سَزا
جيري جيئن ننڊَ مان اُٿِي ڪجهہ کائڻَ لاءِ پنھنجي ٻِرَ مان نڪتو تہ سندس تاڙَ ۾ بيٺل ٽام ٻِلَي کيس جَهٽي (پڪڙي) وڌو.جيري پاڻَ کي ڇڏائڻَ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پرَ ڪامياب نہ ٿِي سگهيو.
ٽام جون ڳاڙھيون اکيون ڏسي جيري کي ڊَپُ ٿِيڻَ لڳو.کيس پڪَ ٿِي وئي تہ اڄ ٽام کيس ضرور کائي ويندو.
ٽام،جيري کي اڱڻَ ۾ کڻي آيو ۽ کيس ھڪ ٿُلهي ڌاڳي سان ٻَڌي اُتي ھڪَ تار تي اُونڌو لڙڪائي ڇڏيائين.
جيري پنھنجا ننڍڙا چَنبا جوڙي کيس ڇڏڻ لاءِ ڏاڍا اشارا ڪيا پر ٽام مرڪندو اندر ھليو ويو.جيري وري پاڻَ کي بچائڻَ جي ڪوشش ڪئي پر انَ کان اَڳُ جو ھُو سوڀارو (ڪامياب) ٿئي،ٽام موٽي آيو.ھنَ وٽ ھڪ رانديڪو پستول ھو جنھن ۾ پلاسٽڪ جون گوليون پونديون آهن.
ٽام،انَ پستولَ سان جيري کي گوليون ھڻڻ شروع ڪيون.ڪا گولي جيري کي مٿي تي پئي لڳي تہ ڪا مُنھَن ۽ پيٽَ تي.جيري ڏاڍيون دانھُون ڪيون پرَ ٽام کي رحم نہ آيو.رھندو ھو جيري جي رڙين تي ٽھڪَ ڏيڻ لڳو.ڄڻ تہ ھُو پنھنجي وڻندڙ راند کيڏي رھيو ھجي.
نيٺ جڏھن ٽام ٿڪجي پيو تہ پوءِ ھنَ جيري کي تارَ تان لاٿو ۽ اندر ھالَ ۾ وٺي آيو.
ھالَ جي ھڪ ڪُنڊَ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل ھڪ شيشي جي ننڍڙي ٽانڪي رکيل ھئي.جنھن ۾ سُھڻي نالي مڇي رھندي ھئي.
ٽام،ٽانڪي وٽ پھچي ان جو ڍَڪُ لاٿو ۽ ڌاڳي جو مُنڍُ پڪڙي،جيري کي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. جيري پاڻيءَ ۾ ڪِريو ۽ تَري ۾ ھليو ويو.سُھڻي مڇي بہ ڇرڪ ڀري ھڪ پاسي ٿي وئي.ٽام ڌاڳي کي پاڻي ۾ ڦيرائڻَ لڳو.ايئن ڪرڻَ سان اندر جيري بہ بيوسيءَ سان ھيڏي ھوڏي غوطا کائڻَ لڳو.ھنَ جو ساھُہ مُنجهي رھيو ھو پر ٽام کيس ٻاھر نڪرڻ نہ پئي ڏنو.جيري ترندو جيئن مٿي پئي پھتو،ٽام ھڪدم ڌاڳي کي مٿي ڪري وري ھيٺ پئي ڪري ڇڏيو.ايئن جيري ويچارو ٻيھر ٽانڪي جي تَري ۾ پئي ڪِريو.ھنَ کي ڏاڍي تڪليف ٿي رھي ھئي پرَ ھُو ڪجهہ بہ ڪرڻَ کان لاچار ھو.
اھو ڏسي سھڻي مڇي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.ھوءَ ڏسندي ھئي تہ ٽام ڪيئن نہ جيري کي تنگ ڪندو ھو.اڄ تہ ٽام،جيري تي ڏاڍو ظلم ڪري رھيو ھو.
ٽام کي ٽھڪَ ڏيندو ڏسي سھڻي مڇي تَري ۾ ھلي وئي ۽ پوءِ ڪنھن جيٽ جھازَ جيان مَٿي اچڻَ لڳي.پاڻيءَ مان نڪرندي ئي ھوءَ ڀرسان بيٺل ٽام وٽ پھتي ۽ سندس مٿي تي پنھنجي پُڇَ وسيلي سِڌي بيھي رھي.ان کان اڳُ جو ٽام ڪجهہ ڪري ھا سهڻيءَ ٽام جي ڪنَ ۾ چَڪُ وِڌو ۽ کيس پنھنجي پُڇَ سان ٽي چَپاٽون ھڻي واپس پاڻيءَ ۾ اَچي ڪِري.ٽام جو مُنھن ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ھُو رڙيون ڪندو ڪجهہ پوئتي ھَٽي ويو.جيري وارو ڌاڳو بہ سندس چَنبي مان ڇڏائجي ويو. جيري پاڻيءَ ۾ غوطا کائڻَ لڳو. سھڻي مڇي تيزيءَ سان جيري ڏانھن وئي ۽ کيس پنھنجي مُنھن سان ڌِڪيندي مَٿي کڻي آئي.جيري توڙي جو ساڻو ٿي ويو ھو پرَ پوءِ بہ ھمتَ ڪري پنھنجن ننڍڙن چَنبن سان ٽانڪي جو ڪنارو پڪڙيو ۽ پنھنجو مُنھن پاڻيءَ مان ٻاھر ڪڍي تَڪِڙا تڪڙا ساھَہ کڻڻَ لڳو.سھڻي مڇي تَري ڏانھن ھلي وئي. جيري اکيون ٻُوٽي سَھڪي رھيو ھو.ھنَ اڃان صحيح نموني ساھُہ ئي ڪو نہ پَٽيو ھو جو ٽام ٻِيھرَ کيس جَهٽي ورتو ۽ کيس کڻي رنڌڻي ڏانھن آيو.جتي سندس مالڪياڻي قِيمو ٺاھڻَ لاءِ گوشتَ جون ٻُوٽيون ڪري رھي ھئي.ٻُوٽيون ڏِسي ٽام جي واتَ ۾ پاڻي ڀرجي آيو.ھنَ جيريءَ ڏانھن نھاريو ۽ ٻِي گهڙي جيريءَ کي مالڪياڻيءَ ڏانھن اڇلائي ڇڏيائين.جيري سِڌو وڃي انَ ٿالهہ ۾ ڪِريو جنھن ۾ مالڪياڻي ٻوٽيون ڪري رھي ھئي.مالڪياڻي ڪوئن کان ڊڄندي ھئي سو جيري تي نظرَ پوندي ئي کانئس ڇرِڪُ نڪري ويو.ھوءَ تڪڙ ۾ پوئتي ٿِي ۽ِ رڙيون ڪندي رنڌڻي مان ڀَڄي وئي.جيري بہ ٽَپُ ڏئي ٿالهہ مان نڪتو ۽ پاڻيءَ جي نيڪال واري پائيپَ وسيلي گهرَ کان ٻاھر نڪري ويو.
رنڌڻي ۾ فرشَ تي ڪريل ٻُوٽيون ڏسي ٽام جي واتَ ۾ پاڻي ڀَرجي ويو.ھُو رنڌڻي ۾ اڪيلو ھو سو دير ئي نہ ڪيائين.ٻِن منٽن ۾ سموريون ٻوٽيون کائي،ھالَ ۾ اچي پنھنجي گدي تي ليٽي پيو ۽ جلد ئي کيس ننڊَ وٺي ويئي.
جيري بہ ڊُڪندو ڊُڪندو پاڙي جي ھڪ گهرَ جي ڀتِ تي وڃي ويھي رھيو.
انَ گهرَ ۾ اسپائيڪ نالي ڪتو رھندو ھو.
"ڀَئُو...ڀَئُو..."ڪتي جي ڀؤنڪڻَ جو آواز ٻُڌي،جيري گهرَ ۾ اندر نھاريو.
گهرَ جي اڱڻَ ۾ اسپائيڪ جھڙا ڀوائتا ڪتا ويٺل ھئا.جيڪي پڪَ سان اسپائيڪ جا دوستَ ھئا.ھنن وٽ ھڪ فوٽو ھو جيڪو ھُو اسپائيڪ کي ڏيکاريندي ڪجهہ چئي رھيا ھئا.
جيري ڀِت تي ڊڪندو،ڪتن کي ويجهو ٿيو.فوٽوءَ تي نظرَ پوندي ئي جيري جو وات ڦاٽي ويو.اھو فوٽو ڪاري پُڇَ ۽ اڇي بُتَ واري ٻِلَي جو ھو.
فوٽو جي ڀرسان ئي لکيل ھو تہ "ھيءُ ٻلو روز اسان جو گوشت کائي وڃي ٿو.جيڪو ھنَ کي پڪڙيندو انَ کي ڏھہ ھزار روپيہ ملندا“،
جيري جي چپن تي خطرناڪ مرڪ اچي وئي.ھنَ کي ٽام کان بدلو وٺڻ جو سٺو موقعو ملي ويو ھو.
جيري چَپٽِي وڄائي ۽ ڊوڙندو پنھنجي گهر ڏانھن وڌي ويو.
گهرَ جي ھالَ ۾ ٽام گدي تي گهري ننڊَ ستل ھو ۽ کونگهرا ھڻي رھيو ھو.کيس خبرَ ئي نہ ھئي تہ جيري کي تنگ ڪرڻَ جي کيس ڀوائتي سزا ملڻَ واري آھي.
جيري اُتي بيھڻَ بدران گهر جو اجايو سامان رکڻَ واري ننڍي ڪمري "اسٽور" ۾ گهڙي ويو.
ذري گهٽ ڏھن منٽن کان پوءِ جيري ٻيھر اسپائيڪ جي گهر پھتو.اسپائيڪ جا دوستَ کانئس موڪلائي رھيا ھئا.
اسپائيڪ شڪاري ڪتو ھو ۽ جيري سان ھن جي سٺي دوستي ھئي.اسپائيڪ ڪيترائي ڀيرا جيري جي ڪري ٽام کي ٺاھوڪي مارَ بہ ڏني ھئي.
اسپائيڪ وٽ پھچي جيري سيٽي وڄائي.اسپائيڪ جيري کي ڏسي کيس پنھنجي چَنبي ۾ کڻي ويجهو ڪيو.
جيري،اسپائيڪ جي دوستن جي چَنبن ۾ جهليل فوٽو ڏانھن اشارو ڪري وري پنھنجي گهرَ ڏانھن اشارو ڪيو.
اسپائيڪ جي اکين ۾ ڪاوڙ اچي وئي ۽ ناسُن مان "شُون شُون جا آواز اچڻ لڳا“.
اسپائيڪ سمجهي ويو تہ جيري کيس چئي رھيو آھي تہ "اھو ٻِلو سندس گهر ۾ آھي“.
"ڀَئُو... ڀَئُو..."ھنَ پنھنجي دوستن کي چيو ۽ جيري کي اشارو ڪيائين.
جيري ھا ۾ ڪنڌ لوڏي پنھنجي گهرَ ڏانھن ڊڪڻَ لڳو.اسپائيڪ بہ سندس ڪڍَ ھو.
پنھنجي گهرَ جي اڱڻ ۾ پھچي جيري اُتي رکيل ڊَرمن ڏانھن اشارو ڪيو.
اسپائيڪ ڏٺو تہ سندس نظر ڊرمن جي پاسي کان ڪاري رنگَ جي پُڇَ تي پئي.اسپائيڪ اھو ڏسي خبرداريءَ سان اڳتي وڌيو ۽ ڊرمن جي ويجهو پھچي،پُڇَ تي ٽپو ڏنائين.
ڊرمَ ھڪ پاسي وڃي ڪِريا ۽ ڪاري پڇَ ڦِڪي بتَ وارو چور ٻِلو اسپائيڪ جي ھيبتناڪ چَڪَ ۾ ڦاسي پيو.ھنَ ڪيتريون ئي دانھون ڪيون پرَ اسپائيڪ ھنَ کي ڪجهہ اھڙي نموني سوگهو ڪيو ھو جو ھو پاڻَ کي ڇڏائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.
ٻاھر اچي اسپائيڪ چور ٻلي کي دوستن حوالي ڪيو ۽ جيري کي ڏھہ ھزار وٺرائي ڏنا.
جيري خوشيءَ مان ڊڪندو گهر آيو.
ٻاھران چور ٻِلي جي رڙين جا آواز پئي آيا.جنھن کي اسپائيڪ ۽ سندس دوست ڪُٽي رھيا ھئا.
ڪاوڙ ۾ ڪُتن کي اھو بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ اھو چور ٻِلو نہ پرَ ٽام آھي جنھن کي جيري سزا ڏيڻ لاءِ ڪارو ۽ اڇو رنگ ڪري ۽ ٻاھر ڊرمن وٽ لِڪائي چورُ ٻِلو ٺاھي ڇڏيو ھو.