جادوءَ جي ڇَٻِي
فٽ پاٿ تي ڪيترائي ماڻهو اچي وڃي رھيا ھئا.ٽام بہ ھڪ پاسو ورتيون پئي ھليو جو ھن ڏٺو تہ سندس آڏو ھلندڙ ماڻهوءَ جي پينٽ جي پوئين گِيدي مان چمڙي جو ٻَٽون ھيٺ اچي ڪريو.ٻَٽون ڪرڻ جي انَ ماڻهوءَ کي ڪا خبر ئي نہ پئي ۽ ھو اڳتي ھلندو رھيو.اھو ڏسي ٽام ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو ۽ پنھنجي ڇٻي ڀت وٽ رکي،ڏاڍي چالاڪيءَ سان اڳتي وڌي اھو ٻٽون کنيو ۽ ھڪ وڻَ جي اوٽَ ۾ بيھي رھيو.ٻٽونءَ وارو ماڻهو گهڻو اڳتي ھليو ويو ھو ۽ ڪنھن ٻئي ماڻهوءَ ٽام کي ٻٽون کڻندي بہ ڪو نہ ڏٺو ھو سو ٽام مزي سان اھو ٻٽون کولڻ لڳو.ھو دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش پئي ٿيو تہ کيس ٻٽون ھٿ آيو ھو.
"ھنَ مان جيڪي بہ پئسا نڪتا مان انھن جا چاڪليٽ وٺي کائيندس."ٽام دل ئي دل ۾ سوچيو.
ٽام جيئن ئي ٻَٽون کوليو کانئس ھڪ وڏي رڙ نڪري وئي.ٻَٽون صفا خالي ھو.انَ ۾ ڪو نوٽ تہ ڇا پرَ کوٽوَ سِڪو بہ ڪو نہ ھو.ٽام ذري گهٽ روئڻ جھڙو ٿي ويو. ھن ڪاوڙ وچان ٻٽون اتي ئي ڦٽي ڪيو ۽ پنھنجي ڇٻيءَ ڏانھن وڌيو تہ جيئن گهرَ جو سودو وٺي اچي.
."مِي آاُوووووو..." ٽام کان وڏي دانھن نڪري وئي. ڇٻي پنھنجي جاءِ تي ڪو نہ ھئي.ڪو ماڻهو ڇٻي کڻي ڀَڄي ويو ھو.ٽام وائڙن وانگر ماڻهن جي وچَ ۾ ڊڪڻ لڳو.ھُو پنھنجي ٻوليءَ ۾ دانھون بہ ڪرڻ لڳو پر ماڻهن کي ڪھڙي خبر تہ ھو ڇا پيو چئي؟ماڻهو کيس ھُش ھُش ڪري ڀَڄائي رھيا ھئا.ٽام ڊُڪي ڊُڪي ٿڪجي پيو ۽ فٽ پاٿ تي ئي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويھي روئڻ لڳو.
"ھاڻي تہ مالڪياڻي پڪَ سان مون کي ٻُھاري سان ڪُٽيندي ۽ گهران بہ ڪڍي ڇڏيندي."ٽام زور زور سان روئڻ لڳو.روئيندي روئيندي ھن منھن مٿي ڪيو تہ اھو ڏسي حيران ٿي ويو تہ روڊَ جي ٻي ڀر اھو ئي دڪان ھو جنھن تان کيس سودو وٺڻو ھو. ھو ڇٻي ڳولهڻ لاءِ ڊڪندي،ساڳئي دڪان وٽ پھچي ويو ھو.
دڪان تي نظر پوندي ئي ٽام جي ذھن ۾ ھڪ خيال آيو ۽ ھن کان روئڻ وسري ويو.
"ڇو نہ دڪان واري کان اوڌر تي سودو وٺي وڃان. مالڪياڻيءَ کي خبر بہ نہ پوندي ۽ مان مار کان بہ بچي ويندس."ٽام پنھنجو پاڻ سان ڳالهايو.
ھن کي پنھنجو اھو شيطاني خيال وڻيو ۽ ھو تڪڙ ۾ اُٿيو ۽ پنھنجا ڳوڙھا اُگهندو دڪانَ ڏانھن وڌي ويو.
ٽام دڪان وٽ پھتو ئي مسَ جو دڪان جو شيشي وارو در کليو.ٽام بيھي رھيو تہ جيئن اندارن اچڻ وارو ٻاھر اچي ۽ ھو اندر وڃي.
"مِي آآآاُوووون..."ٽام کان وڏي رڙ نڪري وئي.دڪانَ مان ھن جي گم ٿيلَ ڇَٻي نڪري رھي ھئي.ٽام پنھنجون اکيون مَھٽيون ۽ چِتائي ڇٻيءَ ڏانھن نھارڻ لڳو.
ڇٻي پنھنجو پاڻ ھلي رھي ھئي.ڄڻ تہ کيس ڄنگهون ھجن.
"ميائون...ميائون..."ٽام ڊپَ مان آواز ڪڍيو.
سندس آواز ٻڌندي ئي ڇٻي گهڙي کن تَرسي ۽ پوءِ اڳتي ھلڻ لڳي.
ٽام ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو ۽ پوءِ ڇٻيءَ جي ڪڍَ ھلڻ لڳو.کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ھڪ بي جان ڇٻي پنھنجو پاڻ ڪيئن ھلي رھي ھئي.ڇٻيءَ جي رفتار وڌڻ لڳي ۽ اھا فٽ پاٿ تي ماڻهن جي وچ ۾ ڄڻ تہ ڊڪڻ لڳي.ماڻهو حيرت مان ڇٻيءَ کي ھلندو ڏسي رھيا ھئا ۽ ٽپَ ڏئي کيس لنگهڻ جي جاءِ ڏئي رھيا ھئا.ٽام بہ ڇٻيءَ جي ڪڍَ ڊڪي رھيو ھو.ھن پنھنجي لوڀَ جي ڪري جيڪا ڇٻي وڃائي ڇڏي ھئي اھا ٻيھر گم نہ پئي ڪرڻ چاهيائين.ان ڪري ھو بہ تيز ڊُڪي رھيو ھو.ٽام ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي تہ ڇٻي کي پڪڙي پر ھو ڪامياب نہ ٿي سگهيو.
انھيءَ مھلَ ئي ٽن ڏِنگن ٻارن ڇَٻيءَ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.انھن ٻارن ڏسڻ پئي چاھيو تہ آخر اھا ڇٻي پنھنجو پاڻَ ڪيئن ٿي ھلي؟ڪٿي اھا جادوءَ جي ڇٻي تہ ناھي؟ڇٻيءَ سان گڏ ٽام بہ بيھي رھيو ۽ ڏسڻ لڳو تہ ڇٻي ڇا ٿي ڪري.
ٽن ٻارن مان ھڪ اڳتي وڌيو ۽ ڇٻيءَ جو ڍَڪُ لاھڻ جي ڪيائين.ڇٻي ڪجهہ پوئتي ٿي ۽ پوءِ ھڪ ٽپُ ڏئي اچي ٻار جي مُنھن ۾ لڳي.ٻار ھڪ دانھن ڪئي ۽ پُٺتي وڃي ڪريو.اھو ڏسي باقي ٻہ ٻار بہ ٻن پاسن کان ڇٻيءَ ڏانھن وڌيا.ڇٻيءَ جي ويجهو پھچي ٻنھي ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ گڏجي ڇٻيءَ کي پڪڙڻَ لاءِ ان مٿان ٽپ ڏنائون.ڇٻي تڪڙ ۾ ٻنھي جي وچَ مان نڪري وئي ۽ ٻنھي ٻارن جا مَٿا ھڪٻئي سان اچي لڳا.ھڪ ڌماڪو ٿيو ۽ ٻئي ٻار سورَ کان دانھون ڪندا ھيٺ فٽ پاٿ تي ڦٿڪڻ لڳا.ڇٻي ٻارن کان جند ڇڏائي اڳتي وڌڻ لڳي.ھاڻي ھوءَ پھرين کان بہ وڌيڪَ تڪڙي ھلي رھي ھئي.ٽام بہ ڇٻيءَ پويان تڪڙو ھلڻَ لڳو.نيٽ ڊڪندي ڊڪندي ڇٻيءَ گهتَ ھنئي ۽ روڊَ تي ھلندڙ گاڏين ھيٺان لنگهي روڊ ٽَپي وئي.ٽام بہ تڪڙ ۾ مڙيو ۽ گاڏين کان پاڻ بچائيندو روڊ جي ٻئي پاسي پھچي ويو.ھاڻ ھُو ٿَڪجڻَ لڳو ھو.پر ھن کي خبر ھئي تہ جي ھو بيٺو تہ ڇٻي سندس ھٿن مان نڪري ويندي ۽ کيس ٺاھوڪي مارَ ملندي.ان ڪري ھُو ڇٻيءَ جي ڪڍَ ڊڪڻَ تي مجبور ھو.
ڪجهہ دير وڌيڪ ڊڪڻ کان پوءِ ڇٻي ھڪ وڻَ وٽ بيھي رھي.ٽام بہ ہنھنجي رفتار ڍَري ڪئي ۽ ھوريان ھوريان ڇٻيءَ ڏانھن وڌڻَ لڳو تہ جيئن انَ کي پڪڙي سگهي.اڃان ٽام ٻہ ٽي وکون ئي کنيون ھونديون جو ڇٻي ٻيھر چُري ۽ تڪڙ ۾ وڻَ تي چڙھي وئي.
ٽام بہ دير نہ ڪئي ۽ وڻَ وٽ پھچي انَ جِي چوٽيءَ ڏانھن ڏسڻ لڳو.ڇٻي ھاڻ ھڪ ڏار تي بيٺل ھئي.ٽام توڙي جو ڏاڍو سھڪي رھيو ھو پر ھن فيصلو ڪيو تہ ھو مٿي چڙھي ڇٻيءَ کي سوگهو ڪندو تہ جيئن مالڪياڻيءَ جي مارَ کان بچي سگهي.پرَ ان کان اڳ جو ھو وڻ تي چڙھي ھا ھنَ ڇٻيءَ کي ڏارَ تي ھلندي ۽ پوءِ ڀرَ واري گهر ۾ لھندي ڏٺو.ٽام تڪڙ ۾ اڳتي وڌيو ۽ انَ گهر جي کليل درَ مان اندر ٽَپي ويو.اندر پھچندي ئي ھو وائڙو ٿي ويو ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو.
ڳڻتيءَ ۾ کيس خبر ئي نہ پئي ھئي ۽ ھُو پنھنجي گهر پھچي ويو ھو.ڇٻي ھن جي گهر ۾ ئي اچي لَٿي ھئي.
ٽام سڄي باغيچي ۾ ڇٻيءَ کي ڳولھڻ شروع ڪيو پرَ کيس ڇٻي ڏسڻَ ۾ نہ آئي.ٽام جي دل جو ڌڙڪو وڌي ويو.ھنَ پئسا بہ وڃائي ڇڏيا ھئا ۽ سودو بہ ڪو نہ ورتو ھئائين.کيس پڪَ ھئي تہ اڄ مالڪياڻي نہ رڳو مار ڏيندس پر گهر مان بہ ڪڍي ڇڏيندس.
ٽام بي حال ٿِي ڇٻرَ تي ليٽي پيو ۽ ڊگها ڊگها ساھَہ کڻڻَ لڳو.
ڪُجهہ ئي دير گذري ھوندي جو گهر جو اندريون در کليو ۽ ٽام،مالڪياڻيءَ جي ھلڻَ جو آواز ٻڌو.
ٽام اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ مار جو انتظار ڪرڻ لڳو.
"ٽام اٿي منجهند جو کاڌو کاءُ. اڄ تہ تون وڏو ڪم ڪيو آهي.سڄو سودو بہ ورتئي ۽ کوڙ سارا پئسا بہ بچايا اٿئي."مالڪياڻيءَ جي ڳالهہ ٻڌي ٽام تڪڙ ۾ اٿيو ۽ حيرت مان مالڪياڻيءَ ڏانھن ڏسڻَ لڳو.
مالڪياڻيءَ ھن آڏو گوشت ۽ ھڏن سان ڀريل ھڪ پيالو رکيو.
"ميائون..."ٽام حيرت وچان آواز ڪڍيو ۽ کاڌو کائڻ بدران اندر ڀڳو. اندر وڏي ھالَ ۾ ميز تي ڇَٻي رکيل ھئي. ٽام ڏٺو تہ ڇٻيءَ ۾ اھو ئي سودو رکيل ھو جيڪو مالڪياڻيءَ گهرايو ھو.
حيرت مان ٽام جو واتُ ڦاٽي ويو.
"اھو ڪيئن ٿِي ويو؟ڇا سچَ ۾ ڇٻي،جادوءَ جي آھي؟" ٽام پنھنجو مٿو کنهندي سوچيو.
اوچتو سيٽيءَ جي آواز ٽام کي ڇرڪائي وڌو.
ھن ڏٺو تہ جيري پنھنجي ٻِرَ وٽ بيٺو کيس اشارا ڪري رھيو ھو.سندس اشارا ڏسي ٽام سمجهي ويو تہ اصل ڳالهہ ڪھڙي آھي؟
ڇٻي جادوءَ جي نہ ھئي پر اصل ۾ جيري ان کي کڻي ھلي رھيو ھو.جيري ڇٻي ان وقت کنئي ھئي جڏھن ٽام وڻ جي پٺيان لِڪي ٻٽونءَ ۾ پئسا ڳولهي رھيو ھو.جيري ٽام کي سبق سيکارڻ لاءِ اھو سڀ ڪيو ھو.
"ھاھاھا"جيري جي ٽھڪَ جو آواز ٻڌي ٽام ڦِڪائپَ مان مُنھن ھيٺ ڪري ڇڏيو.