ٻاراڻو ادب

ٽام اينڊ جيري (ڪارٽون ڪھاڻيون)

سرمد عباسي اهڙن ليکڪن مان هڪ آهي. جيڪي ڊگهي وقت کان ٻارن لاءِ مستقل طور تي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. سرمد نه رڳو ڪهاڻيون لکي ٿو پر ان سان گڏ نئون تجربو ڪندي سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ ”ڪارٽون ڪهاڻيون“ جي سري هيٺ سيريز لکي رهيو آهي. جيڪي دلچسپ هجڻ سان گڏ ٻارن جي اصلاح به ڪن ٿا، هو لکڻين ۾ سولي سادي ٻولي ۽ تشبيهون ڪتب آڻي ٿو جيڪي ٻار سولائي سان سمجهي سگهن ٿا. سرمد جڏهن پنهنجون اهي ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ ڪارٽون ڪهاڻيون فيس بوڪ تي شيئر ڪندو آهي ته ڪيترائي والدين کيس رايا ڏيندا آهن ته هو پنهنجن ٻارڙن کي سندس اهي ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائن ٿا جيڪي اهي وڏي شوق سان ٻڌندا (پڙهندا)  آهن.

Title Cover of book ٽام اينڊ جيري (ڪارٽون ڪھاڻيون)

پِتڪڙا ماڻهو

پلوٽو،جهنگ ۾ گهمي رھيو ھو.اھو جهنگ ھن جي شھر کان ويجهو ھو.جهنگ ھن جي شھر کان بہ وڏو ۽ گهاٽو ھو.ھتي ھر قسم جا وڻ ۽ ٻوٽا ھئا. پلوٽو ھتي ڪاٺين جي ڳولا ۾ آيو ھو تہ جيئن سندس مالڪ،ھن لاءِ نئون ڊاگ ھائوس (ڪتي جي رھڻ وارو گهر) ٺاھي سگهي.پلوٽو جو پراڻو ڊاگ ھائوس جَڏو ٿي ويو ھو سو مالڪ ھن کي نئون ٺاھي پئي ڏنو.
"رڳو ڪِريلَ ڪاٺيون کڻجان ۽ جهنگ ۾ گهڻو پري نہ وڃجانءِ."مالڪ ھن کي چيو ھو.
پلوٽو پاڻ بہ ھڪ ھوشيار ڪتو ھو.کيس چڱي نموني ڄاڻَ ھئي تہ وڻَ ڏاڍا قيمتي ھوندا آھن ۽ انھن کي وڍِبو ناھي پرَ انھن جو خيال رکبو آھي. ٻيو تہ جهنگ ۾ شينھَن،چيتس،رڇَ ۽ بگهڙَ رھندا آھن. ان ڪري جهنگ ۾ پري تائين نہ وڃڻ کپي.سو پلوٽو ڏاڍي خيال سان وڻن مان ڪريل ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لڳو.ڪنھن ڪنھن مھلَ پري کان ڪنھن شينھن يا بگهڙ جو آواز آيو پئي.نہ تہ رڳو پکين جي ٻولين جا ٻولَ پئي ٻڌڻ ۾ آيا.پلوٽو ڏاڍي مزي سان پنھنجي ڪم ۾ لڳو پيو ھو.ھن ڳولي ڳولي اھڙيون سُڪلَ ڪاٺيون پئي کنيون جيڪي ڳريل نہ ھجن.تہ جيئن سندس گهر مضبوط ٺھي سگهي.ھن جي مالڪ ھن جي پُٺيءَ تي ٿُلهو رسو ٻڌي ڇڏيو ھو.پلوٽو ڪاٺيون ان ۾ ڦاسائيندو پئي ويو.جلد ئي پلوٽو کي محسوس ٿيو تہ ھن ڳَچُ (گهڻيون) ڪاٺيون گڏ ڪري ڇڏيون آھن.ڇو جو سندس پُٺيءَ تي ھاڻي وزن گهڻو ٿي ويو ھو.
"ھاڻي ڪجهہ ٻيرَ کاوان پوءِ گهر ڏانھن وڃان." پلوٽو سوچيو ۽ ٻير جو وڻ ڳولھڻ لڳو.
ڪجهہ ئي اڳتي ٻير جو وڻ ھو.جنھن ۾ ڳاڙھا پڪل ٻير لڙڪي رھيا ھئا.
پلوٽو ان ٻير ڏانھن وڌي ويو.کيس پڪ ھئي تہ اتي کيس کائڻ لاءِ ڪريل ٻير ملي ويندا.
ھو جيئن ئي ٻير جي وڻ ھيٺان پھتو تہ سندس مٿان ھڪ ڄار اچي ڪريو.پلوٽو کان ڇرڪ ڇڏائجي ويو ۽ ھن ڊپ مان رڙيون ڪندي پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.پر جيتري ڪوشش پئي ڪيائين اوترو ڄار ۾ ڦاسندو پئي ويو.صفا ايئن ئي جيئن تانِيئڙي جي ڄارَ ۾ ڦاٿل مَکِ،ڦٿڪڻَ تي ويتر ڄار ۾ وچڙندي ويندي آھي.
"وَؤؤؤ..."پلوٽو،لاچاريءَ مان دانھن ڪئي. کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ساڻس ڇا پيو ٿئي؟
انھيءَ مھلَ ئي ٻير جي وڻ جي ٿڙ پٺيان الاھي سارا ماڻهو نڪري آيا.انھن ماڻهن جي ھٿن ۾ لوھہ جا ڀالا ھئا.ھو سڀ پلوٽو جي چوڌاري بيھي رھيا ۽ ڏانھنس چتائي نھارڻ لڳا.
"ھاھاھا..."پلوٽو ٽھڪ ڏئي کلي پيو.
پلوٽو ان ڪري کلي رھيو ھو جو اھي سڀ ماڻهو بندرا ھئا.ذري گهٽ ڪنھن وڏي ماڻهوءَ جي چِيچَ (آڱر) جيترا.اھي پتڪڙا ماڻهو،پلوٽو پھريون ڀيرو ڏٺا ھئا سو ھو کلي رھيو ھو.
پلوٽو کي کلندو ڏسي ھڪ پتڪڙو ماڻهو،اڳتي وڌي آيو.ھن جي منھن تي ڪاوڙ ھئي.پڪَ سان ھن کي پلوٽو جو کلڻ نہ وڻيو ھو.
"ڄار ۾ ڪاٺي وجهي کڻو ھن جانورَ کي."ھن ڪاوڙ وچان چيو.
ھن جو سَنھو ۽ ڪنھن ننڍڙي ٻار جھڙو آواز ٻڌي پلوٽو کان وري ٽھڪ نڪري ويو.
اھو ڏسي ڪيترائي پتڪڙا ماڻهو اڳتي وڌيا ۽ ڄار مان ڪاٺي ٽَپائي انھن پلوٽو کي ڄارَ سوڌو کڻي ورتو.
اھو ڏسي پھريون ماڻهو ھڪ پاسي ھلڻ لڳو ۽ ٻيا سڀ پتڪڙا ماڻهو ان جي ڪڍ روانا ٿي ويا.
پلوٽو کلڻ بند ڪري اچرج (حيرت) مان اھو سڀ ڏسڻ لڳو.
پلوٽو کي کڻي جلد ئي اھي پتڪڙا ماڻهو ھڪ اھڙي ھنڌ پھتا جتي ڪبوترن جي کُڏين جھڙا ڪيترائي گهر ٺھيل ھئا.وچ ۾ ھڪ ويڪرو ميدان ھو جتي ھڪ وڏي ديڳ ڪاٺين جي ڍير تي رکيل ھئي.
اُتي ٻيا بہ ڪيترائي پتڪڙا ماڻهو ھئا.جن ۾ عورتون ۽ ننڍڙا ٻار شامل ھئا.
پتڪڙن ماڻهن ديڳ جي ڀرسان پلوٽو کي لاٿو ۽ پوءِ پنھنجا ڀالا اُڀا ڪري پلوٽو جي چؤڦير بيھي رھيا.
پلوٽو کي سمجهہ ۾ ڪجهہ بہ نہ پئي آيو تہ ھي سڀ ڇا ٿي رھيو آھي؟پتڪڙا ماڻهو کيس ايئن ڇو کڻي آيا آھن؟
ھو بس سڀني ڏانھن نھاريندو رھيو.
ڪجهہ دير کان پوءِ سڀ پتڪڙا ماڻهو فوجين جيان خبردار ٿي بيھي رھيا.ھنن پنھنجا ڀالا بہ ھيٺ ڪري ڇڏيا.
درَ کُلڻَ جو آواز ٿيو.پلوٽو ڪَنڌ ورائي ڏٺو تہ کيس کُڏيءَ جھڙي ھڪ گهر مان ھڪ ڦڪي رنگ جا ڪپڙا پاتل پتڪڙو ماڻهو نڪرندي نظر آيو.ان گهر مٿان بہ ڦڪي رنگ جو جهنڊو ڦڙڪي رھيو ھو.اُنَ پتڪڙي ماڻهوءَ کي پاتل ٽوپي بہ ڦڪي رنگ جي ھئي.ان ٽوپيءَ ۾ مور جو کنڀ لڳل ھو.
اھو پتڪڙو ماڻهو پڪَ سان بادشاھہ ھو.
بادشاھہ ھلندو اچي پلوٽو جي ڀرسان بيھي رھيو.
"ھيءُ ڪھڙو جانور آهي؟"ھن ڀرسان بيٺل ھڪ پتڪڙي کان پڇيو.
"شايد اھو ئي آھي بادشاھہ سلامت. جنھن کي پچائي کائڻ سان اسان جا قدَ بہ وڏا ٿي ويندا." ان ماڻهوءَ ھلڪي آواز ۾ چيو تہ جيئن پلوٽو نہ ٻڌي سگهي.
اھو ٻڌي بادشاھہ جون اکيون چمڪڻ لڳيون. بادشاھہ جي ڏاڍي خواھش ھئي تہ ھنن جا قد وڌي وڏا ٿي وڃن ۽ ھو سڀ بہ ڪنھن شھر ۾ وڃي ٻين انسانن سان گڏ رھن.
"ٺيڪ آھي. ڀلي پَچايوس.متان فائدو ٿئي.ھونءَ تہ ڪيترا جانور کاڌا آھن پر اسان جا قد وڌن ئي نہ ٿا."بادشاھہ چيو.
"ٺيڪ آھي بادشاھہ سلامت."اجازت ملندي ئي ان ماڻهوءَ،ٻين پتڪڙن کي اشارو ڪيو.
ھڪدم پلوٽو کي ڄار مان ڪڍيوڏي ديڳ ۾ وِڌو ويو.ديڳَ ۾ پاڻي ڀريل ھو.پلوٽو اڌ ديگ ۾ ھو ۽ اڌ ٻاھر.
اھو ڏسي بادشاھہ حڪم ڪيو تہ ھن کي اونڌو ڪيو.
پتڪڙن ماڻهن تڪڙ ۾ پلوٽو کي اونڌو ڪري ديگ ۾ وجهي ڇڏيو.ھاڻي پلوٽو جي منڍي ديڳ ۾ ھئي ۽ پويون ڄنگهون ديگ کان ٻاھر.
بادشاھہ وري کيس ديگ مان ڪڍڻَ جو اشارو ڪيو.
"ھي سڄو ديڳ ۾ وڃي نہ تہ جادوءَ جا مصالحا اثر نہ ڪندا ۽ اسان جا قد وڏا نہ ٿيندا."بادشاھہ جي ڳالهہ ٻڌي پلوٽو کان وري ٽھڪ نڪري ويو.
سڀ ھن ڏانھن ڏسڻ لڳا.
پلوٽو کين اشارو ڪيو ء ھڪ وڏي ڪاٺي کڻي ديگ ۾ وجهي ڇڏي.ڪاٺي اڌ ديگ ۾ ۽ اڌ ٻاھر ھئي.
سڀ ڪو چتائي پلوٽو کي ڏسي رھيو ھو.پلوٽو ڪاٺي ديڳ مان ڪڍي وري اونڌي ڪري ديڳ ۾ وجهي ڇڏي.ھيئنر بہ ڪاٺي پھرين وانگر اڌ ديڳ ۾ ۽ اڌ ٻاھر ھئي.پلوٽو ٻيھر ٽھڪ ڏنو ۽ ڪاٺي ڪڍي ان جا چار ٽڪرَ ڪري ديگ ۾ وجهي ڇڏي.ھن ڀيري سڄي ڪاٺي ديگ ۾ گم ٿي وئي.پلوٽو پتڪڙي بادشاھہ ڏانھن نھارڻ لڳو.
"تون تہ ڏاڍو ڏاھو جانور آھين. واھہ واھہ."بادشاھہ تاڙيون وڄائيندي چيو.ٻيا پتڪڙا ماڻهو بہ پلوٽو جي عقلَ جي ساراھہ (تعريف) ڪرڻ لڳا.پلوٽو ڏند ڪڍي ھنن کي ڏسڻ لڳو.
"ٺيڪ آھي. ھن جانور کي بہ چار ٽڪرَ ڪري ديگ ۾ وجهي ڇڏيو تہ جيئن چڱي نموني رڌجي وڃي ۽ اسان کائون تہ اسان جا قد بہ وڌي وڃن."بادشاھہ جو حڪم ٻڌي پلوٽو کان دانھن نڪري وئي.کيس ھاڻي سمجهہ ۾ آيو تہ پِتڪڙا ماڻهو کيس ڇو پڪڙي آيا آھن.ھن کي افسوس ٿيڻ لڳو تہ ھن ڇو ڪاٺيءَ کي چار ٽڪرا ڪرڻ واري ترڪيب پتڪڙن کي ٻڌائي.ھُو روئڻ جھڙو ٿي ويو.
"مون کي ھمٿ ڪرڻي پوندي. نہ تہ ھي پتڪڙا ماڻهو مون کي کائي ويندا."پلوٽو روئيندي روئيندي سوچيو.
پتڪڙي بادشاھہ سوڌو سڀ پتڪڙا ماڻهو ڀالا اُڀا ڪري ھن جا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي ويا ھئا.اھو ڏسي پلوٽو کي ھڪ ٻي ترڪيب ذھنَ ۾ اچي وئي. ھن اُبتي قلابازي ڏني ۽ ديڳ تي چڙھي بيھي رھيو. ھن کي ديڳ تي چڙھندو ڏسي سڀ پتڪڙا ماڻهو رڙيون ڪندا ھن ڏانھن ڀڳا.انھن کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي پلوٽو تڪڙ ۾ ديڳ تان لھي آيو ۽ زورَ ڏئي ديڳ کي اُونڌو ڪري ڇڏيائين.ديڳ ۾ پاڻي ڀريل ھو.سو ديگ جي اونڌو ٿيندي ئي پاڻي سيلاب جيان وھڻَ لڳو.پتڪڙن ماڻهن بچڻَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويا ۽ پنھنجي بادشاھہ سوڌو پاڻيءَ ۾ لڙھي ويا.
"اَؤووووو..."پلوٽو پنھنجي جان بچڻ تي خوشيءَ مان رڙ ڪئي.
"ڀھھھھھہ...ڀھھھھہ..."ڀرسان ئي ڪنھن شينھن جي رڙ ٻڌڻَ ۾ آئي. شينھن پڪَ سان پلوٽو جي رڙ ٻُڌي ورتي ھئي.
اھو ٻڌي پلوٽو ھڪ وڏو ٽپ ڏنو ۽ ان کان اڳُ جو وري مصيبت ۾ پئجي وڃي ھا.ھُو جهنگ کان ٻاھر ويندڙ دڳَ تي ڊڪندو پنھنجي گهر ڏانھن روانو ٿي ويو.