چاچو خميسو ۽ ڏائِڻ
"سوٽ خان ڇا ٿيو؟"مدثرَ،سوٽ خان کان پڇيو.
"اوطاق ۾ ادا طاھر وارا موبائل پيا ڏسن ۽ چاچو خميسو اڱڻ ۾ صَندليءَ تي ويٺو ڪجهہ سوچي رھيو آھي."سوٽ خان ٻُڌايو.
"ٺيڪ آھي. اچو تہ اوطاق ڏانھن ھلون.اڄ اسان چاچي خميسي کي ڊيڄارينداسين." مريد چيو ۽ سڀ دوست گڏجي اوطاقَ ڏانھن وڌي ويا.
چار ئي ٻار اٺن کان ڏھن ورھين جي عُمر جا ھئا. ھو اسڪول ۾ گڏ پڙھڻَ سان گڏ ھڪَ ٻئي جا پاڙيسري بہ ھئا.
اوطاق سوٽ خان وارن جي ھئي.جتي وڏا ڪچھري ۽ ٻار اسڪول کان موٽي رانديون کيڏندا ۽ گڏجي اسڪول جو ڪم بہ ڪندا ھئا.
اھو شام جو وقت ھو.اوطاق جو اڱڻُ،بلبَ جي روشنيءَ سبب روشن ھو.گرميءَ جي مند ھئي پر سجَ لھڻ کان پوءِ لڳندڙ ھِيرَ جي ڪري ايتري گرمي ڪو نہ پئي لڳي.
اوطاق جي وڏي اڱڻ ۾ سوٽ خان جو وڏو ڀاءُ طاھر ۽ سندس دوست کٽ تي ويٺا موبائل ڏسي رھيا ھئا. ڪجھہ ئي پرَ ڀَرو مالُ بہ ٻڌو پيو ھو.
جڏھن تہ چاچو خميسو نلڪي واري پاسي ڪرسيءَ يا کٽَ بدران ڪاٺَ جي صندليءَ تي ويٺو ھو.
چاچي خميسي جي عمر پنجاھہ سالَ ھئي ۽ ھُو سوٽ خان وارن جا ڍورَ سنڀاليندو ھو.ھُو اوطاقَ تي ئي رھندو ھو ۽ وارو ملڻَ تي پنھنجي بھادريءَ جا قصا ٻُڌائڻ شروع ٿي ويندو ھو.ھنَ جي ھر قصي ۾ ڪو نہ ڪو جِنُ يا ڏائڻ ضرور ھوندي ھئي.جنھن سان ھي اڪيلو مقابلو ڪري،پنھنجي بھادريءَ سان ان کي ماري ڇڏيندو ھو.سڀ ڪو ڄاڻيندو ھو تہ چاچي خميسي جا قصا ھٿَ سان ٺھيلَ ھوندا آھن.گهڻا ماڻهو کيس چوندا بہ ھئا تہ ھو ڪوڙ پيو ڳالهائي پر چاچو خميسو مڃيندو ئي ڪو نہ ھو.سدائين اھو ئي چوندو ھو تہ مون جھڙو بھادر سڄي ملڪ ۾ ڪونھي.
اڄ سوٽ خان،مريد،شھزاد ۽ مدثر فيصلو ڪيو ھو تہ ھو چار ئي ڄڻا،چاچي خميسي جي بھادريءَ جو امتحان وٺندا ۽ چاچي کي ڊيڄارڻَ جي ڪوشش ڪندا.
"چاچا السلام عليڪم..."سڀني ٻارن گڏجي چاچي خميسي کي سلام ڪيو.
چاچو خميسي چئني کي ڏسي خوش ٿي ويو.ڇو جو کيس پنھنجي بھادريءَ جو قصو ٻڌائڻ جو موقعو ملي ويو ھو.
"وعليڪم السلام ٻارو. اچو اچو ويھو.ڏيو حال احوال،ڪيئن آيا آھيو؟"چاچي خميسي ٻارن کان پڇيو.
"چاچا اسين اوھان کان بھادريءَ جو قصو ٻڌڻَ آيا آھيون."مريد چيو.
"شاباس پٽَ. اجايو رُلڻَ کان ڀلو آھي تہ اوھان منھنجي بھادريءَ جو قصو ٻڌو ۽ ان مان ڪجهہ سبق حاصل ڪيو."چاچي خميسي خوش ٿيندي چيو.
چئني ٻارن ھڪَ ٻِئي ڏي نھاريو ۽ مرڪي ھائوڪار ڪيائون.
"چڱو ھاڻي منھنجي آڏو زمين تي ئي ويھو تہ توھان کي ھڪ ڏائڻ سان پنھنجي جهيڙي جو قصو ٻڌايان. توھان ڊڄندؤ تہ نہ."چاچي خميسي پڇيو.
"چاچا توھان جھڙو بھادر ماڻهو اسان سان گڏ آھي. اسان ڀلا ڇو ڊڄنداسين."سوٽ خانَ جو جواب ٻڌي،چاچو خميسو خوش ٿي ويو.
سڀ ٻار ھڪ قَطارَ ۾ ويھي رھيا ۽ چاچي خميسي ڏانھن ڏِسڻَ لڳا.
چاچي خميسي کنگهي پنھنجو ڳلو صاف ڪيو ۽ قصو شروع ڪيائين..."اڄ کان ڪيترائي سال اڳ جي ڳالھہ آھي تہ مان سياري جي مندَ ۾ ھتان کان ڪي ڏھَہ ڪلوميٽر کن پَري پنھنجي دوست عبداللطيف سان ملڻ ان جي ڳوٺ ويس.مان پنڌ نڪتو ھئس ۽ ٽيپھريءَ ڌاري دوست وٽ پھتس. عبداللطيف منھنجو ننڍَپڻُ جو دوست ھو ۽ اسان ٻَئي بہ توهان جيان ئي پڪا دوست ھئاسين. عبداللطيف سان ڪچهريءَ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ وقت گذرڻ جي خبر ئي نہ پئي.سومَھڻيءَ جي آذان ٻڌم تہ خبر پئي تہ ڪيڏو نہ وقت گذري ويو آھي.مان تڪڙ ۾ اٿي عبداللطيف کان موڪلايو.ھن گهڻو ئي چيو تہ رات ٿي وئي آھي،سيءُ بہ اٿئي ترسي پئُہ.پرَ مان سندس ڳالهہ نہ مڃي ۽ شالَ ويڙھي ھلڻَ لاءِ اٿيس.اھو ڏسي عبداللطيف مون کي ٽي ڪلو کن تازو ڳڙ ڏنو ۽ ڪجهہ پنڌ تائين گڏ ھلي نيٺ موڪلائي ھليو ويو.انَ وقت ۾ اڃان چارج واريون بيٽريون ڪو نہ آيون ھيون. سيلن تي ھلڻ واريون ٽارچون ھونديون ھيون.مون وٽ بہ اھڙي ئي ٽارچ ھئي.
مان ڪچو رستو ورتيون ويس پئي جو قبرستانَ وٽ،کَڀڙَ جي وڻن مان ڪارا ڪپڙا پاتل ھڪ مائي نڪري منھنجي سامهون اچي بيٺي.
ٻيو ڪو ھجي ھا تہ دانھون ڪندو ڊُڪَ کڻي ڀري ھا پر سائين اھو مان ھئس خميسو خان سو ڊڪڻَ بدران اتي ئي بيھي رھيس ۽ ڪاوڙ مان پڇيومانس "مائي ڪير آھين؟ڇا کپئي؟"
"اھو ڳڙ مون کي ڏي نہ تہ خير نہ اٿئي."مائيءَ ڀوائتي آواز ۾ چيو.
"ھي تہ منھنجي پياري دوستَ مون کي سوکڙيءَ ۾ ڏنو آھي تو کي ڇو ڏيان؟"مان پڇيو.
"او چريا خبر نہ اٿئي تہ مان سئو سالن جي ڏانئڻ آھيان.ھنيانءُ ڪڍي کائي ويندي سانءِ.ڏي اھو ڳڙ مون کي."ڏانئڻ ڪاوڙ مان دانھن ڪئي.
"مان بہ ڳوٺ سانوڻ آباد جو خميسو خان آھيان. جنھن وڏن وڏن جِنن کي ڌُوڙ ۾ ملائي ڇڏيو آھي. ھل ھتان تہ ڪٿي تو سان بہ ساڳي جُٺ نہ ڪيان." مان بہ ڪاوڙ وچان چيو.
اھو ٻُڌي ڏانئڻ ڀوائتا آوازَ ڪڍندي مون ڏانھن اچڻَ لڳي.
کيس پاڻَ ڏانھن ايندو ڏسي مان ڳڙ ۽ ٽارچُ پنھنجي وڏِي شالَ ۾ ھٿيڪا ڪيا ۽ ڏانئڻ ڏانھن ڏسڻَ لڳس. ڏانئڻ منھنجي ويجهو پھچندي ئي ھوا ۾ ٽَپُ ڏنو ۽ اُڏامندي مون وٽ پھچي پنھنجا ڊِگهن نَنھَن وارا ھٿَ وڌائي منھنجِي ڳِچي پڪڙڻَ جي ڪوشش ڪئي.پر سائين مان بہ خميسو خان آھيان سو ڪٿي ٿو وٺُ ڏيانس.مان بہ دير نہ ڪئي ۽ گُهتَ ھڻي ڏانئڻ جي ھيٺان نڪري پٺيان پھتو مانس.انَ کان اڳُ جو ھُوءَ مون ڏانھن ڦِري ھا،کيس ٻنھي پيرن کان پڪڙيم ۽ گول گول گهمائڻ شروع ڪيو مانس.ڏانئڻ اچي دانھون ڪرڻ شروع ڪيون پرَ مان بس نہ ڪيم.کيس گهمائي گهمائي ھٿَ جو ڪڍيامانس تہ کَڀڙَ جي وڻن جي چوٽين جي بہ مٿان ٿيندي نہ ڄاڻ ڪٿي وڃي ڪِرِي ۽ اڄ ڏينھن تائين وري ناھي موٽي.اصل ڌاڻا ڪڍي ڇڏيامانس“.
چاچي خميسي قصو پورو ڪري ھڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ ٻارن ڏانھن نِھارڻَ لڳو.
مدثر،سوٽ خان کي ٺُونٺِ ھڻي اشارو ڪيو.سوٽ خانَ شھزاد ۽ مريد ڏانھن نھاريو.اُنھن بہ سوٽ خانَ کي اشارو ڪيو.
ان کان اڳ جو چاچو خميسو وڌيڪَ ڪجهہ چَئي ھا، سوٽ خانَ وڏي آواز ۾ پڇيو..."چاچا چاچا...ڇا ان ڏانئڻ جون اکيون چِٻري جھڙيون ھيون“.
."ھا بلڪل ھيون."چاچي خميسي حيرتَ مان چيو
."۽ رنگ ڪاري رِڇَ جھڙو؟"شھزاد بہ سوٽ خان وانگر پڇيو
."ھا برابر."چاچي خميسي چيو
."قد اُٺ جيڏو." مريد بہ وارو وٺندي پڇيو
ھنَ ڀيري چاچي خميسي رڳو ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
"ڏندَ ھاٿيءَ جيان ٻاھر ھئس؟"مدثرَ پنھنجا ڏند چپن مان ڏيکاري چيو.
"ھا...ٻارو اھا ڏانئڻ اھڙي ئي ڀوائتي ھئي."چاچي خميسي جو جواب ٻڌي چار ئي ٻارَ اُٿي بيھي رھيا. چاچو خميسو کين اٿندو ڏسي وائڙو ٿي ويو.
سوٽ خانَ چاچي خميسي کي سندس پٺئين پاسي آڱر سان اشارو ڪندي ڏاڍيان چيو..."پوءِ تہ پاڻَ کي بچايو چاچا.اھا ڏانئڻ تہ توھان جي صفا پٺيان بيٺي آھي“.
"ڇا!!!سچ؟؟؟"چاچي خميسي ڇِرڪ ڀريندي چيو ۽ ٻي گهڙي تڪڙ ۾ اُٿيو ۽ بنا پوئتي ڏسڻَ جي دانھون ڪندو،ڊُڪندو اوطاقَ مان ٻاھر نڪري ويو.
سوٽ خان،مريد،شھزاد ۽ مدثر ٽھڪَ ڏيڻَ لڳا.
اھا ڳالھہ پاڙي اوڙي ۾ بہ مشھور ٿي وئي.ڇو جو سوٽ خان جي وڏي ڀاءُ طاھر پنھنجي موبائل تي ان سموري واقعي جي وڊيو بہ ٺاھي ورتي ھئي.
انھيءَ ڏينھن کان پوءِ چاچي خميسي پنھنجي بھادريءَ جا ڪوڙا قصا ٻڌائڻَ کان توبھہ ڪري ڇڏي ۽ سوٽ خان کي ڏسندي ئي چوندو ھو تہ توکي سُوٽ خان نہ پرَ ڀُوت خان سڏڻ گهرجي.