ڪتاب جو نالو: باغي منهنجو روح ازل کان
مصنف: ستار سروهي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 22 جون 2020 ع
پڙهيو ويو: 2025 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 352 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب صحافي ۽ شاعر ستار سروھي جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. ستار سروھي جو شعري سفر سندس داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جو اهڙو نچوڙ آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي تلخ ۽ رومانوي ڪيفيتن کي نهايت نفاست سان قلمبند ڪيو ويو آهي. ستار سروهي جي شاعري سندس سڀاءَ جيان حساس دلين ۾ گهر ڪرڻ جي تقويت سان سرشار آهي، خاص طور سندس هي نثري نظم پڻ حساس دلين جو آئينو آهن، جن کي پڙهندي هر پڙهندڙ پاڻ کي ان ڪيفيت ۾ طاري محسوس ڪندو ۽ اهائي خوبي کيس ٻين کان گهڻو منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي. هونئن بہ سندس نثري نظم هر عام ۽ خاص دلين جي ترجماني ڪن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران : وئي آهيان سوئي آهيان...!!
  • مهاڳ: باغي نظمن جو شاعر
  • سماج جي ڪرب جي شاعري
  • ٻهڳڻو ماڻهو ٻهڳڻو شاعر
  • هڪ فيلسوف شاعر
  • نثري نظم

  • اسان وٽ
  • وعدن جو ٻوڙ
  • منهنجي محبت
  • روزو
  • پورهيت
  • ها! مان باغي آهيان
  • ڪاري
  • يونيورسٽي
  • اکيون
  • هوءَ
  • خواب ڪڏهن به پوڙها ناهن ٿيندا
  • خوابن جا برٿ سرٽيفڪيٽ
  • اکيون
  • خط
  • سنڌ پرست جو لاش
  • آءُ ني!
  • اي الفرڊ
  • لطيف سان معذرت
  • چندي جون پيتيون
  • تهذيب
  • اي عشق
  • ننڊ
  • برانڊ
  • ملامت
  • آسمان جا تارا
  • سکڻي ڪُني
  • ڪاري تنهنجي سوچ
  • عجب اضطراب
  •   چري
  • او سامراج!
  • او دولابي
  • شڪاري!
  • ڪاري ياد
  • وچن ڪر
  • چمين جا پوپٽ
  • اعزاز
  • بي غيرتي
  • ٿرياڻيءَ جو درد
  • مرشد!
  • محبت جو نشو!
  • غدار
  • عشق
  •   انتظار
  • فقيرياڻي
  • تون ئي تون
  • تنهنجو بدن
  • منهنجو عشق
  • تنهنجون اکيون
  • تنهجون يادون
  • قلم
  • تنهنجا ٽهڪ
  • منهنجي غربت
  • حساب
  • موبائيلي عشق
  • واپاري
  • الاءِ ڇو؟
  • لاش
  • ڪُتا
  • ماڻهو
  • سَچُ
  •   وڏيرو
  • ضمير فروشي
  • ڪُتي جو پڇ
  • ڀوتار
  • بازار
  • اي ڀٽائي!
  • ڪاري
  • ڀاڪُر
  • پگهار
  • پاڙي جو سُک
  • شرم ڪر
  • اي خدا!
  • هُو
  • رانگ نمبر
  • ڪاش!
  • ڳوڙها
  • پوڙهو مڙس
  • هُن جو جسم!
  • اکيون
  • تحفا
  • اي سنڌ!
  • پاڇو
  • انتظار
  • زندگي
  •   پڪ ڏي
  • ڊائري
  • اي ٽي ايم
  • حاصلات!
  • اي پرين
  • ڀاڪر
  • نگاهون
  • اقرار
  •   ڀونڊو
  • دل
  • خواب
  • پٿرن جو مينهن
  • گدلاڻ
  •   سڪرات
  • بليو پرنٽ
  • مهاڻي
  • بُجو
  • پرستان
  • ياد
  • تون
  • ماءُ
  • پيٽ
  • رت جا رشتا
  • اڌڙوٽ ڪنواريءَ جو درد
  • هوءَ
  • Expiry date
  • منهنجا نظم
  • ”منهنجا مولا“
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 215

    باغي مُنهنجو رُوح ازل کان
    موضوع: نثري نظم
    شاعر: ستار سروهي
    ڇاپو پهريون: فيبروري 2020ع
    ڪمپوزنگ: مصور
    ٽائيٽل : مهراڻ علي سهتو
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سامهون عبرت پريس، گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
    www.sindhsalamat.com

    قيمت: 250/=


    Baaghi Munhinjo Rooh Azal Kha
    Subject: Poetry
    Poet: Sattar Sarohi
    Published by: Sambara Publication Hyderabad
    Email: sambara.publication@gmail.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    بابا سائين
    فقير عبدالحق
    جي نانءُ
    جيڪو 21 ڊسمبر 2017ع تي اسان کان وڇڙي ويو
    تڏهن کان مان ننگي سورج هيٺان
    پيرين اگهاڙو بيٺل آهيان


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”باغي منھنجو روح ازل کان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب صحافي ۽ شاعر ستار سروھي جي نثري نظمن جو مجموعو آھي.
    ستار سروھي جو شعري سفر سندس داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جو اهڙو نچوڙ آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي تلخ ۽ رومانوي ڪيفيتن کي نهايت نفاست سان قلمبند ڪيو ويو آهي. ستار سروهي جي شاعري سندس سڀاءَ جيان حساس دلين ۾ گهر ڪرڻ جي تقويت سان سرشار آهي، خاص طور سندس هي نثري نظم پڻ حساس دلين جو آئينو آهن، جن کي پڙهندي هر پڙهندڙ پاڻ کي ان ڪيفيت ۾ طاري محسوس ڪندو ۽ اهائي خوبي کيس ٻين کان گهڻو منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي. هونئن بہ سندس نثري نظم هر عام ۽ خاص دلين جي ترجماني ڪن ٿا.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون ستار سروھيءَ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    سنڌي ٻوليءَ جي ڪَوِتا کيتر جا گل پنهنجي پنهنجي منفرد مھڪ سان سنڌي ادب جي گلستان کي وڌيڪ جاوداني بخشڻ لاءِ هميشه اُتاولا رهيا آهن، برجستو نوجوان ليکاري ستار سروهي سنڌي صحافت ۾ ناماچاري ماڻيندي شاعريءَ جي دنيا ۾ پڻ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. سندس پهرئين شعري مجموعي “يادگيرين جو ڪفن” کان نثري نظمن تي مشتمل هن ڪتاب “باغي منهنجو روح ازل کان” تائين جو شعري سفر سندس داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جو اهڙو نچوڙ آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي تلخ ۽ رومانوي ڪيفيتن کي نهايت نفاست سان قلمبند ڪيو ويو آهي، هونئن به ستار سروهي جي شاعري سندس سڀاءَ جيان حساس دلين ۾ گهر ڪرڻ جي تقويت سان سرشار آهي، خاص طور سندس هي نثري نظم پڻ حساس دلين جو آئينو آهي ۽ جن کي پڙهندي هر پڙهندڙ پاڻ کي ان ڪيفيت ۾ طاري محسوس ڪندو ۽ اهائي خوبي کيس ٻين کان گهڻو منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
    ستار سروهي نه فقط بهترين نثر نويس، سينيئر صحافي، ٽي وي هوسٽ ۽ سهڻو شاعر آهي، پر مخلص ۽ محبوب سيرت جو ڌڻي پڻ آهي. سندس ڪالم ۽ مضمون مختلف اخبارن جي زينت بڻبا رهيا آهن. سندس پهرئين شعري مجموعي جي ڪاميابي بعد يقينن هي ڪتاب پڻ ادب دوستن لاءِ لاڀائتي سوکڙي ثابت ٿيندو. هونئن به سندس نثري نظم هر عام ۽ خاص دلين جي ترجماني ڪن ٿا. اسان جي دعا آهي ته پاڻ سدائين ائين لکندو رهي.


    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد


    پنهنجي پاران : وئي آهيان سوئي آهيان...!!

    شاعري جي پنڌ جو مسافر آهيان. پهريون شعر 1996ع ۾عوامي آواز جي صفحي “جوت” ۾ شايع ٿيو هو ۽ ائين شاعريءَ جو هي پانڌيئڙو پنهنجي ادبي ڪُڙم قبيلي ۾ هڪ گمنام جيان ڪاهي پيو ۽ هن ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ محيط پنڌ ۾ ڪڏهن پير پٿون ٿيا آهن ته ڪڏهن وري راهه جي پٿرن پئي حوصلو وڌايو آهي. مان ڪو وڏو شاعر ته نه آهيان پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته جيئن انسان سماجي جانور آهي تيئن هڪ شاعر/هڪ تخليقڪار سماجي ڊاڪٽر هوندو آهي ۽ هڪ سٺو ڊاڪٽر اهو هوندو آهي، جنهن کي مريض جي نبض ڏسڻ اچي. ان جو مسئلو ٻڌڻ به اچي. ان مسئلي جو حل ڪڍڻ به اچي، علاج به ڪرڻ اچي ۽ ان جي علاج سان مريض کي فائدو به ٿئي.
    مان سمجهندو آهيان ته هڪ شاعر يا لکاريءَ جي بنيادي ذميواري به اها ئي ٿئي ٿي ته پنهنجي عشق ۽ اندروني اسرارن جي داستانن سان گڏ پنهنجي سماج ۽ پنهنجي ماڻهن کي هڪ درست پيغام به ڏي. هڪ اهڙو پيغام، جيڪو انهن جي زندگين ۾ ٻيو ڪجهه به نه پر رڳو سوچڻ جي تبديلي آڻي سگهي، تڏهن به وڏي ڳالهه آهي. مون پنهنجي 20 سالن جي ڊگهي صحافتي سفر ۾ سنڌي سماج جو جيڪو ويجهڙائيءَ کان سياسي توڙي سماجي، تاريخي توڙي تهذيبي مشاهدو ڪيو آهي، اها ان جي مهرباني آهي جو منهنجي شاعري ۾ پنهنجي وطن ۽ پنهنجي وطن جي ماڻهن جو درد ۽ تذڪرو ملي ٿو.مون جڏهن به ڪٿي ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، منهنجي قلم کي جنبش آئي آهي،مون جيڪو ڀوڳيو آهي سو لکيو آهي، جيئن سوچيو آهي، جيئن محسوس ڪيو آهي تئين ئي بنا رکُ رکاءَ جي لکيو آهي. ان ۾ مون گهڻن اهڙن موضوعن تي به لکيو آهي ۽ چِٽو لکيو آهي، جن موضوعن کي“Bold” ۽ “Sensitive” موضوع چئبو آهي.
    پنهنجي نثري نظمن جي ڪتاب “باغي منهنجو روح ازل کان” ۾ منهنجي ازل جي بغاوت ۽ ڪروڌ آهي، ڇاڪاڻ ته هي عشق جو اسرار آهي، جو مُنهنجي شاعريءَ ۾ هيڏي ساري ڪائنات سمائجي وئي آهي. عشق بنيادي طور نالو ئي آهي بغاوت جو. اهڙي بغاوت، جيڪا توهان کي هوا جي اُبتڙ هلڻ سيکاري ٿي. بلڪل ائين، جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته:
    “لهوارو لوڪ وهي، تُون اوچو وَهه اوڀار.”
    مان به هميشه پنهنجي واٽ ورتي آهي. اڪثريت بدران اقليت سان گڏ بيهڻ تي ترجيح ڏني اٿم، جو ڄاڻان ٿو ته اڪثريت “اڪثر ڪري” غلط رُخ ۾ هلندي آهي. بلڪل ائين، جيئن ابليس کي اڪثريت شيطان سمجهندي آهي ۽ مان کيس سچو عاشق ۽ رُوءِ زمين جو پهريون باغي سمجهندو آهيان. سچل سائين چواڻي ته:
    “سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.”
    مون به سچ چوڻ جي واٽ ورتي آهي. ڪنهن کي ڳالهه وڻي ٿي، تڏهن به ٺيڪ، ڪنهن کي نٿي وڻي، تڏهن به ٺيڪ.
    مان انتهائي ٿورائتو آهيان سنڌي ٻولي جي نامياري مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر سائين زاهد شيخ صاحب جو ، جنهن مون جهڙي پنهنجي ننڍڙي مداح ته ايڏو تفصيل سان مهاڳ لکيو آهي. اها ان جي ڪُشاده دِلي آهي. مان ٿورائتو آهيان سنڌي ٻولي جي يگاني نقاد ۽ ڪهاڻيڪار سائين ممتاز مهر صاحب جو، جن پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي منهنجي لاءِ ٻه اکر لکيا آهن، جيڪو منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي. پنهنجي پياري دوست، اديب ۽ نقاد محترم ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، مشتاق گبول، سائين نذير سروهي ، سائين ساهه شيخ صاحب جا به وڏا وڙ جن مونکي پنهنجي لکڻين ۾ مان ڏنو آهي. مان سندن ٿورالاهي ته نه ٿو سگهان پر ڳائيندس ضرور. آخر ۾ پياري ساجد سنڌي جي به وڏي مهرباني، جنهن هي ڪتاب ڇپرائي منهنجي ۽ منهنجي پڙهندڙن وچ ۾ رابطو قائم رکيو آهي.
    پنهنجي نثري نظمن جي هِن ڪتاب جي حوالي سان مان ڪا گهڻي دعويٰ ته نه ٿو ڪريان، پر ايترو ضرور چوان ٿو ته مان علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي جمود خلاف آواز اٿارڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ۽ منهنجا نثري نظم منهنجي داخلي ۽ خارجي پيڙائن جو پُر آشوب داستان آهن.مان پنهنجي پڙهندڙن کي پنهنجي فڪر ۽ تخيل سان ڪيترو مطمئن ڪري سگهندس. اهو ايندڙ وقت تي ڇڏجي ٿو، ڇو ته:
    “واڪا ڪرڻ مون وس، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو.”


    توهان جو پنهنجو

    ستار سروهي
    حيدرآباد


    مهاڳ: باغي نظمن جو شاعر

    شاعري قومن جو عام دفتر هوندي آهي ، جنهن ۾ انساني تهذيب، تمدن، قومن جي جنگين، محبتن، المين، محرومين،سورهيائي ۽ ناڪامين جا داستان لڪل هوندا آهن. اها شاعري ئي آهي، جيڪا صدين کان تهذيبن جو پڙاڏو بڻجي گونجي ٿي. قومي ڏک، قومي سانحا، قومي جشن ۽ قومي عيدون هن شاعري جي سيني ۾ دفن آهن. دنيا جي ڪهڙي به قوم جي تاريخ ۾ جهاتي پائڻي هجي ته توهان ان جي شاعري جا اسرار ڳولڻ شروع ڪيو ته اوهان کي ان قوم جا سڀ اسرار معلوم ٿي ويندا. سنڌ ان ڏس ۾ خوشنصيب آهي، جو هزارين سالن جي بحرانن ۽ ڪاهن جي باوجود دنيا جي قديم تهذيبن ۾ شمار ٿيندڙ اسان جي سنڌو تهذيب اڄ به ڪَنڌُ کڻي بيٺل آهي ۽ لاکيڻي لطيف جي سرواڻي ۾ سنڌ جا قلم ڌڻي پنهنجي شاعري جي قديم توڙي جديد معجزن سان گڏ هٿ ۾ تنبورو کڻي بيٺل آهن.
    سنڌ هزارين سالن کان رت جا درياءَ پار ڪري پنهنجي موجوده مقام تي بيٺي آهي. سُمنگ چارڻ ۽ ڀاڳو ڀان کان ويندي اڄ تائين شاعرن سنڌ جي جنگ جي ميدانن جا ڪيڏارا، رزميه داستان، محبتن جا داستان ۽ سماج جي سياسي توڙي سماجي المين کي پنهنجي شاعري جو حصو بڻائي تاريخي دستاويز بڻائي ورتو آهي. لطيف سائين کان شيخ اياز ۽ شيخ اياز کان ويندي اسان جي نوجوان دوست ستار سروهي تائين شاعري هڪ ڊگهي تسلسل مان گذرندي آئي آهي ۽ شاعرن جو سماجي توڙي قومي فڪر قوم کي اڄ به رهنمائي ڏيندي محسوس ٿي رهيو آهي.
    هڪ شاعر عام انسان کان تمام گهڻو مٿڀرو ۽ ممتاز هوندو آهي ۽ انهن شاعرن مان وري اهي ڪَوي /ِسرجڻهار پنهنجي همعصر دور ۾ مَٿڀرا ۽ ممتاز ٿي بيهندا آهن، جن وٽ شاعري جي پنهنجي ٻَني، پنهنجي پوک ۽ پنهنجو فصل هوندو آهي. اهي شاعر پنهنجي اسلوب ۾، پنهنجي Aproach ۾ ۽ پنهنجي wisdom ۾ ٻين کان نرالا ٿي بيهندا آهن. اسان جو هي دوست، ستار سروهي،جيڪو گذريل 20 سالن کان سنڌي ادب ۽ صحافت جي مورچي تي بيهي حالتن آڏو هٿيار ڦِٽي ڪرڻ بدران مسلسل سنڌ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي.ستار سروهي جي شاعري جو هي ٻيو مجموعو “باغي منهنجو روح ازل کان” اسان جي هٿن ۾ آهي، جيڪو نثري نظمن تي مشتمل آهي ۽ ان کان اڳ سندس پهريون شعري مجموعو “يادگيرين جو ڪفن” 2016ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. جنهن ۾ غزل، وايون ۽ هائيڪا شامل هئا.
    پياري ستار سروهي سان منهنجي “چار چشمي” ڪا گهڻي پراڻي ناهي پر الاءِ ڇو 2019ع ۾ جڏهن ساڻس پهرين ملاقات ٿي ته هي مونکي پنهنجو لڳو!مونکي تمام گهٽ ماڻهو پنهنجا لڳندا آهن، ڇو ته پنهنجو فقط انهن کي ئي چئي سگهجي ٿو، جن سان جڏهن ڀاڪر پائي ملجي ته ان وقت ٻن دلين جي وچ ۾ پنهنجائپ واري هڪ خاص ڪشش محسوس ٿئي ۽ وري جڏهن اهڙن پيارن ماڻهن سان گڏ ويهي ڪچهري ڪجي ته روح سان روح ائين رلجي وڃي، جيئن ڀٽائي چيو ته “هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا”. مونکي ستار نه رڳو پهرين ملاقات ۾ ائين لڳو، پر اڃا تائين به اهڙو ئي آهي. شال دوستي جو هي ساٿ سدائين ائين ئي سلامت رهي.
    ستار جا نثري نظم سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان ٺهيل اهڙن پڪن ۽ ڳاڙهن ڳٽول گهَڙن جهڙا آهن،جيڪي جون جي نٽهڻ اُس ۾ به ٿڌي پاڻيءَ سان لکين اُڃايل سنڌ واسين جي نه رڳو اُڃ اجهائين ٿا، پر سندن اندر به ٺاري ٿا ڇڏين.غلام قومن جا باغي شاعر پنهنجي شاعري ذريعي پنهنجي قوم جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جا نه رڳو درد، سور، عذاب ۽ اذيتون بيان ڪندا آهن پر کين ڳچيءَ ۾ پيل غلامي جا ڳَٽَ ٽوڙي آزادي حاصل ڪرڻ جا ڏَسَ به ڏيندا آهن. ۽ اهو ڪم ستار سروهي پنهنجي نثري نظمن ذريعي ڪيو آهي.
    اچو ته هيٺ ستار سروهي جي ڪجهه نثري نظمن جو فڪري ڇيد ڪڍون ٿا ۽ ڏسون ٿا ته هو نثري نظمن جي ميدان ۾ ڪيئن سگهارو ۽ نرالو ٿي بيٺو آهي. مان جڏهن ڪتاب ۾ شامل سندس ٻه شروعاتي نثري نظم “اسان وٽ” ۽ “وعدن جو ٻوڙ” پڙهان ٿو ته دنگ رهجي ٿو وڃان ته ڪيئن نه شاعر سنڌ جي سمورين حالتن (جن جي نتيجي ۾ اسان اڄ به محرومين جي گهيري ۾ آهيون) جو تجزيو انهن نظمن ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن هو “ اسان وٽ” نظم اهو چوي ٿو ته:

    اسان وٽ
    پير بي اولادا ٿي مري ويندا آهن،
    ۽ ماڻهو پيرن کان پُٽ پنندا آهن.
    ۽ “وعدن جو ٻوڙ” نظم ۾ چوي ٿو ته:
    “سڀاڻي اليڪشن آهي،
    اسان ساڳين ماڻهن کي ووٽ ڏئي،
    پنهنجو پاڻ کي،
    گهروڙي بُجو ڏينداسين.”
    اسٽيٽسڪو کي للڪارڻ جي جرئت ڪو وطن دوست ۽ سورهيه انسان ئي ڪري سگهي ٿو ۽ ستار سروهي اهو ڪم وڏي دليريءَ سان انوکي علامتي اظهار ذريعي ڪيو آهي. هن ئي نظم ۾ هو “سُڪل درياهه” جي ڳالهه ڪري درياهه جو درد به بيان ڪري ويو آهي.
    ستار پنهنجي پهرين ٻنهي نثري نظمن ۾ تجريديت سان سامهون آيو آهي ۽ هن زبردست علامتي اظهار سان سنڌ جو نوحو پيش ڪيو آهي، جڏهن چوي ٿو ته “گڏهه اليڪشن وڙهندا آهن”، “ڪامورا رت پيئندا آهن” يا “ سڀ حوال ڪٽيندا آهن، جن کي گاريون ڏيندا آهن، تن کي ووٽ ڏيندا آهن.”
    ستار سروهي جي پهرين نظم مان ئي ان جو احاطو ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي ٿئي ته اسان جو هي دوست نوجوان شاعرن جي سُنگ ۾ پنهنجي ائپروچ ۽ فڪري سگهه سان ڪٿي بيٺل آهي؟. هن وٽ احتجاج ڪرڻ جو ڪيڏو نه حسين اظهاري رستو آهي ۽ هن جا لفظ جمود جو شڪار سياستدانن، پيرن ۽ فردسوه سياسي سماج جي حامي ووٽرن کي ڪيئن نه ڀالا بڻجي لڳا هوندا!. تڏهن ئي ته چوندا آهي ته “قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور” آهي. ستار جا مٿيان ابتدائي نظم ئي تلوارن ۽ توپن کان وڌيڪ پنهنجو اثر ڇڏيندي نظر اچن ٿا.
    هڪ پورهيت جي حالتن جو عڪس ڀلا ان کان وڌيڪ ڪهڙو پسائي سگهجي ٿو. جيئن ستار لکيو آهي ته :
    “بابو هَرُ ڪاهيندو آهي
    امان رِليون سِبندي آهي
    سِج لهندو آ
    سِج چڙهندو آ.”
    مٿئين نثري نظم ذريعي ستار اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ڪيترائي سِجَ اُڀري لهي ويا. اسان جي پورهيت جي زندگي اها ئي جنڊَ جي ٻن پُڙن ۾ پسيجي رهي آهي ۽ ان جي زندگي اڄ به تبديل نه ٿي سگهي آهي.
    ستار سروهي جا ٽي نثري نظم “سنڌ پرست جو لاش”، “او سامراج! ۽ “خط” کنڀي گم ڪيل سنڌ جي هيروز جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. جيتوڻيڪ سنڌ اندر هن اشوءَ تي تمام گهڻو لکجي چڪو آهي ۽ لِکجي به پيو پر ستار سروهي وٽ هن موضوع تي نرالو اظهار ملي ٿو، جڏهن هو هڪ جوڌي جي ونيءَ جي هن پيغام کي عام ڪري ٿو:
    “اي منهنجا محبوب!
    سنڌڙي تي وارجي وڃجانءِ
    تنهنجو لاش
    منهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ تنهنجي پُٽ لاءِ
    نئين صبح جي نويد کڻي ايندو.”
    ستار سروهي جي شاعري ۾ عالمي امن جو پيغام ملي ٿو ، جڏهن هو ائٽم بم ٺاهيندڙ انسان کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته “تنهنجي ايجاد دنيا ۾ تباهي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو. هاڻي ڪيترا به امن جا نوبل انعام ڏيندين، توتان اهو داغ نه لهندو.”
    ستار سروهي ڇاڪاڻ ته هڪ نبض شناس جيان سنڌ جي سماج تي گهري نظر رکي ويٺل آهي، ان ڪري هن جي شاعري مان ان جي تِکي مشاهدي ۽ محسوس ڪرڻ جي طاقتور حِس جو پرتوو به نظر اچي ٿو. مذهب جي نالي تي ٿيندڙ جُٺيون، درگاهن جو ماحول ۽ تصوف جي پيغام سان ٿيندڙ هٿ چراند هن کي لکڻ تي مجبور ڪري ٿي. تڏهن ئي هي لکي ٿو ته :
    “روز رات جو
    لطيف جو روح
    نڪري ويندو آهي ٻاهر
    ڪجهه گهڙيون ساهه کڻڻ لاءِ”
    لطيف سوچيندو آهي ته:
    مون هِنن لاءِ پئي بيت لکيا!.”
    “تهذيب” نثري نظم ۾ ستار سروهي اهو پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته رڳو پنهنجي تهذيب تي ٻٽاڪون هڻڻ بدران اسان کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي نئين سر جيئارڻ لاءِ جستجو به ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ سکڻيون “بغليون” هڻڻ سان ڪجهه نه ورندو. دنيا اسان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي.
    ڪنهن به شاعر جو اهو ڪمال هوندو آهي ته هو ڪهڙن مسئلن تي ڪيئن ٿو قلم کڻي؟ هن وٽ فڪر جي اڏام ڪيتري گَهري ۽ ڪيتري اُوچي آهي؟. ستار سروهي جو هي ڪتاب کوليندو ٿو وڃان ته سندس هر نثري نظم مونکي اڳئين کان وڌيڪ متاثر ڪري رهيو آهي. هر نثري نظم ۾ هڪ ڌار فلسفو ۽ هڪ ڌار اظهاري پنڌ پيچرو ستار سروهي جي اڏام کي اوچو ڪري بيهاري ٿو.
    ستار سروهي وٽ جيترو قومي فڪر ۽ قومي مسئلن جو اظهار نمايان ۽ سگهارو ملي ٿو. اوترو ئي سندس رومانويت جو اظهار به پنهنجي ذات ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. جيئن هو چوي ٿو ته:
    اڄ
    منهنجي ننڊ جي
    پهرين ورسي آهي
    سال ٿي ويو آهي
    تنهنجي وڇڙڻ کي
    جڏهن کان تون رُٺي آهين
    اکين خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن
    هيٺيان نثري نظم پڙهندڙن لاءِ جيئن جو تئين پيش ڪجن ٿا ته جيئن مون جيان اهي به ستار جي هن حسين تخيل مان حِظ ماڻي سگهن.

    شوخ ۽ چنچل ڇوڪريون
    عشق جي پنڌ ۾
    يونيورسٽي جي
    وَرَ وَڪَڙ رستن تي
    پنهنجا خواب وڃائي ويهنديون آهن
    ۽ پوءِ
    سڄي ڄمار
    زندگيءَ جي رِڻَ ۾
    اڪيليون رُلنديون آهن

    

    اکيون
    اهي آکيرا آهن
    جتي
    سِج لٿي جو خوابَ
    پکين جي وَلرن جيان لهندا آهن
    ۽ صبح جو
    نين ساڀيائن جي تلاش ۾
    نڪري ويندا آهن.

    

    منهنجا اوجاڳا
    وفائون
    رولاڪيون
    چاهتون ۽ ڀاڪُر
    پنهنجي پرس ۾ وجهي
    هوءَ !
    الاءِ ڪيڏانهن هلي وئي!

    

    خواب ڪڏهن به پوڙها ناهن ٿيندا

    اڄ هوءَ
    ان ئي موڙ تي ملي وئي
    جتان
    20 سال اڳ وڇڙي هئي مونکان
    موڙُ به ساڳيو
    موهُه به ساڳيو
    سندءِ اکين مان
    طويل اوجاڳو
    جهَلڪي رهيو هو
    ۽ منهنجي اکين مان پاڻي
    هوءَ هڪ خواب هئي
    ۽ خواب ڪڏهن به پوڙها ناهن ٿيندا

    


    خوابن جا برٿ سرٽيفڪيٽ

    خوابن جا
    برٿ سرٽيفڪيٽ ناهن ٿيندا
    ۽ ننڊ!
    طويل اوجاڳن جي ڪُکِ مان
    جنم وٺندي آهي
    اوجاڳا وري
    محبت جي طويل مسافري بنا
    ناهن ملندا
    تون پڇين ٿو ته
    محبت مونکي ڇا ڏنو آهه؟
    هيءُ ڏِس!
    اکين جي آکيري ۾
    ورهين کان اوجاڳيل
    ڇورا ڇنا خواب!
    اڄ به منهنجي ننڊ
    خوابن جا ٻچا ڄڻي رهي آهي
    ۽ مان!
    ساڀيائن جي تلاش ۾ نڪتل آهيان!

    

    اکيون

    اکيون
    حسين خوابن جون....
    هاسٽلون لڳنديون آهن
    اهڙيون ئي هاسٽلون....
    جتي يونيورسٽين جا ڇورا
    ڊگريون وٺڻ کانپوءِ
    پنهنجون ننڊون رکي ويندا آهن
    جن جون محبوبائون
    سندن اکين ۾ اوجاڳا ٽنگي
    پکين جيان اُڏامي وينديون آهن.
    ستار سروهي پنهنجي نثري نظمن ذريعي حالتن ۽ جمود جا سمورا زنجير ٽوڙڻ جي ڪوششن ۾ مصروف نظر اچي ٿو. هيٺيون نظم سندس ڪيفيتن جو مظهر آهي.
    نه صوفي آهيان
    نه سرمست
    مان اڄ جو انسان آهيان
    چاهيان ٿو آزادي
    سوچ جي
    تحرير جي
    ستار جا ٻيا نثري نظم “وچن ڪر”، “چري”، “شڪاري”، “ٿرياڻيءَ جو درد”، “غدار”، “مرشد”، “فقيرياڻي”، “ڪُتي جو پُڇ”، “وڏيرو” “سچ” “پوڙهو مڙس”، “حاصلات”، “اڌڙوٽ ڪنواري جو درد” ۽ ٻيا به ڪيترائي نثري نظم سندس ڪمال جي مشاهداتي سگهه کي ظاهر ڪن ٿا. ائين لڳي ٿو ته ستار پنهنجا نثري نظم قومي فرض سمجهي لکيا آهن ۽ سندس باغي روح ۾ مون سميت سنڌ جي سمورن سڄاڻ ساٿين جون اميدون آهن ته سندس قلم جي قلب منجهان سنڌي قوم کي هميشه اهڙا ئي باغي نظم نصيب ٿيندا رهندا، جن سان اڳتي هلي سموري سنڌ ۾ڪا برهه جي باهه ٻاري سگهجي ٿي.
    ستار سروهي جي شاعري “وقت جي پُڪار” آهي. هڪ انوکو احتجاج آهي. هڪ سجاگيءَ جو سڏ آهي. هڪ اعلان آهي جنگ جو، پنهنجو پاڻ سان،پنهنجي ڪمزورين سان، پنهنجي اندر سان ۽ پنهنجي دشمن سان...ستار جي شاعري ۾ هڪ پيغام آهي مزاحمت ڪرڻ جو، سوچڻ جو، اُٿي اڳتي وڌڻ جو ۽ دنيا سان مقابلو ڪري ان سان گڏ بيهڻ جو .هن وٽ سائنسي تقاضائن سان گڏ هلڻ جو فلسفو به آهي ته پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ قلم ذريعي مسلسل وڙهڻ جو سڏ به. مان اميد ڪريان ٿو ته اسان جو هي نوجوان دوست ۽ ان جو هي نثري نظمن جو ڪتاب سنڌ جي شهڪار نثري نظمن جي ڪتابن ۾ شمار ٿيندو. يقين سان چوان ٿو ته ستار سروهي جا نثري نظم سنڌ جي نظيمه تاريخ ۾ پنهنجي نمايان حيثيت سان نمايان ٿي بيهندا ۽ وقت ساڻس انصاف ضرور ڪندو.


    زاهد شيخ
    ڪراچي سنڌ
    03-01-2020


    سماج جي ڪرب جي شاعري

    شاعري جيڪڏهن بگڙيل سماجن جو آئينو نه آهي ته اها شاعري حقيقي نمائندگي ڪندڙ شاعري نه آهي، اها صرف ڪن رس واري شاعري آهي ۽ ڪن رس يا من رس واري شاعري سماج جي اذيتن جي اظهار بنا بي معنيٰ آهي. انساني زندگي ۾ ڪيترائي پهلو آهن،جيڪي داخليت کان وڌيڪ خارجيت سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ انسان جي سموري خارجيت آس پاس جي ماحول جو عڪس آهي، ان ڪري شاعري روح کي گرمائڻ سان گڏوگڏ سماجي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جو نالو به آهي.
    اڄ اسان وٽ دنيا جا بهترين شاعر محمود درويش، پئبلو نيرودا، ناظم حڪمت کان ويندي فيض احمد فيض تائين سمورا خارجي حقيقتن يا دور جي مسئلن جي نمائنده شاعرن طور ليکيا ۽ مڃيا وڃن ٿا. ان ڪري اها شاعري زنده به رهي ٿي ته مظلومن جي زخمن تي پَها رکڻ جي به ڪم اچي ٿي. هي سموري تمهيد ان ڪري آهي جو پياري دوست ستار سروهي جي شاعري جي هن مجموعي “باغي منهنجو روح ازل کان” جي شاعري ئي اهڙي آهي، جنهن جو سڌو سنئون واسطو سماجي مسئلن سان آهي. آئون سندس شاعري جي حوالي سان وڏيون دعوائون ته ڪونه ڪندس پر ايترو ضرور چوندس ته ستار جي هي شاعري سندس اندر مان ڦُٽي نڪتل آهي، ان جو ثبوت اوهان کي هن مجموعي جي پهرين نثري نظم مان ئي ملي ويندو، جنهن جو عنوان آهي “اسان وٽ”. ان نظم مونکي شروعات کان ڇرڪائي رکيو آهي، جيئن ستار لکي ٿو ته:
    امير پنندا آهن
    غريب خيرات ڏيندا آهن
    ڪامورا رَتُ پيئندا آهن
    مَڇَرَ بُک مرندا آهن
    سماج جي بيهڪ جي ههڙي ڀيانڪ تصوير ڏسي/پڙهي ماڻهو واهه وا ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي، ڇو ته اهائي اسان جي سماج جي حقيقت آهي، جنهن کي شاعر پنهنجي شاعري ذريعي تنقيد جو نشانو بڻائي اصلاح جي ڳالهه ڪري ٿو. شاعري مهذبپڻي جو هڪڙو اظهاري ذريعو آهي، جيڪو روين کي سماج جي ڪٽهڙي ۾ کڻي اچي ٿو ته جيئن ان سماج جا فرد انهن روين کي درست ڪن ۽ ٻيا انهن روين مان ڪجهه سبق سکن.
    ستار جي هن نثري نظمن جي مجموعي ۾ ڪيترائي اهڙا نظم آهن جيڪي سماج جي ڪَرب کي بيان ڪن ٿا جن ۾ هڪڙي اڇوتي اظهار ذريعي سماجي حالتن جو اظهار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ”چندي جون پيتيون“ جي عنوان سان ٻه نظم آهن، هڪ ۾ لطيف سائين جي درگاهه جي حوالي سان منظر ڪشي ڪيل آهي ته ٻي نثري نظم ۾ “ ملان جي پيٽ” جي ڳالهه ڪيل آهي، جنهن ۾ خوبصورت نموني سان اظهاريل آهي ته پئسن جي ضرورت الله سائين کان وڌيڪ هن ڌرتي جي غريب ماڻهن کي آهي، جيڪي سماجي ڪسمپرسي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. نه صرف سماجي ڏيوالپڻي کي هن مجموعي جو مک موضوع بڻايو ويو آهي پر ان سان گڏوگڏ اصلاحي رستا به ڏيکاريا ويا آهن، جهڙوڪ “تهذيب” نظم آهي، جنهن ۾ غيرت جو نئون ورزن ڏيکاريو ويو آهي، جهڙوڪ سمورن تهذيبن، ماڳن مڪانن تي فخر ڪري پنهنجن سان وڙهڻ يا مارڻ واري غيرت کان اڳتي وڌي سنڌ ڌرتي کي پنهنجي اصل تهذيبي عروج تائين پهچائڻ ئي اصل غيرت جي ڳالهه ڪيل آهي. جيڪو اڄوڪي سماجي جو اهم نقطو آهي ۽ وقت جي اهم ضرورت به آهي. ان کان سواءِ به ڪيترائي نظم آهن، جيڪي بيان ڪري سگهجن ٿا، جنهن ۾ ستار پنهنجي ضمير ۽ شعور جي ذريعي زوردار فڪري پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ستار سروهي اسان جي ٽهيءَ جو انتهائي ميچوئر نوجوان آهي، جيڪو سماج جي مختلف شعبن سان وابسته رهڻ ڪري گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پرايو آهي جنهن ۾ يونيورسٽي جي ماحول کان ويندي صحافت تائين، صحافت کان ادب تائين ۽ تعليم سان وابستگي سبب ڪيترن ئي هنڌن تان هن سماج کي ويجهو کان ڏٺو آهي ۽ سدائين مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جو شعور ههڙن نوجوانن جي ڪري فخر ڪري سگهي ٿو، پر اصل فيصلا ته اڪثريتي راءِ يعنيٰ ووٽ سان ٿيندو آهي، جنهن ڪري ههڙن نوجوانن جون ڪوششون ظاهري طرح رنگ نه لائي سگهنديون آهن، نتيجي ۾ ان ڪري سماج ڪسمپرسي ۾ رهي ٿو. ستار جي نثري نظم “اسان وٽ” جون آخري سٽون انتهائي معنيٰ خيز آهن؛
    سڀ حوال ڪٽيندا آهن،
    جن کي گاريون ڏيندا آهن،
    تن کي ووٽ ڏيندا آهن.
    آئون سمجهان ٿو هن کان وڌيڪ ڪا سماجي ڪَرب جو ٻيو طاقتور اظهار ناهي جيڪو معاشري کي ڏيئي سگهجي. ستار جو هي ٻيو شاعري جو مجموعو آهي. هو تحقيق اسڪالر هجڻ سان گڏ هڪ بهترين تخليقي ذهن به آهي. کيس هن ڪتاب جو واڌايون هجن.



    ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري
    ڄامشورو
    08-01-2020


    ٻهڳڻو ماڻهو ٻهڳڻو شاعر

    سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز چيو هو ته “ هر ماڻهو شاعر نه هوندو آهي پر هر شاعر ماڻهو ضرور هوندو آهي” ۽ اهو به تاريخ جو مڃيل سچ آهي ته لکڻهارو جنهن به سماج ۾ رهندو آهي ته انهيءَ ئي سماج کان سکندو آهي ۽ اهو ئي ڏيندو آهي، جيڪو سماج ۾ ڏسندو آهي يا سماج کيس ڏيندو آهي. لِکڻهارو پنهنجون اندريون ۽ ٻاهريون ڪيفيتون بيان ڪندو آهي. ساڳي سماج ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جون حالتون ساڳيون هونديون آهن، تنهن ڪري تخليقڪار جي بيانيل ٻنهي ڪيفيتن کي هر ماڻهو پاڻ سان سلهاڙيل سمجهندو آهي ۽ نه رڳو ان کي قبول ڪندو آهي پر ائين محسوس ڪندو آهي ته اها ڳالهه ته منهنجي آهي.
    ستار سروهي به سرجڻهار آهي، ان کان اڳ ۾ هن هڪ ڪتاب “ يادگيرين جو ڪفن” ڏنو آهي. ستار پنهنجي سڀاءَ ۾ ڏاڍو سُلڇڻو ۽ سڀني رشتن ناتن سان نڀائيندڙ ٻَهڳڻو ماڻهو آهي. سندس شاعري جو جلد ئي ٻيو ڪتاب اچي رهيو آهي، ان مان سندس لکڻ جي رفتار به تيز معلوم ٿئي ٿي.
    ڪنهن ڏاهي چيو هو ته “جنهن لکڻيءَ ۾ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين سان محبت جو اظهار ناهي هوندو،ان لکڻيءَ ۽ طوائفا جي مُرڪ ۾ ڪو به فرق ناهي هوندو”.ستار هن سُکاري سنڌ جي ڏکارن ماڻهن سان تمام ويجهو رهي ٿو. تنهن ڪري ڌرتي، تهذيب، ثقافت ۽ هينئن هاريل، ڊنل، وسوڙيل، پيڙيل، هيسيل ۽ ڏُکارن ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو.پنهنجن سان پيار سندس لکڻين ۾ چٽو نظر اچي ٿو. هي طبقاتي ۽ اڻبرابر سماج سان مڪمل احتجاج ڪري ٿو. هيڻن ، مجبورن ۽ بي پهچ ماڻهن جو پاسدار ۽ طرفدار نظر اچي ٿو.
    ستار سروهي جي نثري نظمن جي ڪتاب “باغي منهنجو روح ازل کان” ۾نظمن جا عنوان پڻ پرڪشش آهن. مان پراميد آهيان ته ستار پنهنجي شاعراڻي مزاج ۾ پنهنجون ڏِسائون، گَسَ، پنڌَ، پيچرا ۽ پير به پنهنجا تخليق ڪري پنهنجي سهڻي سرجڻهار جي حيثيت ۾ سڃاڻپ ٺاهي وٺندو. هونئن به جيڪي تخليقڪار بڻبا آهن. اهي تمام گهڻو زندهه رهندا آهن.
    ٻارهين صدي قبل مسيح ۾ مصري لکڻي هينئن آهي ته:
    “اهي ليکڪ جيڪي ديوتائن کان پوءِ ڄاوا، اهي پنهنجي اُڪريل پٿرن ۽ ڪانن جي قلمن کي اولاد کان وڌيڪ ڀائيندا هئا. جيتوڻيڪ هاڻي اهي جيئرا ناهن، پر سندن لکڻيون، ماڻهو هينئر به ياد ڪن ٿا. تنهن ڪري ياد رکو ته ڪو ڪتاب ڪنهن عاليشان مقبري کان وڌيڪ اثر رکي ٿو.”
    مونکي پڪ آهي ته ستار جو هي ڪتاب ڪنهن عاليشان مقبري کان مٿانهون اثر رکندو.
    “مون مرڪي پنهنجو پاند ڏٺو،
    رُتُ آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.”


    نذير سروهي
    گمبٽ
    06-01-2020


    هڪ فيلسوف شاعر

    ستار سروھيءَ کي پنهنجي گھر ۾ فقير عبدالحق جو راڳ ۽ وڏي ڀاءُ عبدالرزاق سروھيءَ جو علم، ادب ۽ صحافت ورثي ۾ ملي مگر ھن حساسيت، حوصلو ۽ اظھار ڪرڻ جو ڏانءُ محنت، مطالعي ۽ مشاھدي ذريعي سماج منجھان سکيو آهي.
    ستار عالمگير سوچ جو سھارو وٺي ھڪ خاص مقصد يعنيٰ پنھجي ڌرتيءَ تي “سکيو سماج” اڏڻ لاءِ شاعريءَ جو گس چونڊيو. سندس قلمي پورھئي جو نتيجو سندس پهريون شعري مجموعو “يادگيرين جو ڪفن” سماج کي مليو ۽ ھينئر وري سندس نثري نظمن جي محنت “باغي منھنجو روح ازل کان” اسان جي هٿن ۾ آهي، جنھن ۾ سندس خيال ۽ صنفون مَٽَ آھن پر سماج لاءِ سندس سوچ ۽ مقصد ساڳيو آهي.
    ستار پنهنجي هن ڪتاب ۾ نت نوان ۽ جديد خيال کڻي آيو آهي. مثال طور: ستار وٽ “آسمان جا تارا” نثري نظم ۾ عشق ۽ آزاديءَ جو ھوڪو ڏيندي ڳِٽن جي چُگھن جو قسم کڻڻ واري علامت جديد ۽ مثالي آھي۔”سکڻي ڪني“ واري نثري نظم ۾ سکڻي ڪني ۽ ڏوئي جي موسيقي تي لوري ڏئي ننڊ ڪرائڻ وارو خيال جولس فيوچڪ جي جيل ۾ زنجيرن ذريعي موسيقي بڻائڻ واري خيال کان بنھ مختلف ۽ مٿاھون آھي.
    “سنڌ پرست جو لاش” واري نثري نظم ۾ “دل ڏاري روئيندڙ ماڻھو سنڌ دشمن تي وڏو لعنتاڻو آھن” جو خيال عجيب احتجاجي ڏس ڏانھن اشارو آھي. “پورھيت” نثري نظم ۾ “سندس پگھار جي عمر ھڪ ڏينھن مس آھي” واري سِٽَ ۾ پورھيت جي درد جو فلسفو نوحي جي صورت ۾ موجود آھي. “خط” نثري نظم ۾ چوڙيون ڀڃڻ واري ورجاءَ سان گڏ لَڄَ کي ڪارو لباس اوڍائڻ وارو خيال جديد ھجڻ سان گڏ ذھن ڌوڏيندڙ پڻ آھي.
    ھڪ نثري نظم کي “چندي جون پيتيون” جو عنوان ڏيڻ جرئت ۽ بھادريءَ وارو قدم ھجڻ سان گڏ ان نظم ۾ “چندا پيتيون ڀرڻ بدران غريبن جو پيٽ ڀرڻ” وارو خيال صلاح جي صورت ۾ اھڙو احتجاج ۽ صلاح آھي جيڪو دانھن نڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو.
    ”ھا! مان باغي آھيان” نثري نظم ۾ سوچ جو رسا ڇنائڻ ۽ روح کي باغي بڻائڻ واري تصور ۾ به ستار سروھيءَ جو پيش ڪرڻ جو انداز ساراھ جوڳو آھي.
    “منھنجا نظم” ۾ “مون کان منھنجا نظم وٺ مون کي ماني ڏي” جھڙيون سٽون سماج جي رڙ ۽ ڪامريڊ مارڪس جي داس ڪيپٽل جي منشور جي جدوجھد آھن. ستار هن نظم جي آخر ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي درد جي تاريخي ڪٿا ھينئن بيان ڪري ٿو “نه ڪير منھنجا نظم ٿو وٺي ۽ نه ڪير ماني ٿو ڏي” سندس هي سِٽَ رياست جي چھري تي چماٽ جو عڪس آھي. “قلم” نثري نظم ۾ “قلم وڪڻڻ وارا پنھنجو پاڻ سان ريپ ڪن ٿا” ويڪائو خليقڪارن جو گريبان پڪڙڻ ۽ سندن منھن تي ڪارنھن ملڻ وارو خيال آھي. “او سامراج” نثري نظم ۾ “کدڙن جو ڪڙم” اڻجهل عورتن لاءِ ڳڀروئن جا جوان رانديڪا” واريون فيلسوف علامتون فخر ڪرڻ جھڙيون آھن.
    “ڪاري تنھنجي سوچ” نثري نظم ۾ ڪاري ڪري عورت کي ڪُھندڙ کي للڪار ۽ عورت کي اڇي سمجھڻ جو درس آھي. “اي عشق” نثري نظم ۾ “اي عشق مان سائنس ٿو پڙھڻ چاھيان. مان ايڪيھين صديءَ جو نوجوان آھيان. مون کي سائنسي دور ۾ ساھ کڻڻ ڏي، دنيا ڏسڻ ڏي” هڪ جديد خيال آهي. شاعر جو اھو خيال سڄي دنيا ۽ نوجوانن جي ضرورت آھي. ستار جي سوچ مان پتو پوي ٿو ته هو ڪھڙي قسم جو سماج اڏڻ جي جاکوڙ ۾ آھي.
    ”ڀوتار” نثري نظم ۾ هو لکي ٿو ته:
    ”اليڪشني ڀوتار
    ۽
    ڪُتي جي پڇ ۾
    ڪو به فرق ناھي
    ھِنَ کان ته
    رَنڊي ڀلي آھي
    گھٽ ۾ گھٽ
    ديس ته نه ٿي وڪڻي.”
    ھن نظم ۾ خطرناڪ تشبيهه سان گڏ اھڙو سچ آھي جنھن لاءِ حوصلو ۽ سَگهه گھرجي، جيڪا شاعر ۾ موجود نظر اچي ٿي.
    “وڏيرو” نثري نظم ۾ وڏيري کي سچ چوڻ جو انوکو علامتي انداز آھي، جنهن ۾ ستار وڏيري کي خبردار ڪري ٿو ته “وقت جي انتقام کي ٻيو وري ڪَنَ ٿيندا آھن.” ستار سروهي وٽ ”فقيرياڻي” نثري نظم ۾ ڪمال جو فلسفياڻو خيال آھي:
    ”اي فقيرياڻي!
    تنھنجو ميرو چھرو
    شھر جي سفيد پوش جو،
    پٽڪو لاھڻ لاءِ ڪافي آھي.
    “برانڊ” نثري نظم ۾ غلط ڪاريون ڪرڻ وارن کي وائکو ڪيو ويو آھي. “عجب اضطراب” نثري نظم ۾ سماج جي سُورن جون عالمگير چيخون ۽ شاھ جي سورمين جا سڏڪا ۽ رڙيون آهن. “تھذيب” نثري نظم ۾ ماضيءَ تي فخر ڪرڻ کان حال کي بھتر ڪرڻ جي صلاح دانھن ۽ سڏ وارو انداز ستار جو ڏنل نئون سماجي موڙ آھي. “بي غيرتي” نثري نظم ۾ مرداڻي سماج کي اھا ھڪ گار آھي ته “بيغيرتيءَ کي ڀلا ٻيو سِڱَ ٿيندا آھن”!؟ “بازار” نثري نظم ۾ چونڊ واري ماحول مطابق حق استعمال ڪرڻ جو چتاءُ مفاد پرست ماڻھن جي ننڊ حرام ڪرڻ وانگر آھي. ”چري” نثري نظم ۾ چريءَ جي چوليءَ کي شھر جي ڇوڪرن ھٿان داغدار ڪرڻ کي چنڊ سان تشبيهه ڏيڻ ۽ ٻيو وري ائين چوڻ ته “بس رڳو ھن جو پيٽ ٻاھر نڪري آيو آھي” ھڪ اھڙو فلسفو آھي، جنھن ۾ سماجي سُور جو پڙاڏو آھي.
    “ملامت” نثري نظم ۾ “ديس ڪتن جي چڪ ۾ آھي” علامتي نفرت ۽ احتجاج جو اظھار آھي. ستار هڪ وطن پرست شاعر آهي،جنهن جي هر موضوع جو محسوس سنڌ وطن ۽ ان جا ماڻهو آهن.”اودولابي” نثري نظم ۾ غدار ۽ ڌارين لاءِ “مَنَ ۾ چَڪلي” وارو تصور لفظن جي مار ۽ سزا آھي۔ هن جي نثري نظم “الاءِ ڇو؟!” ۾ هي اظهار به پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي.
    ”الاءِ ڇو
    زوريءَ پرڻايل نارين جا
    نڪاح ناما
    مون کي زنا جا،
    پرمٽ سرٽيفڪيٽ لڳندا آھن.”
    ستار جون اهي سٽون سماج جي تاريخ ۾ جھاتي پائڻ جي جنبش آھن. اهڙي ريت وٽس عالمي سوچ جو اولڙو هيٺين نثري نظم ۾ پسي سگهجي ٿو. “اي الفرڊ” عنوان واري نثري نظم “امن جا نوبل انعام توتان اھي داغ ڪڏھن به لاھي نه سگھندا” واري ڳالهه بارود مٿان زندگي بسر ڪندڙ ماڻھن جو احتجاج آھي. ستار سروھيءَ جي نثري نظمن ۾ طاقتور سنيھا، جرئت، حوصلا، احتجاج ۽ سھڻا سپنا آھن، البت کيس لفظن جي چونڊ تي ٿورو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي.



    ساھ شيخ
    گمبٽ


    نثري نظم

    اسان وٽ

    اسان وٽ
    گڏهه اليڪشن وڙهندا آهن
    ڍڳا نعرا هڻندا آهن
    چٻرا وڏين ڪرسين تي ويهندا آهن
    اسان وٽ
    امير پنندا آهن
    غريب خيرات ڏيندا آهن
    ڏوهاري آزاد گهمندا آهن
    بيگناهه جيلن ۾ سڙندا آهن
    اسان وٽ
    ڪامورا رت پيئندا آهن
    مڇر بُک مرندا آهن
    پير بي اولاد ٿي مري ويندا آهن
    ماڻهو پيرن کان پُٽ پنندا آهن
    اسان وٽ
    چور ساڌ سڏبا آهن
    ساڌ لڪندا وتندا آهن
    ڊگرين وارا رڳو انٽرويو ڏيندا آهن
    وڏيرن جا ڄَٽَ پُٽ عهدا ماڻيندا آهن
    اسان وٽ
    سڀ حوال ڪٽيندا آهن
    جن کي گاريون ڏيندا آهن
    تن کي ووٽ ڏيندا آهن.


    وعدن جو ٻوڙ

    هر گهر ۾
    وعدن جو ٻوڙ رِڌل آهي
    گڏهه اليڪشن مهم تي نڪتل آهن
    دهلن تي دوسو نچي رهيا آهن
    جهوپڙين ۾ پورهيت جا ٻار
    بُک ۾ چِنگهي رهيا آهن
    مان سُڪل درياءَ جي ڪناري تي ويهي
    ورهين کان
    باغي نظم سِرجي رهيو آهيان
    سڀاڻي اليڪشن آهي
    ساڳين ماڻهن کي ووٽ ڏئي
    اسان پنهنجو پاڻ کي
    گهَروڙي بُجو ڏينداسين.


    منهنجي محبت

    منهجي محبت
    ڪو بيروزگاري الائونس ناهي
    تو جهڙي سُڃي سان
    زندگي گذاري نه ٿي سگهان
    تنهنجو پيار مونکي پِنائيندو.
    مڃان ٿي
    تون سُهڻو آهين
    تون سُٺو آهين
    مونکي بي انتها چاهين به ٿو
    پر
    تنهنجي کيسي جي گهِٽي
    سوڙهي آهي
    مان تنهنجي گهر تائين نه ٿي هلي سگهان
    اڄ کانپوءِ،
    مونسان نه ملندو ڪر.


    روزو

    اکيون خواب ڏسنديون آهن
    امان رليون سِبندي آ
    بابو هَرُ ڪاهيندو آ
    سج لهندو آ
    ۽ سج چڙهندو آ
    ڏينهن ڊگها ٿيندا آهن
    صدين کان بکيو آهيان
    ملان مري ويو آ
    نه ڪنهن آذان ڏني آ
    نه مون روزو کوليو آ.


    پورهيت

    هُن جا ٻار
    روز رات جو
    تارا ڳَڻي ننڊ ڪندا آهن
    هُن جي زال
    آسرن جي ڪُني پچائيندي آهي
    ۽ هو پاڻ،
    سيٺ جي گهر جي ماني پچائيندو آهي
    سندس پگهار جي عمر
    هڪ ڏينهن مس آهي
    عيدون هنن لاءِ
    حسرت کانسواءِ ڪجهه به ناهن
    سرڪاري اسپتالن مان دوائون چوري ٿين ٿيون
    پورهيت جو بيمار ٻار تڙپي تڙپي مري ٿو
    ايمبولينس منسٽر جي گهر جو پاڻي ڍوئڻ ۾ پوري آهي
    ماڻهوءَ جو مُلهه
    ماڪوڙي جيترو به ڪونهي.


    ها! مان باغي آهيان

    ازل کان منهنجو روح
    آزادي چاهي ٿو
    پر زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيان مان
    منهنجي سوچ
    ڇنائڻ چاهي ٿي سڀ طوق
    زنجيرن جا
    منهنجو روح باغي آ ازل کان
    چارڻ جي چَنگَ تي وڄان ٿو مان
    نه صوفي آهيان
    نه سرمست
    مان اڄ جو انسان آهيان
    چاهيان ٿو آزادي
    سوچ جي
    تحرير جي
    ها! مان اڄ جو باغي آهيان
    تُنهنجي مقابلي ۾ بيهڻ ٿو چاهيان
    سڀ زنجير ٽوڙڻ ٿو چاهيان.


    ڪاري

    ڳوٺُ
    ڳوٺَ ۾ گهِٽي
    گهِٽيءَ ۾ گهَر
    گهَرَ ۾ اوندهه
    اوندهه ۾ ٺَڪاءُ
    ٺڪاءَ ۾ چيخ
    هن پنهنجي زال
    ڪاري ڪري ماري ڇڏي
    هُو،
    جيڪو پاڻ سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويهي،
    ڇورا تاڙيندو آهي.


    يونيورسٽي

    شوخ ۽ چنچل ڇوڪريون
    عشق جي پنڌ ۾
    يونيورسٽيءَ جي
    وَرَ وَڪَڙ رستن تي
    پنهنجا خواب وڃائي ويهنديون آهن
    ۽ پوءِ
    سڄي ڄمار
    زندگيءَ جي رِڻَ ۾
    اڪيليون رُلنديون آهن


    اکيون

    اکيون
    اهي آکيرا آهن
    جتي
    سِج لٿي جو خوابَ
    پکين جي وَلرن جيان لهندا آهن
    ۽ صبح جو
    نين ساڀيائن جي تلاش ۾
    نڪري ويندا آهن.


    هوءَ

    منهنجا اوجاڳا
    وفائون
    رولاڪيون
    چاهتون ۽ ڀاڪُر
    پنهنجي پرس ۾ وجهي
    هوءَ !
    الاءِ ڪيڏانهن هلي وئي!


    خواب ڪڏهن به پوڙها ناهن ٿيندا

    اڄ هوءَ
    ان ئي موڙ تي ملي وئي
    جتان
    20 سال اڳ
    وڇڙي هئي مونکان
    موڙُ به ساڳيو
    موهُه به ساڳيو
    سندءِ اکين مان
    طويل اوجاڳو
    جهَلڪي رهيو هو
    ۽ منهنجي اکين مان پاڻي
    هوءَ هڪ خواب هئي
    ۽ خواب ڪڏهن به پوڙها ناهن ٿيندا


    خوابن جا برٿ سرٽيفڪيٽ

    خوابن جا
    برٿ سرٽيفڪيٽ ناهن ٿيندا
    ۽ ننڊ!
    طويل اوجاڳن جي ڪُکِ مان
    جنم وٺندي آهي
    اوجاڳا وري
    محبت جي طويل مسافري بنا
    ناهن ملندا
    تون پڇين ٿو ته
    محبت مونکي ڇا ڏنو آهه؟
    هيءُ ڏِس!
    اکين جي آکيري ۾
    ورهين کان اوجاڳيل
    ڇورا ڇنا خواب!
    اڄ به منهنجي ننڊ
    خوابن جا ٻچا ڄڻي رهي آهي
    ۽ مان!
    ساڀيائن جي تلاش ۾ نڪتل آهيان!


    اکيون

    اکيون
    حسين خوابن جون....
    هاسٽلون لڳنديون آهن
    اهڙيون ئي هاسٽلون....
    جتي يونيورسٽين جا ڇورا
    ڊگريون وٺڻ کانپوءِ
    پنهنجون ننڊون رکي ويندا آهن
    جن جون محبوبائون
    سندن اکين ۾ اوجاڳا ٽنگي
    پکين جيان اُڏامي وينديون آهن.


    خط

    جڏهن کان تون کنڀجي ويو آن
    تنهنجي وني
    روز تولاءِ ڪانگ اڏائي ٿي
    تنهنجو موبائيل به بند آهي
    هُن
    سفيد ڪبوتر جي وات ۾
    تو لاءِ هڪ خط وجهي موڪليو آهي
    اهو ضرور پڙهجانءِ.
    هن لکيو آهي:
    اي منهنجا محبوب!
    ڌرتي ماءُ سان ڪڏهن به دوکو نه ڪجانءِ
    مون پنهنجون چوڙيون ڀڃي ڇڏيون آهن
    لڄَ کي ڪارو لباس اوڍايو اٿم
    اکين روئي رَڄُ ڪيو آهي
    سڀ خواهشون ڳوڙهن جي سمنڊ ۾ لُڙهي ويون آهن.
    اي منهنجا محبوب!
    تون منهنجي ڳڻتي نه ڪر
    سنڌڙيءَ تي وارجي وڃجانءِ
    تنهنجو لاش
    منهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ تنهنجي پُٽَ لاءِ
    نئين صبح جي نويد کڻي ايندو
    مون کي منهنجي لڄَ جو قسم!
    مان تنهنجي پٽ کي
    رڳو ان لاءِ پالي تاتي وڏو ڪنديس ته
    هو به تو جيان
    ڌرتيءَ جو دودو بڻجي
    دشمن جا سينا چيري
    ۽
    آزاديءَ جو پروانو بڻجي وڃي.


    سنڌ پرست جو لاش

    اجرڪ جي ڪفن ۾ ويڙهيل
    هُنَ جو لاش
    هڪ ديش ڀڳت جو آخري سفر آهي
    هيءُ ماتم زده گهٽيون ۽ رستا
    بهارن جا سُڏڪا
    دل ڏاري روئيندڙ ماڻهو
    سنڌ دشمنن تي وڏو لعنتاڻو آهن
    اجرڪ جي ڪفن ۾ ويڙهيل
    هي سنڌ پرست جو لاش
    مَرڪي ۽ مُرڪي چوي ٿو:
    نيٺ ته فتح اسان جي ٿيندي.


    آءُ ني!

    او پدمڻي!
    پنهنجي ڊگهن وارن کي
    سَڳين ۾ قيد نه ڪندي ڪر
    هٿن کي ميندي هڻين ته
    لاهيندي نه ڪر
    ائين لڳندو آهي ته
    سورنهن ئي سينگار تنهنجا آهن
    توکي ڏسي محسوس ٿيندو آ ته
    هيءَڪائنات تولاء ئي خلقي وئي آ
    تون ننڊ ڪرين ٿي ته ڄڻ
    دنيا ننڊ ڪري ٿي
    ۽ تون جاڳين ٿي ته
    ڪائنات ٿي جاڳي.
    او پدمڻي!
    تنهنجي نخرن ۾
    تنهنجي رُسامن ۾
    عجيب لذت آ.
    او پدمڻي!
    هاڻي ڇڏ کڻي،
    آءُ ني.!


    اي الفرڊ

    تنهنجي ايجاد
    دنيا کي اڄ به
    ٽِياس تي ٽَنگي رکيو آهي
    ناگاساڪي ۽ هيروشيما جو روح
    اڄ به رڙي رهيو آهي
    دنيا ۾جتي جتي به،
    نفرت جو ٻج پوکجي رهيو آهي
    سڀاڻي لُڻبو به
    ايندڙ نسل نه ڄاڻ ڪيئي صديون
    بارود جي ڍير تي گذارينديون
    تنهنجا بم
    اڄ به ڏهڪاءَ جي علامت بڻيل آهن
    تنهنجا هي امن جا نوبل انعام
    توتان اهو داغ ڪڏهن به لاهي نه سگهندا.


    لطيف سان معذرت

    چندي جون پيتيون
    اوڪارا ڏئي رهيون آهن
    درگاهن تي اٻوجهن جا انبوهه
    فرش تي ليٽيل نارين جا
    اڌ اگهاڙا وجود
    حوسي ماڻهن جون ننگيون نظرون
    ”تمراڻي راڳ“ تي اڍائي ماڻهو
    ۽ زناني ڪرتب تي پيهه
    ماڻهو درگاهه جي احاطي ۾ پيل مِٽيءَ کي
    مقدر سمجهي پنهنجي وات ۾ وجهن ٿا
    سڄو لقاءُ ڏسي
    لطيف جو مٿو چڪرائجي ٿو وڃي
    درگاهه جي اڱڻ ۾
    لطيف ائين ٿو ڊوڙون پائي
    جيئن بيبي حاجران “صفه مروه” تي ڊوڙي هئي
    لطيف پُٽ ڏي
    لطيف من جي مراد پوري ڪر
    لطيف عرض اگهاءِ
    لطيف جوڙيوال ڏي
    ماڻهن جون صدائون ٻڌي
    لطيف ڦاسي پيو آهي
    هُو وري وڃي چادر پائي
    سمهي پوي ٿو
    روز رات جو لطيف جو روح،
    ڪي گهڙيون ساهه کڻڻ لاءِ،
    نڪري ويندو آ ٻاهر،
    لطيف سوچيندو آهي:
    مون هِنن لاءِ پئي بيت لکيا!


    چندي جون پيتيون

    مسجدن ۾ پيل
    چندي جون پيتيون
    مُلان جي ڀِڀَ ڀرڻ لاءِ آهن
    يا مولا!
    توکان وڌيڪ پئسن جي ضرورت
    انگ اگهاڙن ماڻهن کي آهي
    پنهنجي ماڻهن کي اچي سمجهاءِ ته
    اُهي چندا پيتيون ڀرڻ بدران
    غريبن جو پيٽ ڀرين.


    تهذيب

    موهن جو دڙو
    ڪاهوءَ جو دڙو
    رني ڪوٽ
    ڪوٽڏيجي
    اروڙ جا اجڙيل نشان
    ڀنڀور
    مڪلي جو قبرستان
    اهي سڀ اسان جي تهذيب جا وڃايل پيرا آهن
    پنهنجي اُجاڙ کي
    هزارين سالن جي تهذيب جو نالو ڏئي ڊاڙون هڻڻ
    ائين آهي
    جيئن پنهنجي ماءُ کي ڪاِري ڪري مارڻ
    ۽ وري پاڻ کي غيرتمند چوڻ
    جيڪڏهن ايترو غيرتي آهين ته:
    پنهنجي اُجڙيل تهذيب کي ساڳي اوج ۾ زندهه ڪري ڏيکار
    پنهنجي قوم کي واپس پيرن تي بيهاري ڏيکار
    دنيا کي ٻڌاءِ ته
    اسين سنڌي!
    اُجڙي وري اُسري سگهڻ جي سگهه رکون ٿا
    اسان ڪِري وري اُٿي سگهون ٿا
    اسان دنيا سان گڏ هلي سگهون ٿا
    اسان دنيا سان گڏ بيهي سگهون ٿا.


    اي عشق

    اي عشق !
    تون مون تي رحم ڪر
    مان سائنس ٿو پڙهڻ چاهيان
    مان ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ وڃڻ ٿو چاهيان
    ۽ تون....!!
    واعدن ۽ اقرارن جي زنجيرن ۾
    قيد نه ڪر مونکي
    مان!
    سائنسي تجربا ڪرڻ ٿو چاهيان
    تون مونکي شيرين فرهاد جي محبت جا فلسفا نه پڙهاءِ
    مان نئون روبوٽ تخليق ڪرڻ ٿو چاهيان
    مونکي شعرن جي دنيا ۾ وٺي نه وڃ.
    اي عشق!
    منهنجي پَچَرَ ڇڏ
    مونکي درگاهن جا چڪر نه ڪٽراءِ
    ڌاڳن ڦيڻن جي دنيا ۾
    آستانن ۽ مئخانن ۾ نه وڃاءِ مونکي
    اي عشق!
    مان ايڪيهين صدي جو نوجوان آهيان
    مونکي سائنسي دؤر ۾ ساهه کڻڻ ڏي
    دنيا ڏسڻ ڏي
    جيئڻ ڏي
    مان اُڏامڻ ٿو چاهيان
    منهنجا پَرَ نه پَٽُ
    وڃ،
    وڃي ڪنهن واندي جو پاسو وٺ.


    ننڊ

    اڄ منهنجي ننڊ جي پهرين ورسي آهي
    سال ٿي ويو آهي تنهنجي رُسڻ کي
    جڏهن کان تون رُٺي آهين
    اکين خواب ڏسڻ ئي ڇڏي ڏنا آهن
    او رُٺل ماڻهو!
    اچ،
    منهنجي اکين ۾ خوابن جي نئين جوت جلائي وڃ.


    برانڊ

    هو نِرڙ تي
    مسلماني جو اشتهار هڻي گهمندو آهي
    شرابي دوستن سان شرابي
    زانين سان زاني
    ۽ جوارين سان جواري
    سندس شخصيت جون پوشيده خوبيون آهن
    منشيات ۽ ڪوڙ جي ڪاروبار جو چيمپئن آهي
    هتي جا ماڻهو
    هونئن به وڏين گاڏين جا سلامي آهن
    شرافت جا معيار
    هاڻي تبديل ٿي چڪا آهن
    ۽ مان اڌ چرياڻ!
    آدرشن جا لاش ڪلهي تي کڻي
    هاڻي ٿڪجي پيو آهيان
    اها ڳالهه ڇو نه ٿو سمجهان ته
    هاڻي اسان جو کٽارا شرافتي برانڊ نه هلندو.


    ملامت

    منهنجو ضمير
    ملامتي آهي مونتي
    منهنجي “خاموشي” نندي رهي آهي مونکي
    مان!
    جيڪو چَپَ سِبي ويٺل آهيان
    هڪ زندهه لاش جيان
    ڏِسي رهيو آهيان
    هي ديس ڪُتن جي چڪ ۾ آهي
    ڪُتي چڪيل معصومن جا لاش
    ۽ گڏهه گاڏي تي پيل بيمار” نوران“ جون بيوس اکيون،
    پري کان بُجا ڏئي رهيو آهن مونکي
    ۽ مان پنهنجي ڌُنُ ۾ گم آهيان
    ڇو ته مان ڪائنر آهيان
    ڊڄڻو آهيان
    ۽ گيدي آهيان.


    آسمان جا تارا

    رولاڪي
    مون بادلن کان سِکي آهي
    آسمان جا تارا
    ڪندا آهن مونسان ڳالهيون
    ”چنڊَ چهرو“ غرور آ منهنجو
    بيقراري ۽ بيچيني
    عشق ڪنديون هن مونسان
    آسمان جا تارا ڳڻي سگهندين؟!
    منهنجا درد به ڳڻي نه سگهندين!
    بادلن کي روڪي سگهين ٿو؟!
    مونکي به روڪي نه سگهندين!
    تنهنجي ڳِٽن جي چُگهه جو قسم!
    مان،
    ٻنڌڻن ۾ قيد ٿيڻ وارو ناهيان
    مونکي ڇڏ
    ۽ منهنجي واپسيءَ جو انتظار ڪر!


    سکڻي ڪُني

    هُن کي
    سکڻي ڪُني ۽ ڏوئي ءَ سان پيار آهي،
    ڇو ته هوءَ
    پنهنجي ٻارن کي
    سَکڻي ڪُني ۽ ڏوئيءَ جي موسيقي تي
    لوري ڏئي ننڊ ڪرائيندي آهي.


    ڪاري تنهنجي سوچ

    ڪاري ته رات آهي
    ڏوهي ته سج آهي
    ڪارو ته چنڊ آهي
    ۽ ڪارو تنهنجو مَنُ آهي
    ڪاري تنهنجي سوچ آهي
    اي ڪمبخت!
    پنهنجي ڀيڻ نه مار!
    پنهنجي ماءُ نه مار!
    پنهنجي زال نه مار!
    پنهنجي ڌيءُ نه مار!


    عجب اضطراب

    مان
    عجب اضطراب جي ڪيفيت ۾آهيان !
    ڪيئي سوال هن مون ۾
    جن جو ڪو جواب ئي ناهي
    منهنجو نِردئي مَنُ
    چين کان پري ٿو ڪري مونکي
    مونکي اڪيلائي سان عشق آهي
    مراقبي ۾ آهيان مان
    صحرا مونکي سڏي رهيو آهي
    سسئيءَ جو سُور آهيان مان
    منهنجي دل جي سُهڻي
    درياهه جي دهشت لاءِ سِڪي مُئي آهي
    مومل جيان ڀورائيءَ ۾
    مان پنهنجو وجود
    اهنجن ۾ وجهي ڇڏيو آهي
    شامي ٻارن جا لاش
    ڪشميرين ۽ فلسطينين جون چيخون
    مظلومن جا سَڏَ
    نه ڄاڻ!
    ڪڏهن کان گونجن ٿا منهنجي ڪنن ۾
    مونکي هن پاتال مان ڪڍو
    منهنجو ساهه ٿو مُنجهي
    مان اڄ جو انسان
    امن ٿو چاهيان
    مونکي جيئڻ ڏيو.
    مونکي جيئڻ ڏيو.


      چري

    هُن جو دامن
    ليڙون ليڙون آهي
    هن جا چاڪَ
    چِڪي رهيا آهن
    هن جون اکيون
    اوجاڳن ۾ ڳاڙهيون آهن
    هُن جا چپ
    سُڪي ويا آهن
    هُن جا اُرهه مروڙجي موهه وڃائي چڪا آهن
    بس رڳو هن جو پيٽ ٻاهر نڪري آيو آهي
    هوءَ چري آهي
    ۽ هُن جي چوليءَ کي،
    شهر جي ڇوڪرن
    ائين داغدار بڻائي ڇڏيو آهي
    جيئن چنڊ کي داغ آهن.


    او سامراج!

    او سامراجَ!
    منهنجا ڳڀرو تون شايد ان لاءِ کَنڀين ٿو
    جو تنهنجو ڪُڙم،
    کَدڙن جو ڪُڙم آهي.
    تنهنجي اجهل عورتن کي
    حوس پوري ڪرڻ لاءِ
    منهنجي ڳڀروئن جا جوان “رانديڪا” کپن ٿا.


    او دولابي

    جنهن ڌرتيءَ جو،
    اَنُ ٿو کائين
    جنهن سنڌوءَ جو،
    پوتر پاڻي
    اڃ اجهائڻ لاءِ پيئين ٿو
    ان ئي ڌرتيءَ جي پُٺ ۾
    تون روز نوان خنجر ٿو کوڙين
    او دولابي!
    هڪڙو چڪلو
    تنهنجي من ۾ آهي
    ڌرتيءَ سان دولاب ڪرين ٿو
    تون پنهنجو پاڻ سان ريپ ڪرين ٿو.


    شڪاري!

    رولو ڪتن جيان
    هُن جون نگاهون
    شهر جي چوڪ تي بيهي
    روز شڪار تلاشينديون آهن
    ائين،
    جيئن،
    بُکيا ڪتا
    ماس- هڏو تلاش ڪندا آهن
    ناري ڇا لنگهي؟!
    هن جون نظرون اُرهن کان ٿينديون،
    پيٽَ، دُنَ ۽ دُنَ کان هيٺ تائين کُپي ويون،
    پُٺيرڪي ٿي ته سندس نظرون
    بدن جي موهه ۾ ڦاسي پيس
    چال مان چَسُ وٺندو
    کيس نظرن ئي نظرن ۾
    اڌ اگهاڙو ڪري چڪو!
    ويجهو وڃي،
    هن جڏهن سَٽَ ڏيئي سندس برقعو لاٿو ته
    سندس پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي،
    ڇوڪري ته سندس ڌيءُ نڪتي!!


    ڪاري ياد

    رات جا رستا لتاڙي
    مون وٽ،
    پهتي آهي هُن جي ياد!
    ماڻهن جو وس پُڄي ته،
    کيس ڪاري ڪري مارين.


    وچن ڪر

    تون ايترو غيرتي آهين ته،
    وچن ڪر،
    جيستائين پنهنجي ڪنواري ڀيڻ کي
    نه اٿاريندين
    سڀ لذتون توتي حرام آهن
    ايتري قدر جو
    زال سان به نه سمهه!


    چمين جا پوپٽ

    هو روزانو
    هڪ وڻ هيٺيان ويهي
    سوچيندو آهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ
    هي اهو ئي وڻ آهي
    جتي بيهي سندس ماءُ
    کيس اسڪول وڃڻ لاءِ
    الوداع ڪندي هئي
    ۽ ”فلائنگ ڪِس“ اڏاري کيس چوندي هئي:
    اهي ”چمين جا پوپٽ“ اٿئي...
    هُو اسڪول ويندي ويندي
    رستي تي جڏهن پوپَٽَ اڏامندي ڏسندو هو
    سمجهندو هو ته
    اهي سندس ماءُ جون چمُيون آهن
    اڄ به هو اُن وڻ هيٺان روز....
    چمين جا پوپَٽَ پڪڙڻ ايندو آهي.
    پر هاڻي نه سندس ماءُ آهي نه اهو گهَرُ،
    ٻوڏ سندس زندگي جي نون المين کي جنم ڏئي چڪي آهي.


    اعزاز

    چُمين جا پوپٽ
    منهنجي چپن تي
    ڳَلن تي
    سيني تي
    ساهَن تي
    ائين ڊُڪن ۽ ڊوڙن ٿا
    ڄڻ اهي ڪنهن باغ ۾
    گُلڙن جو رَسُ چوسيندا هجن
    تنهنجون ڏنل چُميون
    منهنجو شناختي نشان بڻجي ويون آهن.
    ۽ تنهنجا ڀاڪُرَ،
    منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهن.


    بي غيرتي

    هُن،
    پنهنجي نابالغ ڌيءُ
    هڪ اهڙي شخص سان پرڻائي آهي
    جنهن جو هڪ پير قبر ۾ آهي!
    ۽ هُن پاڻ
    ڌيءُ کان به ننڍي نينگرِ سان
    ڪيو آهي نڪاح!
    بي غيرتيءَ کي ٻيو ڀلا ڇا سِڱ ٿيندا آهن.!؟


    ٿرياڻيءَ جو درد

    هُن جو وُجود
    صحرائن جي گهيري ۾ آهي
    سَنهڙِي سيپڪڙي
    لانئون لهڻ وقت سندس دل ۾
    بَهارَ ڦُٽي پئي هئي
    ڪُکِ سائي ٿيس ته
    هُن جي اُماس ۾
    روشنين جو شهر اڏجي ويو
    کيس پٽ ته ڄائو
    پر هوءَ پاڻ مري وئي
    چون ٿا
    خوراڪ نه ملڻ سبب ڪمزور ٿي وئي هئي
    هُن جو وجود
    ويم جي سورن ۾ ئي ڊهي پيو هو
    هُنَ جي ڇاتي سُڪي وئي هئي
    هن جو ٻار کير لاءِ رڙي رڙي مري ويو
    ۽ ماءُ پُٽ جا لاش
    حڪمرانن کي ڀونڊو ڏئي رهيا هئا.


    مرشد!

    معصوم مريدياڻين جي
    عزتن کي نيلام ڪندڙ مرشدَ!
    ڇا پنهنجون زالون؟
    مريدن کي لِکي پَڙهي ڏيندا.


    محبت جو نشو!

    تنهنجي هڪ چُمي
    اڪيلائيءَ جي سموري زندگيءَ تي ڀاري آهي
    تنهنجا ٻئي چَپَ
    سنڌوءَ جا ڪَپَ آهن
    آئون تنهنجي اکين جي سمنڊ ۾
    غوطا کائڻ جو هيراڪ آهيان
    پر تون سمجهين ٿي ته :
    آئون شرابن جو هيراڪ آهيان
    پَڪَ ڄاڻ
    مونکي تنهنجي محبت جو نشو آهي.


    غدار

    او سنڌ جا غدار!،
    توکان ته
    ”ڪُتي جي قبر” چڱي آهي
    گهٽ ۾ گهٽ
    ماڻهو اتي گهمڻ ته وڃن ٿا.
    تنهنجي قبر ته ماڻهن لاءِ سِڪي مرندي!!


    عشق

    تنهنجي اکين ۾
    پوپَٽَ جا رَنگَ آهن
    مينديءَ جي خوشبوءِ
    تنهنجي مَنَ ۾ مَهڪِي رَهي آهي
    تنهنجا ٿَڌا ساههَ
    ان ڳالهه جي گواهي آهن ته
    توکي هاڻي عشق ٿي ويو آهي.


      انتظار

    هُنَ
    منهنجي اکين ۾
    انتظار جا سوئا ٽُنبي ڇڏيا آهن
    وڇوڙو
    آريءَ جيان
    منهنجي وجود کي چيري رهيو آهي
    هُن کي چَئو
    منهنجي دل جي هر ڌَڙڪن ۾
    ساهه جي هر سَهڪي ۾
    هر پلَ جي پُڪار ۾
    صرف تون ئي تون آهين
    مون کي اڄ ڀي هُن سان
    بي انتها پيار آهي
    جنهن، منهنجي اکين ۾،
    انتظار جا سوئا ٽُنبي ڇڏيا آهن
    کيس چئو ته:
    آئون آخري هڏڪي،
    هُن جي ڀاڪر ۾ کڻڻ چاهيان ٿو.


    فقيرياڻي

    تنهنجي ڦاٽل چولي
    تنهنجي اُجڙيل جيوَن جي
    ڪهاڻي ٻڌائي رهي آهي
    اي فقيرياڻي!
    تنهنجو ميرو چهرو
    شهر جي سفيدپوشن جو پٽڪو لاهڻ لاءِ ڪافي آهي.


    تون ئي تون

    ڪئمپس
    ڪاريڊور
    ڪلاس روم
    ڪينٽين
    سيمينار لئبريري
    سي ايل
    زيرو پوائنٽ
    مارئي هاسٽل
    پوائنٽ
    هيٺ
    مٿي
    هيڏي
    هوڏي
    اُف الله!
    جاڏي ڪاڏي
    تون ئي تون نظر ٿي اچين
    ڪٿي مان چريو ته نه ٿي ويو آهيان؟!.


    تنهنجو بدن

    تنهنجو بدن
    چيڪِي مٽيءَ جهڙو آهي
    جنهن کي جيترو ڳوهجي ٿو
    خوشبوءِ سان واسي ٿو ڇڏي اوترو.
    تنهنجو بدن
    سنڌوءَ جي لَهرن جهڙو آهي
    جنهن جي هر لَهرَ ۾ عجيب آتش آهي.
    تنهنجو بدن
    اياز جي ڪُل شاعريءَ جهڙو آهي
    جنهن جو ڪو انت بحر ئي ڪونهي
    تنهنجو بدن
    بخاريءَ جي گيتن جهڙو آهي
    الهڙ ۽ پُر ڪيف،
    تنهنجو بدن،
    امدادَ جي نظمن جهڙو آهي
    باغي.
    تنهنجو بدن
    سنبارا جهڙو آهي
    جنهن مان
    منهنجي اجڙيل خوابن جي تاريخ ليئا پائي رهي آهي.


    منهنجو عشق

    منهنجو گهر
    ڪچو ضرور آهي پر،
    منهنجو عشق
    پڪو آهي
    رني ڪوٽ جي ديوارن جيان
    جيترو پراڻو ٿيندو
    اوترو ان تي تحقيق جي گهرج وڌندي.


    تنهنجون اکيون

    تنهنجي اکين ۾
    تنهنجي غربت جي تصوير
    ائين نَنگي ٿي بيٺي آهي
    جيئن لاڏائن جي ڀونگين تي ٽَنگيل
    ڦاٽل رلي ءَ مان،
    هُنن جي ماين جي حُرمت!


    تنهجون يادون

    منهنجي مَنَ ۾
    تنهنجون يادون
    ائين سنڀالي رکيل آهن
    جيئن
    سنڌالاجي ۾
    سنڌ جي تاريخ....


    قلم

    منهنجو قلم
    شاهه عنايت جو نعرو آهي
    سُقراط جو سچ آهي
    منهنجو قلم
    هوشوءَ جي هشمت آهي
    دودي جي غيرت آهي
    دولهه دريا خان جي دليري آهي
    منهنجو قلم
    مخدوم بلاول جو ظرف آهي
    جيڪو سِر ته ڏئي سگهي ٿو
    سودو ڪري نه ٿو سگهي
    اهي ماڻهو،
    جيڪي پنهنجو قلم وڪڻن ٿا،
    دراصل اهي،
    پنهنجو پاڻ سان ريپ ڪن ٿا.


    تنهنجا ٽهڪ

    تنهنجا ٽهڪ
    ٻيجل جي سُرن جهڙا آهن
    جڏهن به گونجن ٿا
    دل چوي ٿي ته
    سِرُ لاهي
    تنهنجي قدمن ۾ رکي ڇڏجي.


    منهنجي غربت

    منهنجي غربت
    مارئي جي غيرت جهڙي آهي
    جنهن کي اڄ ڏينهن تائين
    ڪو به عُمَر
    خريد ڪري ناهي سگهيو.


    حساب

    تنهنجون اکيون آهن
    يا
    الجبرا جو ڪو حساب؟!
    جنهن کي جيترو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو
    ڦاسندو ٿو وڃان.


    موبائيلي عشق

    پِرين ڏانهن خط کڻي ويندڙ
    پکين جو نئون نسل
    بيروزگار ٿي ويو آهي
    موبائيلن
    گهڻن وچ وارن جو ڌنڌو
    ٺپ ڪري ڇڏيو آهي
    اڄ جو عشق
    موبائيلن جي بيٽري تي جيئندو آهي.
    ڪلاسيڪي محبت جون ڪهاڻيون
    سردخاني ۾ پيل آهن.
    ماڻهن کي ڪهڙي خبر ؟
    قصور عشق جو نه
    دور جو آهي.
    عشق ۾ تڙپ
    محبت ۾ انتظار
    انتظار ۾ بيقراري
    بيقراريءَ ۾ بيچيني
    بيچيني ۾ سِڪَ
    ۽ سِڪَ ۾ جُستجو
    پراڻي عشق جو نَصاب آهن
    اڄ جو جديد عشق
    نه تڙپائي ٿو
    نه انتظار ٿو ڪرائي
    هي موبائيلي عشق جو زمانو آهي
    جنهن جي نصاب ۾
    تڙپ
    ۽ اوجاڳن جو باب آهي ئي ڪو نه
    اڄ هِڪَ
    سڀاڻي ٻِي
    ٻي ڏهاڙي ٽئين ۽ پوءِ...
    ڇا جو عشق...ڇا جي چاهت؟...
    مون ته مذاق پئي ڪئي.....!


    واپاري

    نياڻين کي ٽَڪَن تي نيلام ڪندڙ
    او گوشت جا واپاري!
    ڇا توکي تنهنجي ماءُ
    ڪوٺي تي ڄڻيو هو.


    الاءِ ڇو؟

    الاءِ ڇو؟
    زوريءَ پرڻايل نارين جا
    نڪاح ناما،
    مونکي زَنا جا پرمٽ سرٽيفڪيٽ لڳندا آهن.
    الاءِ ڇو؟
    حق بخشايل نياڻيون،
    سماج جي مُنهن تي
    ٿُڪ اڇلائيندي محسوس ٿينديون آهن.
    الاءِ ڇو؟
    حويليءَ مان اُٿندڙ ،
    ڪنوارين جون پڪارون،
    اڄ به وڏيرن جي ڪوٽن جي،
    ڪُنگرين ۾ڦاسي پون ٿيون.


    لاش

    ڍير تي پيل ٻارَ جو،
    اڌ ننگو لاش،
    رڙيون ڪري چوي ٿو ته:
    هي ڪوفي جو شهر آهي ،
    ۽ هوُ،
    يزيد جا پٽ هئا.


    ڪُتا

    ڪالهه
    شهر جي سڀني ڪُتن
    احتجاج ڪيو
    ان شخص خلاف
    جيڪو سنڌ سان رو ز غداري ڪري ٿو
    ۽ روز وفا جي هام به هڻي ٿو
    ڪُتا،
    وفا جو نانءُ بدنام ٿيندي نه ٿا ڏسي سگهن.


    ماڻهو

    منهنجي شهر جا ماڻهو
    انڌا
    گونگا
    ۽
    ٻوڙا آهن
    هِنن کي
    منهنجا سُڏڪا ٻڌڻ ۾
    ڳوڙها ڏسڻ ۾
    ۽ جذبا
    سمجهه ۾ نه ٿا اچن.


    سَچُ

    منهنجو سچ
    تنهنجي شهر ۾
    ائين تماشو بڻجي ويو
    جيئن
    نرتڪي ميلي ۾.


      وڏيرو

    ڳوٺ جي اڌ ماين سان،
    هُن جي ياري آهي
    هُن جي زال وري
    گهر جي نوڪرن جو سُکُ
    وڏيرا!
    وقت جي انتقامَ کي ٻيو ڪَنَ ٿيندا آهن؟!
    سُڌري وڃ.


    ضمير فروشي

    هوءَ رنڊي آهي
    گوشت جي بازار ۾
    پنهنجو تَنُ مَنُ وڪڻي ٿي
    هوُ
    چونڊيل نمائندو آهي
    سياست جي بازار ۾
    ضمير وڪڻي ٿو
    ضمير فروشي
    جسم فروشي کان وڏو ڏوهه آهي.


    ڪُتي جو پڇ

    ڪُتي جو پُڇُ
    ڪڏهن به سڌو ناهي ٿيندو
    او وڏيرا
    او ڀوتار
    او مير
    او پير
    سنڌ جي پٺيءَ ۾ خنجر نه کُپاءِ
    مان روز ٿو توکي چوان
    تون پوءِ به نه ٿو مُڙين
    شايد،
    تون ڪُتي جو پُڇُ آهين
    ۽ ڪُتي جوپڇ،
    ڪڏهن به سِڌو ناهي ٿيندو.


    ڀوتار

    اليڪشني ڀوتار
    ۽
    ڪُتي جي پڇ ۾
    ڪو به فرق ناهي
    هُن کان ته
    رَنڊي ڀلي
    گهٽ ۾ گهٽ
    ديس ته نه ٿي وڪڻي.


    بازار

    ووٽن جي بازار لڳي آ
    گهڻن ماڻهن پوش خريد ڪيا آهن
    سنڌيت جو پوش
    سستو ٿو وڪامي
    هر ماڻهوءَ پنهنجي چهري تي
    سنڌ دوستيءَ جو بئنر هڻي ڇڏيو آهي
    خبردار!
    هن ڀيري غلطيءَ جي ڪا به گنجائش ناهي.


    اي ڀٽائي!

    اي ڀٽائي!
    تون ڌرتيءَ کي چيري
    ٻاهر نڪري آءُ
    هو تنهنجي قبر کي
    روز نيلام ٿا ڪن
    تنهنجو پيغام اهو ناهي،
    جيڪو ٻڌايو پيو وڃي.


    ڪاري

    شاديءَ جي رات
    پنهنجي بستر تي
    ڳاڙهو رنگ هاري
    هُن بچائي ورتو پاڻ کي
    ڪاري ٿيڻ کان....!!


    ڀاڪُر

    تنهنجي ڀاڪُر بنا
    هر موسم
    سرديءَ جي موسم آهي
    تون گڏ آهين ته
    هيٽر جي ڪا به ضرورت ناهي.


    پگهار

    هُن جو پيءُ
    هُن جي پگهار تي ڇوڪرا پاليندو آهي
    ميلا گهمندو آهي
    ۽ مُڇ کي وٽ ڏيئي
    شهر جي هوٽل تي،
    بغل ۾ سهڻا ڇوڪرا ويهاريندو آهي
    ۽ ها!
    هڪ ٻيو ڪم به ڪندو آهي
    پنهنجي جوان جماڻ ڌيءُ لاءِ ايندڙ رشتا
    ٺُڪرائيندو آهي.


    پاڙي جو سُک

    اڇي ڏاڙهيءَ ۾ اٽو خراب ٿيو آهي ،
    هُن جو،
    اَسي ۾ سندس مت کَسِي آهي
    وارن کي خضاب هڻي
    حڪيم کان ڪَکَ وٺي
    هو سمجهي ٿو ته:
    چوٿين شادي هن جي کاٻي هٿ جو کيل آهي
    هو نه ٿو سمجهي
    هِنَ عُمر ۾ سندس شادي
    پاڙي جو سُکُ آهي.


    شرم ڪر

    ڄاڻان ٿي
    گرلس ڪاليجن جي رستن تي
    تون ڇوڪرين پٺيان
    سڄو ڏينهن ٿُڪون چَٽيندو آهين
    ۽ گهر ۾ اچي
    مونتي رعب ڄمائيندو آهين
    بهانن سان ماريندو آهين
    ”مانيءَ ۾ لوڻ ڪونهي ڪو“
    نمڪ مانيءَ ۾ نه پر تو ۾ ڪونهي
    شرم ڪر
    مان تنهنجي وڏي ڀيڻ آهيان
    جنهن کي تو گهر ۾ ويهاري ڇڏيو آهي.


    اي خدا!

    اي خدا!
    منهنجي پيءُ جي عقل تان پردا هٽاءِ
    هو مونکي ان لاءِ نه ٿو پرڻائي
    جو هو،
    منهنجي پگهار تي ٺٺَ ڪري ٿو
    خواهشن کي گُهٽا ڏيندي ڏيندي
    هاڻي اڌ_پوڙهي ٿي وئي آهيان
    مونکي چاندي وارن جو قسم!
    اڃا ته سَتُر رکيو پئي اچان
    پنهنجيءَ تي آيس ته
    هِنن کي پينگها پنائي ڇڏينديس.


    هُو

    هُو،
    جيترو سُريتون ويهارڻ جو شوقين آهي
    اوترو ئي،
    نياڻيون ويهارڻ جو به.....!


    رانگ نمبر

    او مذهب جا ٺيڪيدار!
    مون کي تنهنجي
    اسلامائيزيشن قبول ناهي
    او مُلان!
    مان وقت جو سچل آهيان
    ڀلي مون تي فتوائون جاري ڪر
    او يزيد!
    مان وقت جو حُسين آهيان
    ڀلي منهنجو سِرُ قَلم ڪر
    او فرعون!
    مان وقت جو موسيٰ آهيان
    ڀلي مونکي آڙاهه ۾ اڇلاءِ،
    او ظالم!
    مان وقت جو بلاول آهيان،
    ڀلي مون کي گهاڻي ۾ پيڙهه
    مان وقت جو عنايت آهيان
    ڀلي مونکي ڦاهي ڏي
    مان وقت جو سُقراط آهيان
    ڀلي زهر جو پيالو پيار
    پر ها!
    هڪ ڳالهه ٻُڌي ڇڏ
    مان تنهنجي آڏو نه جهڪندس،
    تون هن دور جو
    سڀ کان وڏو رانگ نمبر آهين.


    ڪاش!

    هُن کي وري
    چريائپ جو دورو پيو آهي
    انڌن جي شهر ۾
    آئينا ٿو وڪڻي
    ڪاش!
    غيرت جون به ڪي گوريون هجن ها
    انهن کي کارائجن ها
    جيڪي پنهنجن جي پٺُ ۾
    ڇرو هڻندي به دير نه ٿا ڪن.


    ڳوڙها

    ڳوڙها
    منهنجي ڳَلَ تان
    ائين ڳڙي پيا
    جيئن برسات ۾
    منهنجو ڪچو گهَرُ.


    پوڙهو مڙس

    هُن جا پوڙها
    ڏڪندڙ هٿَ
    منهنجي جسم جو اڌ طواف ڪري
    ٿڪجي ٿا پون
    هُن جي سرد جسم کي
    ورهين کان گَهري ننڊ آهي
    آئون پنهنجي جذبن کي
    ننڊ جون گوريون ڏئي سمهاريندي آهيان
    ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان
    مون کي منهنجي پيءُ
    هِن پوڙهي سان ڇو پرڻايو؟!.


    هُن جو جسم!

    هِن
    جسم جي جنهن حصي کي
    18 سال وڏي نفاست سان سنڀالي رکيو
    هُن
    18 منٽن ۾
    سندس اَنگُ اَنگُ ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيو،
    چون ٿا
    ڳوٺ جي وڏيري جو پٽ آهي
    چوندو ٿو وتي
    ”منهنجو ڳوٺ، منهنجا ماڻهو، منهنجي مرضي“.


    اکيون

    منهنجون اکيون
    ڪنهن غريب جي ڪچي گهر جيان
    ٽِمنديون آهن
    فرق صرف اهو آهي ته اُهي تنهنجي ياد ۾
    ۽ هُو برسات ۾.


    تحفا

    ڳوڙها
    انتظار
    بيوسي
    بي خودي
    سارون
    هي سڀ
    تنهنجا ئي ته ڏنل تحفا آهن.


    اي سنڌ!

    هُن جو رَتُ
    سفيد ٿي ويو آهي
    اي سنڌ!
    تنهنجا درد
    هاڻي هِن کي
    نظر نه ٿا اچن.


    پاڇو

    مان
    پنهنجي ذات ۾
    تنهنجو پاڇو آهيان
    تنهنجو پاڇو
    پنهنجي ذات ۾
    مان ئي ته آهيان چري


    انتظار

    تو چيو هو ته
    تنهنجو منهنجو پيارُ
    ڪنهن مُندَ جو محتاج ناهي
    اي وعده فروش!
    هيءَ ڪهڙي مند آهي
    منهنجو انتظارکُٽي ئي نه ٿو.


    زندگي

    تو چيو هو ته
    ” تون منهنجي زندگي آهين“
    پوءِ آخر ڇو؟
    تو پنهنجي هٿن سان
    مونکي گُهٽو ڏئي ماري ڇڏيو.


      پڪ ڏي

    اي محبوب!
    تون رڳو
    پُڇڻ لاءِ اچڻ جي پڪ ڏي
    مان اهڙو بيمارٿي ٿو پوان
    جو ڪڏهن به خوش نه ٿيان
    ۽ لطيف جيان،
    اها ئي دعا گهران ته:
    ويڄ م ٻُڪي ڏي،الا! چڱي م ٿيان،
    سڄڻ مانَ اچي ڪَرَلاهُو ٿي ڪڏهين.


    ڊائري

    تنهنجي ڊائري مان
    تنهنجي مُئي پُڄاڻان
    ڪومائجي ويل گُلُ
    ڪجهه سڏڪا
    سَناٽو
    ٽُٽل چوڙيون
    ڪارو ڌاڳو
    ۽ هڪ چِٺي ملي آهي
    جنهن ۾ تو لکيو آهي ته:
    ”هِنن منهنجو حق بخشرايو آ
    مون کي اهو قبول ناهي“.


    اي ٽي ايم

    هوءَ سامائي ته
    سڄوڳوٺ چريو ٿي پيو
    هُن جي سُڃن مائٽن،
    هُن کي ” اي ٽي ايم“ سمجهي ورتو
    هُن جا خواب
    پڙيءَ ۾
    روز ائين نيلام ٿيا
    جيئن چَڪلي ۾ ڪا رنڊي.


    حاصلات!

    تنهنجي ڏور نهار ۾ ئي
    هزارين لذتون آهن
    تنهنجي مُرڪ ۾
    ڪيئي عيدون پنهان آهن.
    تنهنجي ڇُهاءَ سان
    زندگي رَڳن ۾ گردش ٿي ڪري
    سوچُ!
    تنهنجي حاصلات
    ڪيڏي حَسين هوندي.


    اي پرين

    اي پرين!
    تون طبيب آهين
    ۽
    تنهنجا ٽهڪ
    بيمارن جو علاج.


    ڀاڪر

    خدا گواهه آهي
    زندگي جي هِنَ نِٽهڻ اُسَ ۾
    تنهنجي ڀاڪُر۾
    جنتَ جو احساس لِڪل آهي
    اها جُنت
    جتان ڪير به اسان کي ڪڍي نه ٿو سگهي.


    نگاهون

    هوءَ
    نگاهن جا ڀاڪُر کڻي
    ڳوليندي ٿي رهي مونکي،
    ۽ آئون آهيان
    جو،کيس ڳولئي نه ٿو لڀان.


    اقرار

    هن جا سڀ اقرار
    منهنجي تر جي ايم پي اي جي
    وعدن جهڙا نڪتا.
    هن جون ڳالهيون
    اليڪشني منشور جيان هيون،
    ۽ منهنجي حالت
    انهيءَ ڏتڙيل عوام جهڙي
    جنهن جي اميدن
    زهر جون ٽِڪيون کائي
    ڪَڏوهڪو خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.


      ڀونڊو

    هُن جي بُک
    ستن آسمانن ۾
    سوراخ ڪري ڇڏيا آهن
    هُن جي لُڙڪن
    سمنڊن کي به
    شرمندو ڪري ڇڏيو آهي
    هُن جي درد
    سمورين فضيلت کي
    ڪاري چادر اوڍائي ڇڏي آهي.
    هن جي ڦاٽل چولي ۾
    وحشتن جا داستان لڪل آهن.
    هن جي اکين ۾
    غربت جي پڪار آهي.
    هن جي غيرت
    ڪنهن آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿي وئي آهي.
    هوءَ فقيرياڻي،
    سماج جي منهن تي گهروڙيل ڀونڊو آهي.


    دل

    تنهنجي منهنجي وچ تي
    درياهه آهن حالتن جا
    منهنجي دل
    ائين تڙپندي آهي
    تنهنجي لاءِ
    جيئن ٻاٻيهو برسات لاءِ.


    خواب

    ٻڌو آهي ته
    هن پنهنجي دل کي
    رسن سان قيد ڪري ڇڏيوآهي
    مائٽن
    سندس اکين کي
    چوديواري ڏياري آهي
    کين شڪ آهي ته
    هوءَ خواب ڏسندي آ
    هُن جي شهر ۾
    خواب ڏسڻ تي پابندي آهي.


    پٿرن جو مينهن

    منهنجي شهر ۾
    پٿرن جو مينهن پيو آ
    آئون وهنجڻ لاءِ نڪتو آهيان
    منهنجي دل زخمي ٿي پئي آهي
    دل جي آرسي
    هزار ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي آهي.


    گدلاڻ

    تنهنجا رويا
    ماحولياتي گدلاڻ جو
    سڀ کان وڏو سبب آهن
    هي جيڪي تنهنجا ڳاڙها ڪَنَ آهن
    اهي ٻڌائين ٿا ته
    تون بلڊ پريشر جو مريض آهين.


      سڪرات

    سهڻيءَ جي محبت
    هاڻي ماضيءَ جو قصو بڻجي وئي آهي
    هير رانجهو
    ليلا چنيسر
    ۽ ليليٰ مجنون
    تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾
    پوريل اهڙا لاش آهن
    جن جي حشر تي
    رڳو روئي سگهجي ٿو
    هيءُ جديد محبت جو دور آهي
    اها جديد محبت!،
    جيڪا وچ روڊ تي،
    ننگو ناچ ڪندي به شرمائي نه ٿي،
    حيا،
    زهر کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي
    پراڻي محبت
    وقت جي آءِ سي يو ۾
    صدين کان سَڪرات ۾ پيل آهي .


    بليو پرنٽ

    مان
    نه ڄام آهيان
    نه تون نوري
    سادگي کي ڇڏ
    اهڙا ڪپڙا پاءِ
    جنهن سان
    تنهنجي بدن جي بليو پرنٽ
    سڄو جڳ جهان مفت ۾ ڏسي سگهي.


    مهاڻي

    هوءَ روز ڏيئا ٻاريندي آهي
    ڏورسمنڊ جي هن پار
    مهاڻيءَ جو َورُ
    سگريٽن جي دونهي ۾
    روز جيئي ٿو ۽ روز مري ٿو،
    الاءِ ڇو؟،
    کيس پڪ آهي ته
    هو ضرور ايندو،
    ۽ جواني جي باهه مان،
    سندس پياسي بدن تي،
    هزارين ڏيئا جلائيندو.


    بُجو

    بُجي ۽
    وڪٽري جي نشان ۾،
    رڳو،
    سمجهه جو فرق آهي.


    پرستان

    اکين جي پرستان ۾
    خواب
    ڪنهن اهڙي پريءَ جيان لڳن ٿا
    جنهن کي اڄ ڏينهن تائين
    محبوب جو ديدار نصيب ٿي نه سگهيو آهي.


    ياد

    آڪاش جي سيني ۾
    تارا ائين ٽمڪي رهيا آهن
    جيئن منهنجي دل ۾
    تنهنجي ياد.


    تون

    مونکي
    تون ائين ياد آهين
    جيئن ماڻهوءَ کي پنهنجو نالو.


    ماءُ

    ڌرتي ماءُ ٿيندي آهي
    او ماءُ کي وڪڻڻ وارا!
    مڙي وڃ
    نه ته،
    ڪروڙين ورهين تائين
    تنهنجا ايندڙ نسل
    بي نڪا پيدا ٿيندا.


    پيٽ

    سنڌو تهذيب جو لاش
    ڪڙٻ مان مليو آهي
    پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾
    اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته،
    هن جو پيٽ
    سنڌوءَ جي پيٽ جيان خالي آهي
    هِن ورهين کان نه ڪجهه کاڌو هو نه پيتو هو.


    رت جا رشتا

    خود غرضي ۽
    مفاد
    رت جي بنيادي رشتن کي
    جيئري ئي پوري ڇڏيو آهي
    هڪ ماڻهو
    چهري تي،
    ڪيئي پوش پائي گهُمي ٿو
    آئينو
    اڄ جي انسان لاءِ
    بُجو بڻجي ويو آهي.


    اڌڙوٽ ڪنواريءَ جو درد

    هن جو وجود
    ڪنهن ٻرندڙ جبل جيان آهي
    هن جو ڀاءُ
    جڏهن پنهنجي نئين ڪنوار سان
    محبت جا پَلَ گهاري ٿو
    سندس ڪمري مان اُيندڙ
    چوڙين جي موسيقي
    مٺڙن ٽهڪڙن جي گونج،
    ٿَڌن ساهَن جا آواز
    هُن کي بيچين ڪري ٿا ڇڏين
    هوءَ 45 ورهين جي عمر ۾ به ڪنواري آهي
    سياري جي مُند
    هن لاءِ عذاب جهڙي آهي
    ۽ گرميءَ جي مند
    هن لاءِ قيدخانو
    بهارون هُن جي اکين کي
    ڳوڙهن جو دانُ ڏيندو هِن
    آهون ۽ سِسڪيون،
    هن نيم پوڙهي ڪنواريءَ جو
    مقدر بڻجي ويون آهن
    سندس ڀاءُ
    کيس ان لاءِ نه ٿو پرڻائي جو
    سندس اربيلي زال
    هڪ ”نوڪرياڻي“ کان محروم ٿي ويندي.


    هوءَ

    هوائون،
    هن جي ڇُڙيل وارن کان
    هڳاءُ وٺي مَڌمست ٿي پون ٿيون
    هوءَ جڏهن
    فجر ويل
    ننڊ مان اُٿي ٻانهون کولي آرس ٿي ڀڃي
    سندس سيِٽيل اُرهن کي ڏسي
    صُبح جو پَهرُ
    گهڙي کن لاءِ بيهي ٿو رهي
    هن جي اڇوتي ڀاڪر جي آس
    پکين کي به بيقرار ڪري ٿي ڇڏي
    هوءَ جا هاڻ سامائي آهي
    هُن جي اکين ۾
    هزارين عيدن جا چنڊ اُڀري پيا آهن.
    هُن جي خوابن ۾،
    مينديءَ جي مستي آهي
    ۽ هُن جي اَنگَ وَنگَ ۾
    اُڃ جو سمنڊ لڪل آهي
    اُها اُڃ
    جيڪا پيئڻ سان پوري ٿيڻ بدران
    وڌي رهي آهي.


    Expiry date

    هُن پنهنجي ڊائري ۾ لکيو
    ” آئون رنڊي آهيان“
    عمر سڄي
    جواني لُٽي
    دليون لُٽيم
    منهنجي در تي هاڻي
    ڪير به نه ٿو اچي
    منهنجي پرس ۾ پيل
    اڌ ڦاٽل نوٽ
    ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته
    آئون هاڻي
    Out dated
    ٿي چڪي آهيان،
    ۽ منهنجي حُسن جي
    Expiry date
    گذري چڪي آهي.


    منهنجا نظم

    مونکان منهنجا نظم وٺ
    مون کي ماني ڏي
    آنءُ لفطن جو جادوگر آهيان
    ڪيڏي بدقسمتي آهه
    پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ
    پني رهيو آهيان
    نه ڪير منهنجا نظم ٿو وٺي
    نه ڪير ماني ٿو ڏي.


    ”منهنجا مولا“

    منهنجا مولا!
    تو منهنجي مٿان
    پنهنجي ٻاجهه جو ٻڙو لاٿو ته
    منهنجي قسمت ۾ ڪروڙين سوراخ ٿي پيا
    هاڻي ٻڙو ڏئي
    منهنجي پروڻ ٿيل وجود کي
    وڌيڪ سوراخن کان بچاءِ!
    منهنجا مولا!
    منهنجي وجود ۾
    پنهنجو خوف، ڪروڌ ۽ ڏمر نه
    پنهنجو رحم، ڪرم ۽ ٻاجهه اُتپن ڪر.
    منهنجا مولا!
    مونکي سگهه ڏي
    مان تنهنجي ڪروڙين انسانن جي ڳلن تان
    اُگهي سگهان ڳوڙها.
    منهنجا مولا!
    تون هيٺ لهي آءُ
    وک وک تي ٺهيل اهي پنهنجا گهر ڊاهي ڇڏ
    جتان نفرت ۽ ٻيائي جو پيغام ڏئي
    تنهنجي بندن کي گمراه ڪيو پيو وڃي.
    منهنجا مولا!
    تون هيٺ لهي آءُ
    پنهنجي بي گهر ٻانَهنِ جا گهَرَ ٺاهي وڃ.
    ۽
    تنهنجي نالي تي دڪانداري هلائيندڙ رانگ نمبرن کي
    پاڻ اچي ٻڌائي وڃ ته
    هو چَپي چَپي تي ڏيڍ سِرَ جي مسيت ٺاهڻ بدران
    انهن ماڻهن لاءِ گهر ٺاهين
    جن کي عزتون ڇُپائڻ لاءِ ڪو اجهوئي ناهي.
    منهنجا مولا!
    مونکي سگهه ڏي
    مان ماڻهن جي تقدير لکي سگهان
    ته جيئن تنهنجي نگري ۾
    ڪير به بُکيو سمهي نه سگهي.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 1153
    ڪتابن جو مشاهدو: 3580718
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 977136
    2021 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ