ٻاراڻو ادب

ٽام اينڊ جيري (ڪارٽون ڪھاڻيون)

سرمد عباسي اهڙن ليکڪن مان هڪ آهي. جيڪي ڊگهي وقت کان ٻارن لاءِ مستقل طور تي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. سرمد نه رڳو ڪهاڻيون لکي ٿو پر ان سان گڏ نئون تجربو ڪندي سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ ”ڪارٽون ڪهاڻيون“ جي سري هيٺ سيريز لکي رهيو آهي. جيڪي دلچسپ هجڻ سان گڏ ٻارن جي اصلاح به ڪن ٿا، هو لکڻين ۾ سولي سادي ٻولي ۽ تشبيهون ڪتب آڻي ٿو جيڪي ٻار سولائي سان سمجهي سگهن ٿا. سرمد جڏهن پنهنجون اهي ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ ڪارٽون ڪهاڻيون فيس بوڪ تي شيئر ڪندو آهي ته ڪيترائي والدين کيس رايا ڏيندا آهن ته هو پنهنجن ٻارڙن کي سندس اهي ڪهاڻيون پڙهي ٻڌائن ٿا جيڪي اهي وڏي شوق سان ٻڌندا (پڙهندا)  آهن.

Title Cover of book ٽام اينڊ جيري (ڪارٽون ڪھاڻيون)

سُوٽ خان

سوٽ خانَ جو اصل نالو تہ ياسر آھي پرَ پينٽ شرٽ ڏاڍي شوقَ سان پائڻَ جي ڪري نہ رڳو ھن جا گهر ڀاتي پرَ مٽ مائٽ،استاد ۽ دوست بہ کيس پيارَ مان سوٽ خان جي نالي سان سڏيندا آھن.ھن تي اھو نالو ايترو تہ پڪو ٿي ويو آھي جو ڪنھن جي نالو پڇڻ تي ھي پاڻ بہ ياسر بدران سوٽ خان ئي ٻڌائيندو آھي. سوٽ خان پنھنجي ننڍڙي شھر جي اسڪول ۾ ٽئين درجي ۾ پڙھندو آھي.پڙھڻ ۾ سٺو آھي پرَ گهڻو محنتي ڪونهي.گهر ۾ پنجن ڀيڻ ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو ھجڻ ڪري ڪجهہ ضديرو بہ آھي.شرارتون ڪرڻ کان بہ ناھي مڙندو.ڪڏھن ڪڏھن شرارتون ڪرڻ تي استاد جي مارَ بہ ملندي اٿس.
شڪل ۾ سُھڻي،قدَ جي پوري سوٽ خانَ جا وارَ ڪَڪائي ۽ اکيون روشن آھن.ھُو نظرَ ڪجهہ گهٽ ھجڻ ڪري عَينڪ بہ پائيندو آھي.
مريد،مدثر ۽ شھزاد نہ رڳو ھن جي اسڪولَ جا پر پاڙي جا بہ سٺا دوست آھن.
چارَ ئِي ٻارَ پنھنجو گهڻو وقت سوٽ خان وارن جي اوطاق تي گذاريندا آھن.سوٽ خان جو پيءُ محمد نذير پنھنجي ٻني ڪاھيندو آھي ۽ وٽس ڪجهہ مينھون ۽ ٻڪريون پڻ آھن.جڏھن تہ سندن ٻَني شھر کان ويجهو،اباڻي ڳوٺ سانوڻ آباد ۾ آھي.
اڄ بہ سوٽ خان پنھنجي اسڪول مان پئي موٽيو.ھُو ڪجهہ ڪاوڙ ۾ ھو ۽ پنھنجي دوستن کان سواءِ اڪيلو ئي اسڪول مان نڪري آيو ھو.ھنَ اسڪول ۾ شرارتَ ڪئي ھئي ۽ پڪڙجڻ تي مارَ کاڌي ھئائين.
اصل ۾ رسيس جي وقت ٻين ٻارن سان گڏ ھن بہ ريڙھي واري کان ڇولا چانور وٺي پئي کاڌا.سوٽ خان شرارت ڪندي،پنھنجي آڏو بيٺل ھڪ ٻار کي ڌڪو ڏنو.ھنَ جي ڌِڪي ڏيڻ سان ان ٻار جي ھٿَ ۾ جهليل پليٽ ٻئي ٻارَ جي ڪپڙن تي ھارجي پئي ھئي.انَ ٻار جي دانھَن تي سوٽ خان جي استادَ سائين علي نواز ھن کي نہ رڳو دڙڪا ڏنا پر ھٿَ تي ٻہ ڀيرا لَڪڻَ سان ڌڪ بہ ھنيا.سوٽ خان ڪيترائي بھانا ڪري پاڻَ بچائڻَ جي ڪوشش ڪئي پرَ استاد کيس سزا کان سواءِ نہ ڇڏيو.اُنَ کان پوءِ سوٽ خان باقي سمورو وقت روئيندي گذاريو ۽ موڪل مھل بہ پنھنجن دوستن سان گڏ گهر موٽڻ بدران اڪيلو ئي ھلڻ لڳو.
سوٽ خان جڏھن پنھنجي گهر کان ويجِهي،شھرَ جي وڏي بازار ۾ پھتو تہ سائين علي نواز پنھنجي موٽر سائيڪل تي ھن جي ڀرسان گذري بينڪ واري گهٽيءَ ڏانھن مڙي ويو.پنھنجي استادَ کي ويندو ڏسي سوٽ خان کي استادَ جي ڏنل مار ياد اچي وئي ۽ ھو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو.
پيارا ٻارو جڏھن بہ انسان کي ڪاوڙ ايندي آھي تہ ان مھل ان کي ڪا چڱي شئي ناھي سمجهہ ۾ ايندي ۽ انسان غلط ڪم ڪرڻ لڳندو آھي.تڏھن ئي تہ وڏا چوندا آهن تہ ڪاوڙ ڪرڻ غلط ڳالھہ آھي.سوٽ خان بہ ڪاوڙ ۾ ھڪ غلط ڪم ڪرڻ جو سوچيو.
سوٽ خان بہ بينڪ واري گهٽيءَ ڏانھن ھليو ويو ۽ اتي ھن ٻين ڪيترين ئي موٽرسائيڪلن سان گڏ استاد علي نواز جي بہ موٽرسائيڪل بيٺل ڏٺي.
پڪَ سان استاد ڪنھن ڪم سان بينڪ آيو ھو.
گهٽيءَ ۾ بينڪ سان گڏ ٽپال گهر جي آفيس ڪجهہ دوڪان ۽ اَنھن آڏو ريڙھن تي کائڻَ پيئڻ جون شيون کَپائڻَ وارا بہ ھئا.ڪيترائي ماڻهو پنھنجن پنھنجن ڪمن سان آيا ويا پئي.سوٽ خان بہ ماٺڙي ڪري ھلندو پنھنجي استاد جي موٽر سائيڪل وٽ اچي بيٺو.ھن پنھنجي ڳچيءَ مان پنھنجو ٿيلهو لاھي موٽر سائيڪل جي ھينڊل تي لڙڪايو ۽ کيسي مان بال پين ڪڍي موٽرسائيڪل جي پوئين ٽائر وٺ ويھي رھيو.ھن خبرداريءَ سان ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو.ڪنھن جو بہ ڌيان ھن ڏانھن نہ ھو.ڀرسان بيٺل ميوي جي ريڙھي واري جو ڌيانُ بہ پنھنجي گراھڪن ڏي ھو.سوٽ خانَ بال پين جي نِب سان ٽائرَ ۾ لڳل سَنھي پِن دَٻائِي تہ ٽائرَ مان "شُون شُون" جي آواز سان ھوا نڪرڻ شروع ٿي وئي.ھوا ڪڍڻ جو اھو طريقو ھن ٽي ويءَ تي ڏٺو ھو.سوٽ خان ڪنھن ڪنھن مھلَ بينڪ جي درَ ڏانھن بہ پئي ڏٺو تہ جيئن سندس استاد ٻاھر نڪري تہ کيس خبرَ پئجي وڃي.پرَ بينڪ جي درَ وٽ ڪير بہ نہ ھو.اھي پوليس وارا بہ گم ھئا جن کي سوٽ خان روز اتي بيٺل ڏسندو ھو.
سوٽ خان ٽائر مان ھوا ڪڍي اٿيو ۽ اڳين ٽائر ڏانھن وڌيو ئي مسَ تہ ھن جي ڪَنن ۾ پنھنجي استاد جو ڪاوڙيل آواز پيو..."سوٽ خان“...
سوٽ خان ڇِرڪ ڀري سامھون ڏٺو تہ کيس ڏَڪڻي وٺي وئي.
ٽپال گهر واري آفيس جي درَ تي استاد علي نواز ڪاوڙ وچان ھن ڏانھن نھاري رھيو ھو.استاد جي ھٿ ۾ ھڪ وڏو خاڪِي رنگ جو لفافو ھو.پڪ سان استاد بينڪ نہ پرَ ٽپال گهر ۾ ڪنھن ڪم سان آيو ھو.
"اھو ڇا پيو ڪرين بيوقوف ڇوڪرا؟"استاد جو ڪاوڙيل آواز ٻڌي سوٽ خان ٻيھر ڏڪي ويو.
"سائين اوھان جي گاڏيءَ جي ٽائر مان ھوا پيو ڪڍان."سوٽ خان جي وات مان پاڻ مُرادو نڪري ويو. ھن تڪڙ ۾ پنھنجي وات تي ھٿ رکي ڇڏيو ۽ ڀوَ مان پنھنجي استاد ڏانھن نھارڻ لڳو.
"پر منھنجي گاڏي تہ ھيءَ آھي."استاد علي نواز پنھنجي ڀرسان ئي بيٺل ھڪ موٽرسائيڪل ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
سوٽ خان ڌيانُ ڏنو تہ سندس وات پَٽجي ويو.ھن جنھن موٽر سائيڪل جي ھوا ڪڍي ھئي اھا سندس استاد جي نہ پر ڪنھن ٻئي جي ھئي. موٽرسائيڪلن جو رنگ ھڪ جھڙو ھجڻ ڪري سوٽ خان ڀُلجي پيو ھو.سوٽ خان کي افسوس ٿيو جو سندس محنت ئي اجائي وئي ھئي.
"ترس تہ تو کي ڏسان ٿو."استاد علي نواز چيو ۽ سوٽ خان ڏانھن وڌيو.
اِنَ کان اَڳُ جو استاد علي نواز،سوٽ خان وٽ پھچي کيس دڙڪا ڏِئي ھا بينڪ جو در ھڪ وڏي آواز سان کُليو ۽ ان مان ٻہ ڄڻا ڊوڙندا ان موٽر سائيڪل ڏانھن وڌيا جنھن جي ھوا سوٽ خان ڪڍي ھئي.
ٻئي ڄڻا قدَ جا ڊگها ھئا ۽ مُنھن تي ٻُٽَ ٻڌل ھئن.
سوٽ خان کين ايندو ڏسي ڪجهہ پوئتي ٿي ويو.
ھُو ٻئي ڊوڙندا گاڏي وٽ پھتا ۽ گاڏيءَ تي چڙھي ويھي رھيا.
اُھي ٻہ ڄڻا ڦورو ھئا ۽ بينڪ مان پئسا ڦري ڀڄي رھيا ھئا.بينڪ ۾ ڪم ڪندڙن ۽ ٻن پوليس وارن کي ھنن ھڪ ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو ھو.
استاد علي نواز بہ پنھنجي جاءِ تي بيھي رھيو.
"ھيءُ وري ڪنھن جو ٿيلھو آھي؟"ٻنھي ڄڻن مان ھڪ ماڻهوءَ موٽرسائيڪل جي ھينڊل ۾ لڙڪيل، سوٽ خان جي ٿيلهي کي لاھيندي چڙ مان چيو.
"وقت ڪونهي. جلدي ڪر اِجهو پوليس پھتي." پويان ويٺل ماڻھوءَ بہ ڪاوڙ مان چيو.ان کي ھڪ وڏو ٿيلهو ھيو جنھن کي ڀاڪر ۾ سُڪَ ڪري ويٺو ھو.
اڳيان ويٺل ماڻهوءَ،سوٽ خان جو اسڪولي ٿيلهو لاھي ھيٺ ڦٽي ڪيو ۽ گاڏيءَ کي ھلائڻ لاءِ ڪِڪَ ھنيائين.
ٿيلهو سڌو اچي سوٽ خان جي پيرن وٽ ڪريو. اھو ڏسي سوٽ خان کي ويتر ڪاوڙ وٺي وئي. کيس پنھنجي استاد جي ڳالهہ ياد آئي.جنھن سڀني ٻارن کي سمجهايو ھو تہ ڪتابن ۾ پاڪ نالا ھوندا آھن.انھن جو وڌ ۾ وڌ ادب ڪرڻ گهرجي ۽ جي ڪو ڪاغذ جو ٽڪرو ھيٺ پيل ھجي تہ ان کي کڻي ڪنھن مٿانھين جاءِ تي رکجي.سوٽ خان پنھنجو ٿيلهو کنيو ۽ ڪاوڙ وچان موٽرسائيڪل واري ڏي نھاريو.جيڪو موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪري اڳتي وڌائڻ جي ڪري رھيو ھو پر موٽرسائيڪل جهٽڪو کائي بند ٿي وئي ھئي.اھو ڏسي اڳيان ويٺل ماڻهوءَ جي ڪاوڙ وڌي وئي.
"اَڙي پويون ٽائر تہ پنڪچر آھي."پويان ويٺل ماڻهوءَ دانھن ڪئي.
"ڇا ٿو چئين؟"اڳيان ويٺل ماڻهوءَ بہ رڙ ڪئي ۽ ڪنڌ ورائي پوئين ٽائر کي ڏسڻ لاءِ ڪجهہ جهڪيو. انھيءَ مھل ئي ڪاوڙيل سوٽ خان ڀرسان بيٺل ميوي واري گاڏي تان اَڌَ ڪِلو وارو وَٽُ کنيو ۽ اڳيان ويٺل ماڻهوءَ کي وھائي ڪڍيائين. اڳيون ماڻهو جيئن تہ ھڪَ پاسي جهڪي ويو ھو سو وَٽُ ان کي لڳڻ بدران پويان ويٺل ماڻهوءَ کي نَڪَ تي لڳو.ان ماڻهوءَ کان وڏي دانھن نڪتي ۽ ھو اُونڌو ٿي وڃي ھيٺ ڪريو. ھِنَ جي ايئن ڪِرڻَ تي اڳيان ويٺل ماڻهو بہ پاڻ کي سَنڀالي نہ سگهيو ۽ موٽرسائيڪل سوڌو ھڪ پاسي وڃي ڦَھڪو ڪيائين.سوٽ خان جي ڇِڪي ھنيل وٽَ ٻنهي کي ڪيرائي وڌو ھو.
سوٽ خان کين ڪرندو ڏسي ڀڄڻ جو سوچي ئي رھيو ھو جو ھن پنھنجي استاد کي ڊڪندي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو.سوٽ خان کي پڪَ ٿي وئي تہ اجهو وري مارَ ملي.ھنَ ڳيتَ ڏيندي پنھنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ استاد جي ويجهو اچڻَ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
"نہ ويندين ٺڳَ. متان ٻار کي ھٿ بہ لاٿو اٿئي.
سوٽ خان پنھنجي استادَ جو آواز ٻڌو.
ھن ڪنڌ کڻي نھاريو تہ اھو ڏسي ڊِڄي ويو تہ ھيٺ ڪريل ٻئي ماڻهو اٿي بيٺا ھئا ۽ جنھن ماڻهوءَ کي ھن وَٽُ اڇلائي ھنيو ھو اُنَ جي نڪ مان رت وھي رھيو ھو.جنھن سبب سندس منھن ڳاڙھو ٿي ويو ھو. جڏھن تہ اڳيان ويٺل ماڻهوءَ جي ھٿ ۾ پستول ھو. جنھن جي نشاني تي سوٽ خان ھو.
پستول ڏسي سوٽ خان کي پنھنجو ساھہ نڪرندي محسوس ٿيو.ھن کي پڪ ٿي وئي تہ اِجهو ٿي کيس پنھنجي ڪيل شرارتَ جي ڪا ڀوائتي سزا ملي.ھن ڊنل نظرن سان پنھنجي استاد ڏانھن نھاريو ۽ اھو ڏسي حيران ٿي ويو تہ کيس بچائڻ لاءِ استاد علي نواز ڊڪندي ڊڪندي سُپر مين جيان ٽَپُ ڏنو ۽ سڌو اچي پستول واري ماڻهوءَ سان لڳو. پستول واري ماڻهوءَ جي وات مان ھڪ رڙ نڪتي ۽ ھو ھڪ پاسي وڃي ڪريو.ھن جو مٿو زور سان ھيٺ پيل سِرَ جي ھڪ ٽوٽي سان لڳو ۽ ھو اتي ئي بيھوش ٿي ويو.ھن جو پستول بہ ھٿَ مان ڇڏائجي ڪجهہ پرڀرو ڪِري پيو.جنھن ماڻهوءَ جو رتُ پئي وھيو انَ ڀڄڻَ جي ڪئي پر استاد علي نواز کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي ھو ٿيلهو ڦٽي ڪري،ھٿَ ٻَڌي ھيٺ ويھي رھيو.
جلد ئي ٻين ماڻهن بينڪ ۾ وڃي اتي ڪم ڪندڙن ۽ پوليس وارن کي ٻاھر ڪڍيو.
سڀني ماڻهن استاد علي نواز کي شاباس ڏني ۽ سندس بھادريءَ جي ساراھہ پڻ ڪئي.
پئسا ۽ ڦورن کي پوليس وارن حوالي ڪري استاد علي نواز،سوٽ خان کي پنھنجي گاڏيءَ تي کنيو ۽ کيس سندس گهر آڏو اچي لاٿائين.
"ڏٺئي سوٽ خان. پنھنجي غلط حرڪت جي ڪري تون ڪيڏي نہ وڏي مصيبت ۾ ڦاسڻ وارو ھئين." استاد علي نواز،سوٽ خان کي چيو.
سوٽ خان ڪنڌ ھيٺ ڪري بيھي رھيو.ھن کي خبر پئجي وئي ھئي تہ جي استاد علي نواز اتي نہ ھجي ھا تہ الائجي ڇا ٿي وڃي ھا.
"سائين مون کي معاف ڪيو. مان ٻيھر اھڙي حرڪت نہ ڪندس.توھان کي سٺو شاگرد ٿي ڏيکاريندس.مان واعدو ٿو ڪيان سائين."سوٽ خان استاد علي نواز آڏو ھٿ ٻڌندي چيو.
"شاباس پٽ. مون کي پڪ آھي تہ تون ھڪ سُلڇڻو ٻار ٿِي،محنتَ ڪري پنھنجي وڏن جو نالو روشن ڪندي."استاد علي نواز،سوٽ خان جي مٿي تي ھٿ ڦيري چيو ۽ پنھنجي گاڏيءَ تي اڳتي وڌي ويو.
انَ ڏينھن کان پوءِ سوٽ خان بہ شرارتون ڪرڻ کان توبھہ ڪئي ۽ پڙھڻَ ۾ محنت ڪرڻ لڳو تہ جيئن ڪامياب ٿي نہ رُڳو پنھنجي ماءُ پيءُ جو پرَ پنھنجي استادَ جو بہ نالو روشن ڪري سگهي.