پَلُوٽو : "بَبَر شِينھُن"
پَلُوٽو نالي ڪتو گهرَ جي اڱڻَ ۾ ٺھيل پنھنجي ڪاٺَ جي ننڍڙي گهر ۾ اکيون ٻُوٽي ليٽيل ھو.ٻاھر گهرَ جي باغيچي ۾ ٿڌڙي ٿڌڙي ھِيرَ لڳي رھي ھئي .
جنھن ۾ ٻوٽن تي ٽِڙيل جدا جدا رنگن جا گلَ لُڏي رھيا ھئا.وڻن جي ٽارين تي ويٺل پکين جي ٻولين سان سموري باغيچي ۾ مٺڙو مٺڙو گوڙ ھو. پلوٽو اڄ گهرَ ۾ اڪيلو ھو.سندس مالڪَ ڪنھن ڪمَ سانگي ٻي شھر ويل ھئا .
پلوٽو ڪنھن ڪنھن مھلَ ڪنڌُ کڻي انَ دَٻي ڏانھن نھاري رھيو ھو جنھن ۾ ھن جي لاءِ سڄي ڏينھن جو کاڌو رکيل ھو.انَ دٻي تي نظرَ پوندي ئي پلوٽو جي واتَ ۾ پاڻي ڀَرجي ٿي آيو .
صبح لاءِ کيرُ،منجهند لاءِ تريلَ ٻُوٽيون ۽ رات جو کائڻ لاءِ ھَڏو
"يَم...يَم..."کاڌي لاءِ سوچي،پلوٽو جي واڇن مان گِگَ پئي ڳَڙي. ھنَ جي دل تہ چاھيو پئي تہ ھُو اھو سڀ جو سڀُ کاڌو،ھڪَ مھلَ ئي کائي ڇڏي پرَ کيس خبرَ ھئي تہ جي ھنَ ايئن ڪيو تہ پوءِ سڄو ڏينھن کيس بُکَ تي رھڻو پوندو.ڇو جو گهرَ جا مالڪَ گھرَ جي اندرئين حصي کي تالو لڳائي ويا ھئا.پلوٽو اندر نہ پئي وڃي سگهيو .
پلوٽو کي ڪجهہ بکَ لڳي تہ رھي ھئي پرَ ھنَ چاھيو پئي تہ کيس اڃان ڪجهہ وڌيڪَ بک لڳي تہ پوءِ ئي ھو کير جي نيرن ڪري.مزي مزي سان .
پلوٽو ھڪ ڀيرو وري کاڌي واري دٻي ڏانھن نھاريو ۽ اکيون ٻُوٽي ڇڏيائين .
"ڪان...ڪان..."ٻاھران آواز آيو
اھو آواز ٻُڌي،پلوٽو کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.اھو ڪانءُ پلوٽو جو پڪو دشمن ھو ۽ وارو ملڻَ تي پلوٽو جو کاڌو کڻي،اڏامي ويندو ھو .
پلوٽو پنھنجي ڪاٺَ جي گهرَ مان ٻاھر نڪتو .
"ڪان...ڪان..."ڀتِ تي ويٺل ڪانءَ ھن کي ڏسي چِٻرا ڪڍڻَ لڳو.
"ڀَئُو...ڀَئُو...ڀَئُو..."پلوٽو ڀَؤنڪندو ڪانءَ ڏانھن ڀڳو تہ ڪانءُ ڀت تي ٻہ ٽي ٺينگَ ٽَپا ڏنا ۽ ڪان... ڪان...ڪندو اڏامي ويو.
"ھَئہ...ھَئہ..."پلوٽو کليو ۽ مستيءَ ۾ پُڇُ اُڀو ڪري،باغيچي جي ڇَٻرَ تي ڊُڪڻَ لڳو. ھنَ کي ڊُڪندو ڏسي وڻن تي ويٺل پکي بہ ھڪ ٽاريءَ کان ٻِي ٽاريءَ تي ٺينگَ ٽَپا ڏيڻَ لڳا.
ڪجهہ دير مستي ڪرڻَ کان پوءِ پلوٽو اَچي پنھنجي گهر ۾ ليٽي پيو.
انھيءَ مھلَ ئي ٻاھر اڱڻَ ۾ ڪو چڱو ڀلو آواز ٿيو.
پلوٽو جي مُنھن تي ڪاوڙ اچي وئي.ھُو سمجهي ويو تہ ڪانءُ وري ڪا اٽڪلَ پيو ڪري تہ جيئن پلوٽو کان سندس کاڌو کسي سگهي.
پلوٽو بنا ڪو آواز ڪرڻَ جي اُٿيو ۽ پنھنجي ڪاٺَ جي گهرَ مان نڪري ھيڏانھن ھوڏانھن نھارِڻَ لڳو. پرَ کيس ڪو بہ ڏسڻَ ۾ نہ آيو.ڀتِ تي ڪانءُ بہ ڪو نہ ھو.
پلوٽو وري پنھنجي گهر ۾ وڃڻَ وارو ئي ھو جو، اولهہ پاسي گلابَ جي گلن جا گهاٽا ٻُوٽا لُڏڻَ لڳا.
پلوٽو حيرتَ مان ٻُوٽن ڏانھن نھارڻَ لڳو.کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ھوا بہ ايتري تيز ڪا نہ پئي ھلي پوءِ ٻوٽا ڪيئن پئي لُڏيا؟
ھُو چِتائي ٻُوٽن ڏانھن نھارڻَ لڳو پرَ ٻوٽا ايترا تہ گهاٽا ھئا جو انھن جي پُٺيان ڪجهہ ڏسڻَ ۾ ئي نہ پئي آيو.
اُنھيءَ مھلَ ئي ھڪُ آواز ٻُڌي پلوٽو کي پنھنجو ساھُہ نڪرندي محسوس ٿيو.ھُو سڄو ڏڪڻَ لڳو.
اُھو آواز شِينھَن جي گجگوڙ جو ھو ۽ ٻوٽن واري پاسي کان آيو ھو.آواز ايترو تہ ڀَوائتو ھو جو وڻن تي ويٺل پکي ٽاھُہ کائي اڏامي ويا ۽ باغيچي ۾ ماٺِ پکڙجي وئي.انَ ماٺِ پلوٽو جي ڀَوَ کي ويتر وڌائي ڇڏيو.ھنَ ۾ ايتري بہ ھمتَ ڪا نہ ھئي جو پنھنجي گهرَ ۾ وڃي لِڪي.
اُمالڪ(اوچتو) گلابَ جا ٻوٽا وري لُڏڻَ لڳا ۽ شِينھن جي گجگوڙ جو آواز بہ آيو.
"وَؤؤؤؤ..."پلوٽو ڀَوَ مان دانھن ڪئي ۽ ھڪدم ڪجهہ ئي اڳتي رکيل ڪرسيءَ ھيٺان وڃي لڪيو. ھنَ اڳيان ٻئي چَنبا (پيرَ) پنھنجي اکين تي رکي ڇڏيا ۽ ڏڪڻَ لڳو.ھنَ جي ڏَڪڻيءَ تي ڪرسي بہ لُڏڻَ لڳي.
پلوٽو کي پڪَ ٿي وئي تہ ڪو شِينھن گهرَ ۾ گهڙي آيو آھي ۽ جلد ئي کيس کائي ويندو.
ھُو پنھنجي مالڪن کي ياد ڪرڻَ لڳو ۽ دعا گهرڻَ لڳو تہ اھي ھن مھلَ ئي موٽي اچي کيس شِينھن کان بچائي وٺن.
گهٽيءَ ۾ ڪنھن گاڏيءَ جو آواز ٻُڌي پلوٽو کي اميد ٿي تہ متان مالڪَ موٽي آيا ھجن.
"ٻُڌو ٻُڌو...ھڪ اعلان ٻڌو."گهٽيءَ مان ايندڙ اھو آواز ٻڌي،پلوٽو جي ڏڪڻي بند ٿي وئي ھن ھڪ ڪنَ کي اُڀو ڪري ڇڏيو تہ جيئن اعلان چِٽي نموني ٻُڌي سگهي.
"شھرَ جي راڻي باغَ مان آسٽريليا جو بَبر شِينھن ڀَڄي ويو آھي. مھرباني ڪري جَنھن کي بہ ببر شِينھَن جي باري ۾ ڪا ڄاڻَ ھجي تہ اسان کي ٻڌائي."اِھو ٻُڌي پلوٽو وري ڏڪڻَ لڳو.کيس پڪَ ٿي وئي تہ اھو ببر شينھن گلاب جي ٻوٽن پويان لڪيل آهي ۽ جلد ئي کيس کائي ويندو.
."وَؤؤؤؤ..."پلوٽو ڊَپَ مان روئڻَ لڳو
ڪي آواز آيا.جن کي ٻُڌي پلوٽو ھڪ چنبو پنھنجي وڏي واتَ تي رکي ڇڏيو تہ جيئن سندس وات مان ڪو آواز نہ نڪري ۽ ڌيان سان ٻُڌڻَ لڳو.
اھي ڪنھن جي ھلڻَ جا ھلڪڙا آواز ھئا.
"پڪَ سان ببر شينھن مون کي کائڻَ پيو اچي." پلوٽو سوچيو ۽ پنھنجون اکيون زورَ سان بند ڪري ڇڏيائين.
"سُڙُپ...سُڙُپ...پِچِ...پِچِ...ٽِڙِڪ...ٽِڙِڪ..."اھي نرالا آواز ٻُڌي پلوٽو اکيون کولي ڇڏيون پرَ کيس سمجهہ ۾ نہ آيو تہ اھي آوازَ ڇا جا ھئا.
ھڪ ڀيرو ويجهو کان شينھن جي گجگوڙ جو آواز آيو.
پلوٽو کان ننڍڙي دانھن نڪري وئي.ھنَ درَ ڏانھن نھاريو پر کيس ڀَڄڻَ جو رستو نظر نہ آيو.ڇو جو درَ کي تہ ٻاھران تالو لڳل ھو.پلوٽو پنھنجي پُٺي ڪاٺَ واري گهرَ ڏانھن ڪري ڇڏي تہ جيئن شينھن ڏانھنس اچي تہ کيس ڏسڻَ ۾ نہ اچي.
ھڪ ڀيرو وري آواز آيا ۽ ٻوٽا بہ لُڏڻَ لڳا.
پلوٽو اکيون ٻُوٽي پنھنجي جاءِ تي ڏڪندو رھيو.
."ڪير آھي ھنَ گهر ۾. ڪٿي اسان جو ببر شينهن تہ اتي ناھي؟"ڪنھن ماڻهوءَ جو آواز آيو ۽ در بہ کڙڪيو.
پلوٽو ھمت ڪري اکيون کوليون ۽ ٻاھرين درَ ڏانھن ڏِٺو.
ٻاھرين ڀت تان ھڪ ماڻهو گهر ۾ اندر نھاري رھيو ھو.ان ماڻهوءَ کي ٽوپي پاتل ھئي.
."ڀَئُو...ڀَئُو...ڀَئُو..."پلوٽو ڀؤنڪَ ڪئي
"اڙي تون آھين منھنجا دوستَ.ڇا ھتي آسٽريليا وارو ببر شينھن آيو آھي؟"ان ماڻهوءَ پڇيو.
پلوٽو تڪڙ ۾ ڪرسيءَ ھيٺان نڪري آيو ۽ گلاب جي ٻوٽن ڏانھن اشارو ڪري ھا ۾ ڪنڌ لوڏڻ لڳو.
"ھُون...چئبو تہ اھا ڳالهہ آھي. ترس تہ کيس جَهٽيان (پڪڙيان) ٿو.ڏاڍو تپايو اٿائين."انَ ماڻهوءَ چيو ۽ ڀِتِ ٽَپي گهرَ ۾ ھليو آيو.ھنَ جي ھٿَ ۾ ڪپڙي جي ڳوٿري ٻَڌلَ ھڪَ ڊِگهي بانسَ جي لٺِ ھئي.
اھا لٺِ ڏسي،پلوٽو جا ٻئي ڪنَ اُڀا ٿي ويا.
"ڪٿي ھي ماڻهو چريو تہ ناھي. ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ ببر شينھن ڪيئن جهٽبو؟" پلوٽو پنھنجي واڇَ مان زبان ڪڍي،سَھڪندي سوچيو.
اھو ماڻهو پلوٽو کي ماٺِ رھڻَ جو اشارو ڪندي ٻوٽن ڏانھن وڌڻَ لڳو.
پلوٽو وري ڪرسيءَ جي ھيٺان وڃي لڪيو ۽ افسوس مان انَ ماڻهوءَ ڏانھن نھارڻ لڳو.اھو ماڻهو لٺِ سان ببر شينھن پڪڙڻَ وڃي رھيو ھو.پلوٽو کي پڪَ ھئي تہ ببر شينھن ان ماڻهوءَ کي کائي ويندو.
ماڻهو،گلابَ جي ٻُوٽن وٽ پھتو ۽ جُهڪي ٻوٽن ڏانھن ڏسڻَ لڳو.ھنَ ڳوٿريءَ واري لٺِ اُڀي ڪري ڇڏي ھئي.
انھيءَ مھلَ ئي ببر شينھن جي گجگوڙ جو آواز آيو ۽ ان ماڻهوءَ لٺِ سوڌو ٻوٽن ۾ ٽپُ ڏئي ڇڏيو.
ببر شينھن جي گجگوڙ جي آوازن سان گڏ ٻوٽن جي ٽارين جي ڀَڄڻَ جا آواز آيا ۽ ماٺِ ٿي وئي.
پلوٽو ڀوَ ۾ وري پنھنجن چنبن سان اکيون ڍَڪي ڇڏيون ۽ انتظار ڪرڻ لڳو تہ اجهو ٿيون ماڻهوءَ جون دانھون ٻڌڻَ ۾ اچن
"آھا پڪڙجي پيو اسان جو ببر شينھن. ڪيڏو تہ حرڪتي آھين تون."ماڻهوءَ جو آواز ٻڌي،پلوٽو تڪڙ ۾ اکيون کوليون ۽ ٻوٽن واري پاسي نھاريو.
راڻي باغَ وارو ماڻهو واپس اچي رھيو ھو.ڊگهي لٺِ سندس ڪلهي تي ھئي ۽ ان ۾ ٻڌل ڳوٿريءَ تي نظرَ پوندي ئي پلوٽو کان وڏي دانھن نڪري وئي.ھنَ جو مٿو ڪرسيءَ سان لڳو ۽ پلوٽو اتي ئي ڪري پيو.
ڪپڙي واري ڳوٿريءَ مان ھڪ وچولي ڄمارَ وارو ڪتو پلوٽو ڏانھن نھاري رھيو ھو.
پلوٽو جو وات ڦاٽي ويو.کيس يقين ئي نہ پئي آيو تہ ھو سچ ۾ ڪنھن ڪتي کي ڏسي رھيو آھي.
جڏھن اھو ماڻهو پلوٽو وٽان لنگهيو تہ ڳوٿريءَ واري ڪتي وات ڦاڙيو ۽ شينھن جيان گجگوڙ ڪيائين.
."وَؤؤؤؤ..."پلوٽو ڊپَ ۾ پوئتي گسڪي ويو
اھو ڏسي ماڻهوءَ ٽھڪ ڏيندي چيو..."ڊِڄُ نہ ڪُتڙا. ھي تو وانگر ئي ھڪ ڪُتو آھي.بس ھن کي شينھن جيان گجگوڙ ڪرڻ ايندي آھي تنھن ڪري اسان ھنَ جو نالو ببر شينھن رکيو آھي."اھو چئي ماڻهو ڀت ٽَپي ھليو ويو.
پلوٽو بہ بيمارن جيان ھلندو پنھنجي گهر وٽ پھتو. کيس ڏاڍي بکَ لڳي رھي ھئي.
"مان سمورو کاڌو ھن مھل ئي کائي ٿو ڇڏيان."ھنَ پنھنجي ڊگهي زبان پنھنجن چپن تي ڦيريندي سوچيو.
پرَ اھو ڏسي ھو گهر جي درَ وٽ ئي ڪري پيو تہ سندس کاڌي وارو دٻو خالي پيل ھو.
پلوٽو تہ ببر شينھن کان بچي ويو ھو پرَ سندس کاڌو نہ بَچي سگهيو ھو .