سياڻو جيري
"ٻُڌ ٽام. مان پنھنجي ساھيڙيءَ جي گهر پئي وڃان. ٻن يا ٽن ڪلاڪن ۾ موٽي ايندس.تون گهرَ جو خيال رکجان.جيڪڏھن تون سٺي نموني گهرَ کي سنڀاليو تہ مان تو کي رات جي کاڌي ۾ ڪڪڙ جون ٽانڊن تي تَريلَ ٻہ ٻوٽيون ڏيندس."مالڪياڻيءَ جي ڳالهہ ٻُڌي ٽام جي واتَ ۾ پاڻي اچي ويو.ڪڪڙ جو گوشت کيس ڏاڍو وڻندو ھو.ھونءَ تہ کيس کائڻ لاءِ ڇيڇڙا ۽ ھڏا ئي ملندا ھئا پرَ اڄ ڪڪڙ جون ٻوٽيون ملڻَ جو ٻڌي ٽام ڏاڍو خوش ٿيو ھو.ھنَ ھڪدم ھائوڪار ۾ منھن لوڏيو.
"شاباس."مالڪياڻيءَ چيو ۽ ٻاھر ھلي وئي.
ٽام وري گدي تي ليٽي پيو ۽ رات جي کاڌي جو سوچي گدي تي ليٿڙيون پائڻَ لڳو.
جيري بہ پنھنجي ٻِرَ ۾ ويٺي اھو سڀ ڪجهہ ٻُڌو ۽ ھن جون اکيون چمڪڻَ لڳيون.
"ڇو نہ اڄ،ٽام کي ڪجهہ تنگ ڪيان."جيري سوچيو ۽ پوءِ پنھنجي ٻِرَ مان ٻاھر نڪري آيو.
جيري کي ڏسي ٽام کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.ھُو چِتائي جيري کي ڏسڻ لڳو.
جيري ٽام کي بجليءَ جي بَٽڻن ۽ بلبن ڏانھن اشارا ڪرڻَ لڳو.ٽام اُٿي بيھي رھيو ۽ بيوقوفن جيان جيري ۽ بجليءَ جي بورڊ کي ڏسڻَ لڳو.جيري ٻيھر پنھنجي اکين ۽ سموري ھالَ ڏانھن اشارا ڪيا.
ٽام سمجهي ويو تہ جيري کيس چئي رھيو آھي تہ "ھالَ جا سمورا بلبَ ٻاري ڇڏ تہ جيئن چڱي نموني ھالَ تي نظرَ رکي سگهجي ۽ ڪا بہ خراب ڳالهہ ٿئي تہ تڪڙ ۾ خبرَ پئجي وڃي“.
اھا ڳالهہ ٽام کي ڏاڍي وڻي.ھنَ خوش ٿيندي ھائوڪار ڪئي ۽ اڳتي وڌي بجليءَ جي بورڊ ۾ لڳل سڀ بٽڻَ کولي ڇڏيا.ھالَ جا پنجَ ئي بلب ۽ ٻہ پَکا ھلڻَ لڳا.ٽام ڪنھن فوجيءَ وانگر ھلندي سموري ھالَ ۾ رکيل ھڪ ھڪ شئي ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ مرڪندي جيري ڏانھن مُڙيو.
جيري ھنَ کي ايندو ڏسي کيس ٽنھي ڪمرن ڏانھن بہ اشارا ڪيا.جيري جي ڳالهہ سمجهي ٽام واري واري سان گهرَ جي ٽنھي ڪمرن ۾ ويو ۽ اتان جا بلب ۽ پکا بہ ھلائي آيو ۽ ٽنھي ڪمرن جا درَ ۽ دريون بہ کولي ڇڏيا.
انَ کان پوءِ جيري رڌڻي ۾ ھليو ويو.ٽام بہ سندس ڪڍَ رڌڻي ۾ پھتو.اتي بہ جيري جي اشارن تي ھنَ نہ رڳو ٽئي بلبَ پرَ ٻئي چُلھا بہ ٻاري ڇڏيا.
جيري کيس "او ڪي" جو اشارو ڪيو ۽ ھالَ جي درَ ڏانھن ھليو.جيري جي اشارن تي ٽام،ھالَ جو ٻاھر کلڻ وارو در ۽ ٽي دريون بہ کولي ڇڏيا.
ھاڻي ھُو ٻئي ٻاھر باغيچي ۾ ھليا آيا.جتي وڻن ۽ ٻوٽن تي پکي،نوريئڙا ۽ پوپٽ رانديون کيڏي رھيا ھئا.باغيچي ۾ ڪجهہ گرمي ھئي پرَ آسمان تي مٽيءَ رنگَ جھڙا ڪڪرَ گڏُ ٿي رھيا ھئا.
جيري وڻن ڏانھن ڏسي رھيو ھو.
"مِيائُون...ميائون..."ٽام آواز ڪڍيو. ڄڻ تہ جيري کان پڇندو ھجي تہ "ھاڻي ڇا ڪيان؟"
جيري کيس پکين،نوريئڙن ۽ پوپٽن ۽ پوءِ ڀت ڏانھن اشارا ڪيا.
ٽام ڪجهہ دير مٿو کَنهيو پوءِ سمجهي ويو تہ جيري کيس "پکين،نوريئڙن ۽ پوپٽن کي قابو ڪرڻ لاء چئي رھيو آھي تہ جيئن اھي ٻاھر نہ وڃن ۽ مالڪياڻي ناراض ٿئي“.
ٽام ھائوڪار ۾ منھن لوڏيو ۽ ڊوڙندو وڻَ ڏانھن وَڌي ويو.اتي پھچي ھن ٽپ ڏنو ۽ وڻ تي چڙھڻ لڳو.مٿي پھچي ھُو ھڪ ڏارَ کان ٻئي ڏارَ تي ٽپَ ڏيندي،پکين ۽ نوريئڙن کي ڊُڪائڻ لڳو.پکي ۽ نوريئڙا دانھون ڪندا ھيڏانھن ھوڏانھن ڀَڄڻَ لڳا. ٽام پاڻَ کي فوجي سمجهي کين سندن آکيرن ۾ ڌِڪيلڻَ لڳو.اہئن ھنَ پنجن ئي وڻن تي ڪيو.پوءِ وري ٽام گلن وارن ٻوٽن ڏانھن وڌيو ۽ انھن مَنجهہ گُهتون ھڻي ھڻي پوپٽن کي ھٿيڪو ڪرڻ شروع ڪيائين.ويچارا پوپٽ ٽام جي ڊپَ کان تڪڙا اڏڻَ لڳا.
انَ سڄي ڌَمچر ۾ ٽام کي اھا خبرَ ئي ڪا نہ پئي تہ ھنَ جي انھن حرڪتن سان سمورن وڻن ۽ ٻوٽن مان ڪيترائي پنَ ڇَڻي ھيٺ ڇَٻر تي اچي ڪريا آھن.انب جي وڻن مان تہ ٻُور بہ ڇَڻي ويو ھو.
اھو سڀ ڪري ٽام سَھڪندو واپس جيري وٽ آيو.جيري تاڙيون وڄائي سندس ساراھہ ڪئي.
ٽام جي خوشي وڌي وئي تہ ھو مالڪياڻيءَ جو رکيل ڪم سٺي نموني ڪري رھيو آھي.
جيري،ٽام کي ويھڻ نہ ڏنو ۽ کيس وري اندر ھالَ ۽ ڪمرن جي چڪاسَ لاءِ موڪلي ڇڏيائين.ٽام جيري جي حڪمَ ايئن مڃڻ لڳو ڄڻ اھي حڪم سندس مالڪياڻي ڏيندي ھجي.
ٽام اندران چڪاسَ ڪري موٽيو تہ جيري کيس ڇٻرَ تي ويھڻَ جو اشارو ڪيو.
"جيري منھنجي مدد پيو ڪري. ڇو نہ مان کيس ڪجهہ کارايان."ٽام اھو سوچي جيري کي ڇٻرَ تي ويھاريو ۽ پاڻَ ڊُڪندو گهرَ ۾ اندر ويو ۽ کائڻَ پيئڻ جون الاھي ساريون شيون کڻي آيو.جِن ۾ جوسَ، کير،چپس ۽ چاڪليٽ شامل ھئا.اھي سڀ شيون ٽام جي مالڪياڻيءَ پنھنجي کائڻَ لاءِ ورتيون ھيون.سموريون شيون ڏسي جيري ڏاڍو خوش ٿيو.ڪجهہ ئي دير ۾ ھو ٻئي ڄڻا سڀ ڪجهہ کائي ويا.
انھيءَ مھل ئي سمورو آسمان ڪڪرن سان ڍََڪجي ويو ۽ ٿَڌي طُوفاني ھَوا ھلڻ شروع ٿي وئي.طوفانَ سان گڏ مٽي بہ ھئي.
جيري اھو ڏسي مٿي ڇت ڏانھن ھليو ويو جڏھن تہ ٽام اتي ئي ڇٻرَ تي ليٽي پيو.طوفان جلد ئي تيز ٿي ويو ۽ گڏ ئي وڏَ ڦُڙو مِينھُن وسڻَ لڳو.ٽام ڊوڙندو وڃي ھڪ وڻَ جي ھيٺان بيھي رھيو. مينھن ڏاڍو تيز ھو.
ٽام مِينھن کان ڏاڍو ڊڄندو ھو.ھُو دعا گهري رھيو ھو تہ مِينھن جلد بند ٿي وڃي.نيٺ اَڌُ ڪلاڪَ کان پوءِ مينھن بند ٿيو تہ ٽام کي ڪجهہ سُڪون مليو.پکين جا آواز بہ بند ٿي ويا ھئا.ٽام ڏاڍو خوش ھو تہ ھن چڱي نموني گهرَ جو خيال رکيو ھو.ھُو اڃان اندر وڃڻ جو سوچي ئي رھيو ھو جو گهر جي وڏي درَ (گيٽ) کي چاٻي لڳڻ جو آواز آيو ۽ مالڪياڻي اندر آئي.
ٽام خوشيءَ مان ٽپَ ڏيندو اڳتي وڌيو.
مالڪياڻيءَ جي ھٿَ ۾ سامان سان ڀريل ڪَلي ڏسي ٽام جي گِگَ ڳڙڻَ لڳي.
"انَ ۾ ضرور ڪڪڙ جو گوشت ھوندو."ٽام سوچيو ۽ ڏندَ ٽيڙيندي مالڪياڻيءَ جي پٺيان ھلڻَ لڳو.
"ھي ڇا؟بيڪار ٻِلا تو ھي ڇا ڪري ڇڏيو آھي؟" ھالَ جو درُ ٽپندي ئي مالڪياڻيءَ کان دانھن نڪري وئي.
ٽام کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ اھڙو ڇا ٿي ويو جو مالڪياڻي رڙيون پئي ڪري.ھنَ تہ ڏاڍي سٺي نموني گهر جو خيال رکيو آھي.
ٽام جُهڪيو ۽ مالڪياڻيءَ جي ڄنگهن جي وِٿيءَ مان اندر ھالَ ۾ جهاتي پاتائين.
"مِي آآآ اُووووون..."ٽام کان بہ دانھن نڪري وئي.
وڻن جا سڀ پنَ،جوسَ،کيرَ،چپس جا خالي دَٻا ۽ ڪَليون طُوفاني ھوا جي ڪري ھالَ ۽ ڪمرن جي کليل درن ۽ درين مان اندر اچي ويا ھئا. ان کان سواءِ وڏ ڦڙي مينھن جي ڪري سڄي گهرَ ۾ پاڻي بيھي رھيو ھو.
مٿان وري بلبَ،پَکا ۽ چُلها کليل ڏسي مالڪياڻيءَ جي ڪاوڙ وڌي وئي.
"تو ھي خيال رکيو آھي گهر جو بيڪار ٻلا. سڄو گهر گندو ٿي ويو آھي.بلب،پکا ۽ چلها ھلن پيا.بجلي گئس جو بل ڪير ڀريندو."مالڪياڻيءَ ٻھارو کڻي ٽام کي ھڻندي چيو.
ٽام دانھون ڪندو ھيڏانھن ھوڏانھن ڀَڄڻَ لڳو.
سندس دانھُون ٻڌي ٻِرَ ۾ پنھنجي ھنڌَ تي ليٽيل جيري ھڪ ڊگهي اوٻاسي ڏني ۽ پاسو ورائي سُمھي پيو.