ناهين ساڻ
    سفر ۾
    تون به ته ناهين ساڻ
    ٻئي ڪنهن کي مان جاني ڪهڙا ڏوراپا ڏيان هاڻ

    چئني پاسي رُڃ آ سائين اُڃ به ڏاڍي آ
    تو بن ساجن ڪونه وڻي ٿو مونکي پنهنجو پاڻ
    سفر ۾
    تون به ته ناهين ساڻ
    پيار جي بوند بنا دل ٿر جي ڌرتيءَ جهڙي آ
    ائين هليو آ جيئن ايندو آ موجن ۾ مهراڻ
    سفر ۾
    تون به ته ناهين ساڻ
    ڇو اُن زاهد سان تون دل جا حال نٿو اورين
    جنهن اکڙين ۾ خواب سجايا ڪيئي تنهنجي ڪاڻ
    سفر ۾
    تون به ته ناهين ساڻ
    ٻئي ڪنهن کي مان جاني ڪهڙا ڏوراپا ڏيان هاڻ
    *


    تنهنجي آ تصوير

    تنهنجي آ تصوير
    هٿن ۾
    تنهنجي آ تصوير
    ڏاڍي پيار سان ڏئي وئي آهين منهنجي من کي جهير

    جاڳ ۾ ڏاڍو ڏور آهين پر منهنجي خوابن ۾
    تنهنجا ٻک زنجيرن جهڙا مُنهنجا انگ اسير
    هٿن ۾
    تنهنجي آ تصوير
    اندر جي هرآس ۾ تنهنجا عڪس ڀَريَل آهن
    روز اچن ٿيون تنهنجون يادون روز اکين ۾ نير
    هٿن ۾
    تنهنجي آ تصوير
    زاهد جا سڀ سور سدائين تو کي سارن ٿا
    دل جي دردن کي ٺاريندي تنهنجي پار جي هير
    هٿن ۾
    تنهنجي آ تصوير
    ڏاڍي پيار سان ڏئي وئي آهين منهنجي من کي جهير
    *


    ماڻهو سو منصور

    ماڻهو سو منصور
    ٿئي ٿو
    ماڻهو سو منصور
    هِمَتَ جُرئت جي جذبي سان جيڪو آ ڀَرپُور

    آهين آ تو ڇا تو لاتو نينهن جو ناتو آ
    جنهن جنهن لاتو تنهن تنهن پاتو نينهن نِجو آ سُور
    ٿئي ٿو
    ماڻهو سو منصور
    ڪنهن ۾ طاقت ناهي اُن جي ڪنڌ جُهڪائڻ جي
    جيڪو ماڻهو ڪنهنجي آڏو مُور نه آمَجبُور
    ٿئي ٿو
    ماڻهو سو منصور
    زاهد سو هر سچيءَ دل ۾ صديون جيئندو آ
    جيون جي هن جنگ ۾ جنهن کي مات نه آ منظور
    ٿئي ٿو
    ماڻهو سو منصور
    هِمَتَ جُرئت جي جذبي سان جيڪو آ ڀرپور
    *


    ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ گهڙيال

    ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ گهڙيال
    سڏي ٿو
    ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ گهڙيال
    آءُ ته هلئون گهڙيال سان گڏجي ٽِڪ ٽِڪ واري چال

    هر ايندڙ پل مستقبل آ جنهنجي ڪل نه ڪا
    هر حاضر پل ماضي آ هي حال جو ڪونهي حال
    سڏي ٿو
    ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ گهڙيال
    هر ڪنهنکي سمجهايون ويٺا پاڻ نٿا سمجهون
    بي مقصد بحثن ۾ پنهنجو گذري ويو هر سال
    سڏي ٿو
    ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ گهڙيال
    زاهد سَچا ماڻهو جڳ ۾ جيءَ جيئارن ٿا
    ڪوڙا ماڻهو پاڻ ئي آهن پنهنجي لئه جنجال
    سڏي ٿو
    ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ گهڙيال
    آءُ ته هلئون گهڙيال سان گڏجي ٽِڪ ٽِڪ واري چال
    *


    آءُ ته مَچُ مچايون

    آءُ ته مَچُ مچايون
    من ۾
    آءُ ته مَچُ مَچايون
    باههِ ٿي ڀَڙڪئون، سج ٿي اُڀرئون، ڪاري رات کُٽايون.

    جَن سوچُن ۾ جيءَ جيئاپوآهي جَڳ سَڄي جو
    اهڙيون سهڻيون سوچون جوڙي سارا ذهن سَجايون
    من ۾
    آءُ ته مَچُ مَچايون
    پنهنجا ڳوٺ شهر ۽ واهڻ ٻارڻ مَنجهه ٻَرن ٿا
    هر وستيءَ لئه واهُرَ بڻجي پنهنجا ماڳَ بچايون
    من ۾
    آءُ ته مَچُ مَچايون
    پنهنجا هٿ ئي ڪافي ناهن ساٿي بار ڳَرو آ
    سنڌ سگهارو ساٿ گُهري ٿي سارا راڄ سَڏايون
    من ۾
    آءُ ته مَچُ مَچايون
    باهه ٿي ڀِڙڪئون، سِجُ ٿي اُڀرئون، ڪاري رات کُٽايون
    *


    ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ

    ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ
    او ساجن
    ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ
    دنيا جا سڀ سُهڻا نالا پوئي پارايانءِ

    تنهنجي هڪ تصوير بڻائي سوچُن ۾ ڪُل سونهن سَمائي
    پنهنجن ٿڌڙن ساهن ۾ پيو ساريندو آهيانءِ
    او ساجن
    ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ
    اُجڙيل دل جي آس ۾ آهين منهنجي هر احساس ۾ آهين
    تنهائيءَ ۾ آءُ ته ويهي اندر جون اوريانءِ
    او ساجن
    ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ
    آءُ اسان ڏي پيار کڻي آ ڳالهين جا انبار کڻي آ
    ماکيءَ مصريءَ جهڙا زاهد مٺڙا ٻول ٻُڌانءِ
    او ساجن
    ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ
    دنيا جا سڀ سهڻا نالا پوئي پارايانءِ
    *


    ساڻ ساڻ هلجانءِ

    ساڻ ساڻ هلجانءِ
    او سَجني
    ساڻ ساڻ هَلجانءِ
    منهنجي سَچي پيار کان پنهنجو پاڻ نه تون پَلجانءِ

    عشق سَچُ آ عشق سونهن آ عشق زندگي آ
    دل جي چاهه کي دل سان عشق جي ڍنگن ۾ ڍلجانءِ
    او سَجني
    ساڻ ساڻ هَلجانءِ
    تنهنجي ساهه تان پنهنجو ساهه آ گهورَ گهورَ ڪرڻو
    منهنجي ساهه سان پنهنجي ساهه جا سُورَ سَڀئي سُلجانءِ
    او سَجني
    ساڻ ساڻ هَلجانءِ
    دَمُ دَمُ آ هر قدم آ توسان تنهنجو زاهد
    انگ انگ کي منهنجي روح جي رنگن ۾ رلجانءِ
    او سَجني
    ساڻ ساڻ هلجانءِ
    منهنجي سَچي پيار کان پنهنجو پاڻ نه تون پَلجانءِ
    *


    مون کي نه وساريو هوندُئي

    مون کي نه وساريو هوندُئي
    ها
    مون کي نه وساريو هوندُئي
    نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي سُڏڪن ۾ ته ساريو هوندُئي
    مان سمجهان ٿو پڄري پَڄري پل پل ۾ پُڪاريو هوندُئي

    ها شام جڏهن ٿيندي هوندَئي– ڪا ياد منهنجي ايندي هوندُئي
    پنهنجي در تي بيهي خالي رستن ڏي نهاريو هوندُئي
    ها
    مون کي نه وساريو هوندُئي
    جيئن مان تنها تڙپان ٿو پيو – تيئين تون تنها تڙپي هونديئن
    هر پهر وڇوڙي جو ظالم سورن ۾ گذاريو هوندُئي
    ها
    مون کي نه وساريو هوندُئي
    احساس جي ڪائي ديد کڻي – پرچاوَ جي ڪا اُميد کڻي
    ڪو قاصد پنڌ پيو هوندو – يا ڪانگ اڏاريو هوندُئي
    ها
    مون کي نه وساريو هوندُئي
    ڪو تنهنجي ڀر ۾ زاهد هو – سو تو کان وڇڙي ڏور ويو
    ان سوچ ۾ الهڙ جوانيءَ کي – ڳڻتين منجهه ڳاريو هوندُئي
    ها
    مون کي نه وساريو هوندُئي
    نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندَئي – سڏڪن ۾ ته ساريو هوندُئي
    مان سمجهان ٿو پَڄري پَڄري پل پل ۾ پڪاريو هوندُئي
    *


    منهنجي دل ۾ آهين

    منهنجي دل ۾ آهين
    تون ئي
    منهنجي دل ۾ آهين
    سُندر خُوَابن جَهڙا ساجن مون کا وسريو ناهين

    اميدن جي سمنڊ ڪناري – سپنا تنهنجي پيار سهاري
    مُرڪن سان اُجڙيل اندر جو آڳرُ من مهڪائين
    تون ئي
    منهنجي دل ۾ آهين
    گلڙن ۾ هُٻڪار به تون سان – باغن منجهه بهار به توسان
    پنهنجي پاڇي سان چوڏهينءَجي چنڊ کي ٿو چَمڪائين
    تون ئي
    منهنجي دل ۾ آهين
    مان ايلازي تون انڪاري – تنهنجو درد به آ دلداري
    تيڏو تو سان پيار وڌي ٿو جيڏو ٿو تڙپائين
    تون ئي
    منهنجي دل ۾ آهين
    زاهد اُڇلي جنت آهي – حُورَن تي من هرکيو ناهي
    مُنهنجين اکڙين جي منزل آ تُنهنجن نيڻن تائين
    تون ئي
    منهنجي دل ۾ آهين
    سندر خوابن جهڙا ساجن مون کان وسريو ناهين.
    *


    سرتين کي سمجهاءِ

    سرتين کي سمجهاءِ
    صدوري
    سرتين کي سمجهاءِ
    جُهوپن کي جَرڪائڻ خاطر ڳوٺن ۾ ڳالهاءِ

    گهرگهر ٻاگُهل جهڙيون مايون – ويٺيون آهن لُڙڪ وهايون
    ساريون جيڪي سُتل آهن – جيڏين کي جاڳاءِ
    صدوري
    سرتين کي سمجهاءِ
    تُنهنجو سُر آواز سُريلو – واهُر ڪارڻ آهي وسيلو
    جهڙا تهڙا سهرا ڇا جا – ڳيچ هٺيلا ڳاءِ
    صدوري
    سرتين کي سمجهاءِ
    در ڀَڃي ديوارون ٽوڙي – ڏاڍ ڏمر زاهد نيپوڙي
    ڪوٽ وڏا ڪيرائي سائنڻ – اڳتي وک وڌاءِ
    صدوري
    سرتين کي سمجهاءِ
    جُهوپن کي جَرڪائڻ خاطر ڳوٺن ۾ ڳالهاءِ
    *


    پل پل منجهه پُڪاريم

    پل پل منجهه پُڪاريم
    جاني
    پل پل منجهه پُڪاريم
    پاڻ وساري ويٺو آهيان تو کي ڪين وساريم

    قدم قدم تي ڪرم ڪرم هو – سحر سحر ۾ صنم صنم هو
    پهر پهر ۾ پرين پرين هو – سڏي سڏي پئي ساريم
    جاني
    پل پل منجهه پُڪاريم
    جڏهن جڏهن جيءُ جُهري جُهري پيو – تڏهن تڏهن من مُنجهي مُنجهي پيو
    ڪڏهن ڪڏهن دل ڌڏي ڌڏي وئي – مگر نه هينئڙو هاريم
    جاني
    پل پل منجهه پُڪاريم
    گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ غمن جا گهيرا – مئو مان آهيان هزار ڀيرا
    مَري وري جي جيئس ته جيءَ کي – وري به تو تي واريم
    جاني
    پل پل منجهه پُڪاريم
    پاڻ وساري ويٺو آهيان تو کي ڪين وساريم
    *


    گهورَ وڃان مان گهورَ

    گهورَ وڃان مان گهورَ
    توتان
    گهورَ وڃان مان گهورَ
    سنڌ امڙ جا سورهيه ٻچڙا گهوٽ مٺا من مور

    هر پاسي کان حُسن تجليون جهومن جرڪن ٿيون
    ساري دنيا سُهڻي پر تون ساڻ نه ڪنهنجي تور
    توتان
    گهورَ وڃان مان گهورَ
    تنهنجي هر ڪا وک وڻي ٿي سنڌ سموريءَ کي
    مور به حيرت ساڻ ڏسن ٿا تنهنجي پياري ٽور
    توتان
    گهورَ وڃان مان گهورَ
    جيڏا جوش رکين ٿو زاهد تيڏا هوش کڻي
    ڏاڍ ڏمر جا قيد ڪڙا ڪل ڀَڃي ڪجانءِ تون ڀورَ
    توتان
    گهورَ وڃان مان گهورَ
    سنڌ امڙ جا سُورهيه ٻچڙا گهوٽ مٺا من مور
    *


    پوئتي پيرَ هٽاءِ

    پوئتي پيرَ هٽاءِ
    او رهزن
    پوئتي پيرَ هٽاءِ
    ڀٽ ڌڻيءَ جي ڌرتي آهي جوڌن جي هيءَ جاءِ –

    سانگين لئه سُڙٻاٽ نه هلندي – نخرا ڊراما ناٽ نه هلندئي
    ٺاهيئي جيڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا رديءَ ۾ اُڇالاءِ –
    او رهزن
    پوئتي پيرَ هٽاءِ
    منهنجي ٻوليءَ جو تون قاتل – وائيءَ لوليءَ جو تون قاتل
    منهنجي قوم جا قاتل توکي ڀاءُ سڏيان ڇالاءِ–
    او رهزن
    پوئتي پيرَ هٽاءِ
    ڪاٺيءَ وانگر ڏاريندئي ڙي – مارو مِڙيا ماريندئي ڙي
    موزي ماڻهو جهانگئيڙن جا – جُهوپا تون نه جلاءِ –
    او رهزن
    پوئتي پيرَ هٽاءِ
    کُٽندي ڪاري رات او ساٿي – ملندي نيٺ نجات او ساٿي
    آزاديءَ جي لاءِ ته زاهد – ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳاءِ –
    او رهزن
    پوئتي پيرَ هٽاءِ
    ڀٽ ڌڻيءَ جي ڌرتي آهي جوڌن جي هيءَ جاءِ –
    *


    ڄام شوري جون

    ڄام شوري جون
    هوائون
    ڄام شوري جون
    تنهنجي وارن کي ڇُهي مُرڪون ورهائن ٿيون

    اُڀ تان اڏري اَچن ٿيون حُسن جون ديويون
    تنهنجي آڏو سادگيءَ سان سِرُ جُهڪائن ٿيون
    هوائون
    ڄام شوري جون
    سنڌ جي سادي سٻاجهي سانوري سُهڻي
    تنهنجي رُخ جي آسري تي رُخ مَٽائن ٿيون
    هوائون
    ڄام شوري جون
    ٿيون ڏسن هر روز تو کي تنهجي زاهد سان
    روز تنهنجي چاهتن جا گيت ڳائن ٿيون
    هوائون
    ڄام شوري جون
    تنهنجي وارن کي ڇُهي مُرڪون ورهائن ٿيون
    *


    جام پيئارين ٿو

    جام پيئارين ٿو
    مَستن کي
    جام پيئارين ٿو
    ساري مئخاني کي ساقي خوب سَنوارين ٿو

    ساري جڳ ۾ جانيئڙا تون جاني اهڙو آن
    جيڪو تو کان جان گُهري تون جان به وارين ٿو
    مَستن کي
    جام پيئارين ٿو
    ڏينهن سڄو تون مئخاني جي سوچُن ۾ گُم آن
    شام ٿئي ٿي ساقي پنهنجا ساٿي سارين ٿو
    مَستن کي
    جام پيئارين ٿو
    ماڻهو جو مدهوش ٿئي ٿو سائين تنهن کي تون
    ڀاڪي پائي پنهنجي ئي ڀَر ساڻ ويهارين ٿو
    مَستن کي
    جام پيئارين ٿو
    رندن جو تون رند آن زاهد سنڌ سموريءَ ۾
    آزاديءَ جا پيگ پيئاري جيءَ جيئارين ٿو
    مَستن کي
    جام پيئارين ٿو
    ساري مئخاني کي ساقي خوب سَنوارين ٿو
    *


    پن ڇڻ جي موسم

    پن ڇڻ جي موسم
    تنهائي
    پن ڇڻ جي موسم
    تنهائيءَ ۾ جاڳي پيو آ ماضيءَ جو هر غم

    تنهنجو هر ڪو درد اکين جو پاڻي بڻجي ويو
    لوڪ پُڇي ٿو ڇا لئه آهن مُنهنجون اکڙيون نم
    تنهائي
    پن ڇڻ جي موسم
    مايوسيءَ جي پاڇن کان دل پَرتي رکڻي آ
    آس چوي، ٿي لڙڪ اُگهي ڇڏ ٿيندي نيٺ ختم
    تنهائي
    پن ڇڻ جي موسم
    مُند خزان جي زاهد ڪيئي جيئڙا جهوري وئي
    هر ڪا وستي هر ڪو واهڻ هر پاسي هر دم
    تنهائي
    پن ڇڻ جي موسم
    تنهائيءَ ۾ جاڳي پيو آ ماضيءَ جو هر غم
    *


    آءُ اڱڻ تي ڍول

    آءُ اڱڻ تي ڍول
    اسانجي
    آءُ اڱڻ تي ڍول
    ٻول اچي ڪي ٻاجهارا ۽ مٺڙا مٺڙا ٻول

    توسان گڏجي جوڀن ڏينهنڙا خوب گذارياسين
    هيل شهر ۾ ساڳيا ناهن مَٽجِي ويا ماحول
    اسانجي
    آءُ اڱڻ تي ڍول
    اهڙي ڪهڙي مجبوري آ مور نٿو موٽين
    نينهن نڀائڻ لاءِ ڪري وئين ڪيڏا مونسان قول
    اسانجي
    آءُ اڱڻ تي ڍول
    گذري پئي ٿي هر ڪا ساعت تنهنجي چاهت ۾
    ڏينهن ته ڇا پر راتين جا ڀي سڏجئون پيا ٿا رول
    اسانجي
    آءُ اڱڻ تي ڍول
    سنڌيءَ ٻوليءَ منجهه لکي مان سنڌ کي ارپيان ٿو
    هيرن موتين کان وڌ زاهد ٻول مٺا انمول
    اسانجي
    آءُ اڱڻ تي ڍول
    ٻول اچي ڪي ٻاجهارا ۽ مٺڙا مٺڙا ٻول
    *


    ڇم ڇم ڇم ڇم

    ڇم ڇم ڇم ڇم
    مينهن وسي ٿو
    ڇم ڇم ڇم ڇم
    ٿر ۾ سُک جو مور نچي ٿو ڇم ڇم ڇم ڇم

    گيت ڪويءَ جي آڏو بيهي ناچ نچن ٿا
    گهر گهر مان گڏجي مٺڙا آواز اچن ٿا
    ڇير وڄي ٿي ڇمڪو ٿئي ٿو ڇم ڇم ڇم ڇم
    ڇم ڇم ڇم ڇم
    مينهن وسي ٿو
    ڇم ڇم ڇم ڇم
    کُنڀ ڦٽن ٿا ساوا ساوا ساڳ ڦٽن ٿا
    مال مَچي ٿو گاهه سان گڏجي ڀاڳ ڦٽن ٿا
    هَمرچي تي راڄُ ڪري ٿو ڇم ڇم ڇم ڇم
    ڇم ڇم ڇم ڇم
    مينهن وسي ٿو
    ڇم ڇم ڇم ڇم
    ڪارونجهر جي ساوڪ سونهن ڏسڻ جهڙي آ
    ديس جي هر ڪا جَرڪيل جوءِ گُهمڻ جهڙي آ
    هر پاسي پَڙ لاءُ اچي ٿو ڇم ڇم ڇم ڇم
    ڇم ڇم ڇم ڇم
    مينهن وسي ٿو
    ڇم ڇم ڇم ڇم
    ٿر ۾ سُک جو مور نچي ٿو ڇم ڇم ڇم ڇم
    *


    ساٿ ڇڏي وئي يار

    ساٿ ڇڏي وئي يار
    جواني
    ساٿ ڇڏي وئي يار
    هڏ به هاڻي هيڻا ٿي ويا اڇا آهن وار

    هيئن اڪيلا مور نه ها سين سو به زمانو هو
    ايندي ويندي ملندا ها پيا هر پاسي کان پيار
    جواني
    ساٿ ڇڏي وئي يار
    چوڌاري ڪي اقراري ها ڪي انڪاري ها
    ڪين وساري سگهبا سارا ماضيءَ جا ڪردار
    جواني
    ساٿ ڇڏي وئي يار
    هڪ ته اڃا دردن کان آجا ٿي نه سگهيا آهيون
    ويتر وقت ڏئي ويو زاهد ويڳاڻا ويچار
    /جواني
    ساٿ ڇڏي وئي يار
    هڏ به هاڻي هيڻا ٿي ويا اڇا آهن وار
    *


    تنهنجي عشق ۾

    تنهنجي عشق ۾
    تنهنجي عشق ۾
    تنهنجي عشق ۾ آ
    دل چُور چُور مخمور سور مٺڙو سُرورُ جانان
    تون ئي منهنجي جيون جو ثمر
    تون ئي جيءُ منهنجو تون جگر
    تون آهين ته زندهه آهيان پرين تون ناهين ته ناهيان
    دل چورُ چورُ مخمور سُور مٺڙو سُرورُ جانان
    تنهنجو پيار منهنجي زندگي
    منهنجو چاهه تنهنجي روشني
    تو بنا ڪوئي پل نه آخوشي بيقرار آهيان
    دل چورُ چورُ مخمور سُور مٺڙو سُرورُ جانان
    خوبرو پريءَ جي ويس ۾
    تون رهين ٿي دل جي ديس ۾
    ساز تون آن آواز تون آن توساڻ ئي ٿو ڳايان
    دل چورُ چورُ مخمور سُور مِٺڙو سُرورُ جانان
    *


    ايندا ڏينهن ايندا

    ايندا ڏينهن ايندا
    سي
    ايندا ڏينهن ايندا
    درد سمورا دور ٿي ويندا
    من جو ميت آهي سنگيت جنهن ساڻ پريت آهي منهنجي
    باوفا منهنجي دلربا آهي جان جيت آهي منهنجي
    روح جا رشته راهه ڏسيندا
    ايند ڏينهن ايندا
    سي
    ايندا ڏينهن ايندا
    ڪير آهي ڪنهنجي نصيب ۾ ڪنهن کي ڪل ناهي ڪا ئي
    زندگيءَ جي هر خوشيءَ آ زندگي نئين سمجهائي
    ساهه سُکن ۾ سَرها ٿيندا
    ايندا ڏينهن ايندا
    سي
    ايندا ڏينهن ايندا
    هر ڪنهين کي آ زندگي مٺي زندگي روشني آهي
    هر ڪنهين کي آهي خوشي مٺي هر خوشي زندگي آهي
    جيون جا رنگ جُهومائيندا
    ايندا ڏينهن ايندا
    سي
    ايندا ڏينهن ايندا
    درد سمورا دور ٿي ويندا
    *


    مال وندا مارو

    مال وندا مارو
    اسين آهيون
    مال وندا مارو
    سنڌ اسان جي امڙ آهي امڙ جا آهيون

    هَرَ هَلايون پوک پچايون لابارا لاهيون
    ڌرتيءَ سان ٿا نينهن نڀايون مور هٽيا ناهيون
    اسين آهيون
    مال وندا مارو
    ڪوڏر ڪلهي پاڻي هلي پوک پئي پَلجي
    جوش اسانجو ڪو نه ٿو جهلجي جيءَ ٿا جُهومايون
    اسين آهيون
    مال وندا مارو
    مَنَڇَر ڪينجَهَر ۽ ڪارونجَهرَ ڪيٽي بَنَدر ۾
    سنڌ وسي ٿي هر اندر ۾ زاهد ٿا ڳايون
    اسين آهيون
    مال وندا مارو
    سنڌ اسان جي امڙ آهي امڙ جا آهيون
    *


    تون آءُ منهنجي ڳوٺ

    تون آءُ منهنجي ڳوٺ
    جاني
    آءُ منهنجي ڳوٺ ۾
    تون آءُ منهنجي ڳوٺ تو کي انب کارايان
    ڏوڪِرِ جا ڏوڪا مِٺا ڏنگ کارايان
    تون آءُ منهنجي ڳوٺ
    جاني
    آءُ منهنجي ڳوٺ ۾
    تون آءُ منهنجي ڳوٺ توکي کيرَ پيئاريان
    ڪا ته گهڙي توسان ويهي جيءُ جيئاريان
    تون آءُ منهنجي ڳوٺ
    جاني
    آءُ منهنجي ڳوٺ ۾
    تون آءُ منهنجي ڳوٺ تو کي باغ ڏيکاريان
    باغن ۾ جهانگين جا ڀاڳ ڏيکاريان
    تون آءُ منهنجي ڳوٺ
    جاني
    آءُ منهنجي ڳوٺ ۾
    تون آءُ منهنجي ڳوٺ تنهنجي سِڪ لڳي آ
    راهُن ۾ نيڻن جي ٽِڪَ لڳي آ
    *


    جيئن ڌرتيءَ کان اُڀ وڇڙيو آ –

    جيئن ڌرتيءَ کان اُڀ وڇڙيو آ –
    تيئن وڇڙي ويو آهين
    او مُنهنجا سائين
    تنهنجي هٿ ۾ ڏور آ مُنهنجي ساهن جي او ساجن
    تيئن تيئن مُنهنجا انگ نچن ٿا جيئن جيئن تون ٿو چاهين
    او مُنهنجا سائين
    او مُنهنجا سائين
    ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي ٻئي جنهن پل وڇڙئون ٿا
    مان ئي توکي پَرچايان ٿو تون ته نٿو پرچائين
    او مُنهنجا سائين
    او مُنهنجا سائين
    تُنهنجو اَندَرُ هن ڌرتيءَ جو آئينو آ زاهد
    هر جيون تنهنجو جيون آجيئندين صدين تائين
    او مُنهنجا سائين
    او مُنهنجا سائين
    جيئن ڌرتيءَ کان اُڀ وڇڙيو آ، تيئن وڇڙي ويو آهين.
    *


    ناڌن ڌن نا

    ناڌن ڌن نا
    تال وڄي ٿي
    ناڌن ڌن نا
    تين تال ۾ رنگ ڀري ٿي پياري ناتن تن نا –

    يار تڏهن کان ٻيهر جيءَ ۾ جوڀن جاڳي پيو آ
    منهنجي پياري سائينءَ مونکي پيار جڏهن کان ڏنا –
    ناڌن ڌن نا
    تال وڄي ٿي
    ناڌن ڌن نا
    تون ئي منهنجو جيون آهين تون ئي منهنجو جاني
    توسان روح جو رشتو آهي ناتو ڪيئن مان ڇنا –
    ناڌن ڌن نا
    تال وڄي ٿي
    ناڌن ڌن نا
    ڪيڏا ماڻهو روز ملن ٿا زاهد ايندي ويندي
    ڪي ڪي ماڻهو اندر اُجرا ڪي ڪي ماڻهو ڪنا –
    ناڌن ڌن نا
    تال وڄي ٿي
    ناڌن ڌن نا
    *


    عشق ٿيو اڙٻنگهه آ مَست مَلنگ

    عشق ٿيو اڙٻنگهه آ مَست مَلنگ
    موج مَستيءَ ۾
    برهه بستيءَ ۾
    چاههَ جڏهن ڪنهن ساهه ۾ سڪ جون باهيون ٻاري ٿو
    مَچُ مَچي ٿو پوءِته نچي ٿو عاشق جو هر انگ
    موج مَستيءَ ۾
    برهه بستيءَ ۾
    سونهن سُريلا پيار پريت جا سرگم ڇيڙي ٿي
    نينهن نگر جي ڳليءَ ڳليءَ ۾ روز رچي ٿو رنگ
    موج مَستيءَ ۾
    برهه بستيءَ ۾
    حُسن ته اهڙو هيرو آ هر ڪنهن کي موهي ٿو
    هِن دنيا ۾ دل وارن جو ڪونهي ڪوئي دنگ
    موج مَستيءَ ۾
    برهه بستيءَ ۾
    زاهد هر انسان امن جي اوسيئڙي ۾ آ
    ويهه ته وڄايون چئوواٽي تي چاهت وارو چنگ
    موج مَستيءَ ۾
    برهه بستيءَ ۾
    *


    موت نه مل مونسان اڃان ڪُجهه مان

    موت نه مل مونسان اڃان ڪُجهه مان
    ٿيڻ ٿو چاهيان
    جيئڻ ٿو چاهيان
    ساري سُک سُڪون تي هر ڪنهن ساهه جو حق آهي
    جاتي منهنجو جيءُ چوي ٿو اڃا اُتي ناهيان
    ٿيڻ ٿو چاهيان
    جيئڻ ٿو چاهيان
    مون کي پنهنجي من جي سُونهن سُڃاڻپ گُهرجي ٿي
    پنهنجو سارو اندر اوري ڪونه سگهيو آهيان
    ٿيڻ ٿو چاهيان
    جيئڻ ٿو چاهيان
    دل جون دانهون دل وارن تئين پهچائڻ جي لئه
    زاهد ويهي دل سان دل جون ڳالهيون ٿو ڳايان
    ٿيڻ ٿو چاهيان
    جيئڻ ٿو چاهيان
    *


    راڻو آيو ڪاڪِ مَحل ۾ راڻو آيو آ

    راڻو آيو ڪاڪِ مَحل ۾ راڻو آيو آ
    مُومَل سوڍل جي پيرن ۾ ساههُ وڇايو آ

    جنهنکي جنهنجکي اچڻو آ سو پاڻ اچي ويندو
    عشق جو مَچُ مَچائڻ وارن مَچُ مَچايو آ
    راڻو آيو ڪاڪِ مَحل ۾ راڻو آيو آ

    تنهن کي تنهن کي پنهنجي من جو ميت مليو آهي
    جنهن جنهن پنهنجي من ۾ پيار جو مندر ٺاهيو آ
    راڻو آيو ڪاڪ مَحل ۾ راڻو آيو آ

    چاهت دل ۾ چمڪي آ چانڊاڻ پکيڙي ٿي
    راڻل منهنجي روح ۾ پنهنجو رنگ رچايو آ
    راڻو آيو ڪاڪ مَحل ۾ راڻو آيو آ

    سرجڻ کان اَڄُ تائين زاهد جنهن ڏک سان ڏوريم
    تنهن ته پرينءَ تئين پهچايو آ سور سجايو آ
    راڻو آيو ڪاڪ مَحل ۾ راڻو آيو آ
    *


    تون به نه ايندين هاڻ ته ڪنهنجي ڪاڻ اسان جيئنداسين

    تون به نه ايندين هاڻ ته ڪنهنجي ڪاڻ اسان جيئنداسين
    جُهري پونداسين
    ڀُري پونداسين

    تنهنجي ڀر ۾ جيئڻ جي لئه ٿوري جاءِ ٿي گهرجي
    تنهنجي پاسي مان وڃي تنها ڪٿي رهنداسين
    جُهري پونداسين
    ڀُري پونداسين

    تنهنجي پيار جي پنڌ پُڄايو آهي پهاڙن تائين
    چاهه جي چوٽيءَ تان جي لهنداسين ته ڪيئن لهنداسين
    جُهري پونداسين
    ڀُري پونداسين

    زاهد جي دل تنهنجن دردن سورن ساڻ ڀريل آ
    هاڻي وري ڏيندين نوان صدما ته ڪيئن سهنداسين
    جُهري پونداسين
    ڀُري پونداسين
    *


    جيئڻو ٿو پوي

    جيئڻو ٿو پوي
    هن بيابان ۾
    جيئڻو ٿو پوي

    مور مُرڪن نٿا
    ٻار ٻهڪن نهٿا
    جيءُ جرڪن نهٿا
    جيئڻو ٿو پوي

    ساهڙا سُڃ ۾
    رُڃ ئي رُڃ ۾
    هر گهڙي اُڃ ۾
    جيئڻو ٿو پوي

    ڪانه پيئي ڪڻي
    گُهٽ آهي گهڻي
    سَنڌَ ساڻا کڻي
    جيئڻو ٿو پوي

    مُونجهه آهي مٿان
    مُرڪ وئي ماڳ مان
    آرزوءَ ۾ اڃا
    جيئڻو ٿو پوي

    درد احساس ۾
    دِيد آڪاس ۾
    آب جي آس ۾
    جيئڻو ٿو پوي
    *


    هَلندي ئي هَلندي

    هَلندي ئي هَلندي
    ملندي ئي مِلندي
    کِلندي ئي کِلندي
    وڇڙي وينداسين

    ڪيستائين رهبو
    نيٺ اچڻو آ
    آخري لَمحو
    وڇڙي وينداسين

    ڪيئن ڳولهيندين
    آسمانن ۾
    نيڻ ڇوليندين
    وڇڙي وينداسين

    ڳالهه آ هِڪڙي
    سنڌ کي زاهد
    ڏئي چُمي مِٺڙي
    وڇڙي وينداسين
    *


    مون لئه جنت آ

    مون لئه جنت آ
    رُوحُ راحت آ
    اهڙو امرت آ
    سنڌ جو پاڻي

    شام جهڙو آ
    رنگ سنڌوءَ جو
    جام جهڙو آ
    سنڌ جو پاڻي

    خوب جيئي ٿو
    زندگي سَمجهي
    جو به پيئي ٿو
    سنڌ جو پاڻي

    سنڌ کي سَجدو
    مون ڪيو زاهد
    ڌرم آ منهنجو
    سنڌ جو پاڻي
    *


    رَنگ رَچائين ٿو

    رَنگ رَچائين ٿو
    مَچُ مَچائين ٿو
    ڇا ته ڳائين ٿو
    واهه ڙي راڳي

    ڀاڳ تُنهنجي ۾
    سَگَهه آ سُرَ جي
    راڳ تنهنجي ۾
    واهه ڙي راڳي

    چاهُه تو ۾ آ
    سُونهَن وارن جو
    ساهُه تو ۾ آ
    واهه ڙي راڳي

    موج ۾ آيا
    گيت زاهد جا
    تو جڏهن ڳايا
    واهه ڙي راڳي
    *


    رات جا رُسڙيا

    رات جا رُسڙيا
    صُبح جا وِڇڙيا
    هاڻي موٽي آ
    شامَ ٿي وئي آ

    خواب نيڻن ۾
    نيڻ ٿا ڀَٽڪن
    تنهنجي رستن ۾
    شام ٿي وئي آ

    رُت جُهڙالي آ
    موٽ مومَل ڏي
    سيج خالي آ
    شام ٿي وئي آ

    مون ڪئي سوري
    زندگي زاهد
    آ بچي ٿوري
    شام ٿي وئي آ
    *


    جو ويو ڄاڻي

    جو ويو ڄاڻي
    سو ويو ماڻي
    ٿو پُڇين هاڻي
    زندگي ڇاهي؟

    ڪير آ ڪنهنجو
    ساهُه پنهنجو ئي
    ڪو نه آ پنهنجو
    زندگي ڇاهي؟

    رازَ کوليندو
    من سان ٻوليندين
    من به ٻوليندو
    زندگي ڇاهي؟

    گَهرُ به گاڏو آ
    هَل ڇڪيندو هل
    موت آڏو آ
    زندگي ڇاهي؟

    پاڻ کي ڳاهي
    جو ويو زاهد
    تنهن ڏٺي آهي
    زندگي ڇاهي؟

    جڳ جيئاري جو
    ساٿ گهُرجي سو
    جو به ڳائي ٿو
    گيت گونجن ٿا

    ٿي مِٽي مَهِڪي
    جوش جَذبي سان
    جنهن به ڌرتيءَ تي
    گيت گونجن ٿا

    دل مان نِڪرَن ٿا
    سوچ سان ڪيئي
    دَڳ اُميدن جا
    گيت گونجن ٿا

    هر نگر ٿيندو
    پيار سان زاهد
    درد کان آجو
    گيت گونجن ٿا
    *


    سوچَ پياريءَ ۾

    سوچَ پياريءَ ۾
    سنڌ ساريءَ ۾
    رات ڪاريءَ ۾
    ڪي ته جاڳن ٿا

    ننڊ ۾ آهن
    پر اُٿيا جيڪي
    سي سُتا ناهن
    ڪي ته جاڳن ٿا

    سنڌ جا پنهنجا
    ڏينهن جا سُورَجَ
    چَنڊَ راتين جا
    ڪي ته جاڳن ٿا

    باهه جا ڀَڙڪا
    ٿا لڳن زاهد
    جيءَجا جَذبا
    ڪي ته جاڳن ٿا
    *


    مُنهنجي پيارن کي

    مُنهنجي پيارن کي
    چَنڊَ تارن کي
    سنڌ وارن کي
    آجپو گُهرجي

    سمنڊ ڇولين مان
    ٿيون رڙيون گونجن
    بند کولين مان
    آجپو گُهرجي

    ڪو ته در کولي
    بند پڃري ۾
    ٿو پکي ٻولي
    آجپو گهرجي

    وستي وستيءَ کي
    سوچ ڏي زاهد
    سنڌ ڌرتيءَ کي
    آجپو گهرجي
    *


    شام جون هيرون

    شام جون هيرون
    سمنڊ جون ويرون
    ڪيئي تصويرون
    مُنهنجي خُوابَن ۾

    ٽهڪڙا تُنهنجا
    پينگهه لوڏن تي
    وار وِکرَن ٿا
    مُنهنجي خوابن ۾

    مُرڪندڙ چَهِرا
    ڄڻ ته شاديءَ جا
    ٿا لڳن سَهِرا
    مُنهنجي خوابن ۾

    مَست آهي ٿيو
    سُونهَن تُنهجيءَ تي
    چَنڊُ جهومي ٿو
    مُنهنجي خوابن ۾

    ڀل وسن بُوندون
    هيل زاهد سان
    ساڻ آهين تون
    مُنهنجي خوابن ۾
    *


    دل ملايئي ڇو؟

    دل ملايئي ڇو؟
    دل ڇِنايئي ڇو؟
    دل ڏکايئي ڇو؟
    ڪجهه ته سوچين ها...!

    سُورُ ٿي وڃبو
    جي نه ملنداسين
    جُھورُ ٿي وڃبو
    ڪجھه ته سوچين ها

    جوڙبو آهي
    جيءَ ڪنهنجي کي
    جهيربو ناهي
    ڪجهه ته سوچين ها

    تنهنجو آ تنهنجو
    تو سوا زاهد
    ڪو نه ٿيو ڪنهنجو
    ڪجهه ته سوچين ها
    *


    زندگي مِلنَدي

    زندگي مِلنَدي
    تازگي مِلنَدي
    هر خوشي مِلنَدي
    تون جڏهن مِلنَدين

    لُڙڪ اکڙين جا
    مُنهنجا سڀ سُڏڪا
    ٽهڪ ٿي ويندا
    تون جڏهن مِلنَدين

    ڏينهن سي ايندا
    مون مَٿان تنهنجا
    ڇانورا ٿيندا
    تون جڏهن مِلنَدين

    خواب زاهد جا
    نيٺ جيون ۾
    جاڳ ماڻيندا
    تون جڏهن مِلنَدين
    *


    روز روئي ٿو

    روز روئي ٿو
    زخم ڌوئي ٿو
    خُوابَ پوئي ٿو
    ڪو مُسافر آ

    روح کي رولي
    پاڻ کي ويٺو
    پاڻ ۾ ڳولي
    ڪو مُسافر آ

    درد ڳاهي ٿو
    وک پنهنجيءَ کي
    آزمائي ٿو
    ڪو مُسافر آ

    سرد راتين ۾
    ٿو رهڻ چاهي
    نرم ڀاڪين ۾
    ڪو مُسافر آ

    تو نه ڇو سمجهو
    تنهنجي زاهد کي
    لوڪ سمجهي ويو
    ڪو مُسافر آ
    *


    کِلَندي کيڪاري

    کِلَندي کيڪاري
    مُرڪ سان ماري
    باهِه وئي ٻاري
    حُورَ جنت جي

    اک ملائي ٿي
    پوءِ مُنهن موڙي
    آزمائي ٿي
    حُورَ جنت جي

    ٻولَ ٻولي ٿي
    بَندِ سَڀُ دل جا
    وال کولي ٿي
    حُورَ جنت جي

    جا مِٽي آهي
    هُن جي پيرن جي
    سا مِٺي آهي
    حُورَ جنت جي

    عُمر ڀر اهڙي
    چنڊ ۾ زاهد
    چاندنيءَ جهڙي
    حور جنت جي
    *


    مٽيءَ هاڻي آ

    مٽيءَ هاڻي آ
    پوءَ به راڻي آ
    نئين ڪهاڻي آ
    ڪنهن نه ڪنهن دل جي

    گَندُ ميڙي ٿي
    جي ڏسي دل سان
    تار ڇيڙي ٿي
    ڪنهن نه ڪنهن دل جي

    ڪارڙي ڪوجهي
    دل وٺڻ کانپوءِ
    دانهن بڻجي ٿي
    ڪنهن نه ڪنهن دل جي

    ڪيڏي راحت آ
    جهوپڙي آ پر
    ننڍڙي جنت آ
    ڪنهن نه ڪنهن دل جي

    ڇوڪري ڇاهي
    پيار ۾ زاهد
    پوپري آهي
    ڪنهن ڪنهن دل جي
    *


    اوسيئڙا آهن

    اوسيئڙا آهن
    اکين ۾
    اوسيئڙا آهن
    ورهين کان هي اوسيئڙا ڪي واٽون ٿا چاهن

    جيئن ٿو پنهنجو جيءُ چوي تيئن جڳ ٺاهينداسين
    چاهه ڏکيا ڏاڍا آهن پر چاهه رُڪيا ناهن
    اکين ۾
    اوسيئڙا آهن
    هلندي، هلندي ٿڪجي پئبو ساهه پَٽي اُٿبو
    ساهَه سَوين سَهڪن جي پويان ساهَه پياساهِن
    اکين ۾
    اوسيئڙا آهن
    روڪڻ وارا ڪنهن کي ڪنهن کي روڪيندا زاهد
    راهون ٺاهڻ وارا پنهنجون راهون ٿا ٺاهن
    اکين ۾
    اوسيئڙا آهن
    ورهين کان هي اوسيئڙا ڪي واٽون ٿان چاهن
    *


    ڪُوڪي ٿِي ڪويَل

    ڪُوڪي ٿِي ڪويَل
    ويچاري
    ڪُوڪي ٿِي ڪويَل
    ڪويَل جي ڪُوڪن ۾ آهي دل جو درد ڀَريَل

    آءُ ته اُن کان سمجهون تنهائي ڇا ٿيندي آ
    من جو ميت ٿيو آ جهنجي اکڙين کان اوجهل
    ويچاري
    ڪُوڪي ٿِي ڪويَل
    سو ئي ماڻهو عشق اڏيءَ تي سِرُ گهورَيندو آ
    جيڪو هوندو آهي ڪنهنجي محبت جو موهيل
    ويچاري
    ڪُوڪي ٿِي ڪويَل
    زاهد جو هر گيت دلين ۾ ويهجي وڃڻو آ
    هڪڙي هڪڙي ٻول ۾ آهي پيار سَچو پويَل
    ويچاري
    ڪُوڪي ٿِي ڪويَل
    ڪويَل جي ڪُوڪن ۾ آهي دل جو درد ڀَريَل
    *


    هٿ ۾ هٿ ڏئي هل

    هٿ ۾ هٿ ڏئي هل
    او گوري
    هٿ ۾ هٿ ڏئي هل
    جنت جهڙو بڻجي ويندو جيون جو هر پل

    تنهنجن پيرن مان ٿو منهنجو ساهه سُڪون وٺي
    هر ڇن ڇن ۾ تو کي ملندس پائي ڏس پايل
    او گوري
    هٿ ۾ هٿ ڏئي هل
    جنهن چاهت ۾ جهومي جهومي جيئن جيءَ سڀئي
    ساري جڳ ۾ اهڙي پيار جي آڻيون ڪا هلچل
    او گوري
    هٿ ۾ هٿ ڏئي هل
    سوچي سمجهي هلبو زاهد پنڌ پرانهون آ
    دل وارن جي لاءِ ته هر ڪنهن دڳ ۾ آ دلدل
    او گوري
    هٿ ۾ هٿ ڏئي هل
    جنت جهڙو بڻجي ويندو جيون جو هر پل
    *


    جوڳياڻي آهيان

    جوڳياڻي آهيان
    مان جاني
    جوڳياڻي آهيان
    جهڙي آهيان تنهنجي آهيان تو کي ٿي چاهيان

    تهنهجي پيار جي مُرليءَ منهنجو من آ جهومايو
    هر مُرليءَ تي ناچ نچڻ واري نچڻي ناهيان
    مان جاني
    جوڳياڻي آهيان
    نيٺ ته منهنجي روح جا راڻا ملندين تون مونسان
    ويس فقيراڻا پائي ٿي ڳليءَ ڳليءَ ڳايان
    مان جاني
    جوڳياڻي آهيان
    زاهد سائين منهجي جيءَ جو جاني تون آهين
    تنهنجيءَ چاهت جي مان سِرَ تان لوئي ڪيئن لاهيان
    مان جاني
    جوڳياڻي آهيان
    جهڙي آهيان تنهنجي آهيان تو کي ٿي چاهيان
    *


    جيئي جيئي انسان

    جيئي جيئي انسان
    سدائين
    جيئي جيئي انسان
    انسانن جي دم سان آهي دُنيا عاليشان

    آدم جي اولاد سمورو جڳ آ سينگاريو
    ڌرتيءَ جي سينگارن تي آ آدم جو احسان
    سدائين
    جيئي جيئي انسان
    دين ڌرم ۽ رنگ نسل جي جنگ نٿا چاهيون
    پيار جي پڪي ساٿ جو پيارا ڪرڻو آ اعلان
    سدائين
    جيئي جيئي انسان
    زاهد جن آ امن، محبت جو پيغام ڏنو
    ساري جڳ ۾ آهي مٿانهون تن ماڻهن جو مان
    سدائين
    جيئي جيئي انسان
    انسانن جي دم سان آهي دُنيا عاليشان
    *


    سُورن جي سَڪرات

    سُورن جي سَڪرات
    مِلي وئي
    سُورَن جي سَڪرات
    تو بن مون لئه ڪهڙي ڪم جي ڪوجهي آ ڪائنات

    هر پاسي کان آويراني روز وڍي ٿي پئي
    جهوراڻن ۾ جيءُ جُهري ٿو ڏينهن هجي يا رات
    مِلي وئي
    سُورَن جي سَڪرات
    توڙي موٽي مُور نه اينديئن پوءِ اندر ۾
    جيسين هيءَ حياتي آهي تنهنجي رهندي تات
    مِلي وئي
    سُورَن جي سَڪرات
    زاهد هر ڪا آس اڌوري روئندي رهجي وئي
    پنهنجي من ۾ جوڙي هُئي مون خُوابَن جي مَحلات
    مِلي وئي
    سُورَن جي سَڪرات
    تو بن مون لئه ڪهڙي ڪم جي ڪوجهي آ ڪائنات
    *


    ڪويل جي ڪُوڪُو

    ڪويل جي ڪُوڪُو
    آ مٺڙي
    ڪويل جي ڪُوڪُو
    آئي مند بهار جي

    گل ڦل رنگن ساڻ ڀَريَل آ
    ساوڪ ھيءَ هر سُو
    آ مٺڙي
    ڪويل جي ڪُوڪُو
    هر پاسي هر سونهن سندو ڪو
    جرڪي ٿو جادُو
    آ مٺڙي
    ڪويل جي ڪُو ڪُو
    زاهد ٿڌڙي هير ۾ آھي
    پيار ڀَري خوشبُو
    آ مٺڙي
    ڪويل جي ڪُو ڪُو
    آ.ئي مُند بَهارَ جي
    آئي مُند بَهارَ جي
    *


    کِجندي کِجندي آءُ

    کِجندي کِجندي آءُ
    کِنوڻ تون
    کِجندي کِجندي آءُ
    گوڙ گجي ٿي گوڙ سان گڏ ڪر کِجَن کِجَن کِجڪاءُ

    سارو سانوڻ جن جي اکڙين تنهنجي راهه تڪي
    تن ماروئڙن جي لئه ٿر ۾ ڪر ڪوئي پڙ لاءُ
    کِنوڻ تون
    کِجندي کِجندي آءُ
    تون جي کجندينءَ مور به نچندا ڪويل ڳائيندي
    ڪارونجهر جي مورن تي اڄ ڪر ڪوئي ڪَهڪاءُ
    کِنوڻ تون
    کِجندي کِجندي آءُ
    ماڪ ڦڙن لئه مُکڙيون زاهد سُڏڪيون ساري رات
    تنهنجي وسڪاري سان ويندو مُکڙين مان مُرجهاءُ
    کِنوڻ تون
    کِجندي کِجندي آءُ
    گوڙِ گجي ٿي گوڙِ سان گڏ ڪر کِجن کِجن کِجڪاءُ
    *


    جيون جادو آ

    جيون جادو آ
    ڪاٽو واڌو آ
    جيڪو ساڌو آ
    سوئي سَمجهي ٿو

    جيڪو ڏيندو آ
    رستن کي رستا
    رنگ زماني جا
    سوئي سَمجهي ٿو

    هر ڪنهن منزل جو
    اوکو آ رستو
    جيڪو پهچي ويو
    سوئي سَمجهي ٿو

    مِٽيءَمان جنهنجون
    سِرجَن ٿيون سوچون
    دانهون ڌرتيءَجون
    سوئي سَمجهي ٿو

    جيڪو ٿو سوچي
    گهرين سوچن سان
    زاهد گيتن کي
    سوئي سَمجهي ٿو
    *


    ڳوٺ جا چارا

    ڳوٺ جا چارا
    ساهَه کان پيارا
    دوست دل وارا
    ڪو نه ٿا وسرن

    ڪاڏي گُم ٿي ويا
    راند رانديڪا
    مِٽيءَتي ليڪا
    ڪو نه ٿا وسرن

    بابا جا دڙڪا
    لُڙڪ ۽ سُڏڪا
    پيارَ جيجل جا
    ڪو نه ٿا وسرن

    کارڪون کارا
    ڪڻڪ لابارا
    سي ٻَنيون ٻارا
    ڪو نه ٿا وسرن

    کجين جا ٻيلا
    اڄ تائين زاهد
    مُحبتون ميلا
    ڪو نه ٿا وسرن
    *


    مُندَ آ موڳي

    مُندَ آ موڳي
    رُوحَ آ روڳي
    جيءُ ڪر جوڳي
    مست مُرليءَ سان

    ڪَمُ اهڙو ڪر
    رات ڪاريءَ ۾
    روشني ڪا ڀَرِ
    مَست مُرليءَ سان

    تنهنجي پيرين پئي
    هر ڏُکي نانگڻ
    پل ۾ آ تو ڪئي
    مَست مُرليءَ سان

    جوڳي جادوگرَ
    تون نچائين ٿو
    ڪيئي ڪاريهر
    مَست مُرليءَ سان

    سَگهَه زاهد ڪا
    راڳڻيءَ ۾ آ
    لوڪُ ٿي ويو آ
    مَست مُرليءَ سان
    *


    تُنهنجي ٻانهُن ۾

    تُنهنجي ٻانهُن ۾
    زُلف ڇا نئن ۾
    دل جي راهن ۾
    زندگي آهي

    ڪو ٿو هيئن گهاري
    ڪو ٿو هونئن گهاري
    جو ٿو جيئن گهاري
    زندگي آهي

    تنهنجي آ تنهنجي
    منهنجي آ منهنجي
    هر ڪنهن جي پنهنجي
    زندگي آهي

    ڇو نه ٿا جاڳو
    روز تڙپو ٿا
    ته به نٿاسمجهو
    زندگي آهي

    جا مون سوچي آ
    اُن جي آ ڳولا
    مُنهنجي زاهد سا
    زندگي آهي
    *


    هر وَڪڙ وَرَ ۾

    هر وَڪڙ وَرَ ۾
    هر گِهٽيءَ گَهرَ ۾
    هر پَکيءَ پَرَ ۾
    سنڌ جاڳي ٿي

    مَنَ جي مَندَر ۾
    موج مستيءَسان
    پنهنجي اندر ۾
    سنڌ جاڳي ٿي

    تون اڃان تائين
    ڪونه ٿو سَمجهين
    ننڊ ۾ آهين
    سنڌ جاڳي ٿي

    ٻولي هيءَ سنڌي
    روز محشر تيئن
    رهڻي آ رهندي
    سنڌ جاڳي ٿي

    سمنڊ ڇولين جان
    ساڻ آ زاهِدُ
    ساٿ پنهنجي سان
    سنڌ جاڳي ٿي
    *


    خُوب تر آهي

    خُوب تر آهي
    عُمر ڀَر آهي
    جنهنجوگهر آهي
    ڄام شوري ۾

    ڄڻ دوا آهي
    درد وارن لئه
    جا هوا آهي
    ڄام شوري ۾

    ٿي ڪري سوگها
    راهه جا راهي
    سونهن آ جيڪا
    ڄام شوري ۾

    گڏ هُجان توسان
    شام جو زاهد
    مِينهنُ ٿي بَرسان
    ڄام شوري ۾
    *


    ٿي رهي جن جي

    ٿي رهي جن جي
    راند نوٽن جي
    هرگهڙي تن جي
    عيد هوندي آ –

    ايندي آ موٽي
    سال ۾ جيڪا
    سا غريبن جي
    عيد هوندي آ –

    سيون ۽ سوجي
    ٿا جڏهن کائن
    پوءِ ويچارن جي
    عيد هوندي آ –

    ها ٻُڌي آهي
    پَرَ حَياتيءَ ۾
    مون ڏِٺي ناهي
    عيد هوندي آ –

    سَمجَهه وارن جي
    ڪا نه آ زاهد
    يار ٻارن جي
    عيد هوندي آ –
    *


    مُندَ جُهڙاليءَ ۾

    مُندَ جُهڙاليءَ ۾
    پريت نراليءَ ۾
    ڌامي تالي ۾
    تو لئه تڙپان ٿو

    جيئڻ لئه جڳ ۾
    راهه ڪڍان ٿو پر
    پوءِ به هر دڳ ۾
    تو لئه تڙپان ٿو

    ڪنهنجي لئه ايڏو
    مان تڙپيو ناهيان
    جيون ۾ جيڏو
    تو لئه تڙپان ٿو

    زاهد زهرن ۾
    ڏينهن پياٻوڙِن
    رات جي پهرن ۾
    تو لئه تڙپان ٿو
    *


    ٿو ڏئي لوڪو

    ٿو ڏئي لوڪو
    پيار جو هوڪو
    جنهن به ٻوليءَ جو
    جو به شاعر آ

    لَفظَ سو ئي ٿو
    جن سان جَذبَن جا
    هارَ پوئي ٿو
    جو به شاعر آ

    ها! سَمائي ٿو
    چند لفظن ۾
    حُسن دنيا جو
    جو به شاعر آ

    فَرشَ وارن جا
    حالَ اوري ٿو
    عَرشِ وارن جا
    جو به شاعر آ

    سُونهَن جو سَهرو
    سوچَ ۾ زاهَد
    خوب آ گَهِرو
    جو به شاعر آ
    *


    اَندَر ۾ هَر ڪو

    اَندَر ۾ هَر ڪو
    ماڻهو چاهي ٿو
    ڪو ته هُجي جيڪو
    مون سان پيار ڪري

    ڪوئي ڪونهي ڪو
    مان آئيني سان
    آئينو پوءِ ٿو
    مون سان پيار ڪري

    رُوحَ سان آ رشتو
    اِن جي لئه هر دم
    منهنجو اَندرُ ٿو
    مون سان پيار ڪري

    مان تَنهنِ کي تيڏو
    چاهيان ٿو زاهد
    جيڪو ٿو جيڏو
    مون سان پيار ڪري
    *


    چاهي ٿو سَڀڪو

    چاهي ٿو سَڀڪو
    پر جيئي ٿو سو
    ٿو رهي اوشو
    جنهن به اندر ۾

    سو مَزي ۾ آ
    رُوحَ پنهنجي لئه
    ناهي ڇو ۽ ڇا
    جنهن به اندر ۾

    ٺاهي ٿو رَستا
    هوش همت سان
    جوش جاڳن ٿا
    جنهن به اندر ۾

    عشق آهي ڇا؟
    مون ڏٺو زاهد
    مَچَ ڀَڙڪن ٿا
    جنهن به اندر ۾
    *


    مُوذيِن جي مَڃتا

    مُوذيِن جي مَڃتا
    ڪا نه کپي ٿي ڪا
    مون کي لکڻو آ
    پنهنجي ڌرتيءَ لئه

    هي ڌرتي جيڪا
    دردن ماري آ
    مُنهنجا سڀ جَذبا
    پنهنجي ڌرتيءَ لئه

    ڪو ڇو ٿو روڪي
    هر ڪنهن کي حق آ
    هر ڪو ٿو سوچي
    پنهنجي ڌرتيءَ لئه

    سو ئي ٿو جيئي
    ساري دنيا ۾
    جيڪو ٿو سِرُ ڏي
    پنهنجي ڌرتيءَ لئه

    جيئن به آنءُ ٿيان
    پوءِ به مان زاهد
    هر ڪو پل جيئان
    پنهنجي ڌرتيءَ لئه
    *


    ڪو پيو سوچي

    ڪو پيو سوچي
    ڪو پيو لوچي
    هر مسافر کي
    ماڳ ٿو گُهرجي

    هو آهي تُنهنجو
    هي آهي مُنهنجو
    هر ڪنهن کي پَنهنجو
    ماڳ ٿو گهرجي

    هوش آيو آ
    ماڳ وارن کي
    جوش آيو آ
    ماڳ ٿو گُهرجي

    چاندنيءَ جهڙو
    جوڙبو زاهد
    پاڻ کي اهڙو
    ماڳ ٿو گُهرجي
    *


    تيز ٿئي تن جا

    تيز ٿئي تن جا
    سِجَ سوچُن جا
    نَنڊَ ۾ جَن جا
    خُوابَ جاڳن ٿا

    رات روليندا
    روشنيءَ سان گڏ
    راهگيرن جا
    خواب جاڳن ٿا

    روز مَستَن جا
    پير ڦٽجن ٿا
    روز رستن جا
    خواب جاڳن ٿا

    نيٺ لابارا
    پوک ۾ پوندا
    کوڙ ڏاٽن جا
    خواب جاڳن ٿا

    سوڀ ماڻيندا
    امن لئه زاهد
    سنڌُ وارن جا
    خواب جاڳن ٿا
    *


    راهَه ۾ ايندو

    راهَه ۾ ايندو
    راک ٿي ويندو
    جو به روڪيندو
    پيار وارن کي

    ساري دُنيا جو
    پيار ڏيو اوتي
    پيار گهرجي ٿو
    پيار وارن کي

    روح مَهڪائي
    مُندَ اهڙيءَ جو
    اِنتظار آهي
    پيار وارن کي

    جاڳ جيڏي آ
    تَنَ بَدَن اندر
    تانگهَه تيڏي آ
    پيار وارن کي

    جوش هوندو آ
    پوءِ ڀي زاهد
    هوش هوندو آ
    پيار وارن کي
    *


    هيءَ سڄي ڌرتي

    هيءَ سڄي ڌرتي
    آ رِلهيءَ جهڙي
    پنهنجو اجرڪ هي
    آسمان آهي

    جسم شاعر جو
    آهي ڌرتيءَ تي
    ذهن جي ڏسبو
    آسمان آهي

    سنڌ وارن سان
    آ ڀٽائي تيئن
    جيئن ستارن سان
    آسمان آهي

    روئيندو کِلندو
    سَڀنِ کي زاهدَ
    جو ڏِسي ٿو سو
    آسمان آهي
    *


    ڏُکَ نه ڏي مُون کي

    ڏُکَ نه ڏي مُون کي
    ٿو چَوان تو کي
    پيار مُنهنجي کي
    ڇو نه ٿي سَمجهين

    چاهُه تون آهين
    مُنهجي اندر جو
    ساهُه تون آهين
    ڇو نه ٿي سَمجهين

    پريت اهڙي آ
    رُڃَ ۾ ٿيندي
    راهَه جهڙي آ
    ڇو نه ٿي سَمجهين

    پيهجي وئي آن
    من ۾ زاهد جي
    ويهجي وئي آن
    ڇو نه ٿي سَمجهين
    *


    دوستي آهي

    دوستي آهي
    هر خوشي آهي
    زندگي آهي
    تون جِتي آهين

    ڇا جَواني آ
    ۽ جَوانيءَ جي
    مهرباني آ
    تون جِتي آهين

    ٿي رهي هر دم
    آستاني ۾
    پيار جي موسم
    تون جِتي آهين

    ڀاڳ جُهومَن ٿا
    اهڙا سُر ڇيڙيئي
    راڳ جُهومن ٿا
    تون جتي آهين

    تُنهنجو سَڏُ آهي
    هر گهڙي زاهدُ
    تو سان گڏُ آهي
    تون جِتي آهين
    *


    باغ ڌرتيءَ جا

    باغ ڌرتيءَ جا
    ڀاڳَ ڌرتيءَ جا
    راڳَ ڌرتيءَ جا
    روز ڳايان ٿو

    سنڌ جا سُڏڪا
    دل کي ڌوڏن ٿا
    جيءَ جا جذبا
    روز ڳايان ٿو

    روح روڳين جي
    ڇو نه ٿا سَمجهو
    جاڳ جوڳين جي
    روز ڳايان ٿو

    عاشقي زاهد
    ڪا صدين واري
    زندگي زاهد
    روز ڳايان ٿو
    *


    رَنگ آ دل جو

    رَنگ آ دل جو
    اَنگُ آ دل جو
    دَنگُ آ دل جو
    تُنهنجي نيڻن ۾

    رَهَبريون آهن
    دل جِي دردن لئه
    دِلبَريون آهن
    تنهنجي نيڻن ۾

    چاههُ تنهنجو آ
    اِن لئه اٽڪي پيو
    ساهُه مُنهنجو آ
    تنهنجي نيڻن ۾

    چَنڊُ جاڳي ٿو
    جادو جَنتَر جو
    مَنڊُ جاڳي ٿو
    تنهنجي نيڻن ۾

    سِجُ اُڀري ٿو
    سِجَ مان زاهد
    گيت نِسري ٿو
    تنهنجي نيڻن ۾
    *


    چَپَ کولي ٿي

    چَپَ کولي ٿي
    ٻول ٻولي ٿي
    روز رولي ٿي
    راهَه ويندن کي

    رَسُ ٿيندي آ
    پيار جو اهڙو
    چَسُ ڏيندي آ
    راهَه ويندن کي

    ڇا ته راڻي آ
    پئي پئياريندي
    مَد پاڻي آ
    راهَه ويندن کي

    اوکي يا سوکي
    پئي متارنَ کي
    مڌُ ڏي موکِي
    راهه ويندن کي

    ڇير ڇَمڪائي
    روز ٿي زاهد
    خُوب جُهومائي
    راهَه ويندن کي
    *


    زندگي تو سان

    زندگي تو سان
    هر خوشي تو سان
    روشني تو سان
    آهي جيون ۾

    پيار جي هَستي
    پربتن جيڏي
    موجَ ۽ مَستي
    آهي جيون ۾

    گُفتَگُو ۾ سا
    مان سَمايان ٿو
    جُستَجُو جيڪا
    آهي جيون ۾

    ڇو ڪئي بس تو
    ڪر سفر زاهد
    ڪو نه ڪو رَستو
    آهي جيون ۾
    *


    هي ٿڌيون راتيون

    هي ٿڌيون راتيون
    ۽ گرم ڀاڪيون
    تيز بَرساتون
    زندگي آهن

    حُسنَ جون هستيون
    ٿيون ڏين جنهن پل
    موج ۽ مَستيون
    زندگي آهن

    سمنڊ جون ڇوليون
    عشق وارن لئه
    پيار جون ٻوليون
    زندگي آهن

    جيءَ جون جايون
    منهنجي لئه زاهد
    گيت ۽ وايون
    زندگي آهن
    *


    جوئي هوندو آ

    جوئي هوندو آ
    سوئي ٿيندو آ
    ڪو جي ايندو آ
    آئيني آڏو

    ڪُوڙ ڀُڻڪي ٿو
    مان وڃان ڪاڏي
    سَچُ مُرڪي ٿو
    آئيني آڏو

    هَٺُ آ جنهن کي
    نيٺ ڪنهن پل ۾
    آڻبو تنهن کي
    آئيني آڏو

    صاف ٿي ويندو
    پنهنجي اندر ۾
    جو اچي ويندو
    آئيني آڏو

    جي لڪائيندين
    لوڪ کان زاهد
    سِرُ جُهڪائيندين
    آئيني آڏو
    *


    لَبَ لَستَن ۾

    لَبَ لَستَن ۾
    موجَ مَستنَ ۾
    روز رَستَن ۾
    جيءَ جُهومن ٿا

    کوڙَ رهجي ويا
    باقي منزل تي
    جيڪي پهچي ويا
    جيءَ جُهومن ٿا

    جيڪي سَمجهن ٿا
    زندگي ڇاهي
    سي ته ٻَهڪن ٿا
    جيءَ جُهومن ٿا

    راڳ پنهنجي سان
    ٿا جيئن زاهد
    ڀاڳ پنهنجي سان
    جيءَ جُهومن ٿا
    *


    پنهنجي سَرِتيءَ لئه

    پنهنجي سَرِتيءَ لئه
    ڪنهن آمرتيءَ لئه
    ساري ڌرتيءَ لئه
    چَنڊُ سوچي ٿو –

    ٿِيو سويرو آ
    لوڪ جي من ۾
    ڇو انڌيرو آ
    چَنڊُ سوچي ٿو –

    ڪو به ڪونهي ڪو
    ساڻ سُورَجَ سان
    اُڀ تي بيٺو
    چَنڊُ سوچي ٿو –

    هي مِٽي ڇاهي
    جنهن مان اُسري پيو
    آدمي آهي
    چَنڊُ سوچي ٿو –

    رات ۾ زاهد
    روز شاعر جي
    ڏات ۾ زاهد
    چَنڊُ سوچي ٿو –
    *


    عشق الستيءَ ۾ رَهڻو آ عشق اَسيرن کي

    عشق الستيءَ ۾ رَهڻو آ عشق اَسيرن کي
    نه ڇيڙيو مَست فقيرن کي

    پيار جي ٻوليءَ مان ڇا ڄاڻن ماڻهو ساڙيلا
    سَڙندا پاڻ نه ساڙي سگهندا سمنڊ جي ويرن کي
    نه ڇيڙيو مست فقيرن کي

    سَچا ساٿي جيون جي لئه سَرمايو آهن
    پيار سان پرکو ساهَه ۾ سانڍيو سَچن هيرن کي
    نه ڇيڙيو مست فقيرن کي

    پنهنجو سمجهي زاهد جن سان جيئڻ ٿا چاهيون
    سي ئي ويٺا جِهيرَ ڏين ٿا ٻيهر جِهيرن کي
    نه ڇيڙيو مَست فقيرن کي
    نه ڇيڙيو مَست فقيرن کي
    *


    تون ئي تون جي رنگ ۾ راڻا روڳي ٿي وياسين

    تون ئي تون جي رنگ ۾ راڻا روڳي ٿي وياسين
    جڏهن کان جوڳي ٿي ويا سين

    اهڙو عشق اچي جاڳايو جو ڳيئڙي جيءَ کي
    جَهنگ جَبلَ جهاڳي تنهنجي در تائين پهتاسين
    جڏهن کان جوڳي ٿي ويا سين

    من جا مالڪ سِرَ جا سائين تنهنجي ڳولا ۾
    ديس ڇڏي پرديسي ٿياسين مور نه موٽياسين
    جڏهن کان جوڳي ٿي ويا سين

    پنهنجي من ۾ پنهنجو سائين جنهن پل پاڻ مليو
    پوءِ ته زاهد پنهنجي جيءَ سان جَڙجي ويٺاسين
    جڏهن کان جوڳي ٿي ويا سين
    جڏهن کان جوڳي ٿي ويا سين
    *


    چاهُه به ساڳيو چَنگُ به ساڳيو رَنگُ به ساڳيو آ

    چاهُه به ساڳيو چَنگُ به ساڳيو رَنگُ به ساڳيو آ
    پرينءَ جو سَنگُ به ساڳيو آ

    پل ۾ پاڻ رُسي ٿو مون سان پل ۾ پَرچي ٿو
    ننڍپڻ کان اَڄُ تائين پيار جو ڍنگ به ساڳيو آ
    پرينءَ جو سنگ به ساڳيو آ

    جوڀن ۾ ته جوانيءَ جا ڪي رنگ نرالا ها
    جُهورُ آهيون ته به عشق اڃان اڙٻنگهه به ساڳيو آ
    پرينءَ جو سنگ به ساڳيو آ

    پنهنجين سوچُن سان گڏ زاهد پنهنجن گيتن ۾
    دلبر جي در تائين ٺاهيل دنگ به ساڳيو آ
    پرينءَ جو سنگ به ساڳيو آ
    پرينءَ جو سنگ به ساڳيو آ
    *


    ميريءَ رات ۾ مِٺڙا ماڻهو ڪنهن کي ڳولهين ٿو

    ميريءَ رات ۾ مِٺڙا ماڻهو ڪنهن کي ڳولهين ٿو
    ڇو پنهنجون اکڙيون ڇولين ٿو

    من مان نڪرين ٿو ته پکيئڙا جهوريو جيءُ وڃين
    من ۾ آهين ته ڪيڏيون مِٺڙيون ٻوليون ٻولين ٿو
    ڇو پنهنجون اکڙيون ڇولين ٿو

    رُوحُ گُهري ٿو تو کان پنهجي راحت جون راتيون
    پنهنجو روح ريجهاءِ او راڻا رُوحُ ڇو رولين ٿو
    ڇو پنهنجون اکڙيون ڇولين ٿو

    پنهنجي ديس ۾ پنهنجي درد جو دارو ئي ڪونهي
    زاهد پنهنجا زخم پُراڻا ڇالئه کولين ٿو
    ڇو پنهنجون اکڙيون ڇولين ٿو
    ڇو پنهنجون اکڙيون ڇولين ٿو
    *


    چاهت ۾ ڪي چنگَ چُمين جا چوري ويٺاسين

    چاهت ۾ ڪي چنگَ چُمين جا چوري ويٺاسين
    اسان سِرُ گهوري ويٺاسين

    بُت بچي ويو خالي خالي رَتُ به ڪو نه رهيو
    ساهُه جڏهن کان ساجن پاسي سوري ويٺاسين
    اسان سِرُ گهوري ويٺاسين

    سَنڌَ به پنهنجا هَنڌَ ڇڏي ويا جِندُ به ناهي جاءِ
    بِرهه ۾ سِرَ جا سارا ڀاڱا ڀوري ويٺاسين
    اسان سِرُ گهوري ويٺاسين

    پنهنجا سارا وَسَ هلائي نيهن نڀايوسي
    عشق اڻا گا پنڌ ڏنا ته به ڏوري ويٺاسين
    اسان سِرُ گهوري ويٺاسين

    ڪي ڪي ڳالهيون زاهد روح ۾ ٽاڪي رکجن ٿيون
    راز کي راز رکڻ لئه جيءَ کي جهوري ويٺاسين
    اسان سِرُ گهوري ويٺاسين
    اسان سِرُ گهوري ويٺاسين
    *


    شال اسان کي جاني پنهنجي جيءَ۾ ڏيو جايون

    شال اسان کي جاني پنهنجي جيءَ۾ ڏيو جايون
    اوهان جون ڳالهيون ٿا ڳايون

    دل جون آهون دانهون آڻي پنهنجن گيتن ۾
    روز اوهان کي سُورَ اوهانجا ويٺا سَمجهايون
    اوهان جون ڳالهيون ٿا ڳايون

    جيڪي رَهزَن روز اوهانجون راهون روڪين ٿا
    تن کوٽن لئه کوٽيون پيا ٿا واٽُن ۾ کاهيون
    اوهان جون ڳالهيون ٿا ڳايون

    ساهه جي ڏيڻو پيو ته به سائين گهوري وينداسين
    چاهيون ٿا بس چاهُه اوهان جو ٻيو ڇا ٿا چاهيون
    اوهان جون ڳالهيون ٿا ڳايون

    ڪنهن به اسان کي ڊاهيو ناهي ڪو به نه ڊاهيندو
    پاڻ کي پاڻ ٿا ڊاهيون زاهد پاڻ ئي ٿا ٺاهيون
    اوهان جون ڳالهيون ٿا ڳايون
    اوهان جون ڳالهيون ٿا ڳايون
    *


    اوندهه پويان جيڪا اَچڻي جيءَ جيئاري آ

    اوندهه پويان جيڪا اَچڻي جيءَ جيئاري آ
    پِرهَه سا ڏاڍي پياري آ

    سا ئي تبديلي سا هن لئه سُک به آڻيندي
    جنهنجي لاءِ حياتي گهاون منجهه گذاري آ
    پِرهَه سا ڏاڍي پياري آ

    مَحبوبا آ پاڻ سَڀن جي اِن لئه پاڻ سَڀنِ
    اُن جي لئه هر جابر جي ڏاڍائي ڏاري آ
    پِرهَه سا ڏاڍي پياري آ

    بَڻجي پَوندي لاٽ اَمُن جي لوڪ سَموري لئه
    سُندر پنهنجي جِندُ اسان جنهن واٽ تان واري
    پِرهَه سا ڏاڍي پياري آ

    پَڄري پَڃري تڙپي تڙپي نيٺ هَلي زاهد
    اُن سان مِلبو جنهن لئه پنهنجي جنگ هي جاري آ
    پِرهَه سا ڏاڍي پياري آ
    پِرهَه سا ڏاڍي پياري آ
    *


    جيءُ چوئي ٿو جيءُ ڏني ڇو جيءَ کي جهوري ٿئي

    جيءُ چوئي ٿو جيءُ ڏني ڇو جيءَ کي جهوري ٿئي
    حياتي ڏاڍي ٿوري ٿئي

    جنهنجو توسان چاهه نه آهي اهڙي ماڻهوءَ لئه
    ڇو هيءَ پنهنجي جان اجايو ڪَپي ڪوري ٿئي
    حياتي ڏاڍي ٿوري ٿئي

    دل جي سَچي پيار جي دڳ ۾ پنهنجو پاڻ جيئار
    وک اجائي جا ڏي تاڏي ڇا لئه سوري ٿئي
    حياتي ڏاڍي ٿوري ٿئي

    هڪڙو سَچُ آ ۽ ٻيو ڪَچُ آ ٽيون ٿئي پنهنجو پاڻ
    چوٿين زاهد پنهنجي هٿ ۾ پنهنجي ڏوري ٿئي
    حياتي ڏاڍي ٿوري ٿئي
    حياتي ڏاڍي ٿوري ٿئي
    *


    شامل تُنهنجي ياد مِٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ رهندي

    شامل تُنهنجي ياد مِٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ رهندي
    هي ڌرتي جيستائين جيئندي

    پَنهنجن سان گڏ غير به تُنهنجون ڳالهيون ڳائيندا
    تنهنجي ساک سَڀنِ جي آڏو بي ڌڙڪي بيهندي
    هي ڌرتي جيستائين جيئندي

    انسانن جي عظمت پنهنجو دين ڌرم آهي
    مُور نه اهڙي سوچَ اسانجي ذِهنن تان لَهندي
    هي ڌرتي جيستائين جيئندي

    فِطرت پَنهنجي سگهه سان قائم دائم رَهڻي آ
    جيڪا شيءِ ڪائنات ۾ آهي ڊهندي ۽ ٺهندي
    هي ڌرتي جيستائين جيئندي

    زاهد جيسين هن ڌرتيءَ جا درد مرن سارا
    تيسيتائين ڏات ڪويءَ جي ويل نه ڪا ويهندي
    هي ڌرتي جيستائين جيئندي
    هي ڌرتي جيستائين جيئندي
    *


    رات جي اندر ڏانهن پرهه جي آس وري ٿي پئي

    رات جي اندر ڏانهن پرهه جي آس وري ٿي پئي
    اُٿو ڪا لاٽ ٻري ٿي پئي

    جنهن پل شهرن ڳوٺن کي ٿا ساڻ کڻي سو چيئون
    سوچَ سَگهاري واٽ وٺڻ جو ڏس وڃي ٿي ڏئي
    اُٿو ڪا لاٽ ٻَري ٿي پئي

    پنهنجي من جي مونجهارن جا ويڇا ٽوڙياسي
    جيڪا منزل ڏور هئي سا ويجهي آ ٿي وئي
    اُٿو ڪا لاٽ ٻري ٿي پئي

    زاهد تُنهنجا جذبا ڌرتيءَ کي ٿا جُهومائن
    گيتن جي گونجار ۾ توکي هر پل جيئڻو ٿئي
    اُٿو ڪا لاٽ ٻري ٿي پئي
    اُٿو ڪا لاٽ ٻري ٿي پئي
    *


    راڻو آهي رُوحُ اَسانجو رَهڻو آ تاتي

    راڻو آهي رُوحُ اَسانجو رَهڻو آ تاتي
    سفر ۾ جيءُ لڳو جاتي

    پاڻ کڻي هڪ دل جي دُنيا نِڪري پِيا آهيون
    مَنَ جي مَرضي آهي ريجهي ڪيئن ڪڏهن ڪاٿي
    سفر ۾ جيءُ لڳو جاتي

    پَنهنجن خُوابَن جي پيرن ۾ تعبيرون آهن
    ڀُلجي بيهڻو ناهي جاني ڪنهنجي ڇو ڇاتي
    سفر ۾ جيءُ لڳو جاتي

    زاهد پَنهنجين سَوچُن وارو سِجُ اُڀارڻ لئه
    ڪوجهيون ڪوجهيون ڪاريون راتيون وينداسين ڪاٽي
    سفر ۾ جيءُ لڳو جاتي
    سفر ۾ جيءُ لڳو جاتي
    *


    مون به ڪڍي آ مان اندر مان تو به ڪڍي ڇڏ تون

    مون به ڪڍي آ مان اندر مان تو به ڪڍي ڇڏ تون
    پرين پوءِ گڏجي پونداسون

    مارينداسين پنهنجي من جا سارا مونجهارا
    پوءِ ته دل سان دل ملندي ۽ دِيدُن سان ديدون
    پرين پوءِ گڏجي پونداسون

    پَنهنجي سَچي پيار کي پَنهنجي وِچَ ۾ ويهاري
    آءُ ته ٻَئي هڪ ٻئي کي پنهنجون سَمجهايون سوچون
    پرين پوءِ گڏجي پونداسون

    زاهد سارا ويڇا ٽوڙي ويجهو ٿيڻو آ
    ويهي اَندُر اورينداسين راتين جون راتيون
    پرين پوءِ گڏجي پونداسون
    پرين پوءِ گڏجي پونداسون
    *


    پورو ٿيندو سال وري ٻيو سال هوندو ساڳيو

    پورو ٿيندو سال وري ٻيو سال هوندو ساڳيو
    اسان جو حال هوندو ساڳيو

    نفرت جي هن باهه کي بيهي جي نه اُجهائيندئو
    پيار مُحبت جو هر پاسي ڪال هوندو ساڳيو
    اسان جو حال هوندو ساڳيو

    پنهنجا پورهيت هاري هيل به جاڳي جي نه سگهيا
    بڀ وڏو ڀوتار ته مالا مال هوندو ساڳيو
    اسان جو حال هوندو ساڳيو

    پاڻ به پاڪستان جيان ڪنگال ٿي وينداسين
    جي توسان مونسان جاني جنجال هوندو ساڳيو
    اسان جو حال هوندو ساڳيو

    پاڻ کي جي نه سُڌارينداسين پاڻ ته پوءِ زاهد
    کٽ مٿي تي مست قلندر لال هوندو ساڳيو
    اسان جو حال هوندو ساڳيو
    اسان جو حال هوندو ساڳيو
    *


    ساري جڳ جي سُونهَن سَموري ڪَٺي ڪُل ڪيان

    ساري جڳ جي سُونهَن سَموري ڪَٺي ڪُل ڪيان
    تڏهن ڪا تو کي ڀيٽا ڏيان

    مُنهنجا سارا سَچا جذبا تولئه تڙپن ٿا
    ڀاڳ ڀَريا ڪي لفظ چَپن جي ڀاڪُر ۾ آڻيا
    تڏهن ڪا توکي ڀيٽا ڏيان

    تُنهنجي سوچُن جي گهرائي ايڏي گهري آ
    پاڻ وِساري تنهنجي مَنَ جي اندر ۾ گُم ٿيان
    تڏهن ڪا توکي ڀيٽا ڏيان

    هِڪڙي ٻي به حَياتي زاهد هر ڪو چاهي ٿو
    ٻيو ڪو جنم وٺي موٽان شل مُنهنجا سائين مان
    تڏهن ڪا توکي ڀيٽا ڏيان
    تڏهن ڪا توکي ڀيٽا ڏيان
    *


    ساري ساري رات وڻن تي ماڪ آ خاموشي

    ساري ساري رات وڻن تي ماڪ آ خاموشي
    شهر غمناڪ آ خاموشي

    تڙپئون ٿا پر آهه لبن تي پوءِ به ڪونهي ڪا
    ٿي ويا آهيون دردن جا هيراڪ آ خاموش
    شهر غمناڪ آ خاموشي

    ورهين کان هر وستي پنهنجا وارث ڳولهي ٿي
    روز اسانجا ذهن سَهن ٿا شاڪ آ خاموش
    شهر غمناڪ آ خاموشي

    گيتن منجهه سفر لئه زاهد رستا جوڙيان ٿو
    بند ڏسان ٿو هر ڪنهن گهر جا تاڪ آ خاموشي
    شهر غمناڪ آ خاموشي
    شهر غمناڪ آ خاموشي
    *


    پَنهنجيءَ دل سان راز نِرالا کولي ٿو انسان

    پَنهنجيءَ دل سان راز نِرالا کولي ٿو انسان
    اندر ۾ ٻولي ٿو انسان

    جنهن تنهن جيءَ جي آئيني ۾ پائي ٿو جهاتي
    پنهنجي پاڻ کي انسانن ۾ ڳولهي ٿو انسان
    اندر ۾ ٻولي ٿو انسان

    اُڀ ڏري ٿو اُن لَهذي ۾ ڌرتي ڌڙڪي ٿي
    جنهن پل بيوس بڻجي اکڙيون ڇولي ٿو انسان
    اندر ۾ ٻولي ٿو انسان

    هر ڪو زاهد پَنهنجي مَنَ جي آس جيئارڻ لئه
    رُوحُ سَدائين راهُن ۾ پيو رولي ٿو اِنسان
    اندر ۾ ٻولي ٿو انسان
    اندر ۾ ٻولي ٿو انسان
    *


    ڪنهن ته اُڏاريو ڪاڏي اُڏريو ڪالهه ته ويٺو هو

    ڪنهن ته اُڏاريو ڪاڏي اُڏريو ڪالهه ته ويٺو هو
    پکيئڙو ڪهڙي پار ويو

    ڪيڏي مِٺڙي ٻوليندو هو ٻاجهاري ٻولي
    تنهنجي منهنجي من ۾ سائين پيار ڇڏي پنهنجو
    پکيئڙو ڪهڙي پار ويو

    ڳليءَ ڳليءَ ۾ يادون هُن جون ڳائي ٿو هر ڪو
    شهر سَڄي ۾ هر ڪنهن جي لئه دلبر هو دل جو
    پکيئڙو ڪهڙي پار ويو

    پنهنجي ساٿ کان وڇڙي ويو آ جنهن پاسي جاني
    ورهين کان اُن پار جو زاهد ڳولهيان ٿو رستو
    پکيئڙو ڪهڙي پار ويو
    پکيئڙو ڪهڙي پار ويو
    *


    پن ڇڻ واري مُند وڻن جا پَتا ڇاڻي ٿي

    پن ڇڻ واري مُند وڻن جا پَتا ڇاڻي ٿي
    اُداسيون ڪيڏيون آڻي ٿي

    روز مان هُن لئه اُميدن جا نغمه ڳايان ٿو
    هوءَ به اِنڪارن جي چٺي روز اُماڻي ٿي
    اُداسيون ڪيڏيون آڻي ٿي

    مُنهنجي مَنَ جا چاهَه سَمورا جنهن کي چاهِن ٿا
    دل سان دل جي سَچائين کي جي نه سڃاڻي ٿي
    اُداسيون ڪيڏيون آڻي ٿي

    جَنهِن ۾ زاهد رُوحَ نه رَلجَن اهڙيءَ شاديءَ ۾
    ڪائي لال ڪنوار جڏهن ڪا سيجَ نه ماڻي ٿي
    اُداسيون ڪيڏيون آڻي ٿي
    اُداسيون ڪيڏيون آڻي ٿي
    *


    جيڪو پنهنجي مَرضيءَ ۽ مَستيءَ سان پيئي ٿو

    جيڪو پنهنجي مَرضيءَ ۽ مَستيءَ سان پيئي ٿو
    اُهو ئي ماڻهو جيئي ٿو

    مَجبُورين کي ماري جَڳ ۾ جيڪو نڪتو آ
    هَر مُشڪل جي آڏو سُورِهيُه بَڻجي بيهي ٿو
    اُهو ئي ماڻهو جيئي ٿو

    سارو جيون سَچيءَ دل سان ايندي ويندي لئه
    ويرانن ۾ وڻ جو ٿڌڙو سايو ٿيئي ٿو
    اُهو ئي ماڻهو جيئي ٿو

    پنهنجو بار کڻي ٿو ماڻهو ڳالهه وڏي ناهي
    دنيا جي دردن کي زاهد جيڪو گيهي ٿو
    اُهو ئي ماڻهو جيئي ٿو
    اُهو ئي ماڻهو جيئي ٿو
    *


    شاهه ڀٽائيءَ جي محبوبن منٺارن جي آ

    شاهه ڀٽائيءَ جي محبوبن منٺارن جي آ
    هي ڌرتي دل وارن جي آ

    سچل، ساميءَ، بيدل، سورهيه، شاهه عنايت ۽
    هوشوءَ، هيمونءَ، دودي، دولهه جي يارن جي آ
    هي ڌرتي دل وارن جي آ

    سَچن صوفين سُهڻن ساٿين مِٺڙن ماروئڙن
    هارين مَزدورن ميهارن خوددارن جي آ
    هي ڌرتي دل وارن جي آ

    هن ڌرتيءَ جي عشق جي زاهدَ ساک اُتم آهي
    سَسُئيءَ، سُهڻيءَ، مُومَل، مارُئيءَ جي پيارن جي آ
    هي ڌرتي دل وارن جي آ
    هي ڌرتي دل وارن جي آ
    *


    دل به تون دِلدار به تون مَنٺار به تون آهين

    دل به تون دِلدار به تون مَنٺار به تون آهين
    پرين دل ڇو ٿو تڙپائين

    پنهنجي گهر کان تنهنجي گهر تئين گُلَ وڇايان ٿو
    پر تون پيار جي راهَه تي پنهنجو پير نه ٿو پائين
    پرين دل ڇو ٿو تڙپائين

    آءُ ته ٻن جسمن کي هڪڙيءَ جان جو روپ ڏيئون
    مان ته اِهو ٿو چاهيان جاني تون ڇا ٿو چاهين
    پرين دل ڇو ٿو تڙپائين

    تُنهنجي زاهد جيڪي سارا گيت لکيا آهن
    هر ڪنهن سِٽ ۾تون ئي آهين او مُنهنجا سائين
    پرين دل ڇو ٿو تڙپائين
    پرين دل ڇو ٿو تڙپائين
    *


    توکي تُنهنجيءَ مون کي مُنهنجيءَ دل تڙپايو آ

    توکي تُنهنجيءَ مون کي مُنهنجيءَ دل تڙپايو آ
    سڀن کي نينهن نچايو آ

    هر تن من جي تڙپڻ جو ٻيو ڪارڻ ڪونهي ڪو
    جيڪي اُجڙيا آهن تن جو ساڳيو رايو آ
    سڀن کي نينهن نچايو آ

    چاهت پويان راحت ماڻي ڪو به سگهيو ناهي
    جُهرندي، ڀُرندي هر ڪنهن پنهنجو پاڻ پچايو آ
    سڀن کي نينهن نچايو آ

    هر ڪو ماڻهو پَنهنجي سِرَ جو پاڻ تعارف آ
    تون ڇا آهين مان ڇا آهيان بحث اجايو آ
    سڀن کي نينهن نچايو آ

    زاهد ساري جَڳ جو اندر اوتي اندر ۾
    جيڪي گيت لکيا ٿم جيون جو سرمايو آ
    سڀن کي نينهن نچايو آ
    سڀن کي نينهن نچايو آ
    *


    روز وَڄن ٿا چَنگ رَچن ٿا رَنگ نَچن البيلا

    روز وَڄن ٿا چَنگ رَچن ٿا رَنگ نَچن البيلا
    مَچن ٿا ميلا

    ٿر بَرَ ۽ جَهنگ جَهرَ ٿِيا دلبر سهارا دل جا
    سونهن ڪيا سينگار ٿيا باغ بهار ٻَنيون ۽ ٻيلا
    مَچن ٿا ميلا

    جوڀن ۾ جاڳيون جوانن جون جوانيون جهوميون
    کنوڻين ڪئي کجڪار ڇُڙيا هر پار ڪي ڇيليون ڇيلا
    مَچن ٿا ميلا

    جيڪي جلڻا ها اُهي جلندا پرين اچ پَرچئون
    تُنهنجا مُنهنجا ميل ڏِسي ڀَل هيل سَڙن ساڙيلا
    مَچن ٿا ميلا

    دردن ۾ دلدار نه دلڙي هار وري اُٿ زاهد
    سُورَ سَهَڻ کان پوءِ اَچن ٿا يارَ سُکن جا ويلا
    مَچن ٿا ميلا
    مَچن ٿا ميلا
    *


    ڇانوَن ڇَڏي جو ڏينهن تَتيِ ۾ نڪري پيو آهي

    ڇانوَن ڇَڏي جو ڏينهن تَتيِ ۾ نڪري پيو آهي
    مُسافر مَست مَلنگ آهي

    دل سَگهاري سوچَ نِياري وِک به واڌاري
    خوب کرو آ تيز ڪڙو آ سچ ٿو ڳالهائي
    مُسافر مَست مَلنگ آهي

    ماٺِ مِٺيءَ ۾ ڄڻ ته چٺيءَ ۾ ڳالهه چئي ويو آ
    رَمز وڏيءَ سان رُوحَ جو ڪوئي راز ٿو سَمجهائي
    مُسافر مَست مَلنگ آهي

    وقتَ به روڪيو واءُ به روڪيو پوءِ به ڪو زاهد
    رِڻ مان نِڪرڻ واري ڪائي راهَه پَيو ٺاهي
    مُسافر مَست مَلنگ آهي
    مُسافر مَست مَلنگ آهي
    *


    جُهوم جواني جُهوم خوشيءَ ۾ جُهوم هي دل ٿي چاهي

    جُهوم جواني جُهوم خوشيءَ ۾ جُهوم هي دل ٿي چاهي
    اَڃان مُند آهي

    نِينهَن نَگَر ۾ عشق اکر ۾ پاڻ سَفر ۾ آهيون
    دِل جي دَردَن جا مِليا جي ڳاهه ته وڃبا ڳاهي
    اَڃان مُند آهي

    هيل به هر ڪا ويل ملڻ جي لاءِ پَيو مَن تانگهي
    ڏينهُن هُجي يا رات پرينءَ جي تات پئي تڙپائي
    اَڃان مُند آهي

    روز ٿا ڳايون راڳَ آ جَن ۾ جاڳ اکين جي زاهد
    سانجهيءَ صُبحَ سَويَر سَگهن ٿا پيرَ ڇيرِ ڇَمڪائي
    اَڃان مُند آهي
    اَڃان مُند آهي
    *


    مورُ نه مَڃبي هار اَچئون ٿا يارَ دڳن ۾ آهيون

    مورُ نه مَڃبي هار اَچئون ٿا يارَ دڳن ۾ آهيون
    مِلڻ ٿا چاهيون

    هي جيڪو سَنسار صدين کان يارَ عذابن ۾ آ
    هر ڪا دل هر من آهي اُلجهن اَچو سُلجهايون
    مِلڻ ٿا چاهيون

    عشق هِتي آ ڏوهُه لڳي ٿو لوهُه لِڱن تي سائين
    پيار ڪرڻ جي لاءِ سِڪن ٿا مَردَ مَرَن ٿَيون مايون
    مِلڻ ٿا چاهيون

    هيل اسان دِلدار اُها رَفتارَ رکي آ زاهد
    مُورَ نه هي گَهٽبِيون وِکون وَڌبِيون نه پٽبيون ساهيون
    مِلڻ ٿا چاهيون
    مِلڻ ٿا چاهيون
    *


    هر پاسي هُٻڪار آ مُند بهارَ سَهيلِيُون ساريون

    هر پاسي هُٻڪار آ مُند بهارَ سَهيلِيُون ساريون
    اَچو دِل ٺاريون

    اَڄُ ته اڱڻ تي اَچڻا آهن مورَ اَسانجي مَنَ جا
    جيءَ ۾ جن لئه جاءِ انهن جي لاءِ صَحَنَ سينگاريون
    اَچو دِل ٺاريون

    مَوڙ ٻَڌيون شَهزورَ اَچن ٿا گهوٽَ ته لَهندا لائون
    پَنهنجن گهوٽن ساڻ مِلئون مِٺڙيون گَهڙيون ڪي گهاريون
    اَچو دِل ٺاريون

    جيون سارو آ جيئڻ جي لاءِ ته پوءِ اي زاهدَ
    مُندَ مِلڻَ جي آ کِلَڻ جي آ ڇو مَنَ کي ماريون
    اَچو دِل ٺاريون
    اَچو دِل ٺاريون
    *


    جهاڳِڻَ لئه رَکُ جاڳَ ته کُلندئي ڀاڳَ ڀلا وڻجارا

    جهاڳِڻَ لئه رَکُ جاڳَ ته کُلندئي ڀاڳَ ڀلا وڻجارا
    او مُنهنجا پيارا

    سارو هي سَنسار ڏکن سان يار ڀَريو پِيو آهي
    ڪيڏي ڪن ٿا ڪاهه سُکن لئه ساهه سِڪن ٿا سارا
    او مُنهنجا پيارا

    آڏو اوکا جيل اَٿئي پَرَ هيل مَتان دِل هارين
    سَندرو ٻَڌُ سويرَ ته چُمندئي پيرَ چَمنَ جا چارا
    او مُنهنجا پيارا

    تُنهنجي گيتن لاءِ وڏي آ جاءِ دلين ۾ زاهد
    کولِ چپَنَ کي کول کپن ٿا ٻولَ مِٺا ٻاجهارا
    او مُنهنجا پيارا
    او مُنهنجا پيارا
    *


    سرِنهَن جي ساڳَ کي پَنهنجو

    سرِنهَن جي ساڳَ کي پَنهنجو
    سدائين ڀاڳُ ٿا سَمَجهن
    نه ٿا سوچِن
    اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو

    ڪچي گهر کي پَنهنجي منزل ۽ پَنهنجو ماڳُ ٿا سَمجَهن
    نه ٿا سوچِن
    اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو

    روئڻ کي ڀي اَڃان تائين هي پنهنجو راڳُ ٿا سَمجَهن
    نه ٿا سوچِن
    اسان جي ڳوٺ جَا ماڻهو

    پرينءَ سان پيار کي زاهدَ ڇو ڪارو داڳُ ٿا سَمجَهن
    نه ٿا سوچن
    اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو
    اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو
    *


    مُحبت جي مِٺي ڪا باتِ جانِ مَن

    مُحبت جي مِٺي ڪا باتِ جانِ مَن
    او جانِ مَن
    اوهان جي شهر ۾ ناهي

    سِتارن سان سَجايل آ
    اسان جي ڳوٺ واري راتِ جانِ مَن
    او جانِ من
    اوهان جي شهر ۾ ناهي

    کَجينِ سان کيڏندي آهي
    هوائن ساڻ جا برساتِ جانِ من
    او جانِ مَن
    اوهان جي شهر ۾ ناهي

    ڪکائين جُهوپِڙين اَندرِ
    جا ڏاهن کي مِلي ٿي ڏاتِ جانِ مَنَ
    او جانِ مَن
    اوهان جي شهر ۾ ناهي

    دِلين ۾ ڪا هجي زاهد
    تَڙپَ ۽ پيارَ واري تاتِ جانِ مَن
    او جانِ مَن
    اوهان جي شهر ۾ ناهي
    اوهان جي شهر ۾ ناهي
    *


    جيون گيت خوشيءَ جا سائين

    جيون گيت خوشيءَ جا سائين
    جيسين رهنداسين
    سَدائين
    جُهومي جيئنداسين

    پنهنجن هٿڙن سان او راڻي
    ڏاڍي پيار سان مَئه جو پاڻي
    اوتي پيئنداسين
    سَدائين
    جُهومي جيئنداسين

    آڏو ايندين ڪيئن اَجَلَ ڙي
    جيءَ ۾ جيون جا ته جبل ڪي
    جوڙي بيهنداسين
    سَدائين
    جُهومي جيئنداسين

    مِلندا رهندا راهَه ۾ ڪيئي
    زاهد صدما چاهَه ۾ ڪيئي
    مُرڪي سَهنداسين
    سدائين
    جُهومي جيئنداسين
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 846
    ڪتابن جو مشاهدو: 2255550
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 574879
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ